ڏھ چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون
(طنز ۽ مزاح)
همير گاد
۱ . دوست اهو
جو آئيءَ ويل ڪم اچي:
اڄڪلھ دوست اهو، جيڪو
مصيبت ۾ ڀڄي وڃي ۽ پنهنجي موبائل آف ڪري ڇڏي.
۲ . گدڙ جو جڏھن
موت ايندو آھي ته شھر جو رخ ڪندو آ:
اهو ته بلڪل غلط آ.
مون ته ڪڏھن به ڪنهن گدڙ کي شهر ۾ ناهي ڏٺو.
ٿي سگهي ٿو اِھي
متان اُھي گدڙ ھجن جيڪي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جهڙن وڏن شھرن ۾ بليٽ پروف گاڏين
۾ گهمندا آھن ۽ ماڻھو انهن جي حقن ۾ وڏا نعرا هڻندا آھن.
۳ . دل جي ڳالھ،
پياري زال کي به نه سلجي:
دل جي ڳالھ ڪڏھن به
پنهنجي زال کي نه ٻڌائجي، خاص ڪري ٻي شاديءَ جي.
جيڪڏھن زال کي خبر
پئجي وئي، پوءِ اها اهو حشر ڪندي، جو پهريان ته مڙس جو پورو نقشو ئي چئينج ڪري ڇڏيندي.
بعد ۾ پنهنجي ڀائرن کان الڳ مار کارائيندس.
۴ . ڏائڻ به
ست گهر ڇڏيندي آھي:
پهريان ته اهو ٻڌايو
ڪنهن اها ڳالھ ڏائڻ کان پڇي ڪري لکي آھي ته ڏائڻ به ست گهر ڇڏيندي آھي. ٻيو ته ڏائڻ
پنهنجي پرسنل ڳالھ ڪنهن سان ڇو شيئر ڪئي.؟
آخر ڏائڻ ست گهر ڇڏيندي
ڇو آھي؟ ڇا هوءَ پاڻ اٺين گهر ۾ رهندي آھي.؟
ڪنهن ڏائڻ جو فيس بڪ
اڪائونٽ ڪونهي. ور نه ته ان کان ئي پڇا ڪري وٺجي ها.
۵ . ڇوڪرن
کان شيطان به پناھ گهري آھي:
ٿي سگهي ٿو، شيطان
فيس بڪ تي، ڇوڪرن جون ڇوڪرين جي نالي سان ٺھيل فيڪ آءِ ڊيز ڏسي، پناھ گهري هجي.
۶ . نيڪي ڪر،
درياھ ۾ اُڇل:
هاڻي ائين ناهي. هاڻي
نيڪي ڪر، فيس بڪ تي اُڇل.
جيترو گهڻو ڏيکاءُ،
اوترا وڌيڪ لائيڪس.
۷ . تڪڙ ڪم
شيطان جو آھي:
اڄڪلھ تڪڙ ڪرڻ، اڪثر
زالن جو ڪم آھي. هر ڪم، تڪڙ ۾ ڪرڻ جو سندن مغز ۾ ضد ڀريل هوندو آھي. شل نه پاڙي ۾
شاديءَ جي خبر زالن کي پوي. بس پوءِ ته مهينو پهريان، تڪڙ تڪڙ ۾ سامان وٺنديون.
حالانڪ شادي انهن جي ڪنهن رشتيدار يا مٽ مائٽ جي به نه هوندي. تڏھن به ننڊ، چوويھ ڪلاڪ ڦٽل هوندن.
۸ . انڌي آڏو
روئڻ، اکين جو زيان:
اهو پهاڪو ئي غلط
آھي. اصل پهاڪو هيئن آھي؛ ”انڌي کي فلم ڏيکارڻ؛ وقت جو زيان.“
۹ . ڄٽ ۽ ڦٽ،
ٻڌا چڱا:
اڄڪلھ جا عاشق ۽
معشوق جدا چڱا. معشوق ڏي عاشق، رات جو ٻين بجي فون ڪندو ته آواز ايندو؛ ”اوهان جو
مطلوبه نمبر، ڏيڊ ڪلاڪ کان مصروف آ.“
جڏھن ٻئي ڏينهن
معشوق سان شڪايت ڪندو ته اها روئڻ جهڙي شڪل ٺاهي چوندي؛ ”رشيد! تون مون تي شڪ ٿو ڪرين،
پنهنجي ڪيوٽ پريءَ تي.“
رشيد ويچارو اهڙو
جذباتي حملي وارو ڊائلاگ ٻڌي چوندو؛ ”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين جانو! مان پنهنجي
پيءُ تي شڪ ڪري سگهان ٿو تو تي نه.!“
۱۰ . جنهن جي
لٺ، ان جي مينهن:
مون تجربي جي طور
تي هڪ لٺ کنئي ۽ روڊ تان گذرندڙ هڪ مينهن ورغلائي پاڻ سان وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.
جواب ۾ مينهن گهوري مون کي ڏسي چوڻ لڳي؛ ”مان مينهن آھيان مسرت شاهين نه.“
مان ان وقت ئي
سمجهي ويس ته؛ جنهن جي لٺ، ان جي مينهن نه. بلڪ جنهن جي مينهن، ان جي ئي مينهن.
No comments:
Post a Comment