Friday, December 27, 2019

ڪھاوت - پنڊت برج موھن دتا تريه ڪيفي


ڪھاوت
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
برجموہن دتاتریہ کیفیڪھاوت يا چوڻيءَ جي پيڙھ، مڃيل تمثيل يا ورجيس تي ھوندي آھي. ان کي پھاڪو يا ضرب المثل به چوندا آھن. چوڻيءَ ۽ اصطلاح ۾ وڏو فرق ھيءُ آھي ته اصطلاح/ ورجيس، جملي جو جز بڻجي، منجھس جذب ٿي ويندو آھي، جڏھن ته پھاڪي/ چوڻيءَ ۾ اھا سگھ نه ھوندي آھي. اھا اگر حذف/ گم ڪري ڇڏجي ته ڪلام اڻپورو رھجي ويندو. مثال طور:

Tuesday, December 24, 2019

ڪھاوتون - سليم ڪاشميري


ڪھاوتون
سليم ڪاشميري
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
جيڪڏھن غور ڪندي ڏٺو وڃي ته چوڻين ۽ پھاڪن جو ڪجھ نه ڪجھ مقصد ضرور ھوندو آھي. ٻيو ته ڪھاوتن تي عمل ڪندي گھڻين مشڪلاتن کان بچي سگھجي ٿو.
مارنے والے کا ہاتھ تو روکا جا سکتا ہے، لیکن بولنے والے کی زبان نہیں۔
مارڻ واري جو ھٿ ته روڪي سگھجي ٿو، ليڪن ڳالھائيندڙ جي زبان نه.
نوٹ (پیسوں) کو دانت سے پکڑ کر رکھنا۔
توٽن کي، ڏندن سان قابو ڪر.

Monday, December 23, 2019

کاڌو کائڻ لاءِ، ھٿ وڌائڻو پوي ٿو - حيات علي شاھ بخاري


کاڌو کائڻ لاءِ، ھٿ وڌائڻو پوي ٿو.
حيات علي شاھ بخاري
Image result for apple gravenstein
مون هڪ ڀيري هڪ سائلنٽ يعني خاموش فلم ڏٺي. جنهن ۾ هڪ شخص اچي ٿو ۽ صوف جي هڪ وڻ هيٺان بيهي رهي ٿو. وڻ ۾ هڪ صوف لڳل هوندو آهي ۽ وڻ ايترو وڏو به ناهي هوندو. اهو شخص چاهي ته صوف کي پنهنجي هٿ سان ڇني ٿي سگهيو. پر نه. اهو شخص، وڻ تي لڳل صوف ۾ اک وجهيو بيٺو هوندو آهي ۽ ان آسري ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن ٿو اهو صوف ڇڻي ۽ اهو کڻي کاوان.

Monday, December 2, 2019

شاھي لباس


(ورجيس)
هينز ڪرسچن اينڊرسن/ رزاق کٽي
Page 475 of Fairy tales and stories (Andersen, Tegner).png
ڪپڙو اڻيندڙ ٻن ٺوڳين، شھنشاھ کي سندس درٻار ۾ اها آڇ ڪئي ته هو اهڙو لباس تيار ڪري آيا آهن، جيڪو عقلمندن ۽ پرهيزگارن کي ئي نظر ايندو آهي. جيڪي بيوقوف ۽ گناھگار هوندا، اهي ان لباس کي نه ڏسي سگهندا.
ڀريل درٻار ۾ شھنشاھ، انهن ٺوڳين جي ڳالھين ۾ اچي ويو.
شھنشاھ کي چيو ويو ته جيڪو نوراني لباس کيس پارايو ويندو، ان جو ڪپڙو نظر نه ايندڙ ڌاڳن سان ٺاهيو ويو آهي.

Monday, November 25, 2019

عمر جا ڏهاڪا


عمر جا ڏهاڪا
Image result for life stagesوڌندڙ عمر سان گڏ، ٻاراڻي وھي وڌنڌي پئي وڃي؛ ساڳيا انگل، ٻارن وانگر هر ڳالهه تي رُسي وڃڻ، ٿوري ننڊ هر هر ننڊ، ٿورو کائڻ هر هر کائڻ، اهو خيال ته باٿ روم ويجهو هجي. يادداشت ۾ ڪمزوري، جلدي خوش ٿيڻ، ڳالھ کي هر هر ورجائڻ، ٻڌايل ڳالھ ٻيهر ٻڌائڻ جو گهر وارن کي برزبان ياد ٿيو وڃي.

Saturday, November 23, 2019

دھشت چڙھي ته وحشت ٿي وڃي


دھشت چڙھي ته وحشت ٿي وڃي

Image result for fear of speech in public
عارب نالي ھڪڙو نوجوان ڳوٺاڻو ھيو، جنهن کي هڪ ڀيري، ڪنھن شاديءَ جي موقعي تي ڳوٺ وارن ايلاز ڪري، اسٽيج تي ڳالهائڻ ۽ مسخري وجھڻ جو موقعو ڏنو.
عارب، مسڪين ماڻهو ھيو ۽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اسٽيج تي آيو ھيو. ان ڪري ڳالهايائين گهٽ پئي ۽ ڏڪيو وڌيڪ پئي.
آخر، ڏڪندي ڏڪندي، هن پنهنجي حوصلن ۽ اوسانن کي يڪ-جاءِ ڪيو. پوءِ به سندس سڪل نڙيءَ مان فقط هڪڙو جملو ئي اُڪليو؛ ”مان ڇا ڳالهايان! مون کي هيترا ماڻهو ڏسي وحشت چڙهي وئي آهي.“

Friday, November 22, 2019

دشمنَ-مئي خوش نه ٿجي، سڄڻ به مري ويندو آ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


دشمنَ-مئي خوش نه ٿجي، سڄڻ به مري ويندو آ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
Image result for rat trap cageهڪ هاريءَ جي گهر ۾، ٻين ساھدارن سان گڏ، هڪ ڪوئو پڻ رهندو هو، جيڪو پيو سنھا سنھا زيان ڪندو ھيو.
هڪ ڏينهن ڪئي ڏٺو ته هاري ۽ ھارياڻي، شھر مان ڀري آندل ٿيلهي مان ڪجھ ڪڍي رهيا هئا. سمجھيائين؛ کاڌي پيتي جو سامان آهي. توجھ سان ڏسڻ بعد خبر پيس ته اھا ڪوڙڪي آھي. خطرو محسوس ڪندي، گهر جي پويان رهندڙ ڪبوتر کي وڃي ٻڌايائين؛ ”گهر ۾ ڪوڙڪي اچي وئي آهي!“
ڪبوتر چٿر ڪندي چيس؛ ”مون کي ڇا؟ مون کي ڪهڙو ان ۾ ڦاسڻو آ؟“
مايوس ڪوئو، اها ڳالھ ڪڪڙ کي ٻڌائڻ ويو.
ڪڪڙ به مذاق اڏائيندي کيس چوڻ لڳو؛ ”ڀائو! اهو مسئلو منهنجو ناهي.“

Thursday, November 21, 2019

مريضن جي آويءَ آياسين، دوا ٿي وياسين.


مريضن جي آويءَ آياسين، دوا ٿي وياسين.
Image result for Dying jackalهڪ گدڙ گهمڻ نڪتو سڄو ڏينهن رلڻ کان پوءِ، شام جو ٿاڪ تي موٽندي، رستو ڀلجي ويو. اچي هڪ اوجھڙ ۾ ڦاٿو.
هڪ ماري بندوق کنيو ٻنيءَ تي واھت ڪري رھيو ھيو. تنهن جي مٿس نظر پئجي وئي. ڀري دونالي ڌوڙيو ڏنائيس، ته اچي پٽ تي پيو.
گدڙ سوچيو؛ جي اٿي ڀڄندس ته وري بندوق هڻندو.“ سو ڇند ڪري، ستو رھيو.
ماري، بندوق کنيو مٿانئس اچي بيٺو. ايتري ۾ هڪڙو همراھ آيو ۽ ماري کي چيائين؛ گدڙ ماريو اٿئي ڇا؟

Saturday, November 9, 2019

ساٺو، پاٺو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ساٺو، پاٺو. (ھندي، چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ساٺو؛ ساٺا، اھو مرد جيڪو عمر جي حساب سان سٺ سالن کي پھتو ھجي.
پاٺو؛ پاٺا، پَٺا.
”پاٺا“ هنديءَ جو لفظ آهي ۽ معنيٰ اٿس ”هاٿيءَ جو ٻچو“. انھيءَ تتبع تي، پهلوان مڙس کي يا بندري ۽ ننڍي قد واري شخص کي پڻ پاٺا چوندا آهن.

تماشو تڏهن لڳندو آهي جڏهن ان کي تماشو لکبو - اطهر هاشمي


تماشو تڏهن لڳندو آهي جڏهن ان کي تماشو لکبو
اطهر هاشمي
اڄڪلهه هر طرف هڪ تماشو لڳل آهي، اڄڪلهه ڇا، تماشو نٿو ٿئي! هڪ شاعر پنهنجي غزل ۾ سوال به ڪيو ته ”هي تماشو ڪڏهن ختم ٿيندو؟“ تماشي کي اخبارن ۾ ”تماشو“ به لکي ڇڏيندا آهن. شايد اهڙي طرح تماشي جي شدت يا اهميت گهٽ ڪرڻ مقصود هجي پر هي تماشو عربي مان آيو آهي ۽ عربي ۾ ”تماشو“ جو مطلب آهي گڏجي پنڌ هلڻ.

Sunday, November 3, 2019

جڏهن تڏهن سنڌڙي، تو کي قنڌارئون جوکو - نواز علي شوق


جڏهن تڏهن سنڌڙي، تو کي قنڌارئون جوکو (تاريخي، چوڻي)
نواز علي شوق

چوڻيون ۽ پهاڪا سنڌي زبان، ادب ۽ تاريخ جو قيمتي سرمايو آهن. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته هر چوڻيءَ جو ڪو نه ڪو تاريخي، تهذيبي، سماجي يا لساني پس منظر نظر ايندو. ڪن چوڻين ۾ ڪي دلچسپ تاريخي، سياسي يا سماجي واقعا لڪل هوندا آهن، جن جي ذريعي اسان قديم سياسي، سماجي ۽ تاريخي حقيقتون معلوم ڪري سگهون ٿا. اهڙي هڪ چوڻي سنڌ ۾ صدين کان مشهور آهي، سا آهي، “جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو!”

Wednesday, October 30, 2019

رُسجي ته پرچڻ جو دڳ به ڇڏجي.


رُسجي ته پرچڻ جو دڳ به ڇڏجي. (چوڻي)
ساجد چانڊيو
زال مڙس ۾ جهڳڙو ٿي پيو.
زال رسُي، پيڪين هلي وئي.
مڙس، فون ڪري غلطيءَ جي معافي ورتس ۽ اڳتي غلطي نه ڪرڻ جو وعدو پڻ ڪيائين.
فون تي ڳالھائيندي ئي زال مڙس کي چيو: ”تو وٽ گلاس آهي؟“
مڙس: ”جي ها آھي!“
زال: ”ان کي زور سان فرش تي ته ھڻ.“

Monday, October 28, 2019

ويڪ ڪڍڻ چڱو عمل ناھي


ويڪ ڪڍڻ چڱو عمل ناھي
نصيحت واري آکاڻي
عبدالصمد فرقاني

ڪنهن وزير ۽ ٽن پڙهيلن، هڪ ڳالهه تي اچي پاڻ ۾ هوڏ ٻڌي؛ ”هن جڳ ۾ سڀني کان چڱي ڪهڙي شيءِ آهي؟“
پهرئين پڙهيل چيو؛ ”ماڻهو چڱو آهي“.
ٻئي چيو؛ ”گهر موچارو آهي“.
 ٽئين ڳالهه ڪئي؛ ”ڍڳو سڀني کان خاصو آهي“.
انهيءَ ردبدل لاهڻ لاءِ بادشاهه جي وزير کان نياءُ گهريائون.

Sunday, October 27, 2019

تيليء مان ٿنڀ ٺاھڻ/ٻارن لاء سنڌي ڪھاڻي SINDHI story-17/Sindhi poem/sindhi

تر جي گٿي سؤ چوٽون کائي /ٻارن لاء سنڌي ڪھاڻيSindhi story-16/Sindhi poe...

تڪڙ ڪم شيطان جو/ٻارن لاء سنڌي ڪھاڻي /Sindhi Story-15/Sindhi poem/Sindhi

نادان دوست کان داناء دشمن ڀلو/ٻارن لاء سنڌي ڪھاڻي /Sindhi story- 14/Sind...

استاد جي مار ٻار جي سنوار/ٻارن لاء سنڌي ڪھاڻي/Sindhi Story -13/Sindhi po...

NJABHS NOTES: استعارہ اور تشبیہ

NJABHS NOTES: استعارہ اور تشبیہ:   استعارہ اور تشبیہ میں فرق علم بیان کی اصطلاح میں حقیقی اور مجازی معنوں کے درمیان تشبیہ کا علاقہ ہونا ۔ یعنی حقیقی معنی کا لباس ع...

NJABHS NOTES: محاورہ اور ضرب المثل

NJABHS NOTES: محاورہ اور ضرب المثل: محاورہ اور ضرب المثل محاورہ    :  ( جمع= محاورے) ،( ضرب المثال) کسی بھی زبان کا حسن ہوتے ہیں۔ خاص کر اردو زبان کے محاورے اس کا سب سے ...

Saturday, October 26, 2019

ٿڌو گھڙو پاڻ کي ڇانو ۾ ويھاري/ٻارن لاء سنڌي ڪھاڻي / Sindh story - 12/Sin...

جتي لوڀي ھجن اتي ٺوڳي بک نه مرن/سنڌي ڪھاڻي/Story-11/Sindhi poem/sindhi

اڇو ٻڌ ڪاري سان رنگ نه مٽائي پر عادت ضرور مٽائي /سنڌي ڪھاڻي/Story-10/S...

اھو ڪي ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي/سنڌي ڪھاڻي/sindhi Story-9/Sindhi poem/s...

ججھن کنــٔي ڇپر کڄي/سنڌي ڪھاڻي/Sindhi story- 8/Sindhi poem/Sindhi

کٽيو کائي فقير ڌڪ جھلي ڀولي/سنڌي ڪھاڻي sindhi story-7/sindhi poem/sindhi

جھڙا ڪانگ تھڙا ٻچا/سنڌي ڪھاڻي sindhi story-6/sindhi poem/sindhi

سوڙ آھر پير ڊگھيرجن/سنڌي ڪھاڻي sindhi story -5 /sindhi poem/sindhi

ڌڪ ھڻ ڌيء کي ته سکي ننھن/سنڌي ڪھاڻي /Story 4/sindhi poem/sindhi

گدڙ ڊاک نه پڄي چوي ٿو کٽا/سنڌي ڪھاڻي /story 3/sindhi poem/sindhi

آــٔي ٽانڊي لاء ٿي ويٺي بورچياڻي/سنڌي ڪھاڻي /story 2/sindhi poem/sindhi

جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي/سنڌي ڪھاڻي /Sindhi story-1/sindhi

Monday, October 14, 2019

سيد علي گوهر شاهه ’اصغر‘ جي ڪافين ۾ محاورن جو استعمال - جيئڻ خان ڪيريو

سيد علي گوهر شاهه ’اصغر‘ جي ڪافين ۾ محاورن جو استعمال
جيئڻ خان ڪيريو

Abstract:
The use of dialects in the Kafies of Syed Ali Gohar shah ‘Asghar’

The classical Sindhi poets have used dialects used by common people usually in their prose and poetry. However, it is said that the roots of classical poetry lie with human being. They guide potentially, economically, Sociologically and spiritually to the public. People have been found spiritually satisfied and mentally relaxed. As the human being is the compound of body and soul. Therefore, the body has need of nutrients, but the soul can survive only on love, help and aspiration which will keep it alive and fresh in this world. The role of emotion is to express internal ideas and solve problems. In this way we need words to express our feelings. It’s language which shows hidden abilities of human being. Dialect is referring to a variety of languages used in society’s daily life and fulfils the needs simultaneously. The topic of this research being “the use of dialects in the Kafies of Syed Ali Gohar Shah “Asghar”, the study aims at exploring the varieties of language.

سنڌ ۾ ڪلاسيڪي (اساسي) شاعرن پنهنجي شاعريءَ کي موزون بنائڻ لاءِ عوام ۾ عام استعمال ٿيندڙ محاورن کي ڪتب آڻي، سندن روحاني، سياسي، سماجي، اقتصادي توڙي اخلاقي پهلوئن جي رهنمائي به ڪئي آهي. ان ڪري چيو ويندو آهي، ته ڪلاسيڪي شاعريءَ جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن، جنهن سان ماڻهن کي روحاني سڪون به پئي مليو آهي.

Saturday, October 12, 2019

سنڌي لوڪ ادب ۾ پهاڪن، محاورن ۽ ورجيسن جي اھميت - ڊاڪٽر ناھيد پروين


سنڌي لوڪ ادب ۾ پهاڪن، محاورن ۽ ورجيسن جي اھميت
ڊاڪٽر ناھيد پروين
سنڌي لوڪ ادب صدين کان جھنگ جھر، ڳوٺن، واھڻن ۽ وستين ۾ سرجي پيو. ڳوٺاڻي ماحول ۾ ٿيندڙ ڪچھرين ۾ لوڪ ادب جي ارتقا اڄ به جاري آھي. ھيءُ اھو ادب آھي، جيڪو اشاعتي مرحلن کان سواءِ، سگھڙن، ڏاھن ۽ مڱڻھارن پنھنجي سيني ۾ سانڍيو آھي، پر ويھين صدي جي شروعات کان عالمن لوڪ ادب کي ڪتابي صورتن ۾ آندو ۽ ڪوڙو مل کلڻاڻي پھريون سنڌي عالم ھو جنھن ۱۹۰۱ع ۾ ڳجھارتن جو ڪتاب ترتيب ڏيئي عام تائين پھچايو.

Monday, September 30, 2019

ڪتو ڇتو ٿئي ته به ڌڻي سڃاڻي - مير اعظم علي ٽالپر


ڪتو ڇتو ٿئي ته به ڌڻي سڃاڻي
مير اعظم علي ٽالپر
Image result for a mad dog never bite his master
سنڌ ۾ هن وقت مرحوم آنجهاني موتي ڪُتي جو خاندان، انتهائي تڪليف واري زندگي گذاري رهيو آهي. سندس خاندان جو ننڍو ٻچو (گُلر) ۽ وڏو، ٻئي آزار ۾ آهن. ڇو ته سنڌ جو ڪو اهڙو شهر نه آهي، جنهن ۾ موتي ڪُتي جي بقايا نه هجي، حالانڪ راقم پنهنجي پيدائش کانپوءِ، بقول (مرحوم ماما) وڏن جي ته؛ گرامافون (چاٻي ڀرڻ وارو) جي رڪارڊ وڄائڻ تي گاني جو آواز ٻڌي سمهندو هو. رڪارڊن جي وچ تي، گاني جي حوالي سان تفصيل لکيل هوندو هو. ان ۾ هڪ طرف گرامافون جو فوٽو هوندو هو ته ان اڳيان (سامهون) هڪ ڪتو انتهائي توجه ۽ خيال سان پنهنجا ڪن لڳائي، ان رڪارڊ کي ٻڌندو ڏيکاريل هوندو هو. ننڍي عمر ۾ اسڪولي ڪتاب ۾ هڪ سبق پڻ ”ڪتي“ تي هوندو هو، ”موتي ڪُتو“.

ماڻهو ڪن مهيسر - شاهنواز مهيسر


ماڻهو ڪن مهيسر
شاهنواز مهيسر
Image may contain: night and text
ان متعلق چيو وڃي ٿو ته؛ ”مهيسر، فقير لوڪ ماڻهو آهن. مذهبي پرچارڪ ھئڻ سان گڏ، مذهب سان وابستگي به گهري اٿن.“
چيو وڃي ٿو ته؛

Saturday, September 28, 2019

پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري - علي مردان راھوجو


پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري.
علي مردان راھوجو
Ali Mardan Rahoojo's profile photo
سياڻن اها ڳالھ سورنهن آنا سچ چئي آهي. جيڪي ڪتن پالڻ جو شوق رکن ٿا، اهي هن چوڻي تي هڪ ڀيرو وڌيڪ غور ڪن ۽ پوءِ ڪتن ڌارڻ جو فيصلو ڪن.
مان توهان کي پنهنجي گهر جو مثال ڏيان. مون کي ڪتن پالڻ جو ڪو شوق نه آهي پر منهجا ٻئي ٻار ۽ انهن جي ماءُ جنون جي حد تائين Pet Lovers يعني جانورن سان پيار ڪرڻ وارا آهن. هي ڪڏهن ڪنهن زخمي ٻلي ۽ ڪتي جي ٻچي کي گهر ۾ کڻي ايند ۽ انهن جو علاج ۽ پرگهور ڪري پالي وڏو ڪندا آهن. يا ڪو جنسي ڪتي يا ٻلي جو ٻچو خريد ڪري ايندا ۽انهن کي پاليندا ۽ واندڪائي ۾ ويٺا هنن سان رانديون ڪندا آهن.

Monday, September 23, 2019

شاھ جي شاعريءَ جو پھاڪاتي پھلو لاءِ پيش لفظ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو


شاھ جي شاعريءَ جو پھاڪاتي پھلو لاءِ پيش لفظ
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل هڪَ مُلهائتي مُوڙيءَ مثال آهي: اها مُوڙي، جنهن جو قدر وقت گذرڻ سان وڌندو ئي رهي ٿو ۽ جنهن ۾ سمايل فڪر ۽ فن جي اهميت اڳي کان اڳري ۽ وقت جي تقاضائن سان مُنهن ڏيندڙ ثابت ٿي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، ته ”شاهه جو رسالو“ فقط شعرن جو رواجي ميڙو نه آهي، پر انساني سماج کي بهتريءَ، ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ مٿانهَن قدرن جو مجموعو آهي. شاهه جي شعرن ۾ سمايل خيال سماجي تقاضائن کي نبيريندڙ به آهن ته انهن جي عڪاسي ڪندڙ به. ڏسجي، ته شاهه جي رسالي ۾، انيڪ اهڙيون سٽون بيحد خوبصورتيءَ سان اُڻيل آهن جيڪي اسان جي سماجي وهنوار ۾ عام جام ڪتب اينديون رهن ٿيون، جهِڙوڪ:

لطيفي لات - مرزا قليچ بيگ


لطيفي لات
[شاهه جي رسالي مان چونڊيل مصراعون، جي پهاڪن
يا چوڻين وانگي سنڌي ۾ ڪم اينديون آهن.]
مرزا قليچ بيگ


جڏهن ڪڏهن ڪنهن ملڪ يا قوم ۾ ڪو مشهور شاعر يا عالم ٿي گذرندو آهي تڏهن انهيءَ جي ڪلام، جو نه رڳو اُنهي ملڪ يا قوم تي اثر ٿو ٿئي، پر اُنهي جي ٻوليءَ تي به ٿو ٿئي ۽ انهيءَ جا بيشمار شعر يا گفتا ٻوليءَ ۾ گڏجي هڪ ٿي وڃن ٿا ۽ گفتگو ۾ توڙي لکپڙھ ۾ اُهي پهاڪن يا مثالن وانگي ڪم ايندا آهن. جهڙيءَ طرح ڪ انگريزيءَ ۾ شيڪسپيئر قديم ۽ مکيه شاعر آهي. اسان جي سنڌ ملڪ لاءِ اهڙو هڪڙو ئي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. انهيءَ جو ڪلام نه رڳو ساري سنڌ ۾ ڏاڍي سوز سان پڙهبو ۽ ڳائبو آهي، پر انهي جا چڱا چڱا بيت يا بيتن جا ڀاڱا مثالن ۽ پهاڪن وانگي ڪم ايندا آهن. چڱا بيت ته بيشمار آهن. انهن جي انتخاب لاءِ ڌار ڪتاب گھرجي، مگر جي مصراعون اڪثر پهاڪن يا چوڻين وانگي ڪم ۾ اچن ٿيون سي سُر وار گڏ ڪري مون هتي ڏنيون آهن. اُهي قريب ٽي سؤ آهن. اِهي نه رڳو ضرب المثل آهن، پر انهن ۾ بعضي اهڙا عميق نُڪتا ۽ عجيب اشارا آندل آهن، يا نصيحتون ڏنل آهن، يا سچ سمجهايل آهن، جي سونن اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهن. اميد آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي هن ننڍڙي ڪتاب جي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ مان گھڻي خوشي حاصل ٿيندي. هن ڪتاب جو نالو ”لطيف لات“ رکيو ويو آهي، جو شاهه صاحب پاڻ ڪارايل جي سر ۾ چيو آهي ته:-

شاهه جا پهاڪا - ڊاڪٽر اياز قادري


شاهه جا پهاڪا
ڊاڪٽر اياز قادري


ڪنهن به ملڪ ڏانهن ڏسبو ته ان ملڪ ۾ ڪيترا ئي شاعر ڏسڻ ۾ ايندا پر هر ڪنهن شاعر جو پنهنجو پنهنجو درجو آهي. انهن شاعرن مان ڪي اهڙا آهن جن جي مقبوليت ڪنهن خاص طبقي تائين آهي. ٻيا اهڙا آهن جي خاص ۽ عام ۾ مقبول آهن. انهن شاعرن مان محلن ۾ رهندڙ امير ۽ جهوپڙن ۾ رهندڙ فقير، هڪ جهڙو مزو ۽ ميٺاج حاصل ڪن ٿا. هر شادي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي، مجلس ۽ اڪيلائيءَ ۾، سفر ۽ گھر ۾، ميلاپ ۽ وڇوڙي ويل، سندن شعر جهونگاريا وڃن ٿا. انهن مقبول شاعرن ۾ ڪي وري اهڙا شاعر آهن جن سان اسان جي ايتري ته ويجهڙائي ۽ گھرائي ٿي وڃي ٿي جو هو اسان کي هر وقت ياد رهن ٿا جو اسان کين هر گھڙيءَ ويٺا ياد ڪريون. ٿوري گهڻي ڳالهه تي، ايئن بيان ڪري ڇڏيون، جيئن ڪو پهاڪو. انهن عوام ۾ پسند ڪيل ۽ مقبول شعرن جو رتبو ۽ درجو ٻوليءَ جي ٻين اهم پهاڪن جهڙو ئي ٿي وڃي ٿو.