عمر جا ڏهاڪا
وڌندڙ عمر سان گڏ، ٻاراڻي
وھي وڌنڌي پئي وڃي؛ ساڳيا انگل، ٻارن وانگر هر ڳالهه تي رُسي وڃڻ، ٿوري ننڊ هر هر
ننڊ، ٿورو کائڻ هر هر کائڻ، اهو خيال ته باٿ روم ويجهو هجي. يادداشت ۾ ڪمزوري، جلدي
خوش ٿيڻ، ڳالھ کي هر هر ورجائڻ، ٻڌايل ڳالھ ٻيهر ٻڌائڻ جو گهر وارن کي برزبان ياد ٿيو
وڃي.
خاص طرح شل نه ڪامورو
رٽائر ٿي گهر ويهي، گهر تنگ، ٻار تنگ، زال تنگ. حڪم پيو هلائيندو ننڍا ٻار سڏ جو
جواب به نه ڏيندس. جهڪ، ڪلڪل، ايتري قدر جو گهر واري دعا ڪندي آهي ته شل ايڪسٽينشن
مليس يا ڪو پرائيويٽ جاب مليس، مئي بيزار ڪري ڇڏيو آهي.
اهو ته ٿيو سٺ جو ڏهاڪو
جنهن ۾ چوندا آهن ته؛ ”سٺ کنيائين لٺ“
ڳالھ ڪجي ستر جي ته
ستر سالن واري لاءِ مخصوص جملو آهي ته ”ستر عقل ۾ پيس ڪتر.“
ستر وارا رات جو ٽي
دفعا اٿي ڏسندا ته تالو لڳل آهي يا نه....
ڪٿي پهچڻو هجي ۽
توهان چيو ته؛ ”بابا مونکي پنجين بجي اٿارجانءِ!“
نه کيس ننڊ ايندي،
نه ئي توهان کي سک سان سمهڻ ڏيندو. ٽين بجي رات کان هر پندرهين منٽين بعد، اعلان ڪندو
ته؛ ”بابا! اٿو! ٽائيم ٿي ويو اٿو.“
جهڙوڪ الارام snooze تي رکيل
هجي.
”کير وارو اڃا ڇو نه آيو آهي؟“
”ڪم واري
مائي دير ڇو ڪئي آهي؟“
”گيس جو پريشر گهٽ آهي.“
بجلي وارن کي
گاريون.
شل نه ڪو نُنهن کان
لوڻ، مرچ گهٽ وڌ پوي اصل توبه!
”پينشن گهڻي وڌي، نوٽيفڪيشن جاري ڇو نه ٿيو؟“
”ماني ۾ دير ڇو ڪئي اٿو.“
مان به هن سال ستر
۾ قدم رکيو آهي. الله سائين عاقبت موچاري ڪري، رهي زندگي ته پاڻ سان ڇا ٿو ٿئي.
شيئر ڪندس.
اسي مت کسي.
اولاد سان جهيڙو،
جوڻس زندھ اٿس ته سندس هر ڳالهه جي مخالفت ڪندي، پٽ به ماءُ جي پاسي. ٻئي پيا
کگهندا، ٻئي هڪ ٻئي کان بيزار.
پوءِ دوائن جو دٻو
۽ شيءِ جو دٻو جنهن مان پاڻ به پيا کائيندا ۽ ڏوهٽن پوٽن کي به پيا کارائيندا.
ريزگاري جھجھي رکندا، جنهن مان ٻار راضي رکندا.
ان کان پوءِ ته
باقي جي زندگي آهي؛ ”نوي، رڳو پيو لنوي.“ وانگر ڪم جو نه ڪار جو.
”سؤ؛ نه سڄڻ
کي آسرو، نه دشمن کي ڀؤُ.“
مطلب ته اهي ٻئي ڏهاڪا
محتاجيءَ جا آهن.
وڏي عمر به عقل،
هوش ۽ صحت سان آهي. الله پاڪ، عاقبت موچاري فرمائي. محتاجيءَ کان بچائي.
”جيسين
جيارين، تيسين هادي حفظ ۾ رکيج،
محتاجي مخلوق جي،
قادر ڪين ڪريج.“
No comments:
Post a Comment