جڏهن تڏهن سنڌڙي، تو کي
قنڌارئون جوکو (تاريخي، چوڻي)
نواز علي شوق
چوڻيون ۽ پهاڪا سنڌي
زبان، ادب ۽ تاريخ جو قيمتي سرمايو آهن. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته هر چوڻيءَ جو ڪو
نه ڪو تاريخي، تهذيبي، سماجي يا لساني پس منظر نظر ايندو. ڪن چوڻين ۾ ڪي دلچسپ
تاريخي، سياسي يا سماجي واقعا لڪل هوندا آهن، جن جي ذريعي اسان قديم سياسي، سماجي
۽ تاريخي حقيقتون معلوم ڪري سگهون ٿا. اهڙي هڪ چوڻي سنڌ ۾ صدين کان مشهور آهي، سا
آهي، “جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو!”
هن چوڻيءَ جو
تاريخي پس منظر آهي ۽ ان ۾ ڪيترا ئي تاريخي واقعا لڪل آهن. سما دور تي نظر وجھڻ
سان معلوم ٿيندو، ته ڄام فيروز جنهن کي ناپيروز يعني ناڪام سڏيو ويندو هو. ان جو ٻيو
لقب بدروز به آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، جنهن جو ڏينهن ڏنگو ٿئي، يعني چنڊو، نڀاڳو،
ان بدبخت پنهنجن نالائق ملازمن جي چوڻ تي پنهنجي ماءُ مدينا ماڇياڻي کي سنه ۹۲۲ هه
۾ شاهه بيگ ارغون ڏانهن قنڌار موڪليو. اها ماڇياڻي مائي شاهه بيگ کي پاڻ سان گڏ وٺي
آئي، جنهن جي لشڪر باغبان پرڳڻو لٽي ڦري ڀينگ ڪري ڇڏيو. دولهه دريا خان جهڙو ڪونڌر
ڪسجي ويو ۽ سنڌ قنڌارين جي غلام بڻجي وئي. راڄن زميندارن کي حڪم ڏنو ويو، ته سال
بسال هر ڪنهن فصل تي پوري ڍل شاهه بيگ کي پهچائيندا رهن.
شاهه بيگ جيئن ته
سنڌين تي وڏا ظلم ڪيا هئا، تنهن ڪري سنڌي، سندس وفات (۹۲۴ هه) کان پوءِ سندس پُٽ
شاهه حسن کان باغي ٿي ويا. شاهه حسن قنڌارئون ڪٽڪ ڪاهي آيو. سنڌين وڏي بهادريءَ
سان مقابلو ڪيو، پر ڪامياب ٿي نه سگهيا. فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ شاهه حسن جيڪي ظلم ڪيا،
سي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهن. تاريخ طاهريءَ جي مصنف طاهر نسياني لکيو آهي ته:
“آخر شاهه حسن ٺٽي ۾ گهڙي، هنن چنڊالن (سنڌين) جي قتل عام تي لهي آيو. مُغلَ سندن ڳورهارين
زالن جا ڪچا ٻار پيٽان ڪيرائي، نيزن تي چاڙهي شهر جي گهٽين ۾ گھمائيندا ڦيرائيندا،
سڄي لوڪ کي ڏيکاري ڏهڪائيندا رهيا. جيڪو به سندن سامهون ٿي آيو، تنهن کي بنا ڪنهن
پُڇا ڳاڇا ۽ ڪهل قياس جي ترارين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ٿي ڇڏيائون. فيروز ناپيروز اگھاڙين
پيرين وٺي گجرات ڏانهن ڀڳو. سمن جون زالون، ٻار ڪڇن ۾ ڪري، وڃي ٻارن سوڌيون درياهه
۾ ٻڏي ميون. جيڪي باقي بچيا، تن کي مغلن چوکنڀو ٻڌي بنديخاني ۾ هڻي ڇڏيو.”
اهڙي ريت بکين ڀاڄوڪڙن
جڏهن سُکي سائي سنڌ ڏٺي، ته هوريان هوريان ايندا رهيا. اها اچ وڃ اڃا سوڌو جاري
آهي. قنڌارين ڪوس ۽ قتلام ته ڪيو، پر سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت کي به نقصان پهتو.
گهوڙي سوار لشڪر سنڌ کي ڀينگ ڪري ڇڏيو. ڀٽائي ان طرف اشارو ڪندي فرمايو آهي:
“ڪهِ تو ڪنين
نه سُئا، جي گهٽ اندر گھوڙا” (يعني ڌاريا گهوڙن تي چڙهي تنهنجي وطن پهچي ويا، تڏهن
به تون غافل رهئين.) وري جڏهن هنن زوري سنڌين تي فارسي زبان مڙهي، ته ڀٽائي ان طرف
اشارو ڪندي فرمايو:
پيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻُجھن.
سنڌ کي قنڌارئون ٻيو
وڏو نقصان مدد خان جي روپ ۾ پهتو. مدد خان جي ظلم ۽ ستم جو داستان سنڌ جي هر تاريخ
۾ موجود آهي. مؤرخ عبدالمجيد “مجيدي” جوکيي جو ڪتاب “تاريخ بلوچي” جي نالي سان ڇپيل
آهي. مجيدي جيئن ته ان دور جو مؤرخ آهي، تنهن ڪري سندس تاريخ کي وڏي اهميت حاصل
آهي. هن پنهنجي نثر ۽ نظم واري ڪتاب ۾ سنڌ جي تباهيءَ جو جيڪو نقشو چٽيو آهي، سو
سندس ئي لفظن ۾ بيان ڪجي ٿو. (هتي اسان سندس ڪن فارسي شعرن جو ترجمو ڏئي رهيا
آهيون)
هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن
ميان عبدالنبي، مدد خان کي وٺي آيو، ته وڏو ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. سنڌ جا سمورا اشراف،
ڳوٺ ڇڏي وڃي وڏن شهرن ۾ ويٺا، ڪي خوف کان وڃي پهاڙن ۾ لِڪا. مدد خان عبدالنبيءَ
سان گڏ جڏهن هالا ڪنڊي پرڳڻي ۾ پهتو، ته هن شهرن جا شهر لُٽي ڦري تباهه ڪري ڇڏيا.
مير صاحب مدد خان
جي مقابلي جو سَتُ نه ساري، پهرين وڃي عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ قابو ٿي ويٺا، پر پوءِ پاڻ
کي غير محفوظ سمجھي اتان بهاول پور هليا ويا، ٻيا مسڪين ماڻهو بي يارو مددگار رهجي
ويا. مدد خان جڏهن ماڻهن کي نڌڻڪو ڏٺو، ته کين لُٽي ڦري تباهه ڪري ڇڏيو. ميان عبدالنبي
جي موجودگيءَ ۾ قنڌاري لشڪر ڪيس ڪلور ڪندو، وستيون واهڻ ويران ڪندو، اچي شاهپور
پهتو. ايتري ته لُٽ ڦر ڪيائون جو فقيرن جون گودڙيون به ڪونه ڇڏيائون. مجيدي لکي ٿو
ته: “درياهه جي هن پار ايڏي ته لُٽ ڦر ڪيائون جو ماڻهو ويچارا سڃا سکڻا هٿين خالي
وٺي بر منهن ڪري ڀڳا. افغانين ته ظلم ڪيو، پر سنڌ جي والي به سنڌ کي تباهه ڪيو.”
تاريخ بلوچي جو
مصنف “مجيدي” قنڌاري لشڪر کي بي حياءُ سڏيندي لکي ٿو ته؛ ”وڏا وڏا شهر جيڪي گهڻي
وقت کان آباد هئا، هن بي حياءَ لشڪر جي حملن سبب ڀڙڀانگ ٿي ويا!“ فرمائي ٿو:
بسي شهر هائي کلان نامدار
که از چند موت بوده برقرار
ز غارت همين لشکر بي حيا
به ويراني آمد همين شهر ها.
جڏهن عمر ڪوٽ جو
قلعو فتح ٿيو ته مدد خان ڏاڍو خوش ٿيو. ان کان پوءِ پنهنجي لشڪر سان قلعي جي اندر
گهڙيو. قلعي ۾ جو ڪجھ هو، سو مغلن پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. مدد خان پورو سال سنڌ ۾
رهيو. جڏهن واپس وڃڻ لڳو ته ميان به ڪجھ منزلون ساڻس گڏ روانو ٿيو. واٽ تي مدد خان
چيو ته: “آءٌ حيدرآباد جو قلعو ڏسڻ گهران ٿو.” ميان سمجھي ويو ته هن کي مالُ کپي. ڪاوڙ
ته ڏاڍي لڳس، پر زهر جو ڍڪ پي ويو، قمرالدين نالي پنهنجو هڪ ماڻهو ڊوڙايائين، جيڪو
جلدي ۾ سون، هيرا جواهر ۽ ۴۲ هزار روڪ کڻي آيو. جيڪي ميان صاحب سندس خدمت ۾ پيش ڪيا
۽ چيائين ته، “قلعي ۾ اسان جون عورتون رهن ٿيون، تنهن ڪري قلعي ڏسڻ جو ارادو ترڪ ڪيو
ته بهتر آهي.” مدد کي ته رڳو مالُ کپندو هو، کيس سون هيرا جواهر ۽ روڪ رقم ملي ته
هن کڻي ماٺ ڪئي.
ميان صاحب پنهنجي
سراين سوڌو قيدين وانگر مدد خان سان گڏ هلندو رهيو. مدد جا فوجي واٽ تي فرمائشون ڪندا
ٿي رهيا، جنهن ڪري سرائي ڏاڍا تنگ ٿيا، پر ڦاٿي کانپو ڦٿڪڻ ڪهڙو! هو جڏهن دائود پوٽن
جي ملڪ ۾ پهتا، ته اُتي مدد خان ميان کان موڪلايو ۽ کيس چيائين ته: “توهان هينئر
موٽي وڃو. ڇاڪاڻ ته سنڌي، افغانين جي ڊپ کان خراسان ۽ هندستان ڏانهن ڀڄندا پيا وڃن،
توهان وڃي کين آٿت ڏيو. منهنجي وڃڻ کانپوءِ ماڻهو پنهنجي ماڳن تي موٽي اچن ۽ وڇڙيل
هڪ ٻئي سان ملن ۽ ملڪ وري آباد ٿئي.”
ان مان اهو ظاهر ٿئي
ٿو ته مدد خان سنڌ ۾ ايڏا ظلم ڪيا هئا، جو ڀاءُ ڀاءُ کان وڇڙي ويو هو. ڪو ڪاڏي ڀڄي
ويو ته ڪو ڪاڏي هليو ويو. شهر ۽ واهڻ ويران ٿي ويا. اهو دردناڪ داستان ڪيترن ئي ڪتابن
۾ لکيل آهي. عظيم ٺٽوي، غلام رسول مهر، اعجازالحق قدوسي ۽ ٻين مؤرخن پنهنجي تصنيفن
۾ مدد جي ظلمن جا داستان قلمبند ڪيا آهن. اسان هتي صرف هڪ نئين ماخذ يعني تاريخ
بلوچي مان ڪجھ مواد ڏنو آهي.
مجيدي لکيو آهي ته
مدد خان جي اچڻ ۽ وڃڻ واري هڪ سال جي عرصي ۾ ماڻهن سان جيڪا حالت ٿي، ان جو جيڪڏهن
تفصيل لکان ته هزارن صفحن ۾ به اهو درد جو داستان پورو ٿي نه سگهندو. مدد خان سنڌ
۾ جيڪا تباهي آندي، ان جي قطعه تاريخ عبدالمجيد “مجيدي” هن ريت لکي آهي:
مدد خان چون سند غارت نمود
بگفتا مؤرخ “غضب سال بود” (۱۱۹۵هه)
مدد خان جو سنڌ ۾
ايڏو ڏهڪاءُ هو، جو مائرون ٻارن کي اهو چئي ڊيڄارينديون هيون ته: “ڇورا! مدد ٿو
اچئي” ۽ پِٽَ طور اهو چيو ويندو هو ته: “شل مدد پويئي!” گھوڙن جي لشڪر ايڏو ته ظلم
ڪيو جو ماڻهو گهوڙا ڏسي ڊڄڻ لڳا ۽ خوف وچان چوڻ لڳا “گھوڙا ڙي گھوڙا” ۽ اڄ تائين
روئڻ مهل چون “اباڙي! گھوڙا ڙي!”
(ڏيھاڙي پنھنجي
اخبار منجھ تاريخ ۰۴ نومبر ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيل)
No comments:
Post a Comment