دھشت چڙھي ته وحشت ٿي
وڃي
عارب نالي ھڪڙو
نوجوان ڳوٺاڻو ھيو، جنهن کي هڪ ڀيري، ڪنھن شاديءَ جي موقعي تي ڳوٺ وارن ايلاز ڪري،
اسٽيج تي ڳالهائڻ ۽ مسخري وجھڻ جو موقعو ڏنو.
عارب، مسڪين ماڻهو ھيو
۽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اسٽيج تي آيو ھيو. ان ڪري ڳالهايائين گهٽ پئي ۽ ڏڪيو وڌيڪ پئي.
آخر، ڏڪندي ڏڪندي،
هن پنهنجي حوصلن ۽ اوسانن کي يڪ-جاءِ ڪيو. پوءِ به سندس سڪل نڙيءَ مان فقط هڪڙو
جملو ئي اُڪليو؛ ”مان ڇا ڳالهايان! مون کي هيترا ماڻهو ڏسي وحشت چڙهي وئي آهي.“