ويڪ ڪڍڻ چڱو عمل ناھي
نصيحت واري آکاڻي
عبدالصمد فرقاني
ڪنهن وزير ۽ ٽن پڙهيلن،
هڪ ڳالهه تي اچي پاڻ ۾ هوڏ ٻڌي؛ ”هن جڳ ۾ سڀني کان چڱي ڪهڙي شيءِ آهي؟“
پهرئين پڙهيل چيو؛
”ماڻهو چڱو آهي“.
ٻئي چيو؛ ”گهر
موچارو آهي“.
ٽئين ڳالهه ڪئي؛ ”ڍڳو سڀني کان خاصو آهي“.
انهيءَ ردبدل لاهڻ
لاءِ بادشاهه جي وزير کان نياءُ گهريائون.
وزير پهريائين ڍڳي
مان وِيڪ ڪڍي؛ ”اکيون جي اٿس سي سڱن جي هيٺان ٿس؛ تنهنڪري جڏهن ٿونو ٿو هڻي، تڏهن ڏسيو
ئي ڪين ٿو سگهي.“
پوءِ ماڻهوءَ جي
هيءُ عيب ڪڍيائين؛ ”اُرهه ۾ اهڙي ڳيڙ ئي ڪانهيس، جنهن مان جيڪر اُن جي دل جي مَت ۽
ويچار جي سڀني کي سڌ پوي!“
نيٺ گهر جي هيءُ
گلا ڪيائين؛ ”ڦيٿا ڪين اٿس، جنھن ڪري جيڪر پنهنجي ٻچڙن پاڙي وارن کان ڀڄي پاسو ڪري!“
جڏهن بادشاهه کي
انهيءَ نياءَ جي خبر پيئي. تڏهن وزير کي پنهنجي درٻار مان فرمان جاري ڪري لوڌي ڪڍيائين؛
”ويڪر ماڻهو، ڪڏهن به راضي ڪين رهندو. جڏهن ڪو چڱو ڪم، پاڻ ڪيو هجي، تڏهن ٻين جي ڪمن
مان ويڪ ڪڍجي.“
نصيحت:-
۱ . ڪنهن مان به ويڪ
ڪڍڻ چڱي نه آهي.
۲ . بي عيب ته رڳو
اُهو پروردگار آهي، ۽ ٻيو ڪو ئي به عيبن کان آجو ڪونهي. تڏهن پنهنجا عيب لڪائي، ٻين
مان ويڪون ڪڍڻ، اهو سياڻي ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي.
۳ . پَرڻ چيو ڏونگهي
کي، چي؛ ”وڃ ٽه- ٽونگا!“- ۽ کيس خبر ئي نه آهي ته ”آءٌ سهسين ٽونگو آهيان!“
(عبدالصمد فرقاني
جي فيس بڪ وال تان کنيل)
No comments:
Post a Comment