تماشو تڏهن لڳندو آهي جڏهن
ان کي تماشو لکبو
اطهر هاشمي
اڄڪلهه هر طرف هڪ
تماشو لڳل آهي، اڄڪلهه ڇا، تماشو نٿو ٿئي! هڪ شاعر پنهنجي غزل ۾ سوال به ڪيو ته
”هي تماشو ڪڏهن ختم ٿيندو؟“ تماشي کي اخبارن ۾ ”تماشو“ به لکي ڇڏيندا آهن. شايد اهڙي
طرح تماشي جي شدت يا اهميت گهٽ ڪرڻ مقصود هجي پر هي تماشو عربي مان آيو آهي ۽ عربي
۾ ”تماشو“ جو مطلب آهي گڏجي پنڌ هلڻ.
فارسي وارن ان کي
تمنا، تقاضا جي مثل تماشا ڪيو، ڇو ته سير ۽ تفريح جي هنڌ اڪثر پنڌ هلن ٿا يا هلندا
هئا. شرط اهو آهي ته جڳهه جڳهه ڪچري جا ڍير نه هجن. بهرحال ان طرح ”تماشا“ تفريح ۽ شوق سان ڏسڻ جي معنيٰ ۾
استعمال ٿيو. اهل فارس جي ڪلام ۾ تماشا ٻن معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. هڪ
هنگامو، ٻي اها شئي جنهن کي عجب يا شوق سان ڏسجي. هي مذڪر آهي. ديد نظارا جي معنيٰ
۾ به استعمال ٿيندو آهي. جيئن هي محاورو ”بوڑھے منہ مہاسے، لوگ آئے تماشے“. ”لوگ آئي“ جي جڳهه ”لوگ چلي“ به ٻڌو آهي. ان محاوري
مان ظاهر آهي ته پيرسني ۾ داڻا نڪرڻ ڪا چڱي ڳالهه ناهي، معنيٰ اها جواني جي علامت آهي
پر پيرسني جي عمر جو تعين ڪير ڪندو؟ ”ساٺا پاٺا“ يعني مرد سٺ سالن جي عمر ۾ به پاٺو
هوندو آهي. ”پاٺا“ هندي جو لفظ آهي ۽ مطلب آهي ”هاٿي جو ٻچو“. جيئن پهلوان يا ننڍي
قد ۽ بندري شخص کي چوندا آهن. اسان سمجهي رهيا هئاسين ”پاٺا“ پٺي مان آهي، جيئن پٺا
فلاڻو، هي پهلوانن جي اصطلاح آهي. هونئن ته هڪ پٺو اُلوءَ جو به هوندو آهي ۽ پٺو
جسم کي به چوندا آهن. داغ جو شعر آهي ته:
دیو غم سے لڑا ہے دل کشتی
یہ بھی پٹھا بلا کا نکلا ہے
اُلّو
کے پٹھے کے لیے مزے کا شعر ہے
پیامی تُو ہے کیا اُلّو کا پٹھا
سمجھتا ہی نہیں کچھ بات میری
پٺو (”پ“ تي زبر)
ان ٿلهي ڪاغذ کي به چوندا آهن جيڪو ڪتاب جي حفاظت لاءِ چاڙهيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن
پهرين لفظ يعني ”پ“ تي پيش آهي ته ان جو مطلب پُٺه يا پيٺ آهي، ڪاسائي جي دڪان تي
ماڻهو پُٺي جو گوشت طلب ڪندا آهن. جيڪو پچائڻ دوران جلدي ڳري ويندو آهي. ان تي هڪ
محاورو آهي ”پُٺي تي هٿ نه رکڻ ڏجي“ هونئن ته اهو گهوڙي جي باري ۾ آهي جيڪو بدن ڇهڻ
نه ڏي پر اهي انسانن جي لاءِ به استعمال ٿيندو آهي يعني اهڙو شخص جيڪو پاسي ۾ نه
ويهڻ ڏي. مثال طور اهو چيو ويندو آهي ته هڪ ڌر ته ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهي
آهي ۽ ٻي ڌر ته پُٺي تي هٿ رکڻ ئي نٿي ڏي. ”ڌر“ تي ياد آيو ته اخبارن ۾ خاص ڪري ڪيترا
يا ”سڀ ڌريون“ لکي رهيون آهن، ڌر ٻه، عربي ۾ فرق جي صفت مشبه، اردو ۾ ڌر، مدعي،
مدعا عاليه يا ۲ مقابلي ڪرڻ وارا ماڻهو يا گروهه ۾ هر هڪ کي چوندا آهن ۽ ”ڌرين“ جو
مطلب آهي ٻنهي مقابلي وارن شخصن يا گروه، مدعي ۽ مدعا عاليه. جيڪڏهن ٻن کان وڌيڪ
گروهه هجن ته اردو ۾ فريقين ۽ سنڌي ۾ ڌريون لکڻ بهتر هوندو.
گذريل ڏينهن هڪ خبر
۾ ”دست راز“ شايع ٿيو، ان شخص کان پڇيو ته ان وضاحت ڪئي ته هڪ اهڙو شخص جيڪو ڪنهن
جي معاملن کي راز ۾ رکي، لڳي ائين ٿو اخبار جي اها خبر قائداعظم اڪيڊمي ۾ به ڌيان
سان پڙهي وئي هوندي، جڏهن ۲۱ آڪٽوبر تي ان معتبر اداري مان جيڪا پريس ريليز جاري ٿي
ان ۾ به ”دست راز“ موجود هو. ڪراچي جي اخبارن ۾ ڪجهه عرصي کان هڪ پاڙي جو نالو ”اي
بي سينا“ ڇپجي رهيو آهي. هڪ ٻه ڀيرا سمجهايو به، پر اسان جا رپورٽر سمجهندا آهن ته
اهو اي بي (A B)
آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته ان جو مطلب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هي دراصل ايبي سينا
آهي جيڪو آفريڪا جو هڪ شهر آهي. ڪنهن جو نظم به آهي ”ايبي سينا جو لاش.“
جڏهن براعظم تي
انگريز جو تسلسل هو ته مختلف ملڪن ۾ موجود پنهنجي فوجي جٿن کي گهرائيندا ۽ ان جي
لاءِ ٺاهيل بيرڪن ۾ رکندا هئا. اهي بيرڪون انهن شهرن سان منسوب هيون جتان هي جٿا
ايندا هئا. ان جون بيرڪون جيئن ته هڪ لائين ۾ هونديون هيون، ان لاءِ اهي علائقا
لائنز ايريا چورائبا هئا، جن ۾ ايبي سينا لائنز، ٽينشيا لائنز، جيڪب لائنز وغيره.
انهن بيرڪن ۾ اڃان به سنڌ حڪومت جون آفيسون آهن.
راولپنڊي ۾ هڪ
مشهور پاڙو آهي. ”لال ڪڙتي.“ ان جو سبب تسميه به اها ئي آهي جيڪا ايبي سينا جي
آهي. اتي اسڪاٽ لينڊ مان گهرايل جٿا مقرر ڪيا ويا هئا. اسڪاٽ لينڊ جا فوجي هڪ ڳاڙهي
رنگ جا گهاگهرا پائيندا هئا، ان کي راولپنڊي وارن ”ڳاڙهي ڪرتي“ قرار ڏنو ۽ ڪرتي کي
الائي ڇو ڪڙتي ڪيو. جڏهن ته راولپنڊي ۾ به ڪرتا ۽ ڪرتي چوندا هئا. ياد رهي ته ڪرتي
عورتن جي پائڻ جي شيءِ هئي يا آهي. بهرحال هي علائقو اڄ به لال ڪڙتي چورائبو آهي
پر ”ٽنچ ڀاٽه“ جي ڪري تسميه ڇا آهي اهو ته ڪوئي پنڊي وارو ئي ٻڌائيندو. اسلام آباد
يونيورسٽي ۾ اسان جي هڪ استاد ان کي پٽخ ڀاٽه پڙهي ٿو. اتان ويندڙ بسن تي ٽنچ ڀاٽه
لکيل هوندو آهي، هاڻي جو پتو ناهي ته بسون رهيون آهن يا نه.
اخبارن ۾ عام طور
تي ”عليحده“ لکيو ويندو آهي ۽ اسان جي خيال ۾ فصيح ٿي چڪو آهي. هونئن عربي ۾ ان جو
املا ”علاحده“ آهي، عليحده ۾ ”ل“ تي بيٺل زبر آهي، جيئن عيسيٰ ۽ موسيٰ. هي بيٺل
زبر عربي ۾ مقصوره چورائيندو آهي. ادنيٰ ۽ اعليٰ مان ته هي الف مقصوره غائب ڪيو
ويو آهي. اهڙي طرح عليحده سان به غائب ٿي ويو. تلفظ ان جو ”عليٰ حده“ آهي. عليٰ مٿي
۽ حده کان مطلب جدا، تنها، الگ، عليحده ڪرڻو جو مطلب هو. جدا ڪرڻ، الڳ ڪرڻ، موقوف ڪرڻ،
ان جو مطلب چونڊڻ ۽ انتخاب ڪرڻ به آهي. عربي ۾ چوندا آهن ”علٰي وجه الڪمال“. يعني ڪامل
طور تي. علي الاعلان، علي هذا القياس وغيره، خانه ڪعبه جي ويجهو قبرستان آهي جنهن
کي گهڻا ماڻهو جنت المعليٰ چوندا آهن، معليٰ بروزن مصليٰ. جڏهن ته ان جو تلفظ
”معلا“ آهي يعني ”مع-لا“. اهڙي طرح اعلانيه به بغير الف جي آهي يعني ”علانيه“.
تنهن هوندي به عربي ۾ لفظ ”اعلان“ آهي يعني اظهار، ظاهر ڪرڻ، ناسخ جو شعر
یہ زمیں اچھی نہ تھی ناسخ ولیکن فکر نے
حسن پیدا کردیا ہے نون کے اعلان سے
اهو شايد اسان
پهرين به لکي چڪا آهيون ته اردو جو ”ليڪن“ عربي جو ”لاڪن“ آهي. هتي به ”ل“ تي بٺيل
زبر آهي. قرآن ڪريم ۾ به ”ولاڪن“ آيو آهي. پر هاڻي اردو ۾ ليڪن، اعلانيل ۽ عليحده
ئي درست سمجهيو ويندو. ٽي وي چينل تي تلفظ ۾ زير، زبر جون غلطيون وڌنديون پيون وڃن،
ڪڏهن اهڙيون غلطيون انگريزي ۾ ڪري ڏيکاريو. مثال طور تي هدايت ۾ پهريون حرف بالڪسر
آهي پر ماهر ان تي زبر لڳائي ڇڏيندا آهن. هڪ وڏي اديب ۽ شاعر جو پٽ به ٻولي جي
اصلاح ڪندا آهن، پر هو انتڙيان کي انتڙ-يا چئي رهيا هئا، ان ۾ ته نون ساڪن آهي.
No comments:
Post a Comment