مريضن جي آويءَ آياسين، دوا ٿي وياسين.
هڪ ماري بندوق کنيو ٻنيءَ تي واھت ڪري رھيو ھيو. تنهن جي مٿس نظر
پئجي وئي. ڀري دونالي ڌوڙيو ڏنائيس، ته اچي پٽ تي پيو.
گدڙ سوچيو؛ ”جي اٿي
ڀڄندس ته وري بندوق هڻندو.“ سو ڇند ڪري، ستو رھيو.
ماري، بندوق کنيو مٿانئس اچي بيٺو. ايتري ۾ هڪڙو همراھ
آيو ۽ ماري کي چيائين؛ ”گدڙ ماريو اٿئي ڇا؟“
