سيد
علي گوهر شاهه ’اصغر‘ جي ڪافين ۾ محاورن جو استعمال
جيئڻ خان ڪيريو
Abstract:
The use of dialects in the Kafies of Syed Ali Gohar shah ‘Asghar’
The classical Sindhi poets have used dialects used by common people usually
in their prose and poetry. However, it is said that the roots of classical
poetry lie with human being. They guide potentially, economically, Sociologically
and spiritually to the public. People have been found spiritually satisfied and
mentally relaxed. As the human being is the compound of body and soul. Therefore,
the body has need of nutrients, but the soul can survive only on love, help and
aspiration which will keep it alive and fresh in this world. The role of
emotion is to express internal ideas and solve problems. In this way we need
words to express our feelings. It’s language which shows hidden abilities of
human being. Dialect is referring to a variety of languages used in society’s
daily life and fulfils the needs simultaneously. The topic of this research
being “the use of dialects in the Kafies of Syed Ali Gohar Shah “Asghar”, the
study aims at exploring the varieties of language.
سنڌ
۾ ڪلاسيڪي (اساسي) شاعرن پنهنجي شاعريءَ کي
موزون بنائڻ لاءِ عوام ۾ عام استعمال ٿيندڙ محاورن
کي ڪتب آڻي، سندن روحاني، سياسي، سماجي، اقتصادي توڙي اخلاقي پهلوئن جي رهنمائي به
ڪئي آهي. ان ڪري چيو ويندو آهي، ته ڪلاسيڪي شاعريءَ جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن، جنهن سان ماڻهن کي روحاني سڪون به
پئي مليو آهي.
انسان،
جسم ۽ روح جو مرڪب آهي. جسم جي غذا، کاڌ
خوراڪ ۽ روح جي غذا، ڀروسو يا
دلاسو، پيار، محبت، احساس وغيره آهن. درحقيقت اهي اهڙا جذبا آهن، جن سان انسان پنهنجي اندر جي اپٽار ڪندو آهي. اهڙيءَ ريت انهن
احساسن جي اظهار لاءِ ٻوليءَ جو عمل دخل ٿئي ٿو،
جيڪا لڪل صلاحيت کي ٻاهر ڪڍي ٿي. ٻوليءَ جا ڳالهايل جڪلا ڪيترين ئي معنائن ۾
استعمال ٿين ٿا. هڪڙا سڌيءَ معنيٰ ۾ استعمال ٿين ته ٻيا اڻ سڌي معنيٰ يا مطلب طور استعمال ٿين. اهڙا اڻ سڌي معنيٰ رکڻ وارا لفظ يا جملا ’محاورا‘ يا ’اصطلاح‘ سڏجن ٿا، جيڪي روزانو سماج ۾ سندن مطلب
آهر استعمال ٿين.
هتي آئون
پنهنجي عنوان: ”پير سيد علي گوهر شاهه ’اصغر‘ جي ڪافين ۾ محاورن جو استعمال“ بابت ثابت ڪرڻ چاهيندس. سڀ کان پهرين
محاورن جي وصف بابت اڳ ڪيل تحقيق جو جائزو پيش ڪجي ٿو.
محاورن يا
اصطلاحن جي وصف بابت ڪافي ماهرن پنهنجا
رايا ڏنا آهن. تنهن هوندي به، اڃا ڪا اتفاق راءِ سان وصف جڙي نه سگهي آهي. البت
ڪجهه ويجهي زماني جي ماهرن جديد وصفون جوڙي ڪنهن قابل اعتماد وصف جي ويجهو اچڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. جن ۾: مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر روي پرڪاش ۽ الطاف جوکيو قابل تعريف آهن.
هنن محققن محاوري جي لغوي معنيٰ جي تهه تائين وڃي مدلل وصف جوڙي آهي. سندن محنت، هن ڏس ۾، ڏاڍي
آساني ڪئي آهي. هن هيٺ سندن جوڙيل وصفون
بيان ڪيو وڃن ٿيون:
ڊاڪٽر
مرليڌر جيٽلي مطابق ته؛ ”’محاورو
يا اصطلاح‘ ٻئي عربي ٻوليءَ جا لفظ آهن، جيڪي فارسيءَ ۾ ڪتب ايندا آهن. اهي لفظ
پوءِ اردو، هندي، سنڌي، پنجابي، ڪشميري ۽ ٻين ڪن ٻولين ۾ به مروج ٿي ويا آهن. محاورو
لفظ جو عربيءَ ۾ اچار آهي ’محاورت‘، اهو ’حاور‘ فعل مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب آهي، موٽائڻ،
ورندي ڏيڻ.“(۱)
ڊاڪٽر روي پرڪاش موجب؛ ”’محاورو يا اصطلاح‘ ٻئي عربي ٻوليءَ جا لفظ آهن، جيڪي
فارسيءَ ۾ ڪتب ايندا آهن. اهي لفظ پوءِ اردو، هندي،
سنڌي، پنجابي، ڪشميري ۽ ٻين ڪن ٻولين ۾ به مروج ٿي ويا آهن. محاورو
لفظ جو عربيءَ ۾ اچار آهي ’محاورت‘
اهو ’حاور‘ فعل مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب آهي، موٽائڻ، ورندي ڏيڻ.“(۲)
الطاف
جوکيو مطابق: ”اصطلاح: هي لفظ (term)
سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن جملن جي
جزن لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو، جن ۾ فعلي مصدر ڪتب
آندو وڃي ۽ زمان، ضمير ۽ جنس وغيره جي گردان ۾ ڦرندڙ هجي؛ توڙي جو اهو جملي جو جز
لغوي معنيٰ سان سلهاڙيل هجي.
محاورو:
هي لفظ (term) سنڌي ٻوليءَ ۾ انھن جملي جي جزن لاءِ ڪم آندو وڃي، جيڪي زمان، ضمير ۽ جنس وغيره جي گردان ۾ اڻ ڦرندڙ رهي
۽ فعلي مصدر کان آجا هجن؛ توڙي جو اهي جملي جو جز لغوي معنيٰ سان سلهاڙيل هجي يا
نه هجي.“ (۳)
ان کان علاوه راز شر محاوري جي تعريف هن ريت ڪئي آهي؛
”’اصطلاح‘ اهو آهي، جنهن ۾ ٻن يا ٽن لفظن جو مرڪب هوندو آهي ۽
آخري فعل مصدر جي صورت ۾ هوندو آهي. يعني فعل جي آخر ۾ ملائڻو پوندو آهي. پر ان جي
پڇاڙيءَ متعلق حالتن ۾ تبديلي ٿيندي رهندي آهي.“ (۴)
هنن مٿي
بيان ڪيل وصفن کان پوءِ نتيجو هن ريت نڪري ٿو ته، محاورو يا اصطلاح ساڳي معنيٰ رکن
ٿا. اهي ٻئي لفظ عربيءَ جا آهن، محاورو معنيٰ موٽائڻ يا ورندي ڏيڻ، اصطلاح جي
معنيٰ موافق يا سٺو يا وڻندڙ آهي. يعني ته اهڙا وڻندڙ لفظ جن جي مطلب واري معنيٰ
آسانيءَ سان سمجهي ويندڙ هجي ۽ ورندي
ڏيندڙ پوريءَ ريت سمجهي سگهي. جيڪا تجربن
کان پوءَ مستقل طور استعمال ٿيندڙ هجي.
مُرليڌر جيٽلي
۽ روي پرڪاش، پلاٽس (Plats John. T) جي حوالي سان سندس اردو-هندي
ڊڪشنريءَ ۾ اصطلاح جي معنيٰ ھن ريت ڪئي
آهي. ”لفظي ميڙ، فقرو، محاورو، ٻوليءَ ۾ استعمال، ڪا مقبول معنيٰ، مروج ٽيڪنيڪي
لفظ.“ (۵)
ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ موجب؛ ”اهو جملو يا گفتو جيڪو
لفظي معنيٰ جي بدران ٻي معنيٰ جي ڪم اچي، روزمره جي ٻولي، گفتگو، مشق،
استعمال، آزمودو.“ (۶)
ميمڻ
عبدالرشيد موجب محاوري جي معنيٰ هن ريت
آهي؛ ”اهو جملو
يا گفتو جيڪو لفظي معنيٰ جي بدران ٻي معنيٰ جي ڪم اچي، روزمره جي ٻولي، گفتگو، مشق،
استعمال، آزمودو.“ (۷)
اصغر
سائين پنهنجي شاعريءَ (ڪافين) ۾ عام ماڻهن جي مروج محاورن کي ڪتب آندو آهي، جنهن
سان سندس ڪلام ۾ ڪلاسيڪيت جي ساک بيهي
ٿي.
۱ . کٿوري
کڻي اچڻ = هرڻ جي دن مان نڪرڻ واري خوشبوءِ.
هرڻ جي دن
مان نڪرندڙ هڪ قسم جي خوشبو انسان جي روح کي راحت ڏيندڙ ۽ منفرد آهي. ان ڪري ماڻهو
بهتر شيءِ جي ڀيٽا ڏيندا آهن. چوندا آهن ته، ’پهريون
ملهه کٿوري آهي‘.
يا چوندا آهن ته، ’خون ۽ کٿوري لڪڻ جا ناهن‘
وغيره. محبوب جي گهر اچڻ سان کٿوري سمجهي هيئن به چوندا آهن:
”کڻي کٿوري آيو، گهر گهر ڏئي ٿو گهڻي.“
(شيخ،
۱۹۹۹ع، ص ۲۳۷)
۲ . ڏونگر
ڏونگر = پهاڙن ۾ ڳولا
ڪرڻ، يعني
ڪشالا ڪٽڻ.
عاشق کي
پنهنجي محبوب جي ڳولا ڪرڻ لاءِ جبل جهاڳڻا پون ٿا،
ته به نه ٿو گهٻرائي. جبلن جا
پنڌ ٿڪائيندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ آهن. ڪڏهن جانب جي جدائيءَ ۾ ڏونگر ڏورڻان پون ٿا.
”جدا جانب کان جيڏيون،
ٿي ڏکيءَ ڏونگر ڏوريا“
(شيخ، ۱۹۹۹ع،
ص ۸)
۳ . لالي
لائڻ = سرخي يا ڳاڙهائڻ لڳائڻ
اصغر
سائينءَ ’لالي لائڻ‘ عام محاوري کي ڪيڏو نه خوبصورت ڀيٽا ۾ آڻي خوبصورت بنايو آهي.
لالڙي يا لالي، عورتون شادي مراديءَ جي وقت،
ڳلن ۽ چپن کي هڻي، پنهنجي
چهري کي خوبصورت بنائينديون آهي.
”ڪلنگا جي کليا، بسنت بهاريا، سوسن کي سورن جي وري لالي
اڄ لائي“
(شيخ،
۱۹۹۹ع، ص ۲۳۸)
۴ . خوشبو
ڦهلائڻ = سڳنڌ، سرهاڻ، هڳاءُ
خوشبو
اچڻ، خوشبو نه اچڻ، خوشبو ڇٽڻ، خوشبو
ڇڏڻ، جدا جدا معنيٰ رکن ٿيون. ڪڏهن پنهنجي محبوب جي اچڻ تي هيئن به چون.
”نازبو چمن ۾ خوشبو مچائي، جو ايندو باغن ۾ منهنجو
جانب جائي.“
(شيخ،
۱۹۹۹ع، ص ۲۳۸)
۵ . سرهي
سيج وڇائڻ = ڪنهن به ڪم جي پوري طرح ۽ جسائتي نموني
پوئيواري ڪرڻ.
سرهو ٿيڻ،
سرهي سيج وڇائڻ يا پرينءَ جي سيج لاءِ چون ته:
”اڄ ڪا پرين جي خبر آئي، سرهي سيج وڇايان،
تنهن لاءِ سيج سرهائي.“
(شيخ،
۱۹۹۹ع، ص ۲۳۸)
۶ . زارو
زار روئڻ = تمام گهڻو روئڻ، جهجهو روئڻ، ڏاڍو روئڻ
زار
و زار يا زار
و قطار، عام
استعمال ٿيندڙ محاورو آهي. جيڪو روزانو ڪٿي نه ڪٿي گفتگو ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڪنهن
پياري جي وڇڙي وڃڻ ۾ تمام گهڻو روئڻ ايندو آهي يا پنهنجي محبوب جون ڳڻن ڀريون
ڳالهيون ياد ڪري هيئن به چئبو آهي:
”روئان زار و
زار ني، ڳالهيان تي ڳڻ ڳا ڪي.“
(شيخ،
۱۹۹۹ع، ص ۲۳۸)
۷ . مچ
مچائڻ = جهيڙو ڪرڻ، خرابي
ڪرڻ
معاشري ۾
هي محاورو عام استعمال ٿيندو آهي. جيئن فلاڻو ڳالهه
چوري مچ مچائي ويو يا چوندا آهن ته، پاڻ مچ
مچائي هليو ويو، اسين آزار ۾، يا
عشق کي وڌائڻ چڙهائڻ لاءِ به ڪتب ايندو آهي.
”اول نينهن لائي گهورن
ساڻ گهائي، ڪيئه مچ مچائي ڇا کئون.“
(شيخ،
۱۹۹۹ع، ص ۲۹۱)
ان کان
علاو مچ مچائڻ سان ٻيان به محاورا جڙن ٿا: ڪو مچ مچائي، مچ ٿي ويو، ڪو مچ نه
ٻاريئه.
۸ . گهروري
گهورڻ = سرير
تان گهمائڻ، ڀيٽ طور ڏيڻ، قربان
ڪرڻ، ڳولڻ، تلاش ڪرڻ، ڇٽڻ، ڇٽڪارڻ.
سنڌ جي
عام ماڻهن جو اڄ به رواج آهي ته، گهوٽ جي مٿان پيسا گهوريندا آهن. گهوٽ جڏهن سرگس
ڪندو آهي ته، پيسا يا کارڪون
گهوريون ويندو آهن. يا ڳائڻ واري جي اڳيان گهوٽ تان پيسا گهوري اڇليندا آهن. عام
طرح هي به چوندا آهن ته، آئون تو تان سر
ساهه گهوري ڇڏيان.
يا وري چوندا آهن، ته واهه ڙي واھ تو
تان به مائٽن نوٽ ٿي گهوريا! ڪڏهن وري چوندا آهن ته، سڄڻ
تان سر به گهوري ڇڏجي.
”گھوريون
گهورن تنهن سڄڻ تئون، سڱ سڀئي پنهنجا پيڪا سر سوري دنيا داري!“
(شيخ، ۱۹۹۹ع، ص۱۷۵)
۹ . ماڻو
ڪرڻ = پرين جي بازي، نخرو، ناز
ڪنهن ماڻهوءَ کي جيڪڏهن منٿون
ڪبيون آهن ته، ڄاڻي واڻي نخرو
ڪندي جواب نه ڏيندو آهي. تڏهن کيس چوندا آهن ته، ماڻو ڪيو اٿس، اهڙي طرح ٻيا به
جملا استعمال ڪندا آهن، مثال: هڪڙو رنگ جو ڀاڙيو،
ٻيو ماڻو. ماڻو اھڙو ڪر، جيڪو ٺهي.
ماڻو ته ڏس ڪهڙو ڪيو اٿئي. وغيره.
ڪي عاشق مزاج ماڻهو پنهنجي معشوق
کي چوندا آهن؛ هاڻي ماڻا ڇڏي ڏي. يا چوندا آهن ته، معشوقن جا ماڻا ته سهڻا پوندا. ڪڏهن وري چوندا ته، مشتاقن سان ماڻا ڪرڻ نٿو جڳائي.
”ماڻا
مشتاقن سان پرين، جانب تو نه جڳاءِ.“
(شيخ، ۱۹۹۹ع،
ص۲۷۰)
۱۰ . پيچ
پائڻ = وڪڙ هڻڻ، نينهن لائڻ
دوستيءَ ۾
هڪ ٻئي سان واعدا وفائيون ڪبيون آهن. انهن جي
نڀاءَ سان چوندا آهن ته اڃا تائين پيچ پايو اچي، گهاري ڪا نه
وڌي اٿس، يا ڪڏهن ڪا اڻوڻندڙ ڳالهه ٿيندي آهي ته چوندا آهن، پيچ پاتو اٿئي ته نڀاءِ. يا چوندا
آهن ته، پيچ پائي ته نڀائي نه ته اهڙو واسطو ئي نه رکي. يا چوندا آھن ته؛ پيچ پاتو اٿئي ته لوڪان ڪهڙو لڪبو يا چوندا آهن ته، پيچ
پائي لوڪان نه لڪنديس.
”پائي پيچ پريت جو،
لوڪان ڪين لڪنديس“
(شيخ، ۱۹۹۹ع، ص۲۸۵)
پيچ محاوري سان لاڳاپيل ٻيا محاورا به جڙن:
پيچ پوڻ = منجهيل ٿيڻ،
پيچ کائڻ = لڇڻڻ ڦٿڪڻ،
تڪليف ڀوڳڻ،
پيچ کوٽڻ = ور
يا وڪڙ لائڻ.
پيچ ۾ آڻڻ = ڦاسائڻ،
وڪڙ ۾ آڻڻ،
ڪنهن ڳالهه ۾ ڦاسائڻ.
پيچ پيچ هڻڻ = وڪڙ
۾ وڪڙ وجهڻ، ڦڏو وجهڻ، دشمن جي لغڙ ۾ وڪڙ
وجهڻ وغيره
۱۱
. ڪشالا ڪرڻ
= سخت پورهيو ڪرڻ، محنت ڪرڻ، پاڻ پتوڙڻ،
هلاڪي، تڪليف، اهنج، مشڪلات، دقت، جاکوڙ، پريشاني، وياڪلتا.
عام طرح
مائٽ پنهنجي اولاد کي سڌارڻ لاءِ تڪليفون
ڪندا آهن. پر سندن اولاد سڌري نه سگهندو آهي. تڏهن چوندا آهن ته، ’ڏاڍا ڪشالا ڪاٽيم، پر ڇوڪرو سڌري نه سگهيو.‘ يا چوندا آهن ته، ’ادا ڪشالا ڪاٽيم وريو، به ڪجهه
ڪو نه‘، يا وري ڪو چوندو ته، ’آئون
پيو ڪشالا ڪاٽيندس‘.
”ڪاف ڪشالا
ڪيترا، ڪانگ لاءِ ڪنديس.“
(شيخ، ۱۹۹۹ع، ص۲۸۵)
۱۲. ڏک
ڏولاوا = غم،
ارمان، شوڪ، اهنج، تڪليف، لاچار، حالت،
سوڙهه، پيڙا، ويڌنا، ڪم بختي، درگھٽنا،
ڏولائو، تڪليف، ڏکيائي، هراس، هيبت، ٿرٿلو، ڦڙڦوٽ، ٽاڪوڙو، بي چيني، بي آرامي،
گوڙ، آندولن، آنڌ مانڌ
سڄي عمر
ڏکن ڏولاون ۾ گذري وئي سک جو ته ساهه به نه کنيوسون.
ڀلا هي ڏک ڏولاوا به اسان
جي نصيبت ۾ آهن ڇا؟ زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي
ڏک مليا پر ويا لهي. لهي ويندا هت سڀ ڏک! مطلب ته زندگيءَ ۾ ڏک ضرور اچن ٿا. اڪثر ڪري
ڳوٺاڻا شادين مرادين يا
ونگارن جي وقت، ڪچهرين ۾ اهڙي قسم جا
محاورا استعمال ڪندا آهن. ڏک سان گڏ ٻيا
لفظ ملي هي محاورا استعمال ٿيندا اچن:
ڏک ڏولاڪا = مصيبت، تڪليف، پريشاني، علاوه ڏکارو
ڏک اورڻ = ڏکائتو، ڏکوئڻ
ڏک ڏوراپا
ڪڍڻ = ڏک سور پٽڻ، ڏکيرو، ڏکڙا وغيره.
”ڏک ڏولاوا ڏاڍا ڏونگر، نڌر جا ها نصيب“
(شيخ، ۱۹۹۹ع، ص۱۱)
۱۳
. اکيون اڙائڻ = نظر وجهڻ، دل ۾
سمائڻ.
ڪنهن
ماڻهوءَ جي دل ۾ پيار جي شروعات اکين سان ٿيندي آهي. پيار ۾ ڦاسڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو
آهي. ڪي ماڻهو پيار کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندا آهن ۽ ڪي من گهريا محبوب به حاصل
ڪري وٺندا آهن. اکين جي اڙڻ جي ڳالهه مهر علي شاهه تمام ڀلي ڪئي آهي، سندس ڪلام
’اکيان جا لڙيان‘ مشهور آهي. اصغر سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ اکيون اڙائڻ کي هيٺين
ريت استعمال ڪيو آهي:
”اکيان اٿان وڃ اڙيان، جاءِ پهچڻ جت ناهين.“
(شيخ،
۱۹۹۹ع، ص۲۴۶)
”اکيان اصغر ديان روز ازل دي، نال سهڻي وڃ لڙيان“
(شيخ،
۱۹۹۹ع، ص۲۴۶)
اکين جا
ٻيا به ڪيترا ئي محاورا آهن، جن مان هر
هڪ جو مقصد پنهنجو پنهنجو هوندو آهي. ڪجهه محاورا هن هيٺ
ڏجن ٿا:
اک اٿڻ،
اک اٽڪائڻ، اک اوچي ڪرڻ، اک بدلائڻ، اک
بند ننگري ناس، اک ٻوٽ، اک ڀڃڻ، اک ڀري نهارڻ،
اک پٽجڻ، اک ترڪڻ، اک تي پٽي ٻڌڻ، اک پائڻ، اک وجهڻ، اک پئجي وڃڻ، اک ڦٽي پيڙا وئي،
اک ڦرڙائڻ، اک ڦرڻ، اک ڦهلائڻ، اک
ڦيرائڻ، اک ڦيرائي ڇڏڻ، اک ۾ پائڻ، اک چورائڻ، اک مان
سرمو چورائڻ، اک جو مڇ کي نه ڏسڻ، اک جي پتلي، اک چڙهائڻ، اک چهري ڪرڻ، اک ڊيگهه،
اک سان ڇوڏو ٻڌڻ، اک سيڪڻ، اک سڪڻ، اک ڪڍي
وٺڻ، اک ڪڙائڻ، اک کان بچڻ، اک کلڻ، اک ٻوٽڻ،
اک کڻي نه ڏسڻ، اک کولي ڏسڻ، اک لائڻ، اک لڄائڻ، اک لڳائڻ، اک مارڻ، اک ميري
نه ٿيڻ، اک ۾ چڀڻ، اک ۾ رکڻ، اک هيٺ ڪرڻ،
اکين اڳيان آندهيون اچڻ، اکين کي آڱريون اچڻ، اکين تان
پٽيون لاهڻ، اکين تي پٽيون ٻڌڻ، اکين
تي پردو اچڻ، اکين تي چرٻي چڙهڻ، اکين تي رئو چڙهڻ، اکين تي ويهارڻ، اکين جا اولا
لهڻ، اکين جا تارا ڦري وڃڻ،
اکين جو تارو، اکين جو ڍءُ، اکين جو رت ڇڏڻ، اکين جو سوجهرو، اک جو ڪنڊو، اکين جو
نور، اکين جون ڀروون چاڙهن، اکين ڏٺو، اکين کان اچائڻ، اکين کان جڏو، اکين ڳاڙهو،
اکيين لونگ لڳڻ، اکين مان ڀالا ڪڍڻ،
اکين جا تير ڇوڙڻ، اکين مان رت ڇلڪڻ، اکين آساڻ وڇائڻ، اکين ۾ ترڻ، اکين ۾ ڦرڻ، اکين ۾ ڦرڻيون هڻڻ، اکين ۾ جنجر هڻڻ، اکين ۾ سرائي ڦيرڻ،
اکين ۾ کٽڪڻ، اکين ۾ لهڻ، اکين وارو هئڻ، اکيون اڏامڻ، اکيون ٻوٽڻ، اکيون ٻوٽي ڪم ڪڍڻ، اکيون ٻوٽي هلڻ، اکيون ٻوٽي هليو هلڻ،
اکيون
ڀري ڏسڻ، اکيون ٽڙي پوڻ، اکيون پير ڪرڻ، اکيون ڦاٽڻ، اکيون چار ٿيڻ، اکين چرڻ وڃڻ،
اکيون ڇت سان لڳڻ، اکيون ڌرتيءَ ۾ هڻڻ، اکيون ڊوڙائڻ، اکيون سڪڻ،
اکيون ڪڍي ڪتن کي ڏيڻ، اکيون کپائڻ، اکيون گرم ڪرڻ، اکيون
لائي بيهڻ، اکيون نڪري اچڻ، اکيون وڇائڻ،
اکيون هيٺ ڪرڻ.
۱۴
. واڳ ورائڻ = موٽائڻ، سڌو
رستو ڏيکارڻ، (مديني، مڪي پاڪ ڏي موڪلڻ) واڳ، مهار (اٺ جي) لغام / لگام (گھوڙي جو) دليل، نٿ (ڏاندن جي).
سنڌ ۾
مولودن ۾ هي محاورو استعمال ڪندا آهن. منهنجي واڳ مديني ورائجان، مديني وارا گهوٽ. يا عاجزانا عرض ڪندا آهن؛ اسان گناهن ۾ عمر وڃائي آهي،
هاڻي ڪا واهر ڪر، سڌي واٽ تي واڳ وراءِ.
اصغر سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ واڳ
ورائڻ کي هيٺين ريت استعمال ڪيو آهي:
”واڳ ورائي ولهيءَ تي، سوڍل آءِ سيباڻا.“
(شيخ، ۱۹۹۹ع، ص ۲۵۷)
هن سان
ٻيا محاورا جڙن ٿا:
واڳ ڍري
ڪرڻ = ڇيڪ ڇڏڻ، پنهنجي وھ ڇڏڻ.
واڳ موڙڻ = وري اچڻ، موٽي اچڻ.
واڳ هٿ
مان نڪري وڃڻ = وجهه هليو وڃڻ.
واڳ هٿ ۾
رکڻ = پنهنجي هٿ ۾ اختياري رکڻ،
واڳ ڍريون
ڪرڻ = وڌيڪ ڏوهه لاءِ مهلت،
واڳون وٺڻ = پنهنجي
اختيار ۾ آڻڻ، سهارو ڏيڻ.
۱۵
. فال وجهڻ = سوڻ سڳڻ، شگون، اڳ ڄاڻ، غيب داني.
’فال
وجهڻ‘ محاورو به عام طرح استعمال ٿيندو آهي. ڪو ماڻهو اوچتو ملاقاتي ٿيندو آهي ۽ اهو ماڻهو گهربل هوندو آهي ته، کيس چوندا
ته، اسان ته تو لاءِ فالون پي وڌيونسون، يعني تو
کي ڳولهيوسون
پي. يا ڪا شيءِ نه لڀندي ته، چوندا آهن، ’فال وجهرايو‘ وغيره. شاعرن پنهنجي محبوب
کي ڳولڻ لاءِ فال وجهرائڻ وارو محاورو
به استعمال ڪيو آهي.
’فال‘ سان ٻيا محاورا:
فال
ڪڍائڻ، اڳ معلومات حاصل ڪرائڻ.
”ويٺي فالون پايان، ويڙهه وڃان ڪنهن پيار.“
(شيخ، ۱۹۹۹ع، ص ۲۵۳)
۱۶
. سڪ سڪڻ = دل جي ڇڪ، حب، اڪير، اڪنڊ، ڏسڻ جي پياس، تڙپ،
نديءَ جو لٽ، رءُ (جنهن مان ڪنڀر رانديڪا ٺاهي) (۸)
ڪنهن
ماڻهوءَ کي هڏڪي ايندي آهي ته چوندا ته، ڪنهن ساريو آهي يعني ڪنهن کي سڪ ٿي آهي.
يا دير سان ملاقات ٿيڻ تي چوندا آهي ته، سڪ لڳي
اٿم. يا انگل مان چون؛ تو
کي منهنجي سڪ لڳي
ڇا، سڪ ته ڪا نه لڳئي. ڪڏهن ڪڏهن ڏک مان يا ڪاوڙ مان چوندا آهن ته، مڙس به آھين مور جو تنهنجي مون کي سڪ
لڳندي. سڪ تي عورتون ڳيچ به چونديون
آهن: (وڃ منهن ڏيکاري تنهنجي سڪ لڳي آهي ڏاڍي، متان موت ماري!) سڪ هڪ اهڙو محاورو آهي، جيڪو اندر ۾ اڪير جي اهڃاڻ
طور استعمال ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪنهن جي سڪ ۾ تمام گهڻو رنو ويندو آهي ۽
اکين ما نير وهائڻ کي نار جي ڀيٽ ڏيندا آهي.
”سڪي سگهارن لاءِ، نيڻ وهايم نار“
(شيخ، ۱۹۹۹ع، ص۲۵۳)
۱۷
. اوڙو پاڙو = ويجهڙائيءَ
وارو گهر، پسگردائي، آس پاس، ويجهي ڇڪ، پاڙي ۾ رهندڙ ماڻهو، پاڙيسري.
اوڙي پاڙي
محاورو به عام طرح ٻهراڙيءَ توڙي شهر جا ماڻهو استعمال ڪندا آهن. ظاهري معنيٰ مٿي
ڏنل آهي، اصطلاحي معنيٰ پڻ ڪتب ٿيندي آهي. چوندا آهن ته، اوڙو پاڙو سڀ جانچي ڏٺم،
يعني ڪجهه به نظر نه اچڻ. يا چوندا آهن؛ ڪن جو اوڙو ڪن جو پاڙو ڪنهن جي دن کي
داسو. مطلب ته، سڀ ڪجهه چٽ ٿيڻ. اوڙي
پاڙي جو خيال رکڻ، مطلب حياءُ ڪرڻ. اوڙو
پاڙو اوچائي ڏيڻ؛ آس پاس ۾ آزار مچائڻ. هيءُ محاورو در حقيقت شاعريءَ ۾ استعمال ڪرڻ تمام ڏکيو آھي، پر اصغر سائينءَ هن ريت ڪتب آڻي، هن جي اهميت توڙي
خوبصورتيءَ کي اجاگر ڪيو
آهي:
”ٿلهه: اٿ جاڳ جاني، ننڊ ٿي نهوڙي، سانجهي يا سڀاڻي، ايندو هوت حقاني،
۱ . اڀريو جو تارو ساجهر سنوارو، جاڳو وي يارو، آهي رات وهاڻي،
۲ . اوڙو جو
پاڙو، سمهڻ جو
ساڙو، آيو اگهاڙو جو آهي آخر فاني،
۳ . تو
کي آرس آهي، ڇڏ لاهي، ڪرهل ڪاهي، پس پرينءَ جي
پيشاني،
۴ . اصغر عاشق
چئي، ڪوڙ ڪنهن سان نه ڪجي، جهٽ سچ چئجي اها راهه رباني.“
(شيخ، ۱۹۹۹ع، ص۲۳۸)
اصغر
سائينءَ هن ڪافيءَ ۾ يڪسر ٽي محاورا يعني ’آرس‘، ’اوڙو پاڙو‘ ۽ ’ڪوڙ‘ استعمال ڪري
ڪمال ڪيو آهي. ڇو ته شاعريءَ ۾ محاورن
جو استعمال ڏکيو هوندو آهي، سو به ترنم
جي انداز ۾ آڻڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي. ان کان علاوه انهن محاورن مان ٻيا به محاورا
جڙن ٿا.
آرس = سستي، ٽوٽپائي، ڪاهلي
آرسيل = ڪم جو ٽوٽي
آرس ڀڃڻ = بري نظر سان اشارو ڪرڻ
آرس نه ڀڃ = سستي نه ڪر
ڪوڙ = جوٺ، مٿياهه، آست، بي بنياد ڳالهه، دروغ، غلط بيان، ڪپت،
کوٽ، سچ جو ضد
ڪوڙو ٿيڻ = پت وڃائڻ، دير وجهڻ
ڪوڙي ڪنين = افواهي طرح ٻڌڻ،
ڪوڙي کي
ٽنگون نه هئڻ = ڪوڙي ڳالهه هميشه بي بنياد هئڻ
ڪوڙن تي
خرچ هئڻ = پاڻ کي نقصان ۾ وجهڻ،
ڪوڙ جو
مثل ڪوڙ = ڪوڙ وارو ماڻهو ڪڏهن به اڳتي نه اچي.
۱۸
. پگهر = سرير جي سوراخن
مان نڪرندڙ پاڻي، پسينو، پگهر پگهر ٿيڻ،
شرمسار ٿيڻ، لڄي ٿيڻ، پشيمان ٿيڻ.
پگهر
محاورو به عام طرح پورهيتن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جنهن سان مزدورن جي اجرت وقت
تي ظاهر ٿئي ٿي. ان جا ٻيا مثال هن ريت آهن:
پگهرجڻ = پگهر ۾ آلو ٿيڻ سخت ڪاوڙ ۾ اچڻ
پگهر
جي ڪمائي هئڻ = سچي محنت جو ڦل ملڻ، صحيح اجورو ملڻ،
پگهر
سڪائڻ = ساهي پٽڻ، آرام ڪرڻ،
پگهر
جو پورهيو = حلال جي مزدوري ڪرڻ،
پگهر
۾ شم ٿيڻ = گهڻو پگهر اچڻ،
پگهر
۾ ڇل ٿيڻ = ذهني
دٻاءَ هيٺ اچڻ،
پگهر
وهائڻ = پريشان
ڪرڻ،
پگهر
سجايو ٿيڻ = اجورو ملڻ،
”مشڪ کٿوريءَ کان وڌ ڀانيان، پرينءَ منهنجي
جو پگهر.“
(شيخ، ۱۹۹۹ع،
ص۲۵۳)
مٿين
محاورن کانسواءِ اصغر سائينءَ جي ڪلام ۾ ٻيا به ڪافي محاورا موجود آهن، جيڪي
روزانو عام ماڻهن ۾ مروج آهن. پر مقالي جي طوالت سبب مختصر ڪيو ويو آهي.
حوالا
۱ . جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر، سنڌي پهاڪا ۽ محاورا- هڪ اڀياس‘ روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۲۰۰۴ع، ص: ۵۴.
۲ . ٽيڪچنداڻي، روي پرڪاش، ڊاڪٽر، ’سنڌي پهاڪا:
لسانياتي ۽ سماجي-ثقافتي اڀياس‘، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، ۲۰۱۰ع، ص:
۸۵.
۳ . جوکيو، الطاف حسين، پروفيسر؛ ’سنڌي ٻوليءَ جي اھم اصطلاحي
جزن جي تنقيدي اکيڙ‘، سنڌي ٻولي تحقيقي
جرنل، سنڌي ٻولي اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ، جولاءِ-سيپٽمبر ۲۰۰۹ع، ص: ۱۳۲.
۴ . شر، راز، ’اصطلاح ۽ شاهه لطيف جي شاعري‘، شاه
عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي،
تحقيقي جرنل، جلد ٻيو، شمارو پهريون، ۱۹۹۹ع، ص: ۵۶.
۵ . جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر، ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا- هڪ
اڀياس‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۲۰۰۴ع، ص: ۵۴.
۶ . بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر؛ ’هڪ جلدي سنڌي لغت‘، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،
حيدرآباد، سنڌ، ۱۹۹۸ع، ص: ۶۱۲.
۷ . ميمڻ، عبدالرشيد، ’سنڌي- سنڌي انگريزي لغت‘
لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد ۲۰۰۶ع، ص: ۸۷۶.
۸ . سائل، سترامداس سوڀا سنگهه جڙيا سنگهاڻي،
پروفيسر؛ ’سائل ڪوش- هڪ جلدي لغت‘، ڪويتا
پبليڪيشن، حيدرآباد، ۲۰۰۹ع، ص: ۲۶۷.
۹ . شيخ، محمد فاضل، پروفيسر؛ ’اصغر سائين جو ڪلام- چوٿون ايڊيشن‘، جميعت علماءِ سڪندريه، جامعيه راشديه درگاهه حضرت پير صاحب پاڳاره، پير جو ڳوٺ،
سنڌ، پاڪستان، ۱۹۹۹ع.
نوٽ:
سمورا بيت مٿي ڄاڻايل حوالي مان ڏنل
آهن.
(ڇھ-ماھي ڪلاچي تحقيقي جرنل، جولاءِ-ڊسمبر ۲۰۱۴ع، شاھ
عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ص: ۸۵ کان ص: ۹۵ تائين، تان ٿورن سان
کنيل)
No comments:
Post a Comment