Saturday, November 23, 2019

دھشت چڙھي ته وحشت ٿي وڃي


دھشت چڙھي ته وحشت ٿي وڃي

Image result for fear of speech in public
عارب نالي ھڪڙو نوجوان ڳوٺاڻو ھيو، جنهن کي هڪ ڀيري، ڪنھن شاديءَ جي موقعي تي ڳوٺ وارن ايلاز ڪري، اسٽيج تي ڳالهائڻ ۽ مسخري وجھڻ جو موقعو ڏنو.
عارب، مسڪين ماڻهو ھيو ۽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اسٽيج تي آيو ھيو. ان ڪري ڳالهايائين گهٽ پئي ۽ ڏڪيو وڌيڪ پئي.
آخر، ڏڪندي ڏڪندي، هن پنهنجي حوصلن ۽ اوسانن کي يڪ-جاءِ ڪيو. پوءِ به سندس سڪل نڙيءَ مان فقط هڪڙو جملو ئي اُڪليو؛ ”مان ڇا ڳالهايان! مون کي هيترا ماڻهو ڏسي وحشت چڙهي وئي آهي.“


سندس ان جملي تي، اسٽيج کان هيٺ ويٺل ماڻھو، کِل ۾ ويڙھجي ويا.
در اصل عارب کي چوڻو؛ ”مان ڇا ڳالهايان! مون کي هيترا ماڻهو ڏسي دھشت چڙهي وئي آهي.“ جملو ھيو.
ماڻھن جي ھجوم جي دھشت سببان، کانئس ”دھشت“ لفظ بدران، ”وحشت“ لفظ اچارجي ويو هو. ان لحاظ کان، عارب سچ ڳالهايو هو.


(علي رضا قاضي جي ڪالم ”اسان جي ڦٽن تي لوڻ نه ٻرڪيو“، ڏيھاڙي ’پنھنجي اخبار‘ بتاريخ ۲۳ نومبر ۲۰۱۹ع منجھان کنيل)

No comments:

Post a Comment