Friday, December 16, 2016

سنڌي لوڪ ادب جو ڏهاڙو - ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو


سنڌي لوڪ ادب جو ڏهاڙو

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

اڄ سڄيءَ سنڌ ۾ سنڌي لوڪ ادب جو ڏهاڙو پھريون ڀيرو ملهايو پيو وڃي. اِن سلسلي ۾ مُختلف تقريبون رِٿيون ويون آهن. اِنهن تقريبن ۽ اڄوڪي ڏينھن بابت مُختصر تفصيل هِتي پيش ڪجن ٿا. هِن ڏينھن ملهائڻ جو وڏو سبب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لوڪ ادب ۾ ڪيل خذمتن کي مڃتا ڏيڻ، لوڪ ادب جي لاوارثي ختم ڪرڻ، اهميت اُجاڳر ڪرائڻ ۽ اِن کي ترقي ڏيارڻ وغيرهه آهي.

Saturday, December 3, 2016

جيڪي بيمارن جي ور چڙھيا، سي دوا ٿي ويا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


جيڪي بيمارن جي ور چڙھيا، سي دوا ٿي ويا

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

هڪڙو گدڙ، هڪڙي هاريءَ جي ڪمند جي پوک جو، ڏيھاڙي زيان ڪري ويندو هو. هاري به منجھانئس ڏاڍو اچي ڪڪ ٿيو. بيزار ٿي، پوک ۾ ڪوڙڪي لڳائي ڇڏيائين. گدڙ کي به کـُـٽيءَ کنيو، سو اچي اُتان لانگهائو ٿيو. اڃا ڪوڙڪيءَ مٿان پير رکيائين مس ته قابو ٿي پيو. ڦاسڻ لاءِ ته ڦاسي پيو، پر سر بچائڻ لاءِ اُپاءَ پڻ سوچڻ لڳو. آخر ٽَلَ سوچيائين؛ ”جنهن وقت هاري ايندو، اُن وقت دَت هڻي پئجي رهندس. ھاري، مئل سمجهي ڇڏي ڏيندو ۽ جان بچي پوندي.“

Sunday, October 9, 2016

لڙڪ نه لکڻ ڏين - ج ع منگهاڻي

لڙڪ نه لکڻ ڏين ...
ج ع منگهاڻي
سنڌ جي سورن جا طويل داستان اورڻ لاءِ وڏيون همٿون کپن، اهڙي دل کپي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ شاڪ پروف ته ضرور هجي، جيڪا لاشڪ ته مون وٽ ڪانهي، سو مُٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ.
شڪر آهي ڌڻيءَ جو  جنهن لطيف رح ڏانهن مهاڙ ڏيئي ڇڏي اٿم جنهن ۾ ونڌري_ جيئري آهيان.
سنڌ جي سورن جا ذميدار ڪير آهن؟ ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانهي هر ڪو ڄاڻي سمجهي ٿو؛ ”نڪ ۾ گراهه ڪير به نه هڻي.“
(سنڌ پهاڪو)

Wednesday, September 14, 2016

بادشاھيءَ جي قيمت - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

بادشاھيءَ جي قيمت، ھڪ مانيءَ کان مٿي ناھي. (تواريخي، چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سنڌ جي سخي حاڪم ڄام نندي وٽ، هڪ فقير اچي صدا هنئي؛ فقط هڪ مانيءَ جو سوال آهي!“
ڄام چيس؛ ماني معمولي شيءِ آهي. تون ڪا وڏي شيءِ گُهر.
فقير جواب ڏنس؛ اي سخي مرد! اسين فقير، هر ماڻهوءَ آڏو، سندس اوقات موجب صدا ھڻندا آهيون. اوهان جي سگهه ئي هڪ مانيءَ جيتري آهي، آ ان کان وڌيڪ ڇا گهران؟!“

Thursday, September 8, 2016

ڀل چُڪ معاف - حيات علي شاهه بخاري

ڀل چُڪ معاف
حيات علي شاهه بخاري
چوندا آهن ته؛ ”انسان غلطيءَ جو پتلو آهي“ ۽ ڪي وري چوندا آهن ته؛ ”انسان غلطيءَ جو گهر آهي.“ ڪيئن به هجي، پر انسان کان اڻ ڄاڻائي ۾ غلطيون ٿينديون آهن. ڄاڻائيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ٿيندو آهي، ان کي غلطي نٿو چئي سگهجي. اهو به درست آهي ته غلطيءَ جي ته معافي ٿيندي آهي، پر ڄاڻي واڻي ڪيل عمل جي معافي ڪا نه ٿيندي آهي. آ به عام انسان آهيان. ان ڪري مون کان به غلطيون ٿينديون آهن. انھن تي پڇتاءُ به ٿيندو آهي. آئينده لاءِ غلطي نه ڪرڻ جو عزم ڪري، ماڻهن جي دنيا جي پيهه ۾ هلڻ لڳندو آهيان.

Wednesday, August 10, 2016

ڀيڄ ڀٽائي - حيات علي شاهه بخاري

ڀيڄ ڀٽائي
حيات علي شاهه بخاري
ڪيترا پهاڪا ۽ چوڻيون اهڙيون آهن، جن سان آئون سهمت ناهيان. مطلب ته مون کي انهن جي معنيٰ يا مطلب کان انڪار آهي. جيئن چوندا آهن ته؛ ”مولا وسائي مينهن ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان.“ ان سان به سهمت ناهيان. ڇو ته مينهن پوڻ سان سچا ته ويچارا ڏچي ۾ هوندا آهن، پر ڪوڙا به ويل ۾ هوندا آهن. ڪو پاڻ کي مينهن کان بچائڻ ۾ مصروف هوندو، ڪنهن کي پنهنجي گهر کي بچائڻ جي لڳل هوندي، ڪو گهر ۾ يا گهٽيءَ ۾ بيٺل پاڻي ڪڍڻ ۾ لڳو پيو هوندو. شهري ٿوري مينهن مان بيزار ٿي ويندا آهن. پر ڳوٺاڻا ڪڏهن به مينهن کان بيزار ناهن ٿيندا. ڏٺو وڃي ته شهرين جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻا مينهن جي ڪري وڌيڪ ڏچي ۾ هوندا آهن. پوءِ به وڏي واڪي چوندا آهن ته؛ ”ڀيڄ ڀٽائي! ڪر ملڪ مٺائي!“ ڀيڄ ڀٽائي واري ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي، پر مينهن ۾ ملڪ مٺائي واري ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. ڇو جو مينهن ۾ گپ هوندي آهي. ڇتيون ۽ منهه پيا ٽمندا آهن. بجلي جيڪا عيد براد تي ڳوٺاڻن کي نصيب ٿيندي آهي، سا مينهن ۾ موڪلائي هلي ويندي آهي ته وري ورڻ جي ڪا نه ڪندي آهي. ان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي. عابد شير علي جون خبرون ٻڌون ٿا ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪو ڊيزل وارو جنريٽر هجي، جيڪو ماڻهن جو سُک ڦٽائيندو هجي. فيس بڪ تي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ تصوير نظر آئي، جنهن ۾ ڪنهن ملڪ جو سربراهه پارليامينٽ جي ميمبرن آڏو ڪنڌ جهڪايو بيٺو هوندو آهي. تصوير هيٺان لکيل هو ته فلاڻي ملڪ ۾ ويهن منٽن لاءِ بجلي نه هئڻ ڪري اتان جو سربراهه پارليامينٽ آڏو 20 منٽن تائين ڪنڌ جهڪائي سزا طور بيٺو رهيو. اسان وٽ وري ان جي بلڪل ابتڙ آهي. خير ڳالهه مينهن يعني برسات کان شروع ٿي هئي، ان ڪري ان ڳالهه جو ئي ذڪر ٿيڻ گهرجي. جڏهن مينهن جا ڦڙا ڌرتيءَ تي ڪرندا آهن ته سڪل مٽي ڀِڄي پوندي آهي ته ان مان هڪ اهڙي سرهاڻ اُٿندي آهي جو ڇا کڻي چئجي. ان جو هڪ سبب اِهو به ٿي سگهي ٿو ته انسان مٽيءَ مان ٺهيو آهي، مٽي آهي ۽ مٽيءَ ۾ وڃڻو اٿس ته کيس مٽيءَ جي خوشبوءِ خمار ڏئي ڇڏيندي.

Sunday, July 10, 2016

جي ٽوپي ڪري ٽانءِ، ته به پڳ برابر نانھ - منظور ڪوھيار

جي ٽوپي ڪري ٽانءِ، ته به پڳ برابر نانھ
منظور ڪوھيار
مونکي اهو دؤر ياد ٿو اچي، جڏهن ڳوٺ ۾ پڳ يا پٽڪي جي وڏي اهميت هئي. پٽڪو يا پڳ معتبرائپ ۽ ماڻهپي جي علامت هئي. ڇڙواڳ ۽ لُچ کي ’پٽڪي لٿو‘ سڏيو ويندو هو. پڳ يا پٽڪي جا به الاهي قسم هيا. انهن پڳن ۽ پٽڪن کي ڏسي ماڻهوءَ جي ذات زمات، علائقي ڌرم، فرقي يا حيثيت جي خبر پئجي ويندي هئي. مثلن قنبر جي اولھ ۾ رهندڙ قبيلن جي پٽڪي جو ڀير پنهنجو هوندو هيو. مون ڏٺو هيو ته چانڊين، بڙڌين، لاکن، لاشارين، ڪلهوڙن، آچن، نائچن، مگسين ۽ جوڻيجن جي پٽڪن يا پڳن جو ڀير هڪ جھڙو هوندو هيو ۽ اهي عمومن سفيد رنگ يا بوسڪي ڪپڙي جا ترڪن جي ڪلاسيڪل دؤر جي پٽڪن جيان ٻڌل هوندا هيا. ڪپڙي جي ڊيگھ ستن گزن کان گھٽ نه هئي. جي زومائتي لوڙھ (لوهي پٽن سان جڙيل لٺ) لڳي ته اثر ئي نه ٿئي. مون هڪ دفعي لٺ جھيڙو پنهنجي سامهون ڇڙائي پيسائي واري مشين تي ٿيندي ڏٺو. جن کي پٽڪا ٻڌل هيا، تن جا مٿا بچي ويا، جن کي ٽوپيون پاتل هيون، تن کي مٿن ۾ نايون هيون، ايڏي رت جو ڪتا نه چٽين...

Sunday, June 19, 2016

ٿر جي سڪار ۽ ڏڪار بابت پهاڪا ۽ چوڻيون - مشڪور ڦلڪارو

ٿر جي سڪار ۽ ڏڪار بابت پهاڪا ۽ چوڻيون
مشڪور ڦلڪارو
انسان جي فطرت آهي ته هو مشاهدي جي دوران اگر ڪو اهڙو مشاهدو ڪري ٿو، جنهن جو عڪس هن جي دماغ تي چٽجيو وڃي، ته پوءِ هو اڪيلائيءَ ۾ انهيءَ ڳالهه تي ويهي پهه پچائيندو ۽ سوچيندو آهي. ڇاڪاڻ ته انساني دماغ  پنهنجي سوچڻ جو عمل ڪنهن به حالت ۾ بند نه ڪندو آهي. انسان جو دماغ جڏهن سوچڻ بند ڪندو آهي ته ان جو موت واقع ٿي ويندو آهي. ننڊ ۽ موت ۾ فرق صرف اهو آهي ته، ننڊ ۾ انسان جو دماغ سوچيندو آهي ۽ موت اچڻ بعد دماغ سوچڻ بند ڪندو آهي. ماڻهو جڏهن پهه پچائيندي، ڪنهن نتيجي تي پهچندو آهي ته پنهنجي پر ۾ مطمئن ٿيڻ بعد هو اها ڳالهه زبان تي آڻي ٻين کي ٻڌائيندو آهي. ائين ڳالهه وڌندي پهه کان پهاڪي ۾ تبديل ٿيندي آهي. ائين ئي پهاڪي جي وصف وڃي ائين بيهندي ته، پهاڪو اهڙي جملي کي سڏيو ويندو آهي؛ جيڪو ڪنهن واقعي يا حالت کان متاثر ٿي چيو وڃي. پوءِ اهڙي حالت جي بار بار اچڻ تي اهو جملو دهرايو وڃي. ائين هلندي هلندي اهو هر ماڻهوءَ جي زبان تي اچي وڃي.

Saturday, April 30, 2016

شهري ڪهاڻيون - منظور ڪوھيار

شهري ڪهاڻيون

منظور ڪوھيار

ڪراچي
اونڌاين جو شهر ۽ چمڙن جو راڄ

حيدرآباد
هڪ حصو آباد
۽ ٻيو برباد

سکر
هڪ فريب، ٻيو مڪر
هيٺان درياه. مٿي ٽڪر

Saturday, April 9, 2016

ڪھاوتون - علامه نياز فتحپوري/ انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪھاوتون
علامه نياز فتحپوري
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
دنيا منجھ، ڪا به اھڙي ٻولي ناھي، جنھن ۾ ڪھاوتون يا چوڻيون نه ھجن ۽ ان ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ، اھي استعمال نه ڪندا ھجن. جڏھن ته نه رڳو ڳاڻيٽي جي حساب سان بلڪ نوعيت جي لحاظ کان به ايترو ته ججھي انداز ۾ ملن ٿيون جو انساني زندگيءَ جو ڪو اھڙو پاسو نه ٿو رھي جنھن تي حاوي نه ھجن. عورتن جون چوڻيون، ٻارن لاءِ پھاڪا، ڪمين ڪاسبين بابت ضرب الامثال. اھڙيءَ طرح امير ۽ فقير، جاھل ۽ عالم، شاھ ۽ گدا، ڏاھو ۽ بيوقوف، مڙني طبقن جون ڪھاوتون اسان کي ادب ۾ ملن ٿيون. حيرت ان ڳالھ تي وٺيو ٿي وڃي ته ايڏو وڏو ذخيرو ڪيئن وسريل رھيو آھي. ھاڻي اسان ان کي، ادب جي ڪھڙي صنف ۾ جاءِ ڏيون.

Tuesday, March 29, 2016

پھاڪا پراڻا، ارٿ نوان - پروفيسر ھيرو شيوڪاڻي

پھاڪا پراڻا، ارٿ نوان
سنڌي ٻوليءَ جي شاھوڪاري
پروفيسر ھيرو شيوڪاڻي


پھاڪا ۽ محاورا، ڪنھن به ٻوليءَ جا، ڳھڻا ھوندا آھن. جيئن زيور يا ڳھڻا عورت جي سونھن ۽ شخصيت کي وڌيل نکاريندا ۽ سنواريندا آھن، تيئن بيان ۽ اظھار ۾، جيڪڏھن انھن جو صحيح ۽ پورو اُپيوگه ڪجي تهپھاڪا به وڌيڪ اثر ۽ رس پيدا ڪن ٿا.
سنڌيءَ سميت ھر ھڪ شاھوڪار ڀاشا ۾ انھن پھاڪن ۽ چوڻين جو وڏو خزانو سانڍيل آھي. صدين کان اھي پھاڪا ۽ اصطلاح ٻوليءَ ۾، پاڻ مرادو، انام مگر ڏاھن ماڻھن جي آزمودي مان اھي املھ ماڻڪ ايندا رھيا آھن. اسان جي سنڌي زبان ۾ اھڙن پھاڪن جو اڻ ميو خزانو آھي. اندازي موجب سڀ کان پھرين ۱۸۹۲ع ۾ روچيرام گجومل گڏ ڪري ٻن ڀاڱن ۾ ”سنڌي پھاڪا“ ڪتاب پڌرو ڪيو. ٻنھي ڀاڱن ۾ اٽڪل اٺ سؤ کن پھاڪا معنى سان ڏنل آھن. ديوان ڪيولرام سلامتراءِ جو سنگرھ ”گل شڪر“ ۱۹۰۵ع ۾ شايع ٿيو ته ڀيرومل جو ڪتاب ”گل قند“ وري ۱۹۲۸ع ۾ محاورن جو آھي. ساڳيءَ طرح سنڌي زبان جي آفتاب مرزا قليچ بيگ ”پھاڪن جي حڪمت“ ۱۹۲۵ع ۾، اٺ سؤ کن پھاڪا سھيڙيا آھن. ھيءُ ڪجھ چونڊ ڪتاب آھن. ائين ته ٻين به گھڻن اڀياسين ۽ ماھرن پھاڪن جا ڪتاب شايع ڪرايا آھن. خاص طور ھتي ڀارت ۾ سترامداس ’سائل‘ ۽ ليکراج عزيز جا سنگرھ به اھم آھن. پر ھتي مقصد منھنجو پھاڪن ۾ سمايل حڪمت (سياڻپ) جو جوھر پڌرو ڪرڻ کان سواءِ ڪونھي. اڄ ھزارين سال جھوني سنڌي ٻوليءَ جي انھن پھاڪن جي معنى ۽ اھميت تي ٿوري روشني وجھڻ سان گڏ، اڄ زماني جي تبديل سان انھن جي ارٿ ۾ آيل نواڻ ۽ بدلاءُ يا ماڳھين مختلف ارٿ کان، ٻوليءَ جي چاھڪن کي واقف ڪرڻ جو آھي. ظاھر آھي ٻولي، ان جا لفظ، فقرا خود سماج مان پاڻ مرادو جنم وٺندا آھن. سپجندا آھن ته وقت جي رفتار سان سماج جي سوچ ۾ تبديل، سمجھ جي وڪاس سان گڏ انھن ۾ به بدلاءُ اٽوٽ آھي.

Saturday, March 12, 2016

Wednesday, February 24, 2016

چپٽين جو پورهيو ڇڏي، رڪ سان راند نه ڪجي - منظور ڪوھيار

چپٽين جو پورهيو ڇڏي، رڪ سان راند نه ڪجي
منظور ڪوھيار
هڪڙو هو حجم. سو لاباري جي مند ۾ پنهنجي آهتين ڏانهن سنبريو، ته جيئن سندن وار سنوار به ڪري اچي ۽ ڪجھ ان، ڌن ۽ سيڌو سامان به وٺي اچي. زال کي چيائين ته ٻن هفتن کانپوءِ موٽندس. سو جيڪو چوندينءَ ته تنهنجي لاءِ اهو به وٺيو ايندس، جو هيل ملڪ ۾ فصل به ڀلو لٿو آهي.

Thursday, February 4, 2016

سي چلولا چئجن، جي در در لائين دوستي - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ


سي چلولا چئجن، جي در در لائين دوستي!

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

هيءُ هڪ مشهور پهاڪو آهي ته ”سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي“ معنيٰ ته چڱي صحبت ۾ فائدو ۽ بريءَ صحبت مان نقصان حاصل ٿئي ٿو.

Saturday, January 30, 2016

سرائيڪي محاورا، چوڻيون ۽ پھاڪا - علي حسان - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


سرائيڪي محاورا، چوڻيون ۽ پھاڪا

ليکڪ: علي حسان

مترجم: انجنيئر عبدالوھاب سھتو

انھيءَ لاءِ نه جو سرائيڪي يا رياستي، منھنجي مادري ٻولي آھي (رياستي بھاولپور ۾ ڳالھايو ويندڙ لھجو آھي جڏھن ته سرائڪي عام طور تي ملتانيءَ کي سڏيو ويندو ھيو. قصو ڪوتاھ، ھاڻي ھر علائقي جو لھجو ھڪ ٻئي جي ويجھو ايندو ٿو وڃي) بلڪ ڪيترين ٻڌندڙن کان ٻڌو آھي ته سرائيڪي ٻڌڻ ۾ مٺڙي لڳندي آھي. ھاڻي خبر ناھي ته سچ پچ ائين آھي به يا اھا ڳالھ ائين ٺھي وئي آھي. ليڪن انھيءَ باري ۾ ته پنھنجو مولانا جنيد جمشيد به چئي چڪو آھي ته ڄمون رنگ چپ سرائيڪي ڳالھائين ۽ ڪنن ۾ رس ڀرين.


آش نخورده و دهن سوخته - الطاف شيخ


آش نخورده و دهن سوخته

(سوپ به نه پيتو، وات به سڙيو)

الطاف شيخ

اسان جي اسڪولي ڏينهن ۾ عربي يا فارسي آپشنل سبجيڪٽ هوندو هو، آئون نه فارسي پڙهيس نه عربي، پر هاڻ هتي ايران ۾ اچي اهو اندازو لڳايو اٿم ته فارسي بيحد مٺي ۽ وسيع زبان آهي، جنهن ۾ بي پناهه لٽريچر آهي. اهي خوش نصيب آهن جن کي فارسي اچي ٿي. فارسي جا اهي اديب يا شاعر جن جا اسين انگريزي، اڙدو يا سنڌي ۾ ترجمو پڙهون ٿا، فارسي سمجهڻ وارا هنن کي اصل زبان ۾ پڙهڻ جو لطف وٺن ٿا. مون کي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ ڏهه سال کن نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ ملئي زبان سکي ورتم. اڄ اهوئي سوچي رهيو آهيان، ته انهن ئي ڏينهن ۾ ايران جي مئرين اڪيڊمي ”ڇابهار“ ۾ به مون کي ساڳيو جاب مليو هو، جتي نوڪري ڪرڻ سان فارسي سکي وڃان ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملئي زبان ملائيشيا کان علاوه ڏکڻ ٿائلينڊ، ڏکڻ فلپين، انڊونيشيا ۽ برونائي ۾ به ڳالهائي وڃڻ ڪري انهن هنڌن تي مون جهڙن کي گهمڻ ڦرڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي ۽ فارسي زبان فقط ايران ۾ ڳالهائي وڃي ٿي پر ڇا ته فارسي زبان ۾ ڪتاب ۽ لٽريچر آهي! نه رڳو ايراني اديبن جا فارسي ۾ڪتاب پر اسان جي ننڍي کنڊ جي به ڪيترن ئي ماڻهن ڊاڪٽر اقبال کان سچل سرمست تائين جي شاعري ۽ ادب جا ڪتاب فارسي ۾ ملن ٿا. دراصل فارسي زبان ملئي کان به گهڻن ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جيئن ته آذربائيجان، افغانستان، اولهه عراق، ازبڪستان ترڪمانستان وغيره، پر جيئن ته انهن ملڪن کي نه بندرگاهه آهن ۽ نه اوڏانهن پاڻي جا جهاز وڃي سگهن ٿا، ان ڪري اسان جهاز هلائيندڙن جو انهن ملڪن سان واسطو نه ٿي سگهيو. بهرحال هاڻ هتي ايران جا مدرسا، يونيورسٽيون، ميوزيم گهمندي، ڪنهن عالم، ڪنهن پروفيسر يا هڪ يا عام ماڻهو کان ڪو فارسي جو شعر، اصطلاح يا ڪو پهاڪو يا چوڻي ٻڌان ٿو ته غور سان ان جي معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ۽ ڪيتريون شيون ته نوٽ ڪندو وڃان ٿو، خاص ڪري پهاڪا ۽ چوڻيون جن سان مونکي ننڍپڻ کان دلچسپي آهي. جپان، چين ۽ ملائيشيا جن ملڪن ۾ منهنجو تمام گهڻو وڃڻ ۽ رهڻ ٿيو انهن جي پهاڪن جو انگريزي ۾ ڪتابProverbs of Far East  نالي اڄ کان ويهه سال کن اڳ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته ڇپيو هو، جنهن جا پيش لفظ ملئي اديب ڪرس ماس ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جا لکيل آهن. پهاڪن ۽ چوڻين جو هڪ ٻيو ڪتاب ”رٺي آهي گهوٽ سان“ ڏهه سال کن اڳ حيدرآباد ۾ ڇپيو جنهن جا پيش لفظ سنڌ يونيورسٽي جي ڊين ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو صاحب لکيا.

Wednesday, January 27, 2016

سنڌي ادب ۾ اصطلاحن جو استعمال - مجاھد حسين سولنگي

سنڌي ادب ۾ اصطلاحن جو استعمال
مجاھد حسين سولنگي
ٻوليءَ جي اهميت، ڪارج، خوبين ۽ خاصيتن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ هڪ بھترين تشبيهه وڻ جي آهي، جيئن وڻ لاءِ ٻج، پاڙ، ٿڙ، پن، ٽاري، گل ۽ ميوو. جھڙيءَ ريت ٻوٽي جي بيان ۽ تشريح لاءِ علمِ نباتات، علمِ ڪيميا ۽ علم الارضيات وغيره جي مطالعي ۽ مشاهدي جي ذريعي، ٻوٽي جو گهڻ پاسائون جائزو بيان ڪري سگهجي ٿو، بلڪل ساڳيءَ طرح ٻوليءَ ۾ ڪجهه اهڙن علمن ۽ ذيلي علمن جا گڏيل سرشتا سندس بيان ۽ تشريح لاءِ ڪتب آندا وڃن ٿا. انھن علمن ۾ علم اللسان، حياتيات، طبيعات، عمرانيات، نفسيات سان گڏوگڏ ذيلي لساني علم، علم صرف، علم نحو، علم معاني، علم عروض، علم بيان ۽ صنايع ۽ بدايع وغيره گڏجي ٻوليءَ جي وڻ جو گهڻ پاسائون تجزيو ڪن ٿا. ٻوليءَ جي اهڙي رنگين جھان ۾ علم ڪلام جو سدا بھار وڻ به شامل آهي، جنھن ۾ ڪلام (ٻولي) جي سونھن، سندرتا، سٺي سڀاءَ ۽ حسن بيان جا بي بھا گل ڦل موجود آهن، جن سان ڪو به انسان پنھنجي ڪلام جي باغ کي ڪمال تائين پھچائي سگهي ٿو. علم ڪلام جا اهي بي بھا گل ڦل ۽ ميوا علم نحو، علم صرف، علم معاني، فصاحت، بلاغت، سلاست، صنايع، بدايع، پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، محاورا، ورجيسيون ۽ ترڪيبون وغيره آهن، جيڪي ڪلام جي حسن ڪمال لاءِ ڳهه آهن. اڃا جيڪڏهن ڪلام ۾ موزونيت، جوش، جذبو، اثر، وزن پيدا ڪرڻو هجي يا وري راز نياز، ڳجهه ڳوهه ۾ بيان ڪرڻو هجي ته پوءِ علم معاني ۽ ان ۾ ڦير پيدا ڪندڙ اصطلاح، محاورا، ڪنايا، استعارا ۽ تشبيھون وغيره نظر ۾ رکڻيون پونديون آهن.