بادشاھيءَ جي قيمت، ھڪ مانيءَ کان مٿي ناھي. (تواريخي، چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
سنڌ
جي سخي حاڪم ڄام نندي وٽ، هڪ فقير
اچي صدا هنئي؛ ”فقط هڪ مانيءَ جو سوال
آهي!“
ڄام چيس؛ ”ماني
معمولي شيءِ
آهي. تون ڪا وڏي شيءِ گُهر.“
فقير
جواب ڏنس؛ ”اي
سخي مرد! اسين فقير، هر
ماڻهوءَ آڏو، سندس اوقات موجب صدا
ھڻندا آهيون. اوهان جي سگهه ئي هڪ مانيءَ
جيتري آهي، آ ان
کان وڌيڪ ڇا گهران؟!“
انهيءَ جملي تي ڄام
نندي خار کائيندي چيس؛ ”فقير! آ بادشاهه
آهيان. منهنجي در تي، ڏيھاڙي الائي ڪيترا فقير اچن ٿا ۽
پيٽ ڀري ماني کائين ٿا. تون ڪو
بيوقوف آهين جو منهنجي طاقت کي، فقط هڪ مانيءَ برابر ٿو سمجھين.“
فقير
کلندي چيس؛ ”بادشاه
سلامت! اجايو مون فقير تي ناراض نه ٿيءُ. مون کي اھو ٻڌاءِ ته تو وٽ
هر شيءِ، جھڙوڪ؛ سون،
چاندي، هيرا، جواهر، قيمتي ويس وڳا موجود هجن،
پر کائڻ لاءِ مانيءَ جو ٽڪر
نه هجئي.
تو کي بک بيحال ڪري ڇڏي. ان وقت ڪو
ماڻهو اچي تو کي چوي؛ اگر اڌ بادشاهيءَ جو مون
کي ڏين ته آ تو کي هڪ ماني کائڻ لاءِ
ڏيان. ڇا تون اهو سودو منظور ڪندين؟!“
ڄام
نندي چيس؛ ”هائو!“
مٿان فقير پڇيس؛ ”جيڪڏهن تون اها ماني کائين ۽
تنهنجي هاضمي جو نظام خراب ٿي پوي. تنهنجو پيٽ ڦوڪجي وڃي.
تون سخت تڪليف ۾ وٺجي وڃين. سور ۾
دانهون ڪرڻ لڳين. ان وقت ڪو حڪيم اچي تو کي چوي ته؛
بادشاهه سلامت! جيڪڏهن مون کي اڌ بادشاهيءَ جو لکي ڏين ته آ
تنهنجو علاج ڪريان. ڇا تون ايئن ڪرڻ لاءِ آماده ٿيندين؟“
ڄام
نندي چيس؛ ”زندگيءَ کان مٿي، بادشاهي
آهي ڇا؟“
فقير
مرڪندي چيس؛ ”بادشاهه سلامت! تو کي تنهنجي اوقات جي قيمت معلوم ٿي وئي. هڪ مانيءَ کان
مٿي ناھي. ھاڻي پنھنجي سگھ بابت ٻڌاءِ! ته ڇا آھي!؟“
مطلب؛ ۱.
مانيءَ جي پٺيان، سڄي دنيا ٿي ڊوڙي.
۲. مانيءَ کان سواءِ، ايمان به
اڌورو آهي.
۳. ان
آهي ته ايمان آهي.
ڦلڪارو،
م. ب. مشڪور؛ ٿر جي لوڪ ڏاھپ ۽ سائنس (سڪار ڏڪار بابت اڳڪٿيون، پھاڪا ۽ چوڻيون)،
لاڙ ھيومنيٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام. ۲۰۱۵ع. ص ۲۰۲
No comments:
Post a Comment