جيڪي بيمارن جي ور چڙھيا، سي دوا ٿي ويا
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
هڪڙو
گدڙ، هڪڙي هاريءَ جي ڪمند جي پوک جو، ڏيھاڙي زيان ڪري ويندو هو. هاري به منجھانئس
ڏاڍو اچي ڪڪ ٿيو. بيزار ٿي، پوک ۾ ڪوڙڪي لڳائي ڇڏيائين. گدڙ کي به کـُـٽيءَ کنيو،
سو اچي اُتان لانگهائو ٿيو. اڃا ڪوڙڪيءَ مٿان پير رکيائين مس ته قابو ٿي پيو. ڦاسڻ
لاءِ ته ڦاسي پيو، پر سر بچائڻ لاءِ اُپاءَ پڻ سوچڻ لڳو. آخر ٽَلَ سوچيائين؛ ”جنهن
وقت هاري ايندو، اُن وقت دَت هڻي پئجي رهندس. ھاري، مئل سمجهي ڇڏي ڏيندو ۽ جان بچي پوندي.“
صبح جو
جڏهن هاريءَ کي پريان ايندو ڏٺائين ته يڪدم دَت هڻي پئجي رهيو. هاري اچي ڏسي ته
گدڙ ڦاٿو ته بلائتو آهي، پر شايد مري ويو آهي. تنھن ھوندي به سندس ڳچيءَ ۾ رسو وجهي،
نار ڏي گهلي هلڻ لڳس.
رستي
تي هڪڙي ماڻهوءَ ھاريءَ کان پڇيو؛ ”ڇا گهليندو پيو وڃين؟“
جواب
ڏنائينس: ”ادا! هن گدڙ مون کي ڏاڍا ڏنجها ڏنا هئا. جي جيئرو هجي ها ته ڪـُـتن جي
بــڇ ڪرائي دل ٺاريان ها، پر نڀاڳو مري ويو آھي. گھليندو ٿو وڃانس نار تي، جيئن
اتي وڃي ڪتن آڏو اڇليانس.“
اُن
ماڻهوءَ چيس: ”يار! آءٌ گدڙ جي پڇ جو ڳولائو آهيان. پير ۾ اٿم ڪُڪرا. حڪيم ڏس ڏنو
اٿم، اگر گدڙ جو پڇ ملي ته ان منجھان دوا ٺھندي، جيڪا ڪُڪرن کي پاڙان پٽي ڇڏيندي. تون
به ڪتن آڏو ته ھھئين اڇليندينس. اگر جي مون کي موڪل ڏين ته پڇ ذرو وڍي وٺانس. ساري
عمر پيو دعائون ڪندوسانءِ!“
هاريءَ
اجازت ڏيندي چيس؛ ”ادا! بي ڌڙڪ، مئو ته اڳي ئي پيو آهي. جي تو کي ڪم اچي ته ڀلي
وڍينس.“
اتي
گدڙ دِل ۾ سوچيو؛ ”پڇ وڍجي وڃي ته وڃڻ ڏي، باقي سر ته بچي پوندو.... ڇا به ٿئي،
هرگز ڪين ڪـُـسڪندس. جان بچي ته نار تي ويٺل ڪتن سان به منھن ڏئي جان ڇڏائي ويندس.
حياتيءَ جا ڏکيا سکيا ڏينھن پيو ڪاٽيندس.“
اُهو
ماڻهو، گدڙ جو پـڇ وڍي ٿيو روانو.
هاري،
گدڙ کي گهليندو، اڃا ٿورو اڳتي هليو ته وري ٻيو ماڻهو گڏيس. جنهن پڇيس؛ ”ادا! هي ڇا
گهليندو پيو وڃين؟“
هاريءَ
اُن واٽھڙوءَ کي به گدڙ جو سڄو قصو ڪري ٻڌايو.
ٻئي
ھمراھ چيس؛ ”ادا هاري! مون کي گدڙ جي ڪنن جي سخت ضرورت آهي. مون کي ڪنن اندر اھڙي
بيماري لڳل آھي جو ڏس ڪري ڪري ٿڪجي پيو آھيان، جان نه ٿي ڇٽي. طبيب ڏس ڏنو اٿم،
گدڙ جو ڪن ھٿ ڪر! منجھانئس دوا ٺھندي، جيڪا ھڻڻ سان ڪنن جي بيماري ساري عمر لاءِ
رفع دفع ٿي ويندي. گدڙ تون مئو ته ھھئين ڪتن آڏو اڇليندين. پر جي مون تي ٿورو ڪرين
۽ اجازت ڏين ته ڪنُ وڍي وڃي علاج جو بلو ڪيان. ساري حياتي ويٺو تو کي به دعائون
ڏيان.“
هاريءَ
چيس؛ ”ادا! جيڪڏهن تو کي گدڙ جي ھڪ ڪن جي ڇا، ٻنھي ڪنن جي به ضرورت آهي ته ڀلي وڍي
وٺينس.“
گدڙ
تڏهن به پڪائيءَ سان ڇانھر ھڻندي دل ۾ چيو؛ ”ڪَنُ وڍجي وڃي ته خير آھي. ٻيو سر ته
بچي ويندو. جھان مٺو آھي. ھڪڙي ڪن سان پيا ان جا مزا ماڻبا. ڇا به ٿئي ڪن وڍجڻ تي
اصل ڪو نه ڪڇندس.“
ٻيو
ھمراھ به سندس ڪَنُ ڪپي ٿيو روانو.
هاري
وري گدڙ کي نوڙيءَ سان نار ڏي گھلڻ لڳو. اڃا ٿورو پنڌ اڳتي مس هليو ته ٽيون ڄڻو
گڏيس. ان به پڇيس؛ ”يار! ڇا کي ڇڪيندو پيو وڃين؟“
هاريءَ
جواب ۾ ان کي به ساڳيو احوال ٻڌايو.
”ادا
واھ جو ڪم ٿيندو!“ ان ھمراھ، مدعا پيش ڪندي چيس؛ ”سالن کان اک جو سور ڇڏي نه ٿو.
ڏس مليل اٿم؛ گدڙ جي اک جو. اگر اھا ملي وڃي ته منجھانئس سرمو ٺھندو. ھڪ ھڪ سرائي
ھڪ ھڪ اکي ۾ پائڻ سان اک جو دائمي سور ختم ٿي ويندو. تون به آخر، اھو ڪتن جو کاڄ
ڪندين. ھوند مون تي ٿورو ڪرين ته جيسين جھان پيو پسان، تو کي پيو دعائون ڏيان. مون
کي به اجازت ڏي ته گدڙ جي ھڪ اک ڪڍي وٺان.“
”ادا! مئي
گدڙ جي اک ڪا وڏي وٿ آھي جا تو کي ڪڍڻ کان جھليندس. ڪم اچئي ٿي ته ڪڍي وڃي پنھنجو
جھان ڪر!“ ھاريءَ چيس.
جنھن
تي گدڙ دل ۾ چيو؛ ”ھڪ اک وئي ته خير آھي. انڌي ٿيڻ کان بچي ويندس. ان سان به لڪي
لڪي پيو دنيا جا نظارا پسندس. اک وڃڻ تي به ھمت ھارڻي ناھي. ڇڙھ ڪري تماشو ڏسڻو
آھي.“
ٽئين
ھمراھ، چاقو کڻي، گدڙ جي اک ڪڍي ورتي ۽ پنھنجي راھ وٺي روانو ٿيو.
هاري گدڙ
کي اڃا اڳتي گھلڻ لڳو ته اڳيان چوٿون مڙس گڏيس. جنھن پڇيس؛ ”يار! ڪھڙي بلا کي پيو
گھليندو وڃين؟“
هاريءَ
جواب ۾ ساڳيو حوال ڏنس.
تڏهن چوٿين
چيس؛ ”واه واه! طلبئون ته مِلئون... دل جو عارضو اٿم. جان ئي نه پئي آجي ٿي. ڪيترن
ڏينهن کان گدڙ جي دل جو ڏس مليل هئم. مون ته ان لاءِ آسمان تي پئي ووڙ ڏني پر هٿ
نه پئي آيم. اڄ ته زمين تي پورو گدڙ، ٻڌو ھٿ ڏياريو اٿم. مئل گدڙ ھونئن ئي وڃي ڪتن
کي کاراييندين. اگر مون تي ٿورو ڪرين ۽ موڪل ڏين ته جيڪر دل ڪڍي وٺانس. ساري عمر
پيو تنھنجا ڳڻ ڳائيندس.“
هاريءَ
چيس؛ ”ادا! گدڙ مرڻي وٿ آھي. تون به وٺ، جيڪي کپئي سو ڪڍينس. تون جان بچاءِ. گدڙ
ھونئن به مون کي ڏاڍا راتاھا ڏنا ھيا. ائين ئي زيان ٿي ويندو. ان کان اگر ڪنھن جي
ڪارج ۾ اچي ٿو ته ويتر چڱو.“
چوٿون
ماڻهو، شاهي خنجر ڪڍي اچي گدڙ جي مٿان بيٺو.
”هاءِ
هاڻ مري وياسين! بکين بيمارن جي ملڪ ۾ اجايو آياسين.“ گدڙ پنھنجي مٿان جھليل خنجر کي
ڏسندي رڙ ڪئي ۽ وڌيڪ چيو؛ ”بيمارن جي ور چڙھياسين، دوا ٿي وياسين.“
مطلب:
1.1
جيڪي بيمارن جي ور چڙھيا، سي دوا ٿي ويا.
1.2
حرام مال جا حصيدار، گھڻا ٿيندا آھن.
1.3
چوريءَ جي مال ۾، ھر ڪنھن جي سڌ ٿيندي آھي.
1.4
لالچي ۽ بيمار ماڻھو، ٻين جي خون جو پياسي ٿيندو آھي.
No comments:
Post a Comment