سرائيڪي محاورا،
چوڻيون ۽ پھاڪا
ليکڪ:
علي حسان
مترجم:
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
انھيءَ لاءِ نه جو سرائيڪي يا رياستي، منھنجي مادري ٻولي آھي (رياستي
بھاولپور ۾ ڳالھايو ويندڙ لھجو آھي جڏھن ته سرائڪي عام طور تي ملتانيءَ کي سڏيو
ويندو ھيو. قصو ڪوتاھ، ھاڻي ھر علائقي جو لھجو ھڪ ٻئي جي ويجھو ايندو ٿو وڃي) بلڪ
ڪيترين ٻڌندڙن کان ٻڌو آھي ته سرائيڪي ٻڌڻ ۾ مٺڙي لڳندي آھي. ھاڻي خبر ناھي ته سچ
پچ ائين آھي به يا اھا ڳالھ ائين ٺھي وئي آھي. ليڪن انھيءَ باري ۾ ته پنھنجو
مولانا جنيد جمشيد به چئي چڪو آھي ته ڄمون رنگ چپ سرائيڪي ڳالھائين ۽ ڪنن ۾ رس
ڀرين.
