Wednesday, February 24, 2016

چپٽين جو پورهيو ڇڏي، رڪ سان راند نه ڪجي - منظور ڪوھيار

چپٽين جو پورهيو ڇڏي، رڪ سان راند نه ڪجي
منظور ڪوھيار
هڪڙو هو حجم. سو لاباري جي مند ۾ پنهنجي آهتين ڏانهن سنبريو، ته جيئن سندن وار سنوار به ڪري اچي ۽ ڪجھ ان، ڌن ۽ سيڌو سامان به وٺي اچي. زال کي چيائين ته ٻن هفتن کانپوءِ موٽندس. سو جيڪو چوندينءَ ته تنهنجي لاءِ اهو به وٺيو ايندس، جو هيل ملڪ ۾ فصل به ڀلو لٿو آهي.


زال کان موڪلائي، ڀاني کڻي پنهنجي آهتين وٽ پهتو. ڪنهن جا وار، ته ڪنهن جي سونهاري ٺاهيائين. ڪنهن جو مٿو ڪوڙيائين، ته ڪنهن جا بغل لاٿائين. ڪنهن جا نُنهن، ته ڪنهن جي ڦٽ ڦرڙيءَ جو علاج ڪيائين. نيٺ پندرنهن ڏينهن کانپوءِ سامان جي گاڏي ڀرائي گھر پهتو.
جوڻهنس ڏسي خوش ٿي، جو سندس لاءِ جتي، جوڙو، سڳي، سرمو، مساڳ؛ مطلب ته غريباڻي حال مطابق سڀ ڪجھ آندو هيائين. ٿي رات ته مائي سوچيو، ته جوان مڙس کي راضي پرسن ڪري. پر پنهنجا غير ضروري وار ڏسي پريشان ٿي وئي. هاڻي سوچيائين ته هن وقت ڪهڙي خاڪ ۽ ٻيرچو کڻي چپٽين جو پورهيو ڪري. وقت به گھڻو لڳندو. گھر ۾ پاڪيون ته کوڙ پيون آهن، ڇو نه انهن مان هڪ کي استعمال ڪري. سو ويچاري پاڪيءَ جو ته استعمال ڪيو، پر ٽُڪو اچي ويس. رتو رت ٿي وئي. سور کان سُوسٽَ پيا نڪرنس. مڙس جو پڇيس، ته پيرائتي ڳالھ ڪري ٻڌايائينس. مڙس ڪاوڙ مان چيس، ته ”رَن! تو کي ڪنهن چيو، ته چپٽين جي پورهيو ڇڏي رُڪَ سان راند ڪر.
مطلب:
جنهن کي جيڪو ڪم ڏانءُ اچي، اهو ئي ڪري.


No comments:

Post a Comment