ڀل چُڪ معاف
حيات علي شاهه بخاري
چوندا
آهن ته؛ ”انسان غلطيءَ جو پتلو آهي“ ۽ ڪي وري چوندا آهن ته؛ ”انسان غلطيءَ جو گهر
آهي.“ ڪيئن به هجي، پر انسان کان اڻ ڄاڻائي ۾ غلطيون ٿينديون آهن. ڄاڻائيءَ ۾ جيڪي
ڪجهه ٿيندو آهي، ان کي غلطي نٿو چئي سگهجي. اهو به درست آهي ته غلطيءَ جي ته معافي
ٿيندي آهي، پر ڄاڻي واڻي ڪيل عمل جي معافي ڪا نه ٿيندي آهي. آ به عام انسان آهيان.
ان ڪري مون کان به غلطيون ٿينديون آهن. انھن تي پڇتاءُ به ٿيندو آهي. آئينده لاءِ
غلطي نه ڪرڻ جو عزم ڪري، ماڻهن جي دنيا جي پيهه ۾ هلڻ لڳندو آهيان.
رات جي مانيءَ کي ڇا چئجي؟
هڪ
ڀيري ڪجهه دوست سنڌي ٻوليءَ جي ٺيٺ لفظن بابت ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
هڪ چيو
ته؛ ”ناشتي کي سنڌي ۾ نيرن چوندا آهن، منجهند جي مانيءَ کي مانجهاندو، ڀلا رات جي
مانيءَ کي ڇا چئجي؟“
اُتي
موجود هڪ دوست چيو ته؛ ”رات جي مانيءَ کي راتاهو چوڻ کپي.“
سڀني
کان ٽهڪ نڪري ويو.
گدام لفظ جو اصل ڇا آھي؟
اسان
ڪافي لفظ چوندا آهيون، پر انهن جي معنيٰ مطلب کان واقف ناهيون هوندا. ڪافي شين جي
نالن جي پسمنظر جي به خبر ناهي هوندي. گدام کي انگريزي ۾ ”گو ڊائون“ يعني هيٺ وڃ
چئبو آهي. ان جو ثبوت حيدرآباد جي هيرآباد واري علائقي ۾ هندن جي جوڙايل جاين کي
ڏسندا ته گهر جي هيٺان ڪمرا ٺهيل هوندا، جن ۾ اڄڪلهه غريب غربو رهي ٿو. اهي گدام
يا ”گو ڊائون“ آهن. پر ٿيندو هيئن آهي ته گهر جي ڇت تي گدام ٺهرائي چيو ويندو آهي
”گو ڊائون“.
ڦلترو لفظ ڇا منجھان ماخوذ آھي؟
هڪ
اُگري قسم جو لفظ اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي؛ ”ڦلترو“. اهو انگريزي ٽرم ”پُل ٿرو“ جي
بگڙيل صورت آهي.
(ان جي
تفصيل ۾ وڃڻ نٿو چاهيان، جو هي ڪالم اهڙين ڳالهين کي هضم ڪري ڪو نه سگهندو. باقي
ها حڪيم نذير احمد شيخ، ڀائو مٺل جسڪاڻي، مير اعظم ٽالپر، حاجي صفر يا ڪو ٻيو ان
جي گهرائيءَ تائين وڃي، مقصد حاصل ڪري ته مون کي ضرور ٻڌائي. ”بات هي عقل ڪي“.)
لامبٽ لفظ اصل ۾ انگريزيءَ وارو ٽرم ”لان برڊ“ آھي.
ڪافي
وقت کان، ٽنڊي باگي واري مير خدا بخش ٽالپر جي باري ۾ ٻڌاندا هئاسين ته کيس ”مير
لامبٽ“ چوندا آهن. مون ڪافي عقل ڊوڙايو ته ان لفظ جو اصل مقصد حاصل ڪريان. عقل
ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو، پر مقصد حاصل نه ٿيو.
هڪ
ڀيري ان علائقي جي رهواسي اشرف راهوڪڙي سان ’مير
لامبٽ‘ واري لقب بابت ڳالهه ٻولھ ٿي. هن ٻڌايو ته؛ ”مير خدا بخش ٽالپر کي،
مير لامبٽ ضرور چوندا هئا. پر اهو اصل انگريزي ٽرم جي بگڙيل صورت آهي. اصل ۾ ڇا هو
جو، جڏهن به ڪو انگريز ڪامورو، مير صاحب سان ملڻ ايندو هو ته کيس اڪثر ٻڌايو ويندو
هو ته؛ ’مير صاحب لان ۾ ويٺو آهي.‘ مير صاحب جي گهڻو ڪري لان ۾ ويهڻ واري عمل
سببان، انگريزن مٿس نالو رکيو ”لان برڊ“ يعني ”لان جو پکي“، جيڪو هر وقت لان ۾
هوندو آهي. ان لفظ ”لان برڊ“ کي مهربانن بگاڙي ”لامبٽ“ ڪري ڇڏيو، جيڪو نالو اڄ به
سڏجي پيو.“
ڏي جواب وٺ جواب
اڄ
گاڏڙ ساڏڙ ڳالهيون دماغ ۾ پيون اچن. ان ڪري ترتيب تي ڌيان نه ڏيندا. ڳالهه مان
جيڪا ڳالهه نڪري ان تي فڪر به نه ڪندا ۽ ذڪر به نه ڪندا. ها ته ڳالهه پئي ڪيم ته
جيئن منهنجو لاڳاپو ”عبرت“ اخبار سان آهي. ان ڪري مختلف ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ڪم سان
يا وري نمائندا خبرن لاءِ فون ڪندا آهن. هڪ ڀيري فون جي گهنٽي وڳي. هڪ قومپرست
پارٽيءَ جي دوست چيو ته اوهان جي اخبار ۾ اسان جون خبرون نه ٿيون لڳن. مون کيس پڪ
ڏياري ته آئينده اوهان کي شڪايت ڪا نه رهندي. مون ڳالهين ۾ کانئس نالو پڇيو.
”منهنجو
نالو ’راجا ڏاهر‘ آهي.“ موٽ ۾ جواب ڏنائين ۽ مٿان مون کان پڇيائين؛ ”اوهان ڪير
صاحب پيا ڳالهايو.“
مون به
ٺهه پهه جواب ڏنس ته؛ ”مان ’محمد بن قاسم‘ پيو ڳالهايان.“
همراهه
وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ سندس خبرن نه شايع ٿيڻ واري ڪاوڙ ختم ٿي وئي.
فروٽ ڪيڪ يا فروٽ ۽ ڪيڪ
ڳالهه
مان ڳالهه ٿي نڪري ته هڪ ٻيو دلچسپ قصو ٻڌائيندو هلان.
ريڊيو
حيدرآباد جو محمد انور هڪڙو پروڊيوسر هوندو هو. کيس مٺو نالي پٽيوالو مليل هو. ٺيٺ
اترادي لهجو، پر پيار محبت ۽ هر ڪنهن سان عزت سان پيش اچڻ ڪري هر ڪو کيس ڀائيندو
هو.
هڪ
ڀيري انور هڪڙي صاحب، ڪنهن ڊرامي جي ريهرسل پئي ڪئي ۽ فنڪارن لاءِ بامبي بيڪري! جو
ڪيڪ گهرائڻو هو. مٺل کي پئسا ڏئي ڪاغذ تي لکي ڏنوسين ته ”فروٽ ڪيڪ“ ۽ کيس بامبي
بيڪريءَ جو تفصيل سان ڏس ڏنوسين.
همراهه
هليو ويو.
ڪلاڪ
کانپوءِ آيو.
ٻه
شاپر ڀريل کڻي آيو.
اسان
کي شاپر ڏسي ڪجهه کٽڪو ٿيو. مٺي، ٻئي شاپر انور هڪڙي جي ميز تي رکيا. هڪ شاپر مان
کوڙ سارا ڪيلا ڪڍي ميز تي رکيائين ۽ چيائين ”هي فروٽ“.ٻي شاپر مان کوڙ سارا ننڍڙا
ڪيڪ پيس ڪڍي، چوڻ لڳو؛ ”هي ڪيڪ“.
يعني
فروٽ ڪيڪ.
اسان
سڀني جا طاق لڳي ويا. هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لڳاسين ۽ پوءِ ڪڏهن به مٺي کي اهڙي تڪليف
ڏيڻ جي جرئت نه ڪئيسين.
اها
آهي زندگي، جنهن کي سرائڪي ۾ ”لائف“ چوندا آهن.
ٿورو
لکيو گهڻو سمجهندا.
هن
ڪالم کي هڪ ڀرپور قسم جو ناول سمجهندا.
No comments:
Post a Comment