جي ٽوپي ڪري ٽانءِ، ته به پڳ برابر نانھ
منظور ڪوھيار
مونکي اهو دؤر ياد ٿو اچي، جڏهن
ڳوٺ ۾ پڳ يا پٽڪي جي وڏي اهميت هئي. پٽڪو يا پڳ معتبرائپ ۽ ماڻهپي جي علامت هئي. ڇڙواڳ
۽ لُچ کي ’پٽڪي لٿو‘ سڏيو ويندو هو. پڳ يا پٽڪي جا به الاهي قسم هيا. انهن پڳن ۽ پٽڪن
کي ڏسي ماڻهوءَ جي ذات زمات، علائقي ڌرم، فرقي يا حيثيت جي خبر پئجي ويندي هئي. مثلن
قنبر جي اولھ ۾ رهندڙ قبيلن جي پٽڪي جو ڀير پنهنجو هوندو هيو. مون ڏٺو هيو ته چانڊين،
بڙڌين، لاکن، لاشارين، ڪلهوڙن، آچن، نائچن، مگسين ۽ جوڻيجن جي پٽڪن يا پڳن جو ڀير هڪ
جھڙو هوندو هيو ۽ اهي عمومن سفيد رنگ يا بوسڪي ڪپڙي جا ترڪن جي ڪلاسيڪل دؤر جي پٽڪن
جيان ٻڌل هوندا هيا. ڪپڙي جي ڊيگھ ستن گزن کان گھٽ نه هئي. جي زومائتي لوڙھ (لوهي پٽن
سان جڙيل لٺ) لڳي ته اثر ئي نه ٿئي. مون هڪ دفعي لٺ جھيڙو پنهنجي سامهون ڇڙائي پيسائي
واري مشين تي ٿيندي ڏٺو. جن کي پٽڪا ٻڌل هيا، تن جا مٿا بچي ويا، جن کي ٽوپيون پاتل
هيون، تن کي مٿن ۾ نايون هيون، ايڏي رت جو ڪتا نه چٽين...
مغيرين ۽ بروهين جي پٽڪن جو ڀير
بلوچي طرز جو هوندو هيو. جن جا پلاند ڳچيءَ کان هيٺ لڙڪندڙ ۽ ورايل هوندا هيا. رنگ
عمومن موڱائي هوندو هين. شر ٻروچن جا ڦاغ (پٽڪا) به بلوچي طرز تي ٻڌل هوندا هيا. رڍون
جام پر پٽڪا ليڙون ليڙون. سفيد رنگ مان ڦري خاڪي ٿي ويندا هين، شايد عيد تي به نه ڌوئيندا
هيا.
پري کان ’ڏٻرو گھوڙو، سيٽيل سوار،؛
يا سيد، يا مڱڻهار‘ ڏسي سمجھي ويندا هياسي. پر فرق اهو هوندو هيو ته پيرن يا سيدن کي
پٽ واري قرمزي رنگ جي لونگي ٻڌل هوندي هئي، جيڪا پري کان پئي جرڪندي هئي. پر مڱڻهار
جا پٽڪي مٿان پٽڪو ٻڌل هوندو هيو. هيٺان پراڻو سُراڻو پٽڪو، باقي آخري ٻه ٽي وڪڙ نئين
ڪپڙي جا هوندا هين. شايد ان ڪري چيو ويندو هيو، اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيئي اڳڙيون. پٺاڻن
جا پٽڪا (پٺاڻ جي ڳوٺ جا ماڻهو) جن کي اسان عمومن ” ڦيڙھ“ سڏيندا هياسي، سي ڪاري رنگ
۽ اڇين ڌارين يا سفيد رنگ ۽ ڪارن ليڪن تي مشتمل هوندا هيا. پري کان ائين لڳندو هيو،
ڄڻ ڳجھ جو آکيرو مٿي تي کنيون ٿا وتن؛ جن کي هو قنڌاري لونگي سڏيندا هيا. اسان جي پاسي
مولوين کي عمومن سفيد پٽڪو ٻڌل هوندو هيو جنهن کي دستار سڏيو ويندو هيو، جنهن جو پٺيون
ڇيڙو پٺيءَ تي لڙڪندو رهندو هيو. جنهن کي عام ماڻهو ’ملان جي طُرلي‘ ڪري سڏيندا هيا.
ڪن ڪن کي وري سائو پٽڪو به ٻڌل هوندو هيو، جنهن کي ”عمامه“ چيو ويندو هيو. مون ننڍي
لاءِ ڏاڏي در محمد کي به ٻن قسمن جو پٽڪو ٻڌل ڏٺو هو. هڪڙي کي ته دستار سڏيندو هيو،
جيڪو عمامي جي مشابه هيو ۽ ٻئي کي ’دولبند‘ سڏيندو هيو. پاڻ ٻڌائيندو هيو ته ’دولبند‘
اَهلِ خراسان وارن جي دستار آهي. ان کان سواءِ جڏهن ڏاندن جون گويون ٿينديون هيون،
ته شوقينن جا ڀَتي لڳل اُڀا طره نمايان نظر ايندا هيا، جيڪي مٿي تي سر موڙ لڳا بيٺا
هوندا هيا ۽ ڪن ڪن کي شَملا يعني ٻن طُرن وارا پٽڪا به ٻڌل هوندا هيا. اڪثر شملا يا
طُره سفيد رنگ جا هوندا هيا. رٽائرڊ پوليس وارن يا خاص ماڻهن کي وري ڪُلاه هوندا هيا.
جيڪي هڪ خاص اُڀي سونهري يا پيلي رنگ واري اڌ سردي جھڙي اُڀي ٽوپ تي ويڙهيل طُره امتياز
لڳا بيٺا هوندا هيا. هندن کي پڳڙي ٻڌل هوندي هئي. جيڪا عمومن سفيد رنگ جي ۽ وڌ ۾ وڌ
ٽن چئن گزن جي نرڙ تي چٿيل انداز ۾ ٻڌل هوندي هئي ۽ اوڏن جي پڳڙي به ساڳي قسم جي هوندي
هئي. جي ڪنهن شخص کي ٻن ٽن گزن جي پٽڪي ويڙهيل هوندي هئي ته ان کي ’ڦوري‘ چوندا هيا.
جيڪا ٻن ٽن ورن تي مشتمل عمومن حوالين موالين يا وڏيرن جي نوڪرن ۽ چاڪرن کي ٻڌل هوندي
هئي. جڏهن به پوليس يا ڪمدار کي ڪاوڙ چڙهندي هئي ته انهن ويچارن جي ڦوري لٿي پئي هوندي
هئي، جيڪي هو ڇنڊي وري مٿي تي ٻڌي ڇڏيندا هيا.
مون پهريون دفعو پڳ ۱۹۶۹ع ۾ پاتي.
جڏهن چاچي غلام صديق عرف ’ابي مٺي‘ مون کي سڏي چيو؛ ته ”ابا، عبدالرحيم ڪلهوڙي جي ڳوٺ
وارن کي خيرات جو سڏ ڏئي آءُ!“
”حاضر، وڃان ٿو!“ مون اُٿندي وراڻيو.
پڇيائين؛ ”ائين مٿي اگھاڙو ويندين؟“
چيم؛ ”ٽوپي پائي ٿو وڃان!“
”واھ ابا، واھ! خلق کلائيندي ڇا؟..
مان پاڻ وڃان ها، پر ڪڻسجي پيو آن.“
”بابا، ڪيئن وڃان؟“ پڇيومانس.
”پٽڪو پائي، لوڙھ يا ڪهاڙي هٿ ۾
کڻي، مڙس ماڻهو ٿي وڃ! حال احوال ڏيندي وٺندي سڏ ڏجانِ، متان شهرين وانگر رکائي سان
ڳالھ ڪري موٽي اچين. هاڻي خير سان ڄاڻ پاڪي کنيئي، ڪو ٻار ته ڪونهين.“ چڱيءَ ريت سمجھائيندي
چيائين.
سو مان سندس ٻن پٽڪن مان بوسڪي وارو
ڇڏي، باقي ململ وارو پٽڪو مٿي تي رکي ڪهاڙي هٿ ۾ ڪري، ٻانهن لوڏيندو وڃي عبدالرحيم
ڪلهوڙي جي ڳوٺ پهتس. جيئن ئي اوطاق ۾ گھڙيم ته هڪل واري انداز سان چيم؛ ”السلام عليڪم!“
سڀني زور سان جواب ڏنو؛ ”ماليڪم سلام!“ پوءِ سڀني وڌي اچي هٿ ڏنو؛ ”نينگر، ڀلي آئين!....
جوان ڀلي آئين!“
کيڪارڻ کانپوءِ خوش خير عافيت شروع
ٿي؛ ”جوان، خوش آ! چڱو ڀلو، تازو تڪڙو، وڏا ننڍا، اوڙو پاڙو، ٻني ٻارو، ڍور ڀٽارو سڀئي
خوش!“
”الله جو ڪرم آ، توهان وڏڙن ۽ ڀائرن
جون دعائون. سڀئي توهان کي سلام ڏيندا هيا.... توهان خوش آهيو؟ چاڪ چڱا ڀلا، ننڍا وڏا،
گھوڙا ٻيڙا، راڄ ڀاڳ؟“ مون کين جواب ڏنو.
”رب جو شکر آ، توهان جون دعائون
آهن.“ هڪڙو جيڪو چڱو مڙس هيو، تنهن جواب ڏنو ۽ پوءِ ٻين ڏانهن منهن ڪري چيائون؛ ”ابا
حوال وٺئون، مزمان کئون؟“
ٻين وراڻيو؛ ”هائو ابا، بسم الله!“پوءِ
مونڏانهن منهن ڪري چيائين:
”جيءُ!؟“
”مٺو کير پيءُ، چاچا!. گرمين جون
موڪلون مليون، ته ٽيون ڏينهن لاڙڪاڻي مان ڳوٺ پهتس. بابي غلام صديق حساب ڪتاب واري
ڳاڙهي بندي ڏيندي چيو ته ’ابا آيو آن ته ڀلا ڇڙاهي پيساهي وري مشين تي ويهي ليکو چؤکو
ڪر، جو هاڻي خير سان نائون درجو ٿو پڙهين. سو مشين تي ويهي منشگيري وارو ڪم شروع ڪيو
اَٿم.“
”ابا منشگيري ڇا جي آ. پنهنجي مڏي
اٿوَ، ان کي سنڀالڻ ڪو عيب ڪونهي. چار اکر پيٽ ۾ هجن، ته پوءِ ڇو نه ماڻهو پاڻ حساب
ڪتاب ڪري.“ ڳوٺ جي چڱي مڙس ڄڻ چتايو، ته ڳالهائين ڇا ٿو؟
ويٺلن وراڻيو؛ ”بيشڪ، ابا پنهنجي
ملڪيس اَٿو، پاڻ سنڀاريندءُ، نه ته ڪو ٻيو اچي سنڀاريندو!“
اتي غلطي جو احساس ٿيو ته حوال ڏيندي
ڪچو ڳالهائي ويو آ. حقيقت اها هئي، ته مان ته ڇڙائي پيسائي واري مشين تي نه پئي ويهڻ
گھريو، وڏن زور ڪري ويهاريو. وڏڙن جي ڪچهري ۾ اهو بار بار ٻڌو هيم، ته ’گھر جي ڳالھ
پَرِ نه ڪجي، پرِ جي ڳالھ گھر نه ڪجي‘. ڀلا اها ڳالھ هتي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي!؟...
نيٺ پاڻ سنڀاليندي چيم؛ ”چاچا، صحيح
ٿا چئو، قنبر وارن چاچي ڪريم بخش مگسي جي به حصيداري آ. ليکو آ چؤکو، چؤکي آ پريت.
بس صبوح کان شام تائين انهيءَ ڪم سان لڳا پيا آهيون. ٻيو الله اوهان کي نيڪي ڏي وري
رات جو مسيت ۾، مولوي محمد قاسم قادري طريقت واري حلقي ۾ ويهاري ٿو. جلي ذڪر ڪري پيا
سڀني جي حق ۾ دعا گھرون. شال، الله سائين سڀن کي پنهنجي حفظ ۽ اَمان ۾ رکي.“
”ابا، اهو ذڪر وارو ڪم خاشو ٿا ڪيو!
من اوهان جي ڳوٺ وارا ڏاندن جي گوين وارو شؤنق ڇڏي الله جي ذڪر فڪر واو شؤنق رکن. ڏاندين
جي گوءِ تي جوئا به وڏي هلي ۽ جھيڙا به وڏا ٿين.“ چڱي مڙس وراڻيو.
ڳالھ کي کٽائيندي، مان اصلي مقصد
تي آيس؛ ”چاچا سائين، ٻيو حوال خير جو. اِها، ته توهان کي خبر آهي، ته هر سال بابو
غلام صديق خيرات ڪرائيندو آ. پاڻ پنهنجي سر هلي اچي ٻڌائي ها، پر ڏينهن لڳڻ ڪري ڪڻسجي
پيو آ. ان ڪري مونکي حڪم ڪيائين ته وڃي، پاڙي پنبي کي هٿ ادب جا ٻڌي سڏ ڏئي اچان. سو
هن جمعي تي اوهان جي سڄي ڳوٺ کي خيرات جو دلئون سڏ آ. اوهان ايندءُ ته اسان جون اکيون
ٿڌيون... ان ڪري آياسي، توهان سان ملياسي، ٻيو مڙئي خير.“
”گھرجي به خير، جي آيئو! ڀلي آيئو!“
وري خوش خير عافيت ٿي ۽ ان کانپوءِ ٻين ڏانهن منهن ڪري چيائين؛ ”ادا حوال ڏيون؟“
سڀني وراڻيو؛ ”هائو!“
مان چيو؛ ”جيءُ، چاچا!“
”مٺو کير پيءُ، ڀائٽيا! اسان به
پنهنجن ڪمن ڪارين سان. هن سال چيوسي ته نوهر ٻني کي ٺاهجي. هيڏنهن اسان ليون لاڻيون
جھنگ ڪڍي صاف ڪيوسي. ته هوڏانهن توهان جي وڏن کي جونش چڙهيو. توهان جي به ڏھ جريب نوهر
لڳولڳ، اسان واري سان. ير، انصاف ڪجي، ته غلام صديق جي ڀاءُ حاجي غلام عمر وڏي همٿ
ڪئي آ. الله ان جي محنت صاب ڪندو، ٽريڪٽر به نه پڄيس، اهڙي ڪوڏر وهائي ٿئين، جو ٻني
گل گلاب ڪري ڇڏي ٿئين. بس هاڻي دعا ڪر، ته سڀني جي محنت صاب پئي.“
وري کنگھي کڙڪي چوڻ لڳو؛ ”ابا، توهان
هاڻي جواڻ جماڻ آهيو، اُٿا ويٺي تهان کي ڪرڻي آ. اسان پنهنجي عمر کائي چڙهياسي. جيڪو
ڪرڻو هيو سو ڪيوسي. خدا جو سُنھ! ته پڳ به واھ جي ٺهئي ٿي. مڇن جي ساول به ڄاڻ آيئي.
ٻيلي، جي سونهاري رکرائيندي ته اُها به ٺهندئي. نه ته شهپر ته ضرور رکراجانءِ، شهرين
وانگر ڪوڙائجانءِ نه! چوندا آهن، ته مڇ نهين، ته مڙد نهين.“
ويٺل کلڻ لڳا، منهنجو ازخود هٿ وڃي
چپن کي لڳو، محسوس ٿيو، ته جي ڪمي آهي ته صرف مڇن جي.
ان کانپوءِ چوڻ لڳو؛ ”ڀائٽيا، لڙي
اچي ٻڌائڻ لاءِ ٿورا. الله جي نانءَ جي خيرات آ ضرور اچبو. ميان غلام صديق کي الله
اڃا جھجھو ڏي، ته پيو مولا جي نانءَ تي ونڊ ڪري. اسان لاءِ ڪو ڪم ڪار هجي ته هڪل ڪجو.
ڪاٺي ڪلي، هٿ همراهي جي ضرورت هجي ته به ٻڌائجو. هڪيا تڪيا حاضر ٿينداسين. توهان آيئو،
توهان سان ملياسي، ٻيو مڙئي خير.“
وري خوش خير عافيت ٿي. ان کانپوءِ
رهائڻ جي حجت ٿي:
”ابا، رات جي مانڙي کائي پوءِ وڃجو،
پنهنجو ڳوٺ اَٿو، حجاب نه ڪجو!“
”نه چاچا، تهان سان ڪهڙو حجاب. ڳوٺ
ڳنڍيا پيا آهن، توهان جو ڳوٺ، اسان جو ڳوٺ، اسان جو ڳوٺ، اوهان جو ڳوٺ. دراصل، ڳالھ
اها آهي، ته ڪجھ ٻيا به سڏ ڏيڻا آهن. ان ڪري اجازت ڏيو ته لک لائق!“ مان اُٿندي چيو.
”ڀلا ماشا الله، جنهن ۾ خير!“
مان اٿي سڀني کان موڪلايو ۽ پوءِ
هڪ هٿ ۾ڪهاڙي لوڏيندو واپسي ڪئي. ائين پئي ڀانيم ته ذري گھٽ مڙس ماڻهو ٿي ويو آهيان،
رڳو مڇان هجن ها ته مرد ماڻهو لڳان ها.‘
The
cap has no match with turban (Sindhi proverb)
Turban
wearing tradition was common in Sindh. When I become fourteen years old, my elders
advised me, that the cap has no match with turban. After wearing the turban, a
boy becomes a young man.
No comments:
Post a Comment