Sunday, June 19, 2016

ٿر جي سڪار ۽ ڏڪار بابت پهاڪا ۽ چوڻيون - مشڪور ڦلڪارو

ٿر جي سڪار ۽ ڏڪار بابت پهاڪا ۽ چوڻيون
مشڪور ڦلڪارو
انسان جي فطرت آهي ته هو مشاهدي جي دوران اگر ڪو اهڙو مشاهدو ڪري ٿو، جنهن جو عڪس هن جي دماغ تي چٽجيو وڃي، ته پوءِ هو اڪيلائيءَ ۾ انهيءَ ڳالهه تي ويهي پهه پچائيندو ۽ سوچيندو آهي. ڇاڪاڻ ته انساني دماغ  پنهنجي سوچڻ جو عمل ڪنهن به حالت ۾ بند نه ڪندو آهي. انسان جو دماغ جڏهن سوچڻ بند ڪندو آهي ته ان جو موت واقع ٿي ويندو آهي. ننڊ ۽ موت ۾ فرق صرف اهو آهي ته، ننڊ ۾ انسان جو دماغ سوچيندو آهي ۽ موت اچڻ بعد دماغ سوچڻ بند ڪندو آهي. ماڻهو جڏهن پهه پچائيندي، ڪنهن نتيجي تي پهچندو آهي ته پنهنجي پر ۾ مطمئن ٿيڻ بعد هو اها ڳالهه زبان تي آڻي ٻين کي ٻڌائيندو آهي. ائين ڳالهه وڌندي پهه کان پهاڪي ۾ تبديل ٿيندي آهي. ائين ئي پهاڪي جي وصف وڃي ائين بيهندي ته، پهاڪو اهڙي جملي کي سڏيو ويندو آهي؛ جيڪو ڪنهن واقعي يا حالت کان متاثر ٿي چيو وڃي. پوءِ اهڙي حالت جي بار بار اچڻ تي اهو جملو دهرايو وڃي. ائين هلندي هلندي اهو هر ماڻهوءَ جي زبان تي اچي وڃي.


پهاڪن جي سرجڻ جو عمل اڪيلائيءَ کان سفر شروع ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪچهرين ۾ يا عام ماڻهن جي گفتگو ۾ استعمال ٿيندي وڃي عام ٿي، مقبوليت ماڻيندو آهي. يا مختصر طور تي ائين کڻي چئجي ته پهاڪو لفظ ڦهڪائڻ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنى آهي ٿڏي تي هڻي ڪڍڻ. يعني اهڙي ڳالهه جيڪا ڪنهن وقوعي يا واقعي تي واتان بي ساخته نڪري تنهنکي پهاڪو چئبو آهي.
پهاڪا زندگيءَ جي هر جهلڪ جا عڪاس هوندا آهن. هنن مختصر جملن ۾ زندگي ساهه کڻندي نظر ايندي آهي. پهاڪن ۾ سماج جي بلوغت، سوچ، عقل ۽ ڏاهپ جا خزانا لڪل هوندا آهن. پهاڪن ۾ سماج جي سوچڻ جي انداز، تخليقي سگهه، حالتن جي چٽائي پڻ ڏسڻ لاءِ ملندي آهي. انهيءَ ڪري ئي پهاڪا ۽ چوڻيون، ماڻهن جي اظهار واري ٻوليءَ جو روح، لڄ ۽ حياءَ جو اولڙو آهن. ٻولي جي روح کي سمجهڻ لاءِ، ان ٻولي جي پهاڪن ۽ چوڻين کي سمجهڻ ضروري هوندو آهي.
پهاڪا ۽ چوڻيون، سگهڙن جا ٻول ۽ گفتا، سماج جي سياڻپ جو آئينو آهن. دنيا جي ڪا به زبان پهاڪن کان خالي ناهي. سنڌ جا پهاڪا، چوڻيون، ڏاهن جا گفتا  سنڌي سماج جي شعور جو آئينو آهن. پر خبر ناهي ته اهي عقل جا نسخا ۽ تجربن جا ٽوٽڪا، ڪهڙن ماڻهن جي آزمودي جو خمير آهن.
پهاڪا ۽ چوڻيون ماڻهن جي صدين جي ڏاهپ ۽ حالتن جا عڪاس هوندا آهن. هي ماڻهن جي آزمودن مان نڪتل ٻولي جي سائنس آهي. پهاڪا، ٻوليءَ جي سونهن وڌائڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. گڏوگڏ ٻوليءَ کي عام فهم بنائڻ، ۽ ٻوليءَ ۾ رس چس وڌائڻ جو پڻ سبب بنجن ٿا.
پهاڪا، چوڻيون، ڳجهارتون، ڏور، ڪهاڻيون، قصا، گيت ۽ ٽوٽڪا وغيره لوڪ ادب جو حصو آهن. ٻوليءَ جي قدامت ۽ ٻوليءَ ڳالهائيندڙ قوم جي سماجي قدرن جي بيهڪ بابت، سمورو اندازو ٻوليءَ جي لوڪ ادب مان ئي ڳوليو جانچيو ۽ پرکيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري ٻولين جو لوڪ ادب ئي قومن جي ارتقا جي رفتار، سماجي بيهڪ ۽ سماجي اخلاقيات جي پرک لاءِ هڪ دوربين جو ڪم ڏيندو آهي.
ٿر جو سماج جيئن ته قديم انساني ڏاهپ تي بيٺل سماج آهي. ٿري سماج  تي ٻاهريان اثر نه هئڻ جي برابر پيا آهن. انهيءَ لاءِ ٿر جو لوڪ ادب انساني زندگي جي شروعاتي دور جو آئينه دار آهي. هي سماج اڄ به دنيا جي گولي تي رهجي ويل سماجي قدرن کي سنڀالي جيئي پيو. ٿر ۾ زندگيءَ جون جيئن ته ٻه ڪيفيتون آهن. هڪ طرف ڏڪار جي ڏنجهه جون ڪهاڻيون آهن ته ٻئي طرف سڪار جي سهنج جون نه وسرندڙ گهڙيون آهن. ٿر ۾ ڏڪار ۽ سڪار جي انهن ڪيفيتن جي ذڪر سان سڄو ٿري لوڪ ادب ڀريو پيو آهي. ٿر جا پهاڪا، ٿر جي سماجي زندگي جو آئينو آهن. جن جي مطالعي کان سواءِ ٿر جي حالتن جي درد ۽ خوشي جي ڪيفيتن کي سمجهڻ ۽ انهن احساسن جي انتها تائين پهچي سگهڻ نا ممڪن آهي. ٿر جا پهاڪا ٿري سماج جي سوچن، احساسن، ۽ جذبن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. اهي پهاڪا ٿري سماج جي صدين جي انساني لاڳاپن، احساسن، غمن ۽ خوشين، محرومين ۽ ڪاميابين جو عڪس پيش ڪن ٿا. انهن پهاڪن ۾ ٿر جي ڏڪار، مينهن جي انتظار، وسڪاري بعد حسين نظارن، سڪار جي سرهاين، موسمن جي پرچائڻ لاءِ ساٺن ۽ سوڻن، مهينن جي موسمي اثرن ۽ جياپي جي جنگ ۾ ڪاميابي جا ڪيترا ئي گُر ۽ ڏاهن جا ڏس موجود آهن. انساني سماجي اخلاقيات، سهپ، رواداري، محنت، ايمانداري بابت به چٽي تصوير موجود آهي. ٿر جي هنن پهاڪن جي مطالعي ڪرڻ سان ٿري سماج  بابت مڪمل معلومات حاصل ٿئي ٿي. ٿر جا پهاڪا، ٿري سماج جو اهڙو آئينو آهن، جنهن ۾ ٿري سماج جو هر رخ چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ٿر جي علائقي ۾ ٽي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.
مهراڻو، ونگو ۽ سامروٽي جا علائقا، سنڌ جي بيراجي ايراضي سان ڳنڍيل آهن. انهيءَ ڪري انهن علائقن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.
ڏاهلي، کائڙ ۽ ڍٽ جا علائقا راجسٿان سان مليل آهن. انهن علائقن ۾ سنڌي ۽ راجسٿاني ٻوليءَ مان نڪتل ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.
ننگر پارڪر ۽ پائر وارا علائقا، گجرات سان ڳنڍيل آهن. انهيءَ ڪري انهن علائقن ۾ سنڌي، گجراتي جي ميلاپ سان ٺهيل پارڪري ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.
انهيءَ ڪري ٿر جي پهاڪن ۾ اهي ٽيئي ٻوليون، سنڌي، ڍاٽڪي ۽ پارڪري موجود ڏسڻ ۾ اينديون.
پهاڪن جي ڪتابن ۾ پهاڪن کي سمجهائڻ لاءِ ننڍڙين آکاڻين جو رواج ملي ٿو. جيئن ڪچهرين ۾ انهن پهاڪن جي چَس کي وڌايو وڃي. پر انهن ڪهاڻين ڳنڍڻ سان پهاڪن جي اصل ڪيفيتن ۽ حالتن جي عڪاسي اڻ چٽي ٿي وڃي ٿي. انهيءَ ڪري هتي جيئن ته ٿر جي سماج جي اصل ڪيفيتن کي سمجهڻو آهي، انهيءَ ڪري انهن آکاڻين واري مروج روايت کي ٽوڙيندي، پهاڪن جي اصل مقصد ۽ سماجي ڪيفيتن جي عڪس ڏسڻ لاءِ حالتن جي چٽي تصوير اڳيان رکي، ٿر جي پهاڪن کي ڏسڻ جانچڻ ۽ پرکڻ بعد پروڙڻو پوندو.
هن مسودي ۾ ٿر جي ڏڪار ۽ سڪار جي ڪيفيتن جي تصوير جي چٽائيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ سؤ پنجهٺ پهاڪن کي شامل ڪيو ويو آهي. جيڪي موضوع جي گهربل ضرورت کي محسوس ڪندي شامل ڪيا ويا آهن.
انهن پهاڪن جي مطالعي بعد ئي ٿر جي ڏڪار جي ڪيفيتن، ماڻهن جي ڏڪار کي منهن ڏيڻ جي ڏاهپ ۽ رٿابندي، سڪار جي ڪيفيتن، خوشين، ڏکين حالتن لاءِ تياري جي اڳ ڳڻتي، شين کي سنڀالي رکڻ جي ضرورت ۽ انهن جي استعمال بابت ڪيترين ئي ڳالهين بابت چٽي تصوير ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جن جي پڙهڻ سان ٿر جي سماج جي ڀرپور ڄاڻ ملي ٿي. هاڻي اچو ته ٿر جي انهن پهاڪن جو به جديد انداز سان مطالعو ڪريون، جيئن ٿر جي ڏڪار ۽ سڪار جي ڪيفيتن کي پوري ريت سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.

1.                ڪوسي پاڻي مان ڪهڙي اڃ لهندي.
ٿر ۾ چئوماسي جي موسم ۾ سخت گرمي سبب ڇانو ۾ رکيل دلن ۽ مٽن جو پاڻي به گرم ٿي ويندو آهي. اهو گرم پاڻي پيئڻ سان اُڃ نه لهندي آهي. ان ڪري ماڻهو جلدي جلدي پاڻي پيا گهرندا آهن. پڇڻ تي چوندا ته ڪوسي پاڻي مان ڪهڙي اڃ لهندي. هزارين سالن کان اهو جملو دهرائجي پهاڪي ۾ تبديل ٿي ويو. هونئن به ٿڌو پاڻي ئي اڃ لاهيندو آهي. يا مقصد واري ڪم ڪرڻ سان ئي ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي. بي مقصد اجائي ڪم ڪرڻ سان ماڻهوءَ کي سدائين پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري زندگي کي اجاين ڪمن جي پويان وڃائڻ بدران هميشه ڪو مقصد سامهون رکي انهي طرف محنت سان اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ پنهنجي زندگي کي اجاين تجربن جو کاڄ نه بنائڻ گهرجي. اڪثر ماڻهو هڪ جاءِ تي ٽِڪي محنت سان ڪم نه ڪندا آهن. پوءِ اهي ماڻهو مختلف ڪم ڪندي گهڻا ڪم يا هنر ته سکي وٺندا آهن، پر انهن ڪمن ۾ کين مهارت حاصل نه ٿيندي آهي. هو هڪ قسم جا اڌورا ماڻهو ٿي رهجي ويندا آهن، کين سماج ۾ سندن محنت جو صحيح اجورو نه ملندو آهي. ڇو ته سندن ڪم ۾ مهارت جي کوٽ هوندي آهي. ان ڪري ڪو به مٿن اعتماد نه ڪندو آهي. پوءِ هو پنهنجي بيقدري جو ماتم ڪندي گذاري ويندا آهن. هن پهاڪي ذريعي زندگي کي با مقصد گذارڻ لاءِ ماڻهو جڏهن ڪنهن کي بي مقصد جاکوڙ ڪندي ڏسند آهن ته، کيس نصيحت ڪندي چوندا ته؛ اجايو پيو هڻ هڻان ڪرين، “ڪوسي پاڻي مان، ڪهڙي اڃ لهندي.

2.                گرا گونرا نه چئجن، پيٽ وڌيا پٽ نه چئجن.
اٺن جا ڦر جيڪڏهن ميرا هوندا ۽ خوبصورت نه هوندا يا پٽ گهڻ کائو هوندا، ته ننڍي هوندي اهي گهٽ وڻندا. پر اٺن جا ڦر يعنيٰ گئونرا جڏهن وڏا ٿي سگهارا اٺ بڻجي وڏا بار کڻندا. اونهن کوهن مان پاڻي جا ڳرا ڪوس ڇڪي ڪڍندا، يا وسڪاري جي مند ۾ تيز رفتاري سان هر کيڙي ٻني جي وڏي حصي کي جلد آباد ڪرڻ لاءِ تيارڪندا، ته انهي اٺ کي ڌاريندڙ هاري جو ڪنڌ فخر کان اوچو ٿي ويندو.اهڙي طرح پٽ به وڏا ٿي سڀاڳا ٿيندا ۽  پيريءَ ۾ مائٽن جو ڀرجهلو بنبا. ته ماءُ ۽ پيءَ جا  سمورا ٿڪ لهي ويندا .انهي ڪري  سياڻن نصيحت ڪندي هي پهاڪو چيو ته؛ “گرا گئونرا نه چئجن، پيٽ وڌيا پٽ نه چئجن.” حقيقت ۾ هي دنيا اميدن تي قائم آهي. ماڻهو محنت انهي لاءِ ڪري ٿو، ته کيس انهي محنت جو ڦل ملندو، ۽ پوءِ انهي ڦل ملڻ جي آسري تي هو دلچسپي وٺي ڪم ڪري ٿو. سندس محنت رنگ لائي ٿي. پوءِ انسان وڌيڪ محنت ڪري ڪاميابين مٿان ڪاميابيون حاصل ڪندو اڳتي وڌي ٿو.ٿر جي سموري زندگي جو ڪاروهنوار اميدن ۽ آسرن تي بيٺل آهي. انهن اميدن کي جاڳائڻ لاءِ ٿر ۾ هي پهاڪو عام آهي، ته “گرا گئونرا نه چئجن، پيٽ وڌيا پٽ نه چئجن.

3.                مارا مِتر اُوءَ، جو گِلا ڪري.
هن پهاڪي جو مطلب هي آهي ته منهنجو عزيز يا مائٽ اهو آهي جيڪو گلا ڪري. هي پهاڪو به ٿر ۾ عام آهي. هن جي اصل حقيقت هي آهي ته ڪجهه ماڻهن جي اها عادت هوندي آهي ته هو ڪنهن وٽ مهمان ٿي ويا، ته انهي ماڻهو جي وڏي واکاڻ ڪندا. پر ڀر پاسي جي ٻين ماڻهن جي ويٺا گلا ڪندا. ائين ڪري هو اڳلي ماڻهو کي خوش ڪري پنهنجو مطلب حاصل ڪندا. وري اتان اٿي ٻئي ماڻهو وٽ وڃي اڳئين ماڻهو جي گلا ڪندا. وري انهي ٻئي ماڻهو جي واکاڻ مان نه پيا ڍاپندا. اهڙن چاپلوس قسم جي ماڻهن جي هر هنڌ عزت هوندي آهي. هن قسم جا ماڻهو ئي سماج لاءِ وڏا نقصان ڪار هوندا آهن. پر سندن چاپلوسي ڪرڻ سبب هر ڪو پيو کين وڏو مان ڏيندو آهي. انهي ڪري ٿر ۾ هن پهاڪي جو جنم ٿيو. ڇو ته ٿر ۾ ڏڪار جي حالت ۾ جڏهن سڀ ڪم ڪار بند ٿي ويندا آهن. ته هڪڙا ماڻهو محنت مزدوري لاءِ ڀر وارن شهرن ۾ وڃي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ پورهيو ڪندا آهن. اتان روزي ڪمائي اچي پنهنجي گهر وارن جي مسئلن ۽ ضرورتن جو پورائو ڪندا آهن. پر تمام ٿورا ماڻهو مختلف سرنديءَ وارن جي اوطاقن تي وڃي لڏو لاهي ويهي رهندا آهن. پنهنجي چاپلوسي جي فن ذريعي انهن سرنديءَ وارن ماڻهن جي دل خوش ڪري پنهنجو مطلب ڪڍي، وري وڃي ڪنهن ٻئي جي در تي ويهندا آهن. اهڙي طرح سندن گذر سفر پيو هلندو آهي. انهي ڪري ماڻهن جي دلين مان سماج جي انهي رويي کي ڏسندي لفظ نڪرندا آهن ته “مارا متر اُوءَ، جو گلا ڪري.” 

4.                ڀلي آئي ڪتي، جنهن ۾ گرِي گنجيَ متِي.
ڪتي سنبت وڪرمي سال جو مهينو آهي جيڪو لڳ ڀڳ نومبر مهيني جي برابر ايندو آهي . نومبر ۾ وسڪاري ٿيڻ جي حالت ۾ ٿر ۾  فصل لهي ويندا آهن. انهن فصلن لهڻ سان
گهرن ۾ انن جا انبار لڳي ويندا آهن. مال جي چرڻ لاءِ گاه به تمام گهڻو موجود هوندو آهي. ماڻهو توڙي جانور پکي پکڻ جيت جڻيا سڀ خوش هوندا آهن. کاڌ خوراڪ جي ڪا به ڪمي نه هوندي آهي. هر ڪو خوش هوندو آهي. گهڻي گاه هئڻ ڪري مال ڀٽارو به متارو ٿي مستي ۾ اچي ويندو آهي. شام جو ڪڏڪارا ۽ ٽپا پيو ڏيندو آهي. انهن نظارن کي ڏسي سياڻن هي پهاڪو چيو ته؛ “ڀلي آئي ڪتي، جنهن ۾ گري گنجيَ متيَ.” حقيقت ۾ خوشحالي سماج ۾ پيٽ پالڻ جي چنتا يا کٽڪي کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. پوءِ ماڻهو بي اونا ٿي سماج ۾ تخليقي ڪردار ادا ڪندا آهن. ٿر ۾ سڪار جي حالت ۾ ماڻهن جون خوشيون ڏسڻ وٽان هونديون آهن. ماڻهن جي منهن تي مرڪون موٽي اينديون آهن. هر طرف گيت، همرچا، ڏورڪا ۽ جمالا پيا گونجندا آهن. ٻئي طرف پکين جون مٺڙيون ٻوليون ۽ مورن جا ٽهوڪا سڄي ماحول کي وڻندڙ بنائي ڇڏيندا آهن. رات جو ماڻهو بي اونا ٿي اوطاقن تي محفلون مچائيندا آهن. پوءِ ڪو ڏور ويٺو ڏيندو، ته ڪو ڳجهارتون ڏيئي سموري محفل کي منجهايو ويٺو هوندو. ڪو چنگ پيو وڄائيندو، ته ڪو بئنسري وڄائي ماڻهن جي دل موهي ڇڏيندو. ڪو نڙ ۽ الغوزي تي دل کي ڌتاريندڙ ڌنون پيو وڄائيندو، ته ڪو تنبوري کي وڄائي گهڙي ۽ ٽلين جي سنگم ۾ پيو ڳائيندو. ائين وڃي پرهه ڦٽندي آهي. انهي سموري خوشي کي ڏسندي سڀڪو پيو چوندو آهي ته “ڀلي آئي ڪَتي، جنهن ۾ گري گنجي متي.”

5.                ڪتي آهي مادي، پر آهي ڏاڙهين جو مَٽ.
جئين ته اسانجي سماج ۾ مرد جو ڪم آهي، ته هو محنت مزدوري ڪري  گهر جي ڀاتين جي ضرورتن جو پورائو ڪري. جڏهن به گهر ۾ اچي ته ٻاهران ڪجهه نه ڪجهه کڻي اچي . سياڻا چوندا آهن ته مرد جڏهن به گهر ۾ اچي ته خالي هٿين نه اچي . جيڪڏهن کيس ٻيوڪجهه به هٿ نه اچي ته ٻاهران ڪو ڀتر ، ڇيڻو يا ڪا ڪاٺي به کڻي اچي . انهي ڪري ڪتيءَ جو مهينو جيڪو لڳ ڀڳ نومبر مهيني ۾ ايندو آهي.  ٿر ۾ جيڪڏهن مينهن وٺو هوندو. ته هن مهيني ۾ فصل لهڻ سبب سڪار هوندو آهي . گهر جون سموريون ضرورتون پوريون ٿي وينديون آهن، يعني جيڪو ڪم مرد کي ڪرڻو هوندو آهي. سو پورائو سڪار سبب هن مهيني ۾ ٿي ويندو آهي . ٿر جي عورت وڏي محنتي آهي . هو ڏينهن رات پنهنجي گهر جي سنڀال ۽ ٺاهه ٺوهه ۾ لڳل نظر ايندي . سندس محنت ۽ پاڻ پتوڙڻ جو، عمل فجر کان ئي شروع ٿي ويندو آهي . گهر جي ڪم کان سواءِ هو ٻاهران ٻارڻ جون ڪاٺيون ، پيئڻ جو پاڻي آڻڻ ، ٻني تي ڪم ڪندڙ مردن کي ماني تيار ڪري وقت تي پهچائڻ وغيره جهڙا ڪم به ڪندي آهي . انهي ڪري ٿر ۾ عورت کي مردن کان گهٽ نه سمجهيو ويندو آهي . اهڙين محنتي عورتن کي ڏاڙهين جو مَٽ ، سمجهيو ويندو آهي.ڪتي جي مهيني ۾ جڏهن سڪار سبب ماڻهن جي چنتا لهندي آهي ته سڀڪو خوش ٿي چوندو آهي ته ، ڪتيءَ جو مهينو آيو آهي جنهن لاءِ اڳي ئي سياڻا چئي ويا آهن  ته “ ڪتيءَ آهي مادي ، پر آهي ڏاڙهين جو مَٽ.

6.                اچي جي نهاري، زال هڻي ٻهاري، ته سج وڃي اُهاري.
نهاريءَ جو مهينو لڳ ڀڳ ڊسمبر جو مهينو هوندو آهي. هن مهيني ۾ رات وڏي ٿي ويندي آهي ۽ ڏينهن ننڍو ٿي ويندو آهي . جيڪڏهن ڪا عورت صبح جو اٿي پنهنجي گهر جي ٻهاري يا صفائي ڪندي، ته سج لڙي شام ٿي ويندي. ڪوشش جي باوجود سندس ٻيا ڪم اڻ پورا ۽ اڌورا رهجي ويندا. عورتون جيڪڏهن هڪ ٻئي کان پڇنديون، ته ادي! ڪيترو ڪم ٿيو آهي؟ ته ٻي چوندي ته ادي! ڏينهن صفا ننڍو آهي، گهڻيئي ڪوشش ڪريان ٿي، پر ڏينهن نبريو وڃي ۽ ڪم رهجيو وڃي. ائين هن پهاڪي جو جنم ٿيو. ٿر ۾ جيئن ته واريءَ ٺري ٿي. ان ڪري ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ٿر ۾ سيءَ وڌيڪ ٿيندو آهي. اڀرين جهوپڙين ۽ ڪکاون چئونرن ۾ گرم بسترن جي کوٽ سبب ٿري ماڻهن کي سيءَ سٽيو ڇڏي. ۽ سندن بدن ۾ منجهند تائين سيءَ جو اثر موجود هوندو آهي . انهي ڪري هو منجهند تائين ته سيءَ ۾ پيا ڏڪندا آهن. ان ڪري کين ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ سياري ۾ تمام گهٽ وقت ملندو آهي . انهي گهٽ ڪم ٿيڻ جي احساس کي گهٽائڻ لاءِ هو هن پهاڪي جو پيا استعمال ڪندا آهن ۽ پنهنجي دل کي پيا خوش ڪندا آهن. هو چوندا ته ادا! ڇا ڪجي ڏينهن صفا ننڍو آهي، ڪم نبري ئي ڪو نه ٿو. بيشڪ سياڻن سچ چيو آهي ته؛ ”اچي جي نهاري، زال هڻي ٻهاري، ته سج وڃي اُهاري.

7.                مهينو آيو پوهه، سياري ڪهڙو ڏوهه.
سنبت وڪرمي سال جو پوهه مهينو  لڳ ڀڳ جنوري جو مهينو هوندو آهي. هن مهيني ۾ سياري جو سيءءَ پنهنجي اوج تي هوندو آهي. ٿر ۾ جتي واري جي ٺرڻ سبب جڏهن سيءَ وڌيڪ پوندو آهي. تڏهن ماڻهو چوندا آهن ته ادا! اڄ ته سيءَ تمام گهڻو آهي، اصل ڦڦڙ پيو ڦاڙي. ته ماڻهو جواب ۾ چوندا ته ادا! پوهه جو مهينو آهي هن ۾ ته سيءَ جام ٿيندو آهي، انهي ڪري سياري جي موسم جو ڪو به ڏوهه ڪونهي.انهي بابت سياڻا اڳيئي چئي ويا آهن ته “مهينو آيو پوهه، سياري ڪهڙو ڏوهه” پوءِ ماڻهو پوهه مهيني جي سيءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سج لٿي کان ئي گهرن جي اڱڻ ۾ وڏا مچ ٻاري ڇڏيندا آهن، ۽ پنهنجي گهرن کي گرم رکي رات جو سيءَ کان بچاءُ ڪندا آهن.

8.                پوهه؛ کلڙ کوهه، هڪڙا رڌ، ٻيا سوهه.
سنبت وڪرمي سال جو پوهه جيڪو لڳ ڀڳ جنوري جو مهينو هوندو آهي. ۽ اهو مهينو سياري جي ڦوهه جواني جو مهينو هوندو آهي. هن مهيني ۾ اتر جون سرد هوائون ماڻهن توڙي ٻين ساهه وارن کي سيءَ ۾ ساڙي ڇڏينديون آهن . جنهن ڪري چمڙي ۾ خشڪي پيدا ٿي پوندي آهي ۽ ماڻهن جي کل خشڪ ٿي ڪٿان ڪٿان ڦاٽي سيرون سيرون ٿي پوندي آهي. ٿر ۾ ته اها چمڙي جي خشڪي کل کي کوهي ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ ماڻهن چوندا آهن ته هي “پوهه؛ کلڙ کوهه”  آهي. ٿر جا ماڻهن چمڙي جي انهي خشڪي کي ختم ڪرڻ لاءِ مکڻ، چرٻي، ۽ تيل سان پنهنجي چمڙي جي مالش ڪندا رهندا آهن. هن مهيني ۾ بک به گهڻي لڳندي آهي. هڪڙي توڻ رڌي تيارڪري فارغ ٿبو آهي ته جلد ئي ٻيءَ توڻ جي تياري ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. ائين ٻنهي ڪيفيتن جي ترجماني ڪندي هي پهاڪو ٺهي ويو ته “پوهه کلڙ کوهه، هڪڙا رڌ، ٻيا سوهه.

9.                ماگهه؛ ڇوڙا ڏاگهه.
سنبت وڪرمي سال جو مانگھ مهينو لڳ ڀڳ فيبروري جو مهينو هوندو آهي. هي مهينو سياري جي پڇاڙي جو مهينو هوندو آهي. هن مهيني ۾ اتر جون تيز ٿڌيون هوائون لڳنديون آهن .آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن. تيز ٿڌين هوائن ۽ ڪڪرن جي ڇمر سبب سج جي گرمي به زمين تي نه پهچندي آهي. ڪڪرن مان ڪڏهن ڪڏهن هلڪي بوندا باري به ٿيندي رهندي آهي. ٿر ۾ ته ڀٽن جي واريءَ پسڻ ۽ ٺرڻ سبب سردي ۾ وڏو اضافو ٿيندو آهي. سيءَ جانورن توڙي ماڻهن جي کل کي به ساڙيو ڇڏي. وڻن۽ ٻوٽن جون چوٽيون به سيءَ سبب سڙي وينديون آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هر شيءَ سڙيل يا ڏاگهه تي چڙهيل هجي. انهي ڪري هي پهاڪو ٺهيو، سياري ۾هن چوڻي جو ماڻهن جي گفتگو ۾ استعمال به گهڻو ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پڇندو ته ادا ! سيءَ وڻن جا پن به ساڙي ڇڏيا آهن ،ته ٻيو کيس جواب ڏيندو، ته ادا! مانگهه جي مهيني لاءِ ته سياڻا اڳ ۾ ئي چئي ويا آهن ته، “ماگهه؛ ڇوڙا ڏاگهه.” انهي لاءِ سيءَ ۾ هر شيءِ ڏاگهه چڙهيل يعني سڙيل پئي ڏسڻ ۾ اچي.

10.          ڦڳڻ ڦوسيارو؛ ڏينهان اونهارو، راتيان سيارو.
          سنبت وڪرمي سال جو ڦڳڻ مهينو لڳ ڀڳ مارچ جو مهينو هوندو آهي. هن مهيني ۾ بهار جي موسم هوندي آهي. ڏينهن جو ٿوري پگهر آڻيندڙ گرمي به هوندي آهي. جيڪا واري جي تپڻ سبب ٿر ۾ وڌيڪ هوندي آهي. رات جو ٿڌيون هوائون لڳنديون آهن. واري ٺرڻ سبب ٿورو سيءَ به هوندو آهي. جيڪو گذري ويل سياري جي ياد کڻي ايندو آهي. ٻئي ڏينهن جيڪڏهن ڪو چوندو ته ادا ! ڏينهن جو گرمي آهي، پر يار! رات جو سيءَ ٿيندو آهي. ته ٻيو کيس  جواب ڏيندو آهي، ته ادا! انهي ڪري ئي وڏڙا چئي ويا آهن ته، “ڦڳڻ ڦوسيارو؛ ڏينهان اونهارو، راتيان سيارو.” ٿر ۾ ڦڳڻ مهيني ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماڪ به پوندي آهي. جيڪا صبح ويل هر هڪ شيءَ کي پاڻي سان پسائي ڇڏيندي آهي. انهي ڪري ٿر جا ماڻهو صبح جو ماڪ ۾ ڀنل شيون ڏسي چوندا، ته رات ڦڳڻ ڦوسيارو آهي، معنيٰ ڦڳڻ جي ماڪ وٺي آهي.

11.          واهُندي؛ اٺن سان نه ٺهندي.
بهار جي موسم جي ختم ٿيڻ بعد الهندي جي تيز گرم هوا لڳندي آهي. جيڪا ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ جسم مان آر پار گذرندي هجي. هي هوا اٺن کي صفا بيحال ڪري ڇڏيندي آهي. ڇو ته هن هوا جي جسم مان آر پار ٿيندڙ گرمي اٺ برداشت نه ڪري سگهندا آهن. اٺ جيڪي سياري ۾ اتر جي سخت ٿڌي هوا ۾ به سامهون سينو تاڻي پيا هلندا يا ويهندا آهن، پر واهندي (اولهه) جي واءَ کي پٺيرا ٿي ويهندا آهن. ٿر ۾ جيئن ته گرمي سبب واري تپندي آهي، ۽ اٺن کي هي گرم هوا وڏي تڪليف ڏيندي آهي. هن واءَ ۾ اٺ ساڻا ٿيو پيا هلندا آهن.واهندي هوا جي تيز گرم لڪن سبب واري اڏامي اٺن جي اکين ۾ پوندي آهي انهي ڪري هن واءَ کي سامهون هلڻ اٺن لاءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. هن واءَ ۾ اٺن کي ڪجهه قسمن جون بيماريون به ٿينديون آهن. مطلب ته هي هوا اٺن جي دشمن هوا آهي.ٿر ۾ جيڪڏهن ڪنهن جا اٺ بيمار ٿيا، ۽ اها ڳالهه جڏهن هو ڪنهن تجربيڪار اوٺار سان ڪندو آهي، ته هو کيس جواب ڏيندو آهي. ته ابا وڏن سچ چيو آهي ته، “واهُندي؛ اٺن سان نه ٺهندي.”

12.          چيٽ تتو ڀلو، ويساک لڳو ڀلو.
سنبت وڪرمي سال جو چيٽ مهينو لڳ ڀڳ اپريل جو مهينو هوندو آهي. ٿر جي موسمن جي لحاظ کان هي مهينو ٿر ۾ هر شيءِ جي کوٽ جو مهينو هوندو آهي.هن مهيني کان ئي برسات جي مانڊاڻ ٺهڻ جي شروعات ٿيندي آهي، چيٽ جي گرمي ئي آبي بخارن جي وڌڻ، هوائن جي رخن جو سلسلو ٺاهڻ، هوا جي گهٽ دٻاءَ جو پيدا ٿيڻ وارا عمل شروع ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي. پر جنهن سال چيٽ جي مهيني ۾ گرمي گهٽ ٿيندي آهي، انهي سال جي چوماسي جي مند جي ترتيب متاثر ٿيندي آهي. جنهن جو اثر ٿر جي سمورن پيداواري ذريعن تي ٿيندو آهي. انهي لاءِ ٿر جا ماڻهو چيٽ مهيني ۾ گرمي وڌيڪ ٿيڻ تي خوش پيا ٿيندا آهن. وري ويساک جو مهينو لڳ ڀڳ مئي جو مهينو هوندو آهي. هن مهيني ۾ وڌيڪ تيز ۽ گرم هوا لڳندي آهي، جيڪا پڻ سمنڊ مان آبي بخار کڻي فضا ۾ پکيڙي ٿي، جنهن سبب مينهن جو مانڊاڻ ٺهڻ ۾ مدد ملندي آهي. ويساک (مئي) جي مهيني ۾ گرم لڪ لڳڻ سان ٿري ماڻهن جو بدن پيوسڙندو آهي، پر ان تيز لڪ جي گرمي ۾ به ماروئڙن جي منهن تي مُرڪون هونديون آهن، ۽ هو خوشي مان سوڻ ڳنڍيندي پيا چوندا آهن، ته هي سال سڪار جو سال ثابت ٿيندو.ڇو ته انهي گرم لڪ لڳڻ سان سمنڊ مان اٿيل آبي بخار فضا ۾ پکڙي ڪڪرن جي شڪل وٺندا آهن، ۽ پوءِ اهي ڪڪر وري اچي ٿر تي وسندا آهن، ۽ ٿرين جي ڏيهه کان ڏڪار ۽ ڏولائو ڏور ٿيندو. انهي ڪري ئي ٿر جي ماڻهن جي زبان تي هي پهاڪو عام هوندو آهي ته، “چيٽ تتو ڀلو، ويها (ويساک) لڳو ڀلو.”

13.          چيٽ؛ لڱين ميٺ
سنبت وڪرمي سال جو چيٽ لڳ ڀڳ اپريل مهينو گرمي وارو هوندو آهي . انهي گرمي ۾ موجود آبي بخار ماڻهن جي بدن ۾ سستي ۽ بي چيني پيدا ڪندا آهن. ان ڪري ڪنهنجي به ڪم ڪرڻ تي دل نه چوندي آهي . هر ڪو ماڻهو پيو ڇانوَ ڳوليندو ۽ آرام ڪرڻ پيوچاهيندو آهي. ان ڪري هن مهيني کي آرس يا سستي جو مهينو به سڏين ٿا. ٿر ۾ جئين ته هي مهينو شين جي کوٽ جو مهينو هوندو آهي. انهي جي پورائي لاءِ وڌيڪ هٿ پير هڻڻ جي ضرورت هوندي آهي. انهي ڪري ڪنهن به قسم جي سستي کي چڱو نه سمجهبو آهي. ٿر جا وڏڙا پنهنجي تجربي جي روشني ۾ ٻڌائيندا آهن، ته جيڪو ماڻهو چيٽ جي پهرين تاريخ ستو، تنهن کي آرس نه ڇڏيندي. ان ماڻهو کي ڪم ڪندي به ننڊ جون پنڪيون پيون اينديون. ان لاءِ جيڪي ماڻهو چيٽ جي مهيني ۾ نه سمهندا، سي ئي سڀاڳا ليکيا ويندا آهن. ٿري ماڻهن لاءِ چيٽ جي مهيني ۾ ننڊ ڪرڻ نڀاڳ جي نشاني آهي. چيٽ جي سستي بابت چوندا آهن ته؛ “چيٽ؛ لڱين ميٺ.”

14.          آڙهار الگين الگين وسي.
سنبت وڪرمي سال جا آکاڙ ۽ سانوڻ (جولاءِ آگسٽ) مهينا مينهن وسڻ جا  مهينا آهن. پر انهي عرصي دوران ٿر ۾جيڪڏهن  مينهن وٺو ته عجيب و غريب نموني سان پيو وسندو آهي. ڪنهن مهل ڏسو ته ڪڪر ڪار ڪريو پيا اچن، سمجهبو ته ملڪ ٻوڙي ڇڏيندا، پر هڪ ڳوٺ کان وسندا ويندا ته ٻيو ڳوٺ برسات لاءِ پيو سڪندو. ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر گج گوڙ ڪندا مٿان گذري ويندا، پر پاڻي جي ڦڙي به نه ڪرندي، وري ڪڏهن پري کان هلڪو ڪڪر اڳتي وڌنڌو نظر ايندو ، پر ويجهي اچڻ کان پوءِ وڏي مينهن ۾ تبديل ٿي ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏيندو. انهي ڪري سانوڻ جي پوراليءَ موسم کي ڏسندي مٿيون پهاڪو چوڻ ۾ آيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهن چوندو ته ادا ! مينهن فلاڻي ڳوٺ ۾ ڏاڍو وٺو، پر اسان جي ڳوٺ ته ڦڙيءَ به ڪا نه وٺي. ته ٻيو کيس جواب ۾ چوندو ته ادا! آرهاڙ (آکاڙ) جي موسم آهي، ٻڌو ڪو نه اٿئي ته “آرهاڙ الگين الگين وسي.” معنيٰ آرهاڙ (آکاڙ) جو مينهن پورالو آهي جيڪو ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي وسندو آهي. برسات جي پورالي موسم ئي ٿر ۾ سڪار جو سبب بڻجي ٿي، ٿر اهڙو علائقو آهي، جتي گهڻي ۽ لڳاتار برسات ٻوڏ آڻي ڏڪار جو سبب بڻجي ٿي. ڇو ته ٿر جي واريءَ هيٺان جابلو تهه آهن، انهي ڪري پاڻي جذب ڪرڻ جي سگهه ٿر جي زمين ۾ تمام گهٽ آهي. ٻئي طرف وري ڀٽن جو سلسلو هئڻ ڪري قدرتي آبي گذر گاهون ٿر ۾ نه هئڻ برابر آهن. آرهاڙ جي پورالي برسات ٿر ۾ پوکيل فصلن جي ڀلي ٿيڻ جو پڻ سبب بڻجي ٿي.

15.          سرامڻ صحيح وسي ته سٺو آهي.
هي مهينو سانوڻ جو مهينو آهي. ٿر ماڻهو هن مهيني کي سرامڻ جو مهينو به سڏيندا آهن. هي مهينو مينهن وسڻ جو مهينو آهي. ٿر ۾ هن مهيني ۾ مينهن وٺو ته تمام سٺو وسندو آهي. پر وسندو پورالي نموني سان آهي، ڪڏهن ڪٿي، ته ڪڏهن ڪٿي. پر لڳاتار وسڻ سبب سڄي ٿر ۾ تل ۽ ترايون تار ٿي وينديون آهن. ملڪ ملهار ٿي ويندو آهي. پر جيڪڏهن مينهن هن مهيني ۾ به نه وٺو، ته پوءِ ٿر ۾ مايوسي پکڙي ويندي آهي، ۽ ڏڪار جا اهڃاڻ شروع ٿي ويندا آهن.ان ڪري ٿر ۾ هي پهاڪو آهي ته “سرامڻ صحيح وسي ته سٺو آهي.” مطلب ته سانوڻ جي مهيني ۾ برسات اچي ۽ صحيح نموني سان پورو مهينو وسي ته سڪار آهي.

16.          مينهن وسي ٻه پهر ، ڇنو وسي ڇهه پهر.
ٿر ۾ پڪا گهر گهٽ آهن، اڪثر ڪري ڪکن جا چئونرا، منهه، ۽ ڇنا، هوندا آهن. جن ۾ ٿري ماڻهن جي زندگي گرم لڱ ساڙيندڙ لڪن، گرم جهولن، مينهوڳين، ۽ سياري جي وار ڪانڊاريندڙ سيءَ ۾ گذري ٿي. ڪکن جي چئونرن اڳيان منهه ۽ ڇنا اڏيا ويندا آهن. چئونرن تي جڏهن برسات وسندي آهي، ته انهن جي اندر ته مينهن داخل نه ٿيندو آهي. برسات جو پاڻي چئونرن جي ڪکن جي مٿان ڳڙندو پاسن کان پيو ٽمندو آهي. ڪکن جي سڌين ڇتين وارن اڏيل ڇنن مان ته مينهن ڳاڙا ڪريو اندر پيو ڪرندو آهي. انهن ڳاڙن کي چوئاڪا به چوندا آهن، مينهن وسي ختم ٿي ويندو آهي، پر اهي چوئاڪا پيا ڳڙندا رهندا آهن. جيڪڏهن انهي حالت ۾ ڪو ماڻهو اهو چوندو ته، مينهن ته بند ٿي ويو، پر چوئاڪن جو پاڻي اڃان پيو ڇت مان وسي، ته ٻيو ماڻهو کيس جواب ۾ چوندو ته ادا! اهو پهاڪو ڪو نه ٻڌو اٿئي ڇا ته “مينهن وسي ٻه پهر ۽ ڇنو وسي ڇهه پهر.”

17.          سانوڻ آيو ته سک ٿيا.
سنبت وڪرمي سال جو سانوڻ مهينو لڳ ڀڳ آگسٽ جو مهينو هوندو آهي. ٿر جي گذر سفر ۽ معيشيت جو سمورو دارو مدار وسڪاري تي هوندو آهي. ٿري ماڻهو پورو سال برسات جي انتظار ۾ رات ڏينهن گذاريندا آهن. جڏهن جون کان مينهن جا آثار ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ته سندن ڪومايل چهرن  تي مرڪون موٽي اينديون آهن. سانوڻ جو مهينو مڪمل طرح برسات جو مهينو هوندو آهي. جيڪڏهن مينهن وٺو ته، ٿر جون اڃايل ڀٽون وسڪاري تي مهڪي اٿنديون آهن ۽ سموري ٿر ۾ ساوڪ پکڙي ويندي آهي، رنگ برنگي گل و گلزار سموري ماحول کي من موهيندڙ بنائي ڇڏيندا آهن. چئوطرف گاهن ڦٽڻ سان چوپائي مال جون ته موجون ٿي وينديون آهن. ٿري ماڻهن جا سمورا ٿڪ لهي ويندا آهن. کين نه ڪو قوت گذر جو الڪو هوندو آهي، نه ئي کين ٻي ڪنهن شيءَ جي پريشاني هوندي آهي. پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کانئن حال پڇندو ته چوندا ته يار! “سانوڻ آيو ته سک ٿيا.” اهو جملو هر سڪار جي دوران سندن گفتگو جو حصو بنجي پهاڪي ۾ تبديل ٿي ويو.

18.          ٻانهن سيرانديءَ ڪري سمهڻ.
انسان کي هميشه پنهنجي زندگي گذارڻ ۽ ضرورتن جي پورائي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه هر حالت ۾ ڪرڻو پوندو آهي انهي لاءِ هو پنهنجي سڪون آرام ۽ تفريح جي شوقن جي قرباني ڏيندو رهندو آهي. ڇو ته پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ کيس اها قرباني ڏيڻي پوندي آهي. ٿر ۾ ته قصو ئي ٻيو آهي. پوري سال ۾ جيڪڏهن ٽي چار مهينا سٺي برسات وٺي ته سڪار ٿي ويندو. پر جيڪڏهن برسات نه وٺي ته ڏڪار جا ڏنجهه ڏسڻا پوندا آهن، ۽ سمورو سڪون برباد ٿي ويندو آهي. پر جيڪڏهن مينهن وٺو، ته سمورو کٽڪو لهي پوندو آهي. پوءِ ٿر جا ماڻهو آرام ڪري پنهنجا پوري سال جا ٿڪ ڀڃندا آهن، ۽ ٻانهن سيراندي ڪري سڪون جي ننڊ ڪندا آهن. ۽ چوندا آهن ته هاڻي سڀ پريشانيون لٿيون، ۽ ٻانهن سيرانديءَ ڪريو ستا پيا آهيون.

19.          گُڙِي گُڙِي ، نيٺ ته وسندو.
ٿر ۾ موسم جا به پنهنجا پُور آهن. ڪڏهن آڙنگ ٿيندو، ڪڪر ٺهندا گوڙون به ٿينديون رات جو کنوڻيون کيل به لايو بيٺيون هونديون، پر اهي ڪڪر گوڙون ڪندا مٿان کان گذري ويندا، پر پاڻي جي ڦڙيءَ به نه ڪرندي. پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻين ماڻهن کي چوندو ته ادا! مينهن جو واه جو مانڊاڻ ٺهيو هو .پر ڦڙي به وٺي ڪا نه. ته ٻيا کيس اهو جواب ڏيندا ته ادا! “گڙي گڙي، نيٺ ته وسندو.” هن پهاڪي کي انهي مطلب ڏانهن به وٺي وڃي سگهجي ٿو ته، جيڪي ماڻهو ڪنهن ڪم ڪرڻ جون سدائين ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. اهي نيٺ ڪڏهن وڃي پنهنجي انهن ڪيل ڳالهين تي عمل ڪندا آهن. ته به ائين چئبو ته گڙي گڙي نيٺ وڃي وسيو.

20.          بڊو؛ اکين ڪڍو آهي.
جيئن ته بڊي (سيپٽمبر) جي مهيني ۾ فصلن جي لاباري جي تياري هوندي آهي. آمدني نه هئڻ ڪري هر ڪو پريشان هوندو آهي. سڀ ڪنهن کي پنهنجي پريشاني هوندي آهي.ٿر جي سماج ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو رواج هوندو آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو آهي. پر بڊي جي مهيني ۾ جيئن ته هر ڪو ماڻهوخود پريشان هوندو آهي. انهي ڪري هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ وارو جذبو گهٽجي ويندو آهي. ڪنهن به ماڻهو کي ٻئي جي پريشاني جو احساس نه هوندو آهي. پنهنجي تڪليف ۽ پريشاني سبب کيس ٻئي جي پريشاني ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي .ڄڻ هر ڪو ماڻهو انڌو ٿي ويو هجي. انهي حالت کي ڏسي ماڻهو چوندا آهن ته “بڊو اکين ڪڍو آهي.” يعني سڀڪو پنهنجي پريشاني ۾ ڄڻ انڌو ٿي ويو هجي.

21.          ان آهي ته ايمان آهي
انساني ضرورتن ۾ اناج هڪ اهم ضرورت آهي. ڇو ته پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ سدائين اناج جي ضرورت پوندي آهي. ٻي ڪا به شيءَ انسان جي پيٽ جي دوزخ کي ڀري نه سگهندي آهي. انهي لاءِ ان جي وڏي اهميت آهي. ماڻهو وٽ سڀ ڪجهه هجي، پر جيڪڏهن کيس کائڻ لاءِ ماني ناهي ته ڄڻ ڪجهه به نه آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي سنڌ جي سخي حاڪم ڄام نندي وٽ هڪ فقير اچي صدا هنئين ته فقط هڪ ماني جو سوال آهي. ڄام کيس چيو ته ماني ته خسيس شيءَ آهي تون ڪا وڏي شيءِ گُهر. فقير کيس جواب ڏنو ته اي سخي مرد! هر ماڻهو کان اسين فقير سندس اوقات موجب گهرندا آهيون، جيئن ته توهان جي سگهه ئي هڪ ماني جيتري آهي، آئون وڌيڪ ڇا گهران. انهي ڳالهه تي ڄام نندي، ڪاوڙجي کيس چيو ته فقير آئون بادشاهه آهيان. منهنجي در تي روزانو الا ئجي ڪيترا فقير اچي پيٽ ڀري ماني کائيندا آهن. پر تون ڪو بيوقوف ماڻهو آهين جو منهنجي طاقت کي صرف هڪ ماني سان ٿو ڀيٽين. فقير کلندي کيس چيو ته بادشاه سلامت اجايو مون فقير تي ناراض نه ٿي. مونکي ٻڌائي ته تو وٽ سون، چاندي، هيرا، جواهر، قيمتي ويس وڳا مطلب ته هر شيءِ موجود هجي، پر کائڻ لاءِ ماني جو ٽڪر به نه هجي، ۽ تو کي بک بيحال ڪري ڇڏي  تون مرڻ جهڙو ٿي وڃين، ان وقت ڪو ماڻهو تو کي اچي چوي، ته جي اڌ بادشاهي جو مون کي ڏين ته آئون تو کي هڪ ماني کائڻ لاءِ ڏيان. ڇا تون اهو سودو منظور ڪندين؟ ته ڄام نندي  چيو ته هائو. وري فقير کيس چيو ته جيڪڏهن تون اها ماني کائين ۽ تنهنجي هاضمي جو نظام خراب ٿي وڃي، تنهنجو پيٽ ڦوڪجي وڃي، تون سخت تڪليف ۾ وٺجي وڃين، سور ۾ دانهون ڪرڻ لڳين. انهي وقت ڪو حڪيم اچي تو کي چوي، ته بادشاهه سلامت جيڪڏهن مون کي اڌ بادشاهي جو لکي ڏين ته آئون تنهنجو علاج ڪريان. ڇا تون ايئن ڪندين؟ ڄام نندي چيو ته اي چريا فقير زندگي کان مٿي بادشاهي آهي ڇا؟ فقير کلندي کيس چيو ته بادشاهه سلامت تو کي تنهنجي اوقات جي قيمت معلوم ٿي وئي هوندي، جيڪا صرف هڪ ماني آهي. ماني جي پٺيان هي سموري دنيا ڊوڙي رهي آهي. ماني کان سواءِ ته ايمان به اڌورو هوندو آهي. انهي ڪري ته سياڻا سچ چئي ويا آهن ته؛ “ان آهي ته ايمان آهي”.

22.          ٻچا وات ۾ اچي ويا آهن.
ڏڪار جي صورت حال به عجيب صورتحال آهي. جنهن ۾ بُک هر ساهه واري کان ساڃاهه کسي وٺندي آهي. ڪو ڪنهن جو نه هوندو آهي. سڀ ڪو پنهنجي هڻ وٺ ۾ لڳو پيو هوندو آهي. پر ٿر جو سماج ڏڪار، بک، بدحالي ۾ به هڪ ٻئي جي تڪليف جو احساس رکندو آهي. شايد دنيا جي اندر صرف سنڌ جو ٿر علائقو آهي، جنهن ۾ بک هتان جي ماڻهن کان ساڃاهه نه ڦري سگهي آهي. هتي ڪنهن جي گهر ۾ جيڪڏهن پاءُ اٽي جو هوندو ته، اهو به خوشيءَ سان ونڊي ورڇي کائيندو آهي. ڪو به ڪنهن کان ڪا شيءِ لڪائي نه رکندو آهي. جڏهن ته بک اهڙي خطرناڪ شيءِ آهي، جيڪا ساهه وارن کي پنهنجا ٻچا کائڻ تي به مجبور ڪري ڇڏيندي آهي. جڏهن ته ٻچا هر جاندار کي پيارا هوندا آهن، ماءُ ته پنهنجي ٻچن لاءِ هرقرباني ڏيڻ لاءِ تيار هوندي آهي. پر ڏڪار جي بک ۾ توهان اهو ڏٺو هوندو، ته ڪتيءَ بک ۾ پنهنجا ٻچا کائي ڇڏيندي آهي. ائين ٻليءَ، شينهڻ وغيره به ڪنديون آهن. بک جي انهي ساڃاهه ڦريندڙ حالت کي ڏسي. سياڻن اهو پهاڪو ڏنو ته ڏڪار ۾ “ٻچا وات ۾ اچي ويا آهن.” يعنيٰ ماءُ به پنهنجا ٻچا کائڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ٻئي طرف ٿر۾ ڏڪار جي حالت دوران جڏهن سڀ وسيلا ختم ٿي ويندا آهن. ته ماروءَ ماڻهو پنهنجا اجها ۽ اباڻا ڪک ڇڏي، گهر کي ڪلف لڳائي بيراج ايراضي ڏانهن صرف پنهنجا ٻچا وٺي نڪري پوندا آهن. انهيءَ حالت ۾ جيڪڏهن کانئن ڪو پڇندو ته ڪيڏانهن نڪري پيا آهيو؟ ته چوندا ادا! ٿر ۾ ڏڪار آهي ۽ اسين پنهنجا ٻچا چڪ ۾ کڻي نڪري پيا آهيون.

23.          بڊي جا ڪانگ به ڇِتا.
ٿر ۾ جيڪڏهن  چوماسي جون برساتون پاڇاٽيون ٿي وينديون آهن، ته پوءِ جون جولاءِ جي بجاءِ ڪانگ آگسٽ ۾ آنا لاهڻ شروع ڪندا آهن. اهڙي حالت ۾ سنبت وڪرمي سال جي بڊي (سيپٽمبر) مهيني ۾ ڪانگ جا ٻچا آنن مان ڦٽي نڪرندا آهن ۽ انهن ٻچن جي چوڳي لاءِ ڪانگ ڳوٺن ۾ نڪري پوندا آهن. جيئن ته ڪانگ جا ٻچا ننڍا هوندا آهن. هوان جا داڻا يا ٻيون جهنگلي شيون کائي نه سگهندا آهن. انهي ڪري هو ڳوٺن ۾ ڪاهي پوندا آهن. پوءِ لسي جي ماٽي مان جهپو هڻي مکڻ پيا کڻندا، ننڍن ٻارن جي هٿن مان ماني جا ٽُڪر پيا ڦريندا، ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي رکيل ماني تي پيا جهپو هڻندا، بازار ۾ دڪانن جي ٻاهران پيل کاڌي جي شين مان به ڪجهه کڻڻ جي ڪوشش پيا ڪندا آهن. ڇو ته کين پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻو هوندو آهي.هر ماڻهو کي تنگ ڪرڻ تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوندو ته ادا! ڪانگن ڏاڍو پريشان ڪيو آهي، ته ٻيو ماڻهو کيس چوندو ته بڊي جو مهينو آهي. سياڻا چئي ويا آهن ته بڊي جا ڪانگ به ڇتا ٿيندا آهن.

24.          بڊي جي رٻ به ڀلي.
سنبت وڪرمي سال جي بڊي (سيپٽمبر) مهيني ۾ جيئن ته فصل پچڻ جي موسم هوندي آهي. فصل لابارو ڪري ميڙڻو پوندو آهي. ماڻهن جي آمدني گهٽجي ويندي آهي .هر ڪو پريشان هوندو آهي. ٿر ۾ ته صورتحال ڪجهه وڌيڪ مشڪل هوندي آهي، ڇو ته نوان فصل لٿل نه هوندا آهن ۽ گهر ۾ پيل کاڌ خوراڪ جي شين جي کوٽ هوندي آهي .هونئن به ٿر جا ماڻهو هميشه ڏڪار جا ماريل هوندا آهن. انهي ڪري منجهن قناعت جي عادت هوندي آهي. هو سخت ترين مشڪل حالتن ۾ به ٻئي ماڻهو کي وسان سوال نه ڪندا آهن. گهر ۾ پيل جيڪو ڪجهه هوندو آهي، انهي تي گذر ڪري وٺندا آهن. بڊي جو مهينو جيئن ته مشڪلات جو مهينو هوندو آهي. اهڙي حالت ۾ پاءُ ان جي ڏاري ۾ ٻه ڪلو پاڻي وجهي ڪاڙهي رٻ ٺاهيندا آهن. پوءِ انهي رڌل رٻ جا ٻه ٻه پيالا پي ڏاڪار ڏيئي گرڙي ڪري ڪم تي نڪري ويندا آهن. مالڪ جا شڪرانه بجا آڻيندي دل کي آٿت ڏيندي چوندا، ته مولا جو شڪر آهي؛ “بڊي جي رٻ به  ڀلي”.

25.          سرامڻ جوسرڄيو، ڄائو اسوءَ ماهه، ڏياري جو ڏٿ ٻاري ويٺو مٿي باهه.
سنبت مهيني سرامڻ يعنيٰ سانوڻ (آگسٽ) مهيني ۾ موسم مان گرمي گهٽجڻ شروع ٿيندي آهي ۽ ٿڌ پوڻ جي نه محسوس ٿيندڙ شروعات ٿيندي آهي يعني سياري جي موسم اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ هوندي آهي. سنبت وڪرمي سال جي اسوءَ (آڪٽوبر) مهيني ۾ سيءَ محسوس ٿيندو آهي ، اهو مهينو ڄڻ سياري جي جنم جو مهينو هوندو آهي. ڏياري جي ڏڻ (نومبر) ۾ ٿر جي واريءَ ٿڌ لڳڻ ڪري وڌيڪ ٺري سيءَ کي آڻيندي آهي ، ماڻهو ڪک ڪاٺيون ميڙي مچ ٻارڻ جي شروعات ڪندا آهن. ڏياري جو ڏڻ سياري جي اچڻ جو اعلان هوندو آهي.ٿر ۾ سياري جي سرڄڻ، سياري جي جنم وٺڻ ۽ جوان ٿيڻ، جي سموري سلسلي کي ٿر جي ڏاهن سگهڙن ڪهڙي نه خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن ڳالهه کي ڏسي ٿر جي ڏاهپ کي دل سان مڃڻو پوي ٿو.

26.          تتل تاري، وقت گذاري.
    ٿر ۾ ڏڪار جي حالت ۾ جڏهن ٿر جون ڀٽون خشڪ ٿي واريءَ وسائڻ شروع ڪنديون آهن. ڀٽن جي وچ وارن ڏهرن جا وڻ به سڪڻ شروع ٿي ويندا آهن، پاڻي جون ترايون سُڪي ٺوٺ ٿي وينديون آهن ۽ کوهن جا پاڻي کارا ٿيڻ جي شروعات ڪندا آهن، ته اهو وقت ٿر جي ماڻهن لاءِ آزمائش جو وقت هوندو آهي. اهڙين حالتن ۾ کين هڪ طرف پنهنجي پيٽ گذر جو فڪر هوندو آهي، ته ٻئي طرف پنهنجي مال جي چاري لاءِ پريشان هوندا آهن. محنت ڪري هِتان هُتان پيا پٽ سٽ تي گذارو ڪندا آهن. ڪڏهن ڏٿ ڳولي صاف ڪري گهر کڻي ايندا ، ته ڪڏهن ڪنڊيءَ جا ڇوڏا لاهي انهن کي ڪٽي پيا اٽو ٺاهيندا، ته ڪڏهن ٽوهه جي ٻجن کي صاف ڪري گهر کنيو پيا ايندا. مال لاءِ وڻن جون ٽاريون وڍي ڀريون ٻڌي پيا آڻيندا. مطلب ته هو هر حالت ۾ وڏي همت سان ڏڪار جي قحط جو مقابلو پيا ڪندا آهن. اهڙي پٽ سٽ جي حالت ۾ جيڪڏهن ڪو کانئن  حال پڇندو ته چوندا ادا! “تتل تاريءَ، وقت گذاريءَ.” يعنيٰ پٽ سٽ تي پيو گذران ٿئي.

27.          گهر ۾ڪڪڙ، سنئين ڳاٽ پيو گهمي.
ڪڪڙ ماڻهو گهر ۾ شوق سان ڌاريندا آهن ڇو ته ڪڪڙ پنهنجو چوڳو پاڻ ڳوليندا آهن. ۽ ڌارڻ واري ماڻهو مٿان  سندن ڪو به بار نه هوندو آهي. هو گهر ۾ ڪريل کاڌ خوراڪ کي پيا چڳندا رهندا آهن. سندن ڪنڌ هميشه چوڳ جي تلاش ۾ هيٺ هوندو آهي.پر جيڪڏهن گهر ۾ ڪجهه به نه هوندو ، ته هو پنهنجو ڳاٽ مٿي ڪريو پيا هلندا . جنهن مان انهي گهر جي غربت جي خبر پوندي آهي.جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻاهر اڇا ڪپڙا پائي لئه سان پيو گهمندو ، پر سندس گهر ۾ کائڻ جو لولو به نه هوندو ، غربت سبب سندس گهر جا ڪڪڙ به چوڳ لاءِ ڪا شيءَ نه ڏسي سنئين ڳاٽ پيا هلندا ،ته پوءِ ماڻهو ان کي چوندا ته، ٻاهر اڇا ڪپڙا پايو لئه سان پيو گهمين .پر تنهنجي گهر ۾ ته ڀينگ لڳي پئي آهي . تنهنجي گهر ۾ ڪڪڙ سنئين ڳاٽ پيو گهمي.مطلب ته تنهنجي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪو داڻو به نه آهي .

28.          هي ائين رهيو، جيئن کيتو ڏياري کان.
ٿر ۾ ڏڪار جي حالتن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو سنڌ جي بيراج علائقن ۽ شهرن ڏانهن گذر معاش جي پورت ڪرڻ لاءِ محنت مزدوري لاءِ نڪري پوندا آهن .پوءِ جيڪڏهن ڪو عيد جو ڏينهن ايندو آهي، ته هو واپس ٿر ڏانهن ورندا آهن. پر ٿر ۾ سفر جي مشڪلاتن کي منهن ڏيندي ڪڏهن ڪڏهن هو عيد جي ڏينهن گذري وڃڻ بعد به پهچندا آهن.
کيتي نالي هڪ همراهه ٿر کان ٻاهر ڪمائڻ ويو ۽ ڏياري جي ڏڻ ملهائڻ لاءِ واپس ٿر آيو پئي، واپسي تي هن پنهنجي گهر وارن لاءِ ڪپڙا، ٻارن لاءِ رانديڪا ۽ ڪجهه کاڌي پيتي جون شيون به ورتيون سندس دل ۾ وڏي خوشي هئي، ته هو ڏياري جي  ڏڻ تي خوشيون ڪندو، رانديڪا ڏسي سندس ٻارڙا به خوش ٿيندا. هن ڪجهه ڦٽاڪا به ورتا هئا ته جيئن  ڏياري جي ڏڻ جو اعلان هو پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي، ڳوٺ سريکو ڪري سگهي. هن پنهنجي ٻارڙن ۽ گهر جي ٻين ڀاتين لاءِ رنگبرنگي ڪپڙا پڻ خريد ڪيا هئا. جيئن سندس ٻارڙا ۽ گهر جا ڀاتي ڏياريءَ جي ڀلاري ڏڻ تي اٻالا نه رهن. پر سفري سهوليتن جي اڻاٺ سبب هو وڏي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به ڏياري جي ڏڻ گذرڻ بعد گهر پهتو. جڏهن ته ڏياري جو ڏڻ گذري چڪو هو. هن جي آندل ٻارن لاءِ ڦٽاڪن ۽ مٺاين جو خرچ به اجايو ويو، ۽ سندس ٻار ڏياري سٺي نموني نه ملهائي سگهيا، هنن ڏياري جي ڏڻ تي به ڦاٽل ڪپڙا پاتا، انهي ڪري کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، ته هو ڏياري جي خوشين ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو. هن جا ٻار به ڏياري جون خوشيون ملهائي نه سگهيا. ڳوٺ وارن مٿس ٽوڪون ڪرڻ شروع ڪيون ته اڙي! کيتو پنهنجي سستي ۽ لالچ سبب ڏياري جي موقعي تي نه پهتو. اها ڳالهه پري پري تائين پهچي وئي، ۽ اڳتي هلي اهو  پهاڪو جڙي ويو. پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خوشيءَ جي موقعي تي دير سان اچي ٿو ته ماڻهو چوندا آهن. “هي به ائين رهيو جيئن کيتو ڏياري کان.

29.          اٺي را، واٽهڙو ڏس ڏيسي.
(اٺي جون خبرون، پانڌيءَ ڏيندا)
ٿر ۾ رابطي ۽ خبر چار جو نظام نه هئڻ جهڙو آهي. هاڻي ته فون به اچي ويا آهن، روڊ به ڪجهه قدر ٺهي ويا آهن. تمام ٿورين جاين تي ٽيليوزن جي سهوليت به موجود آهي. پر اڳي ۽ هاڻي به خبر چار جو نظام دنيا جي ٻين حصن جهڙو تيز ناهي. ٿر ۾ خبر چار وٺڻ جو هڪ قديم نظام اڃا به قائم آهي. جنهن موجب ٿر جي رستن تي موجود ڌنار، هاري ،۽ ٻيا ماڻهو، رستي تان ايندڙ ويندڙ مسافرن يا ڳوٺ ۾ ٻاهران ايندڙ ماڻهن کان پيا خبر چار وٺندا آهن .اهڙي ريت پري کان کنوڻ ٿي، يا گوڙ ٻڌڻ ۾ آئي، ته هو انهي طرف کان ايندڙ مسافرن کان مينهن وسڻ جي خبر چار پڇندا آهن، کين مينهن جي تفصيلي خبر انهن مسافرن کان ملي ويندي آهي .صدين جي انهي طريقي سان مينهن بابت معلومات وٺندي، هي پهاڪو جڙي ويو ته “اٺي را واٽهڙو ڏس ڏيسي” يعنيٰ اٺي جون خبرون پانڌي ڏيندا.

30.          مال، لعل آهي.
ٿر ۾ آمدني جو وڏي ۾ وڏو ذريعو چئوپايو مال ڌارڻ آهي. ڪنهن ماڻهو کي ڪا اوچتي پئسي جي ضرورت پئجي وئي ته، هو ضرورت موجب ڪا ٻڪري، ڪا ڍڳي، ڪو اٺ، وڪڻي پنهنجي ضرورت لاءِ پئسا هٿ ڪري وٺندو آهي. مال جو ڌڻ ٿرين جي بئنڪ آهي. جتان هر مشڪل وقت ۾ کين گهربل رقم ملي ويندي آهي. ٿر ۾ مال جي عيوض مال جو واپار به ٿيندو رهندو آهي. ٿري سماج ۾ سِڪي جو استعمال گهٽ ٿيندو آهي، ان ڪري ٿرين وٽ مال جو ڌڻ ته هر وقت موجود هوندو، پر روڪ رقم تمام گهٽ پيل هوندي آهي. ٿرين کي جي روڪ رقم هٿ آئي ته، هو اها رقم گهر ۾ رکڻ بجاءِ ڪو ڍور يا ٻڪري وٺي ڇڏيندا. ۽ چوندا ته “مال، لعل آهي”.

31.          سڪارين ڀلا سيڻ، ڏڪارين ڀلا ڏاڻيا.
(سڪار ۾ مائٽ عزيز سٺا لڳندا آهن پر ڏڪار ۾ انهن کان وڌيڪ ان جا داڻا سٺا لڳندا آهن.)
ٿر ۾ ماڻهن جون نفسياتي طور ٻه ڪيفيتون هونديون آهن. سڪار ۾ کين سڄڻ ياد ايندا آهن، ۽ هو آيل مهمانن تي اور گهور پيا ٿيندا. سڪار ۾ جيڪڏهن ڳوٺ جي اوطاق تي ڪو مهمان آيل نه هوندو ته، هو ان ڏينهن کي نڀاڳو ڏينهن سمجهندا.وسڪاري جي موسم ۾ هو پنهنجي مائٽن ۽ دوستن کي دعوتون ڏئي گهرائيندا آهن. سندن دل کولي مهمانيون ڪندا آهن. سڪار ۾ ٿرين جي مهمان نوازي ڏسڻ وٽان هوندي آهي. پر ڏڪار جي حالت ۾ هو پنهنجي پيٽ ۽ مال جي چاري لاءِ پريشان هوندا آهن. سندن ڏينهن رات ڏٿ ميڙڻ جي خفي ۾ گذرندو آهي انهي وقت مال جو چارو ۽ ان جا داڻا کين سڀ کان وڌيڪ عزيز هوندا آهن. هو ان جو ڪڻو به ضايع ٿيڻ نه ڏيندا آهن. ڏڪار جي حالتن ۾ هو آيل مهمانن جي به خدمت گهٽ ڪري سگهندا آهن. ڇو ته ڏڪار جي حالتن ۾ هو ايئن ڪرڻ لاءِ مجبور هوندا آهن. سندن انهن ڪيفيتن کي ڏسندي سياڻن هي پهاڪو چيو جيڪو هر ٿري ماڻهو وقت به وقت دهرائيندو رهي ٿو ته “سڪارين ڀلا سيڻ، ڏڪارين ڀلا ڏاڻيا.”

32.          ڏونگر ته ڏور ڀلا، نيڙا تو پاهڻيا.
(جبل پري کان ته سهڻا لڳندا آهن پر ويجهي وڃڻ بعد هو صرف پٿر آهن)
پري کان جبلن جو نظارو من موهيندڙ ۽ سهڻو لڳندو آهي. دل چوندي آهي ته جلد ويجهو وڃي سندن ديدار ڪجي.پر جڏهن ماڻهو کين ويجهو پهچندو آهي، ته هو ڀوائتا پٿرن جا ڍڳ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، ۽ ماڻهو کي جبلن جي ڪشش ۾ ڪيل پنڌ اجايو محسوس ٿيندو آهي. هن دنيا ۾ ڪيتريون اهڙيون شيون آهن، جيڪي پري کان ته خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ لڳنديون آهن، پر حاصل ڪرڻ بعد اهي بد صورت ۽ نفرت جي لائق ٿي وينديون آهن. ٿر ۾ ٽوهه پري کان سڀني ميون کان خوبصورت ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پر جڏهن انهي کي ڪٽي ڦار وات ۾ وجهبي آهي. ته قاتل زهر جيان لڳندي آهي. ٿر جي لوڪ ڏاهپ صدين جي مشاهدي جو نچوڙ آهي. ان مشاهدي جي نچوڙ مان نڪتل هي وڏي معنيٰ رکندڙ پهاڪو به آهي.

33.          ورهيه ته ڏڪار، پر مٽيءَ ڏانهن موٽڻو آهي.
مٽيءَ جو رشتو به انتهائي گهرو رشتو آهي. ماڻهو جنهن ڳوٺ ۾ ڄمي ٿو. جتي ان جو ننڍ پڻ گذري ٿو. جنهن اڱڻ تي هو کيڏي ٿو، ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي يارن ، جيڪي ساڻس گڏ کيڏي وڏا ٿيا هئا. انهن ننڍپڻ جي يارن کي هو ڪڏهن به وساري نٿو سگهي. ماڻهو ڪيترو به وڏي عمر جو ٿي وڃي، پر هو پنهنجي ننڍپڻ جون يادگيريون وساري نه سگهندو آهي. هن کي ننڍي هوندي جي يارن ۽ جن اڱڻن تي هو کيڏي وڏو ٿيو، انهن اڱڻن ۽ ان ڳوٺ جي مٽيءَ کي هو مرڻ گهڙي تائين ياد رکندو آهي. وڏي ٿيڻ بعد جڏهن هن کي پنهنجا اهي پڊ ڇڏڻا پوندا آهن، ته هن جي اکين مان لڙڪ مينهن جي اوهيرن جيان روڪڻ جي باوجود به وسي پوندا آهن. ٿر ۾ ڏڪار جي حالتن ۾ ماڻهن کي پنهنجي ضرورتن جي پورائي ۽ مال جي چاري سانگي پنهنجن انهن اباڻن ڪکن کي ڇڏڻ وقت ڳوڙها ڳاڙڻا پون ٿا. اهو منظر ڏسندڙ به پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهندا آهن. پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن. جيڪي هر قسم جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي همت رکندا آهن. هو ڪنهن به قيمت تي ٿر کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. هو پنهنجي هنر ۽ محنت مزدوري سان ڪجهه نه ڪجهه ڪري پيا پنهنجو وقت ڪٽيندا آهن. ٿر ۾ ڪجهه قبيلا اهڙا آهن، جيڪي هر حالت ۾ ٿر ۾ ئي رهندا آهن. جهڙوڪ ٺڪر، ميگهواڙ، واڻيا، مالهي، ارباب، راهمان، جنجھي، سوٽهڙ ۽ ٻيون ذاتيون هر حال ۾ ٿر مان لڏي وڃڻ کي عيب سمجهنديون آهن. انهن کان جيڪڏهن پڇبو ته اهڙي ڏڪار ۾ به توهان ٿر ۾ ويٺا آهيو، ٻاهر وڃي مزدوري ڇو نٿا ڪريو؟ ته هو جواب ۾ چوندا ته ڏڪار ۾ وڃون به کڻي، پنهنجا اجها ويران به ڪريون، چار ٽپڙ هِتي هُتي روليندي به ڀڃون، ۽ وري وسڪارو ٿئي ته موٽي اچون، اهڙي وڃڻ ۾ ڪهڙو فائدو. ٿر جي مٽيءَ جي محبت اسان کي ڪٿي به ويهڻ نه ڏيندي. آخر ڪار هن مٽيءَ ڏي موٽڻو ئي پوندو. انهي ڪري وڏڙا ويچارا چئي ويا آهن ته “ورهيه ته ڏڪار، پر مٽيءَ ڏانهن موٽڻو آهي”.

34.          جيترو پاڻي اُونهون، اوتري مٽي جي سِڪ وڌيڪ.
انسان جي فطرت آهي ته هو پنهنجي ٺاهيل شين سان وڌيڪ محبت ڪري ٿو. جيترو هو وڌيڪ محنت ڪري پنهنجو وقت ڏئي ڪا شيءَ ٺاهي ٿو، ۽ ٺاهڻ دوران هن جو هر منٽ انهي شيءِ کي بهتر کان بهتر ٺاهڻ واري سوچ ۽ لوچ ۾ رهي ٿو.انسان کي صرف پنهنجي سوچ ۽ لوچ سان بي انتها محبت آهي. جيڪا ئي انساني تهذيب جي ارتقا جو سبب آهي. ٿر ۾ جيئن ته پاڻي جو مستقل ذريعو کوهه جو پاڻي هوندو آهي. انهي لاءِ هو وڏي محنت ۽ ڪاريگريءَ سان ڪيترا .ئي ڏينهن لڳائي کوهه تيار ڪندو آهي. جڏهن کوهه تيار ڪرڻ بعد پهريون گهڙو پاڻي جو ڀري پنهنجي گهر ۾ پهچندو آهي، ته سڄي گهر ۾ بي انتها خوشي جي لهر ڇائنجي ويندي آهي. جيڪا خوشي نه صرف انهي اڪيلي گهر ۾ هوندي آهي، پر کوهه کوٽڻ واري عمل ۾ سڄو ڳوٺ شامل هوندو آهي، ۽ اها خوشي انهي سڄي ڳوٺ جي عيد کان به وڏي خوشي هوندي آهي. ٿر ۾ ڇاڇري ۽ ٿر جي اتر اوڀر ڪنڊ تي تمام اونها کوهه کوٽڻا پوندا آهن. جيڪي ٽي سئو فوٽ يا ان کان به وڌيڪ اونها هوندا آهن. ايڏي محنت سان کوٽيل کوهن جي هر سر ۾ ان علائقي جي ماڻهن جي محبت ٽانڪيل هوندي آهي. هو انهي کوهه سان پنهنجي سڄي ڄمار هڪ حسين محبوبه جيان پيار ڪندا آهن.۽ هنن کي مٽيءَ سان ٻين جي بنسبت وڌيڪ محبت هوندي آهي. هو ڪڏهن به جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن ڪم سانگي پري نڪري ويا ،تڏهن به هنن کي مٽيءَ جي محبت ڪٿي به سڪون سان ويهڻ نه ڏيندي آهي. هو جلد اهو ضروري ڪم لاهي واپس موٽي پهريائين انهي کوهه کي اچي ڏسندا آهن ،۽ پوءِ گهر ويندا آهن. ماڻهن جي کوهه سان اهڙي محبت کي ڏسندي سياڻن هي پهاڪو چيو ته “جيترو پاڻي اونهون، اوتري مٽي جي سڪ وڌيڪ.

35.          اونهي کوهه جيان، اندر جو به اونهون.
ڪي ڪي ماڻهو وات ڦاٽوڙا هوندا آهن. هو ڪا به ڳالهه دل ۾ سانڍي نه سگهندا آهن. ڪا ڳالهه ڏٺي يا ٻڌي ته هو هوڪا ڏئي سڀني کي پيا ٻڌائيندا. اهڙن ماڻهن کي ڪو به پنهنجي دل جي ڳالهه نه ٻڌائيندو آهي. پر ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن. جيڪي هر ڏٺل ۽ ٻڌل ڳالهه کي دل ۾ سانڍي رکندا آهن. ائين جيئن اها ڳالهه ڪنهن اونهي کوهه ۾ ڪري پئي. پوءِ انهي کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي. اهڙن ماڻهن کي سڀ ڪو پنهنجي دل جو حال ٻڌائي بار هلڪو ڪندو آهي. اهڙا ئي ماڻهو سماج ۾ اعتماد جي لائق هوندا آهن. پوءِ سڀ ڪو اهڙي ماڻهو لاءِ چوندو ته “اونهي کوهه جيان، اندر جو به اونهون” ماڻهو آهي.

36.          تازي پاڻي پيئڻ وارو، راز نه رکندو.
ڏکن جو قدر انهي ماڻهو کي هوندو جنهن ڏک ڏٺا هوندا .بک جو قدر انهي ماڻهو کي هوندو، جنهن بک ڏٺي هوندي.ڇو ته ماڻهو پنهنجي زندگي جي تجربن مان ئي سکندو آهي. ڪنهن وٽ ڀلي علم ۽ مطالعو وڌيڪ هجي، پر تجربي ڪار ماڻهو جي اڳيان هو خود کي جاهل محسوس ڪندو. اهڙي طرح جنهن ماڻهو سوين فوٽ اونهون کوهه کوٽي ان مان پاڻي ڀري پيتو هوندو. ان کي ڪنهن ندي يا واهه مان ٻڪ ڀري پاڻي پيئندڙ ماڻهو کان وڌيڪ پاڻي پيئڻ لاءِ حاصل ڪرڻ جي سفر جي مشڪلاتن جي خبر هوندي. ان کي پاڻي جي اصل اهميت ۽ قدر قيمت جي ڀلي ڀت ڄاڻ هوندي.ڇو ته قدر هميشه محنت سان حاصل ڪيل شين جو ئي هوندو آهي.بنا محنت حاصل ڪيل شيءَ جو قدر گهٽ هوندو آهي. جنهن ماڻهو واهه مان ٻڪ ڀري پاڻي پيتو ان کي پاڻي جي اهميت جي ڄاڻ گهٽ هوندي. انهي سموري ڳالهه کي آسان لفظن ۾ سمجھائڻ لاءِ ٿر جي سياڻن هي پهاڪو چيو“تازي پاڻي پيئڻ وارو، راز نه رکندو” ڇاڪاڻ ته تازي پاڻي پيئڻ واري ماڻهو وٽ قيمتي ڳالهيون سنڀالي رکڻ جي سوچ ئي نه هوندي يعني هن کي گهٽ تجربي هئڻ ڪري شين کي سنڀالي رکڻ جو ڏانءَ نه هوندو.

37.          ڦٽي تي ڍل ڪانهي.
جيڪا ٻنيءَ آباد هوندي ته روينيو قانون موجب ان جي ڍل وصول ڪئي ويندي. جيڪا ٻنيءَ غير آباد هوندي، ان جي ڪا به ڍل وصول نه ڪئي ويندي. ڍل هميشه وسندڙ ۽ آباد ٿيندڙ ٻنيءَ جي ورتي ويندي آهي. ڇو ته انهي مان پوکڻ واري کي ڪجهه پيداوار حاصل ٿيندي آهي، ۽ نفعو ملندو آهي.غير آباد ٻنيءَ جي نه ڍل ته نه منافعو.اهڙي ريت جڏهن ڪنهن ماڻهو کي ڪنهن ڪم مان نقصان پوندو آهي، يا ڪنهن واپار ۾ نفعو نه ملندو آهي، ته هو پنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ چوندو آهي؛ “ڦٽي تي ڍل ڪانهي”.

38.          کنڀيءَ چٽڪو چار ڏينهن.
ٿر ۾ وسڪاري بعد ڀٽن جي پاڙن ۽ ڏهرن ۾ کنڀيون تمام وڏي تعداد ۾ نڪري پونديون آهن، ۽ پٽ اڇا ٿي ويندا آهن. برسات وسڻ بعد هي پهريون ڏٿ آهي، جيڪو ٿرين کي نصيب ٿيندو آهي. کنڀيءَ هونئن ته سڄي دنيا ۾ ٿيندي آهي. ڪيترن ملڪن ۾ هن کي هٿرادو نموني به پوکيو ويندو آهي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ڀاڄين جي دڪانن تي کنڀيون به رکيل هونديون آهن. پر ٿر جي کنڀيءَ جي لذت، دنيا جي کنڀين کان وڌيڪ آهي. کنڀيءَ هڪ ڏينهن زمين مان ٿورو منهن ڪڍندي، ٻئي ڏينهن ٻه انچ کن جي هوندي ٽي ڏينهن سندس قد ساڍا ٽي انچ کن ٿي ويندو ۽ اها کنڀيءَ مڪمل طور جوان هوندي. چوٿين ڏينهن کنڀيءَ جو سرو نرم ٿي ويندو، پنجين ڏينهن کنڀيءَ جي سري ۾ ناسي رنگ جو پائوڊر هوندو، ۽ ڇهين ڏينهن پائوڊر زمين تي ڇڻي پوندو، ۽ کنڀيءَ جي ڏانڊيءَ به سڙي ڪاري ٿي ڪري پوندي. ڇو ته کنڀي جي عمر صرف ڇهه ڏينهن هوندي آهي.چئن ڏينهن جي عمر تائين کنڀي کائڻ جي لائق هوندي آهي. ان کان پوءِ هو ڪنهن ڪم جي نه رهندي آهي. البت کنڀي جي قسم نر کنڀي جو ناسي پائوڊر ٿر جا ماڻهو سڪائي شيشيءَ ۾ وجهي رکندا آهن. جنهن کي هو هڏ ڀڳل مريض کي مکڻ ۾ وجهي موميائي طور چٽائيندا آهن. جيئن ته کنڀي صرف چار ڏينهن ڀاڄي طور استعمال ڪري سگهجي ٿي. انهي لاءِ هي پهاڪو چوڻ ۾ آيو ته “کنڀي چٽڪو چار ڏينهن” جڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ عارضي خوشحالي آئي، هو آپي منجهان نڪري ويو ته، سندس خير خواهه دوست کيس نصيحت ڪندي چوندا ته، هي تنهنجي خوشحالي چئن ڏينهن لاءِ آهي، تون آپي مان نه نڪر، “ڇو ته کنڀي چٽڪو چار ڏينهن.”

39.          هر گسي، نه ڦار گسي.
محنت سان حاصل ڪيل شيءَ جو قدر انهي ماڻهو کي هوندو، جنهن محنت ڪئي هوندي. پر جنهن ماڻهو کي بغير محنت جي ڪا شيءَ ٿالهي ۾ رکيل ملي، ته ان وٽ ان شيءَ جو ڪو به قدر نه هوندو. ٿر جو هاري جڏهن جھنگ وڍي ڪنڊن ۾ ڦٽجي ٻنيءَ صاف ڪري ٿو. پوءِ وسڪاري ٿيڻ بعد هر ڪاهي چونيءَ (ڦار) گسائي ٿو، پوء اها چونيءَ يعني ننڍڙي هر ۾ لڳل لوهي ڦار کي تيز ڪري. وري ٻني کيڙي ٿو. پوکي ٿو گڏ ڪڍي ٿو، جهار هڪلي ٿو. لابارو ڪري اناج صاف ڪري جڏهن گهر کڻي اچي ٿو ته، کيس  ان فصل جي داڻي داڻي جو قدر هوندو آهي.  جڏهن هو ان مان ڪجهه حصو دڪاندار وٽ وڪڻڻ لاءِ کڻي وڃي ٿو ته، دڪاندار ان جو اگھ، هاري جي مرضي موجب نٿو ڏئي، ته پوءِ  هاري انهي دڪاندار کي چوندو آهي ته، تو کي هن شيءَ جو قدر ناهي، تڏهن گهٽ قيمت تي خريد ٿو ڪرين. ڇو ته تو کي هن فصل تيار ڪرڻ جي محنت جي خبر ئي ناهي. تنهنجو ته “هر گسيو، نه ڦار گسيءَ”. اهڙي ريت ٿر ۾ بٽئي جي وقت ڪجهه پينوءَ فقير کرن تان اچي هارين کان خيرات ۾ ان حاصل ڪندا آهن. پوءِ هو انهي ان کي اڌ قيمت ۾ ئي وڪرو ڪري پئسا کيسي ۾ وجهي روانا ٿي ويندا آهن ته، انهي وقت اتي ڏسندڙ ماڻهو به انهي پينوءَ فقير وٽ ان جي بي قدري کي ڏسندي پڻ هي پهاڪو چوندا آهن.

40.          ڏڪار وڇوڙو، ميلاپ وسڪارو.
ٿر جي ڀٽن کان جڏهن سانوڻ جي مند رسي ويندي آهي. مينهن نه وسندو آهي ته، پوءِ ماروئڙن جي منهن تي مايوسي، چپن کان مرڪون ۽ گيت ڦرجي ويندا آهن. هر طرف موت جو راڪاس زندگيون ڳڙڪائڻ لڳندو آهي. انهي وقت ٿر سان ماءُ جهڙي محبت ڪندڙ ٿري ماڻهو پنهنجي پيٽ گذر۽ مال جي چاري لاءِ بيراج ايراضي ڏانهن نڪري پوندا آهن. اهو نڪرڻ وڏو درد ناڪ عمل هوندو آهي. جنهن ۾ پوڙهي جيجل ماءُ کان سندس سڀاڳا پٽ ڌار ٿيندا آهن.ونين کان ور وڇڙندا آهن. ٻه محبت ڪندڙ دليون اشارن ئي اشارن ۾ ڪئين قول واعدا ڪري، هڪ ٻئي کان الڳ ٿينديون آهن. انهي وقت ٿري عورتن جي همت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. هو دل ۾ ته روئنديون آهن پر چپن تي زخمي مرڪون آڻي، پنهنجي پيارن کان موڪلائينديون آهن. اهو هڪ وڇوڙو آهي جيڪو ڏڪار سبب ٿيندو آهي. وري جڏهن سانوڻ جي مند پرچي پوندي آهي. مينهن ملهاريون وسي پونديون آهن.کنوڻيون کيل لائينديون آهن، مورن جا ٽهوڪا خوشين جي اچڻ جو اعلان ڪندا آهن، ته مال سانگي ويل ماڻهو وانڍن کان واپس ورندا آهن، ۽ وري دلين جي دنيا آباد ٿيندي آهي، گهرن جي اڱڻن ۾ ٽهڪ گونجندا آهن،گيتن، همرچن جي هڳاءَ سان ماحول  گرمائجي ويندو آهي. اها سڀ وسڪاري سبب ميلاپ جي خوشي آهي. ٿر جا عقلمند سگهڙ ڏڪار ۽ سڪار جي ڪيفيتن کي بيان ڪندي چوندا آهن ته “ڏڪار وڇوڙو، ميلاپ وسڪارو”. ٿري لوڪ ادب جي هن پهاڪي ۾ ڏڪار ۽ سڪار جي ڪيفيتن کي ايترو جامع ۽ مختصر طور بيان ڪرڻ واري فن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.

41.          تلاءَ سڪي ويو، پر هنس نه وڃي.
هنس يا هنج پکي لاڙ جي ساحلي علائقن جي مٺي پاڻي جي ڍنڍن ۾ رهندو آهي. هي پکي ريت کانسواءِ پاڻي اندر موجود ٻوٽن کي به کائيندو آهي. اڪثر وڏي پاڻي جي ڍنڍن ۾ رهائش اختيار ڪندو آهي.هلڪن دٻن ۾ نه ايندو آهي. ڇو ته هلڪن پاڻي جي دٻن ۾ موجود ننڍڙيون مڇيون ۽ ڊينڊ هي پکي نه کائيندو آهي. ٿر ۾ به ڪارونجهر جي آس پاس ڍنڍن ۽ تلائن ۾ سندس رهائش آهي. وسڪاري جي مند ۾ جڏهن پاڻي جون ڍنڍون ڀرجي چڪار ٿي وينديون آهن، ته هن پکي جون عيدون ٿي وينديون آهن. پر جڏهن ڏڪار اچڻ بعد ڍنڍون سڪي وينديون آهن. ته به هي پکي انهن ڍنڍن مان آسرو پلي، ٻئي ڪنهن علائقي ڏانهن نه ويندو آهي. انهن ڍنڍن جي سڪڻ بعد  بکون ڪاٽي به ويٺو هوندو آهي. سندس انهي عادت کي ٿر جا ماڻهو يا لاڙ جا ماڻهو پسند ڪندا آهن، ۽ سندس انهي عمل کي وفا سان ڀيٽيندي کيس وفادار پکي سمجھندا آهن. هو چوندا آهن ته ڍنڍ سڪڻ بعد ٻيا سڀ پکي ڍنڍ ڇڏي اڏامي ويا، پر وفادار هنج پکي ڍنڍ کي نه ڇڏيو. بک ۾ به ويٺو آهي. سندس انهي وفا کي ڏسندي پهاڪو چوڻ ۾ آيو ته “تلاءُ سڪي ويو، پر هنس نه وڃي”. هي پهاڪو ٿري ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندو آهي. ٿر جا ماڻهو هن پهاڪي کي پاڻ سان منسوب پڻ ڪندا آهن. قحط ڏڪار جي پيڙائن کي سهڻ، ۽ ٿر کي نه ڇڏڻ واري عمل کي هو پاڻ سان ڀيٽيندي ڏاڍا خوش پيا ٿيندا آهن. انسان پنهنجي دردن جو درمان ڳولڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن لفظن جو به سهارو وٺندو آهي. ڇو ته لفظن جي طاقت ئي وڏي ۾ وڏو سچ آهي.

42.          تن ڪوٽڙيين، مارو وسي من ۾.
ڏڪار جي حالتن ۾ ٿر مان ڪجهه ماڻهو پورهئي سانگي ٻين علائقن ڏانهن ويندا آهن. ڪجهه ماڻهو بيراج علائقن جي سرندي وارن وٽ بنگلي جي ڪم ڪار لاءِ نوڪر به ٿيندا آهن. ٿر جا ماڻهو جيئن ته چوري ۽ ٺڳيءَ مان نه ڄاڻن. انهي ڪري ٻين علائقن جا ماڻهو کين پنهنجي بنگلن تي نوڪري ڏيڻ لاءِ هر وقت راضي رهندا آهن. ڇو ته ٿري نوڪر جهڙو وفادار، ايماندار کين ٻيو نه ملندو آهي. ٿر ۾ بنگلن ۽ اوطاقن کي ڪوٽ يا ڪوٽڙي سڏيندا آهن. پوءِ جڏهن وسڪاري جي مند ۾ ٿر ۾ سڪار ايندو آهي ته اهي ٿري نوڪر مالڪن جي منٿ  ڪرڻ تي به نه ويهندا آهن. جڏهن مالڪ کانئن پڇندو ته، توهان کي ڪهڙي تڪليف آهي. هتي عاليشان بنگلي جو ڌڻي ٿيو ويٺو آهين، تو کي ٻيو ڇا کپي؟ ته اهو ٿري نوڪر جواب ۾ چوندو “تن ڪوٽڙيين، مارو وسي من ۾”. سندن انهي جذبي جي ترجماني ڪندي شاه سائين پڻ فرمايو آهي ته “سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري.

43.          ڏانٽي وڪئي، ڏاڊ  نه لهندي.
ڏانٽو لاباري ڪرڻ، گاهه ڪرڻ جو اوزار آهي، جيڪو معمولي هئڻ جي باوجود وڏو ڪارائتو اوزار آهي. ڪڙمي ۽ ڪاسبي ان سان لابارو ڪري يا گاهه پکو وڍي پيٽ پاليندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن بنهه ڏکيا ڏينهن ايندا آهن ته، لابارو يا ٻي ڪا مزدوري نه هوندي آهي. اهڙين حالتن ۾ وقت ڪڍڻ خاطر ماڻهو ڏانٽو يعني مزدوري ڪرڻ جو اوزار به وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. پر ايئن ڪرڻ سان بُک نه لهندي آهي يعني ڏاڊ نه ويندي. تڏهن سياڻن چيو آهي ته، ”ڏانٽي وڪئي، ڏاڊ نه لهندي.“ اهو پهاڪو ان وقت به چوڻ ۾ ايندو آهي، جڏهن آبٿ تي ڪم ڪندڙ هاريءَ کان پڇبو آهي، ته تو کي هن مدد ڪرڻ واري ڪم جي ڪيتري مزدوري ملندي، ته هو جواب ۾ چوندو آهي ته، ادا ڏکي ۾ مدد ڪرڻ منهنجو فرض آهي، مدد جي ڪهڙي مزدوري وٺان.“ ڏانٽي وڪئي، ڏاڊ نه لهندي.

44.          اڪ جو ڪيڙو، اڪ ۾ ئي سمائي.
ٿر جا ماڻهو هڪ ٻئي سان ڪوڙ نه ڳالهائندا آهن. انهن جو هڪ ٻئي تي وڏو اعتماد ۽ ڀروسو هوندو آهي. هو هڪ ٻئي کي پنهنجي دلين جا راز ٻڌائيندي نه هٻڪندا آهن، ۽ بنا کٽڪي جي سموريون دل جون ڳالهيون هڪ ٻئي سان ونڊي مشورا پيا ڏيندا وٺندا. مجال! آهي جو هو هڪٻئي جو راز فاش ڪن، يا ڪنهن جون ڳالهيون ٻڌائي ان کي خوار ڪن. هو مري ويندا پر ٻئي جو راز نه کوليندا. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي دل جي ڳالهه ٻڌائي کيس راز رکڻ جي تاڪيد ڪندو ته، هو چوندو ته ڪو به کٽڪو نه ڪر، تو چيو مون ٻڌو، اها ڳالهه ٻئي تائين نه پهچندي ۽ “اڪ جو ڪيڙو، اڪ ۾ ئي رهندو”.

45.          گهڻن هاريين هر نه هلي.
ڪنهن به ٻني جو جيڪڏهن ڪو هاري هوندو ته، اها ٻنيءَ صحيح سار سنڀال ۾ رهندي. هڪ ماڻهو پنهنجي ذميواري سمجھي ان جي سنڀال پيو ڪندو، ۽ ان کي ڦٽڻ يا خراب ٿيڻ نه ڏيندو.پر جيڪڏهن ڪا ٻنيءَ هڪ ماڻهو جي ذميواري جي بجاءِ گهڻن ماڻهن جي هٿ هيٺ هوندي ته، هر ڪو ماڻهو پيو پنهنجي هلائيندو. انهي ٻنيءَ جي سنڀال جي ذميواري ڪو به قبول نه ڪندو، ان ٻنيءَ جي ڦٽڻ بعد اهي ماڻهو پيا هڪ ٻئي تي الزام هڻندا، ۽ اها ٻني پنهنجي گهربل اپت نه ڏيئي سگهندي. جيئن اسان جي ملڪ جي ادارن جي حالت آهي. ادارا تباهه ٿي ويا آهن، پر انهن جي تباهي جو ذميوار ڳولئي به نٿو لڀي. ٿر ۾ ته ڏڪار هجي يا سڪار اتي ڪو سار لهڻ وارو ئي ناهي. سڀ ذميوار ماڻهو هر دفعي هڪٻئي تي الزام هڻي وقت ڪڍي ويندا آهن. انهي حالت تي  ٿر جي ڏاهن ماڻهن هي پهاڪو چيو آهي ته ”گهڻن هاريين هر نه هلي.“

46.          اهو ڪي ڪجي جو، آئي ويل ڪم اچي.
انسان تي ڪڏهن اوچتو ڪا مصيبت اچي ڪڙڪندي آهي، انهي لاءِ جيڪڏهن هڙ ۾ ڪجهه هوندو ته، انسان پريشاني کان بچي پوندو ۽ انهي مشڪلات کي منهن ڏيڻ لاءِ کيس ڪا پريشاني نه ٿيندي، پر جيڪڏهن گهر ۾ ڪجهه پيل نه هوندو ته پوءِ، ماڻهو تي اها اوچتي مصيبت هڪ پهاڙ جيان اچي ڪرندي، ۽ ماڻهو کي سمجهه ۾ ئي نه ايندو ته ڇا ڪجي. ٿر ۾ ته هميشه اوڄتو ڪئين مسئلا منهن ڪڍندا آهن. پر ٿري ماڻهو پنهنجي اڳ ڳڻتي سبب ڪجهه نه ڪجهه بچائي پيا رکندا آهن. جيڪو کين مشڪل ۾ ڪم ايندو آهي، ۽ هو پريشانين کان بچيل رهندا آهن. سنڌي ٻولي جو هي مشهور پهاڪو ٿر ۾ به عام آهي. جڏهن ڪنهن کي اجايو خرچ يا زيان ڪندي ڏسندا ته، کيس نصيحت ڪندي چوندا ته، “اهو ڪي ڪجي، جو آئي ويل ڪم اچي ”

47.          سوڻ نه مڃڻ، به اپ سوڻ آهي.
ٿر جا ماڻهو پنهنجي وڏڙن جي ٺاهيل اڳڪٿين ۽ سوڻن ۾ ويساهه رکندا آهن. ڏڪار يا سڪار بابت جانچ وٺڻ، ڪو به نئون ڪم شروع ڪرڻ، شاديءَ يا مڱڻو ڪرڻ، نئين شيءَ خريد ڪرڻ، سفر تي سنبرڻ، ۾ سوڻ ضرور ڳنڍيندا آهن. پوءِ جيڪڏهن وڏڙن جي ٺاهيل اڳڪٿي يا سوڻ ڪاميابي يا نفعي جي شاهدي ڏيندو ته، اهو ڪم ضرور ڪندا. جيڪڏهن سوڻ خراب ڏسڻ ۾ آيو ته، هو اهو ڪم نه ڪندا. مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم لاءِ سنبري گهران نڪتو، پر گهٽيءَ ٽپڻ کان اڳ ۾ گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ کيس پٺيان سڏ ڪيو ته، هو ان کي خراب سوڻ سمجھي واپس وري ايندو. کانئس جيڪڏهن پڇبو ته، تون واپس ڇو وري آئين؟ ته هو چوندو ته وڏڙن جو چوڻ آهي ته، جيڪڏهن توهان کي ڪو پٺيان سڏ ڪري ته، اهو خراب سوڻ آهي يعني جنهن ڪم لاءِ سنبري نڪتو آهيان، اهو ڪم ڪونه ٿيندو، ۽ اجايو پنڌ ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو. ڇو ته وڏڙن اهو به چيو آهي ته “سوڻ نه مڃڻ، به اپ سوڻ آهي”.

48.          گهٽيءَ گهرن جي سونهن آهي.
گهرن جي وچ واري گهٽيءَ يا چارو سڀني ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ هوندو آهي. جنهن ڪري گهٽيءَ جي مالڪي جو حق سموري پاڙي يا ڳوٺ وارن جوگڏيل هوندو آهي. ٿر جي رواج موجب سڀني تي انهي گهٽيءَ کي سنڀالڻ ۽ صفائي ڪرڻ جي ذميواري آهي. گهٽيءَ مان ماڻهن جي اچ وڃ، بيل گاڏين، گڏهه گاڏين، هٿ گاڏن، ريڙهن، جيپن، ٽرڪن، ڇڪڙن، وغيره جي ضرورت مهل اچ وڃ پئي ٿيندي آهي. ان لاءِ گهٽيءَ جو ويڪرو هئڻ ضروري هوندو آهي. اخلاقي طرح گهٽيءَ جي ماپ اندر ڪا اڏاوت ڪري سوڙهو ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي. ساڳئي طرح گهٽيءَ کي صاف رکڻ جي ذميواري به سڀني ماڻهن جي گڏيل هوندي آهي. گهٽيءَ جيڪڏهن صاف نه هوندي يا سوڙهي هوندي ته اچ وڃ جي تڪليف کان سواءِ ٻاهران ايندڙ مهمان به ڳوٺ وارن جي لاپرواهي تي پيا کلندا ۽ عيب ڪڍندا آهن. جيڪڏهن گهٽي صاف، ويڪري هوندي ته سڀ ڪو پيو واکاڻ ڪندو آهي. گهٽيءَ جو ڪشادو ۽ صاف هجڻ عقلمندي ۽ ڳوٺ جي ٻڌي جي نشاني آهي. انهي لاءِ سياڻن خوب چيو آهي ته “گهٽيءَ گهرن جي سونهن آهي”.

49.          ٺڪر ۽ مسلمان جهڙو رشتو آهي.
ٿر ۾ هندو ۽ مسلمان بنا ڪنهن مذهبي ڀيد ڀاءُ جي گڏجي پيا رهندا آهن عيدون ۽ ڏڻ به گڏجي ملهائيندا آهن. ڪو به مذهبي ٽڪراءُ ۽ اوچ نيچ موجود نه هوندو آهي. ٺڪرن ۽ مسلمانن جي محبت جو مثال ئي ملڻ مشڪل آهي. ان جو ثبوت اهو آهي ته جڏهن ڪنهن ٺڪر جي نياڻي جي شاديءَ ٿيندي آهي ته ، هو انهي نياڻي جي رخصتي پنهنجي ڪنهن ويجهي مسلمان دوست کان ڪرائيندو آهي. ان مسلمان کي کوڙات (پيءُ جي برابر) سمجھيو ويندو آهي. کوڙات پيءُ انهي رخصت ڪيل ڇوڪري کي سڄي ڄمار پنهنجن سڳين ڌيئرن جيان سمجھندو آهي. هر عيد تي جيڪي ڪپڙا هو پنهنجن نياڻين لاءِ وٺندو آهي. اهڙا ڪپڙا هو کوڙات ۾ ورتل ڌيءَ ڏانهن به موڪليندو آهي. نياڻي کي ساهرن جي گهر ڪا تڪليف پهچندي آهي  ته، هو پنهنجي سڳي پيءَ بجاءِ کوڙوڏنل مسلمان کي دانهن ڏيندي آهي. انهي دانهن ملڻ بعد کوڙات مسلمان ڇوڪري جي ساهرن وٽ پهچندو آهي، ۽ پيءَ جيان نمائندگي ڪري ساهرن کي سمجھائيندو آهي. ڪنهن مذهبي ڏڻ تي به اهو مسلمان نينگري جي ساهرن کان انهي نياڻي کي اڪيلو وٺي مائٽن وٽ ڇڏيندو آهي، ڏڻ گذرڻ بعد ساهرن ۾ به ڇڏڻ جي ذميواري کوڙات  ڏنل مسلمان تي هوندي آهي.انهي تي ڪو به اعتراض نه ڪندو آهي. اعتماد جو انهي کان وڌيڪ ڪو مثال ملڻ مشڪل آهي ۽ ڪنهن هندو جو مسلمان تي ايڏو ڀروسو ڪنهن عظيم رشتي کان ڪنهن به قيمت تي گهٽ ناهي. جڏهن ڪنهن ماڻهو جو ڪنهن ماڻهو تي ڀروسو وڌي ويندو آهي ته، ماڻهو چوندا ته فلاڻن ماڻهن جو هڪ ٻئي تي ڏاڍو اعتماد آهي جهڙوڪ “ٺڪر ۽ مسلمان جهڙو رشتو آهي”.

50.          جيئڻ لاءِ به سهپ کپي.
زندگي کي خوشگوار  بنائڻ لاءِ هر ماڻهو کي سهپ جو جذبو رکڻ ضروري آهي. ڇو ته زندگي ڏکن ۽ سکن جو ميلاپ آهي. ڪڏهن خوشيون آهن ته، ڪڏهن غم، ڪڏهن ميلاپ آهي ته ڪڏهن وڇوڙو، ڪڏهن بک آهي ته ڪڏهن ڍئو، ڪڏهن جهوپڙي ۾ لڪن ۽ سيءَ جون تڪليفون برداشت ڪرڻيون ٿيون پون ته ڪڏهن محلاتن جا مزا حاصل ٿين ٿا. بحر حال زندگي ڏک ۽ سک جي امتحان مان پاس ٿيڻ جو نالو آهي. ٿر ۾ ڪڏهن وسڪارا ۽ موجون هونديون آهن.ڪڏهن ڏڪار جا ڏولاوا به سهڻا ٿا پون.ٿري ماڻهن جي پوري زندگي ڏکن ۽ سکن جي امتحان مان گذري ٿي. انهي امتحان مان پاس ٿيڻ لاءِ صرف سهپ جو جذبو ئي گهرجي. ان ڪري ٿر جي ماڻهن هن پهاڪي کي پنهنجي زندگي جو رهنما بنايو آهي ته “جيئڻ لاءِ به سهپ کپي”.

51.          جي کنوي ڀرڻي، ته نار به جهڙي نه پرڻي.
علم جوتش موجب هر ڏينهن جو هڪ نکشتر (نکٽ) هوندو آهي. اهڙا ڪل اٺاويهه نکشتر (نکٽ) آهن، جن مان هر هڪ نکٽ مهيني ۾ هڪ دفعو ضرور ايندو آهي. ڀرڻي به هڪ نکٽ آهي. مينهن جي اهڃاڻن مان هڪ اهڃاڻ اهو به آهي ته، چئوماسي جي مند جي مهينن مان ڪنهن به مهيني جي ڀرڻي نکٽ ۾ کنوڻ ٿي ته پوءِ مينهن جو آسرو لٿو ۽ پوءِ ڏڪار جي مقابلي لاءِ تيار ٿيڻو آهي.
ٿر ۾ وسڪاري ۽ سڪار جي موسم ۾ فصل لهڻ بعد سياري جي شروعات کان ئي شادين ۽ ٻين خوشين ملهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي.جيڪڏهن ڏڪار جون حالتون پيدا ٿي ويون ته پوءِ سمورين خوشين جا پروگرام ملتوي ٿي ويندا آهن. ڇو ته ڏڪار جي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀ ڪو هٿ پير هڻڻ شروع ڪندو آهي. ۽ وٺ وٺان ۾ هوندو آهي. اهڙين حالتن ۾ ڪو به ماڻهو خوشيون ملهائڻ جي سگھ نه رکندو آهي. گهوٽ ڪنوارجا مائٽ ايندڙ سياري ۾ شادي جو پروگرام رٿيندا آهن ۽ پنهنجون ڪجهه تياريون به پيا ڪندا آهن، ڇو ته کين اميد هوندي آهي ته هن سال مينهن وسندا سڪار ٿيندا ايندڙ سياري ۾ وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪنداسين، دوستن يارن کي گهرائبو ۽ خوب محفل مچائبي. پر جيڪڏهن چئوماسي جي مند ۾ ڪنهن تاريخ جي ڀرڻي نکٽ ۾ کنوڻ ٿي ته، پوءِ مينهن جي آسري سان گڏ شاديءَ جي پروگرام ڪرڻ جو شوق به مٽي ۾ ملي ويو.اهو ڏسي ٻيا ماڻهو چوندا؛ “جي کنوي ڀرڻيءَ، ته نار به جهڙي نه پرڻي”.

52.          بر ته ڀرم آهي.
جڏهن ٿر جي ڪنهن ماڻهو کي چئبو ته ٿر ته رڳو بر آهي، ته هو ڪاوڙجي پوندو ۽ چوندو ته، ٿر توهان کي ته بر نظر ٿو اچي، پر اسان جو اهو بر به وڏو ڀرم آهي.  جڏهن ٿري ماڻهو جي انهي جواب تي ويهي سوچجي ٿو ته  ٿري ماڻهو جي انهي سوچ جي پويان هڪ وڏي عقل جي ڳالهه لڪل آهي. ٻين علائقن جي حالتن کي ڏسبو ته اهي علائقا ڏسڻ ۾ ته خوبصورت ۽ شاهوڪار نظر ايندا، پر اتي جو سماج  کريل نظر ايندو.جتي ڪوڙ، دغا، فريب، ڪلفت، جهيڙا، فساد، مارا ماري، ۽ قتل جهڙا ڏوهه انهي سڄي سماج  کي اندر کان کوکلو ڪريو بيٺا هوندا. محبت، امن، ڀائپي، همدردي، جهڙا انساني گڻ ڳولئي به نه لڀندا آهن. جڏهن ته ٿر ڏسڻ ۾ ته ويران ريگستان آهي، ۽ چئو طرف بد حالي نظر ايندي، پر ٿر جو سماج سڀني انساني قدرن سان مالامال ڏسڻ ۾ ايندو. محبت، سخا، وفاداري، سچائي، ايمانداري، سهپ، درگذر ڪرڻ، حق ڪمائڻ ۽ حق کائڻ، جهڙا قيمتي اصول، رويا، ۽ جذبا هر جڳهه تي موجود هوندا. ٿر جا ماڻهو ڪوڙ، ڪلفت، نفرت، چوريءَ، قتل و غارت، مفاد پرستي ۽ ظلم ڪرڻ مان اصل ڄاڻن ئي ڪو نه. بک هجي يا ڍئو، خوشيءَ هجي يا غمي، وسڪارو هجي يا ڏڪار، هر حالت ۾ پنهنجي انساني قدرن کي نه ڇڏيندا. هو بک ته ڪٽي ويندا پر ڪنهن جي چوري نه ڪندا. هو پنهنجي هر حال ۾ همت ۽ سهپ سان وقت گذاري ويندا ، پر ٻئي جي اڳيان پنهنجي غربت يا مجبوري وسان ظاهر نه ڪندا. ۽ پنهنجي بک ۽ ڏک جو وڏي صبر سان ڀرم رکيو ايندا. پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کين چوندو ته ٿر ته رڳو بر آهي ته، هو وڏي فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري چوندا ته “بر ته ڀرم آهي”.

53.          اوتاري ۾، ماني گهربي ناهي.
اوطاق يا اوتارو جنهن کي ٿر ۾ ڪوٽ يا ڪوٽڙي به سڏيندا آهن. تاريخي طور سنڌ جو اوطاق ڪلچر تمام گهڻو پراڻو آهي. اوطاق ڳوٺاڻن جي اسيمبلي جو ڪردار ادا ڪندي آئي آهي. ڳوٺ جو هر مرد اوطاق اسيمبلي جو ڄڻ ميمبر آهي. سج لٿي ئي اوطاق تي ماڻهو اچڻ شروع ٿي ويندا آهن پوءِ ڇيڙي نبيري، ڀوڳ چرچا، ڏور بيت، قصا ڪهاڻيون، ڳجهارتون، ۽ راڳ رنگ جون محفلون مچنديون آهن ۽ پرڀات ويلي سڀ ڪو پنهنجن ڪکن ڀيڙو ٿيندو آهي.اهو ڪجهه وقت اڳ تائين سنڌ جي هر اوطاق ۾ ثقافتي رنگ موجود هو.جيڪو هاڻي ناهي. پر هاڻي به ڳوٺن ۾ اوطاقون موجود آهن جتي مهمان ۽ مسافر اچي رات جو ترسندا آهن. سڪار ۾ ٿر جون اوطاقون ته مهمانن سان ڀرپور هونديون آهن ۽ اوطاق تي بنا پڇي سندن خدمت ڪرڻ هر اوطاق جو ڌڻي پنهنجو فرض سمجھندو آهي. ڪنهن به ماڻهو کي اوطاق تي ماني گهرڻي نه پوندي آهي. مسافر جي پهچڻ شرط اوطاق جو ڌڻي پنهنجي گهر ماني ٺاهڻ جو چئي وري اچي مسافر کان حال احوال پڇندو آهي، ۽ ڪچهري ڪندو آهي. مسافر جيڪڏهن بکيو هوندو ته هو ماني گهرندو ته، اوطاق جو ڌڻي کيس چوندو ته ماني جو گهر چئي آيو آهيان، مون کي خبر آهي ته “اوتاري ۾، ماني گهربي ناهي”.

54.          ستيءَ زمين به ڪونهي.
چئوماسي جي مند ۾ جڏهن مينهن جو آڙنگ ٿيندو آهي. ته آسمان مان ڄڻ باهه جا الا ڪرندا هجن زمين به تپي ٽامڻيءَ ٿي ويندي آهي. ٿر جا ماڻهو انهي کي زمين ۽ آسمان جو ميلاپ چوندا آهن. انهي ڪري جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کان ڪا غلطي ٿي ويندي آهي. انهي تي چيو ويندو آهي ته ادا! ستيءَ زمين به ڪونهي.

55.          وسي ته وسڪارو، نه ته ڪارو اونڌارو.
ٿر ۾ جيڪڏهن مينهن وٺو ته سڪار ٿي ويندو ماڻهن جي منهن تي خوشيون ۽ چپن تي ٽهڪ اچي ويندا. ۽ ڪئين اميدون، آسرا، ۽ امنگون جاڳي پونديون آهن. جيڪڏهن مينهن نه وٺو ته ڏڪار ۽ ڏولائو اچي منهن ڪڍندو. بک جي خوني راڪاس جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٿر جا ماڻهو پنهنجو سندرو ڇڪي ٻڌندا، ۽ ڏولائي ڏور ڪرڻ لاءِ هر ڪو هٿ پير هڻڻ شروع ڪندو ۽ جياپي جي جنگ شروع ٿي ويندي.انهي حالت ۾ سڀ ڪو پيٽ گذر جي ڳڻتيءَ ۾ پيو ڳرندو ۽ محنت ڪندو. انهي وقت ڪا به اميد ڪو به آسرو ڏسڻ ۾ نه ايندو. هر ڪو پٽ سٽ وٺ وٺان ۾ هوندو. ان کان سواءِ کين ٻي ڪا به ڳالهه ياد نه هوندي. انهي ڪري سياڻن سموري حالت جي ترجماني ڪندي چيو آهي ته؛ “وسي ته وسڪارو، نه ته ڪارو اونڌارو”.

56.          ٿر ته آهي ٿڻ تي، يا ڪڻ تي.
ٿر جي سموري زندگي جي جياپي جو دارومدار وسڪاري تي آهي. وسڪارو ٿيو ته سڀ الڪا لهي ويا. سڪار جي سونهن ٿر جي ڀٽن کي رنگ برنگي هار پهرائي حسين دوشيزه بنائي ڇڏيندي آهي. اهڙي حسين محبوبه جنهن جي هڪڙي جهلڪ ڏسندڙن جا سمورا ٿڪ لاهي ڇڏيندي آهي. دلين ۾ محبت جي گرمي اميدن جا ڪئين ڏيئا ٻاري ڇڏيندي آهي. پر وسڪاري نه ٿيڻ جي حالت ۾ ڏڪار جو ديوَ پنهنجا خونخوار ڏند کڙڪائي زندگيون ڳڙڪائڻ شروع ڪندو آهي. ته ماروءَ ماڻهو وسڪاري جي فصلن جي پيداوار بجاءِ پنهنجي مال جي کير تي گذارو ڪندا آهن. پنهنجي مال جي ڌڻ مان ڪو پهروءَ وڪڻي پيا ويلهي کي ٺيلهو ڏيندا.ڇو ته ٿر جو گذر يا ته مينهن جي ڪڻين تي هوندو آهي يا مال جي کير تي هوندو آهي.انهي ڪري پهاڪو آهي ته “ٿر ته آهي ڪڻ تي، يا ٿڻ تي”.

57.          سڪار ۾ئي، سڄڻ ياد ايندا آهن.
جيڪڏهن کيسو خالي هوندو ته همرا هه موالين وانگر پيو پنڪيون کائيندو ۽ پور پچائيندو آهي. انهيءَ وقت کيس، سواءِ پئسي جي، ٻيو ڪجهه ياد نه هوندو آهي. بک ۾ نه ماڻهو پاڻ کي وڻندو آهي ۽ نه ئي کيس ڪو ٻيو وڻندو آهي. ايتري قدر جيڪڏهن بک ۾ وٽس ڪو پيارو دوست لڙي ايندو ته ڄڻ هن جي مٿان ڪو پهاڙ ڪري پيو هجي. هو پنهنجي پريشاني ۾ پورو هوندو ته، دوست جي خدمت ڪهڙي ڪري. انهيءَ چنتا ۾ منهن ڀيلو ڪري پيو دوست ڏانهن ڏسندو. پر جيڪڏهن ڪنهن جي کيسي ۾ چار ڏوڪڙ هوندا ته، هو پيو هڪڙن دوستن جي خدمت ڪندو، ته ٻين کي پيو اچڻ لاءِ نياپا موڪليندو. کيس هر ڪو دوست ياد هوندو. ٿر ۾ سڪار جي اچڻ سان وڇوڙا ميلاپ ۾ تبديل ٿيندا آهن. سڪار جي موسم ۾ ٿر جا ماڻهو پنهنجي پيارن دوستن کي دعوتون ڏيئي پيا گهرائيندا آهن. ائين ڪرڻ سان سندن جي ڏڪار جي دردن ۾ گهٽتائي ايندي آهي، ۽ سمورا ٿڪ لهي پوندا آهن. انهي ڪري سياڻن بيشڪ سچ چيو آهي ته “سڪار ۾ ئي، سڄڻ ياد ايندا آهن”.

58.          الاريو ته، ڄڻ هنيو.
ڪي ڪي ماڻهو اٻهرا هوندا آهن. ڳالهائڻ وقت سوچيندا ناهن ته ڇا پيا چئون. اهو نه سوچيندا ته، اسان جي چوڻ سان ٻڌڻ واري ماڻهو جي دل تي ڇا پيو گذري. انهي لاءِ ڏاهن چيو آهي ته ڳالهائڻ کان اڳ ۾ لفظن کي توري پوءِ ڳالهائجي. لفظن جي تور ائين ٿيندي آهي ته، جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون کي اهي ساڳيا لفظ چوي ته، منهنجي دل تي ڇا وهندو واپرندو. لفظن کي توري ڳالهائڻ وارا ئي دلين تي حڪومت ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي ناگوار لفظ چئبا ته، هن جي دل ۾ محبت بجاءِ نفرت پيدا ٿيندي. ائين اڳتي هلي دوستيون دشمنين ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي ڌمڪي ڏيندي چوندو ته آئون تو کي بندوق هڻي ماري ڇڏيندس. چوڻ ۾ ته اهي ڀلي خالي لفظ هجن، پر اڳلو ماڻهو دوست مان ڦري دشمن ٿي ويندو. هن جي محبت نفرت ۾ تبديل ٿي ويندي. اهو ماڻهو دلي طرح ڄڻ ته لفظ ڳالهائيندڙ ماڻهو لاءِ مري ويو. انهي رويي کي ڏسندي سياڻن خبردار ڪندي هي پهاڪو چيو آهي ته “الاريو ته، ڄڻ هنيو”. ٿر جا ماڻهو ڳالهائڻ وقت وڏو احتياط ڪندا آهن. جيڪا ڳالهه سندن ڏاهپ سان ڀرپور سماجي قدرن جي نشاندهي ڪري ٿي.

59.          کٽيو کائي مڙس جو، جيئي منهنجو ڀاءُ.
هر ڀيڻ کي پنهنجي ڀاءُ سان بي انتها پيار هوندو آهي. شاديءَ ڪرڻ کان پوءِ به کيس پنهنجا ماءُ، پيءُ، ڀيڻ، ۽ ڀائر تمام گهڻا ياد ايندا آهن. هو هر وقت پنهنجي مائٽن کي ياد ڪندي رهندي آهي، پر کيس سندس ڀائر وڌيڪ ياد هوندا آهن. هو اٿندي ويهندي هر وقت پنهنجي ڀائرن کي دعائون ڪندي رهندي آهي. جيڪڏهن سندس پير ترڪي ويو ۽ هوءَ پٽ تي ڪري پئي، سندس هٿ مان ڪم ڪندي ڪو ٿانءُ ڪري پيو، يا ماني پچائيندي سندس هٿ سڙي پيو، ته هو هڪدم چوندي بسم الله، جيئي بچي منهنجو ڀاءُ. سندس انهيءَ عمل کي ڏسندي ڪو ساڙ سڙيو ماڻهو چئي ڏيندو ته ؛“کٽيو کائي مڙس جو، جيئي منهنجو ڀاءُ”. جيڪا ڳالهه سندس مردن کي ڏکي لڳندي آهي. ڇو ته ٿري سماج ۾ عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ جنسي تضاد گهٽ هوندو آهي. ايتري قدر جو اولاد جي شادي وغيره جا فيصلا به عورتون ئي ڪنديون آهن. انهيءَ ڪري انهيءَ پهاڪي چوندڙ ساڙ سڙئي ماڻهوءَ کي ان عورت جو مڙس هڪدم چوندو آهي ته، اڳتي لاءِ اهڙيون، گهر کي ڦٽائڻ واريون، ڳالهيون نه ڪجانءِ. رت جي اڪير به، وفا ۽ سچائي جي نشاني آهي. منهنجي زال جيڪڏهن پنهنجي ڀائرن کي دعا ٿي ڪري ته اها سندس رت جي ڇڪ ۽ وفا جي نشاني آهي.

60.          مڙسن ڇڏيون زالون، زالن ڇڏيا ٻار.
ٿر ۾ ڏڪار اچڻ بعد جيئڻ لاءِ گذر جا وسيلا ختم ٿي ويندا آهن. انهيءَ کوٽ جي پورائي لاءِ مردن کي ٻين آباد علائقن ۾ گذر سفر ڪارڻ مزدوري ڪرڻ لاءِ وڃڻو پوندو آهي. هو پنهنجي زال ۽ ٻار ٻچا گهرن ۾ ڇڏي دل تي پٿر رکي روانا ٿي ويندا آهن. مڙسن جي وڃڻ کان پوءِ پويان زال کي سموري گهر جي ڪم، مال جي ٻڌي ڇوڙي، ڪاٺي ڦانگهي ۽ ٻين ضرورتن جو پورائو ڪرڻو پوندو آهي. هو ٻارن کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي ٻاهر پٽ سٽ کي لڳي ويندي آهي. انهي ڳالهه کي ڏسندي، ٿر جي ڏاهن ترجماني ڪندي هي پهاڪو چيو ته “مڙسن ڇڏيون زالون، ۽ زالن ڇڏيا ٻار”.

61.          ڪانءَ دِلو ضرور وڃائي.
ڪانءَ جي عادت هوندي آهي ته ڀلي ٻاهر پاڻي سان ملڪ ڀريو پيو هجي پر هو گهر ۾ پيل دلي کي چهنب هڻي ڍڪ لاهي پاڻي ۾ پنهنجي چهنب ضرور ٻوڙيندو ۽ دلي جو پاڻي خراب ڪري ڇڏيندو. هونئن به سياڻا چئي ويا آهن ته عادت عضوو آهي يا چوندا ته عضوو ڀڄي پر عادت نه وڃي. نفسيات جي علم موجب ڪو به عمل بار بار دهرائڻ سان عادت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. عادت نسل در نسل دهرائڻ سان جبلت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. چور کي ڀلي ڪيتري سزا اچي، سموري ذلت سهڻي پوي، پر هو چوري جي عادت نه ڇڏيندو. جوئاري جي ڀلي هڙ ڀينگ ٿي وڃي، پر هو پنهنجي عادت کان مجبور هوندو، ۽ جوئا ضرور کيڏندو. انهي وانگر ڪانءُ به ٿانءُ وڃائڻ واري عادت اڳيان مجبور آهي. انهيءَ کي ڏسندي جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي عادت موجب ڪم ڪندو ۽ مٿس ڪنهن به نصيحت جو اثر نه ٿيندو ته سياڻا چوندا ته؛ “ڪانءُ دلو ضرور وڃائي”.

62.          گڏهه لت هڻڻ کان نه مڙندو.
گڏهه جي عادت هوندي آهي ته هو پٺيان بيٺل شيءَ کي لتون ضرور هڻندو. اهڙيءَ طرح ڪجهه ماڻهن جي عادت هوندي آهي، ته هو هرو ڀرو پيا ٻئي جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجھندا ۽ بد خواهي ۾ ٻين جو ٺهيل ڪم پيا ڦٽائيندا. ڇو ته هنن کي ٻين جو ڪم ڦٽائي تماشو ڏسڻ جي عادت هوندي آهي. ٻن ٺهيل ماڻهن کي ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائي ويڙهائڻ ۾ دير نه ڪندا، ۽ پوءِ ويٺا ڀوڳ ڏسندا ۽ مزو وٺندا. اهڙن ماڻهن کي گڏهه جي عادت سان ڀيٽيندي سياڻن چيو آهي ته؛ “گڏهه لت هڻڻ کان نه مڙندو”.

63.          ڪنجھو ۽ پتل آواز ڪندا، پر سون نه وڄندو آهي.
ڪنجھو ۽ پتل ٻه اهڙيون ڌاتون آهن جيڪي ملاوت سان ٺهنديون آهن. ڌڪ هڻڻ سان انهن مان آواز پيو نڪرندو، ۽ ڪافي دير تائين وڄندو رهندو. انهي ڪري هارين جي ڍڳن جا چنگ، اسڪولن جا گهنڊ، وڄائڻ جون ٽليون انهن ڌاتن مان ٺهنديون آهن. جڏهن ته سون اصل ڌات آهي. منجهس ڪا به ملاوت ناهي، انهيءَ ڪري ڌڪ هڻڻ سان گهٽ وڄندو آهي. ڪجهه ماڻهو جيڪي هرو ڀرو بنا مقصد پيا ڳالهائيندا، جتي به ويهندا اتي ويٺا هروڀرو ڄاڙي هڻندا، ڪنهن کي ڳالهائڻ ئي نه ڏيندا. هر ڪو کين واهيات ۽ بي نسلو پيو سمجھندو ۽ سندن اصليت تي شڪ ڪندو. پر جيڪي ماڻهو اجايو نه ڳالهائيندا ۽ ضرورت وقت سوچي سمجھي با مقصد ڳالهه ڪندا. سندن هر گفتو موتين ۾ تورڻ جهڙو هوندو ته، هر ڪو چوندو ته، اصلي ماڻهو آهي، هر ڪا ڳالهه سوچي سمجھي عقل واري ڪري ٿو، صفا نج سون جهڙو ماڻهو آهي. مٿين سموري ڳالهه کي توريندي ٿر جي ڏاهن ماڻهن هي پهاڪو چيو آهي ته؛ “ڪنجھو ۽ پتل آواز ڪندا، پر سون نه وڄندو”.

64.          ماکي، ماڪوڙو ۽ مورک نر، ٽيئي لالچي آهن.
ماکي ۽ ماڪوڙا سدائين مٺاڻ جي تلاش ۾ هوندا آهن. هو مٺاڻ جي ڳولا ۾ سڄو ڏينهن پيا هتي هتي ڀٽڪندا. کين ٻي ڪا به مصروفيت نه هوندي آهي. سڄو ڏينهن مٺاڻ کي پيا پنهنجي گهرن ۾گڏ ڪندا آهن. گهر ۾ ڀلي ڪيترو به مٺاڻ گڏ ٿي وڃي، پر هو وڌيڪ مٺاڻ گڏ ڪرڻ جي لالچ ۾ پيا هلندا ۽ مٺاڻ گڏ ڪندا رهندا آهن. اهڙيءَ طرح بيوقوف ماڻهو به هميشه پنهنجي مطلب لاءِ هٿ پير پيا هڻندا آهن، ڪنهن ٻئي جو کين احساس نه هوندو آهي. انهي ڪري سندن ڪو به دوست، همدرد ۽ ساٿي نه هوندو آهي. اهي مطلب پرست ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ نه ڪنهن کي ڀائيوار ڪندا آهن، نه ئي ڪنهن سان ويجها ٿي دوستي رکندا آهن. هو اهو سڀ لالچ جي ڪري ڪندا  آهن. سوچيندا آهن ته ٻئي کي شامل ڪرڻ سان انهي کي به حصو ڏيڻو پوندو ۽ اسان کان ڪمائي جو ڪجهه حصو ضايع ٿي ويندو. مطلب پرستي يا خود مطلبي جي بيماري ئي سماجي ٽوڙ ڦوڙ جو سبب بنجي ٿي. انهيءَ ڪري مٿين ٽنهي روين کي ڏسندي ٿر جي مشاهداتي علم سان ڀرپور ڏاهن هي پهاڪو چيو آهي ته؛ “ماکيءَ، ماڪوڙو ۽ مورک نر، ٽيئي لالچي آهن” اهو پهاڪو ڳوڙهو مشاهدو ڪندڙ ٿر جي ڏاهن جي ڏاهپ جو شاهڪار آهي. فطرت جو مشاهدو ڪري نتيجا ڪڍڻ ئي سماجي ڏاهپ آهي.

65.          تاڙو، چڪور ۽ چتر نر، جاڳندا رهن ٿا.
تاڙو پکي هميشه مينهن جي اوسيئڙي انتظار ۾ جاڳندو رهي ٿو. چڪور پکي چنڊ جي سونهن جي ڏسڻ لاءِ ننڊ نه ڪندو آهي، ۽ عقلمند مرد به هر وقت ڪنهن اوچتي مصيبت کان بچاءَ لاءِ اکيون کولي رکندو آهي، ۽ ننڊ نه ڪندو آهي. اهو ڏسندي، ٿر جي مشاهداتي علم سان ڀرپور ڏاهن هي پهاڪو چيو آهي ته “تاڙو، چڪور ۽ چتر نر، جاڳندا رهن ٿا”.

66.          کر، گُگهه پکي ۽ مورک نر، ڏينهن جو به ننڊ ۾ هوندا.
کر (گڏهه) گهگهه پکي (چٻرو) ۽ مورک نر (بيوقوف ماڻهو) هميشه ڏينهن جو ستل ڏسڻ ۾ ايندا. گڏهه کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ جي وقت جاڳيل ڏسڻ ۾ ايندا، باقي وقت پيا سمهندا ۽ ليٽاڙيون ڪندا. مالڪ جيڪڏهن ڪم لاءِ کين جوٽيندو ته هو گوهيءَ ڪري بيهندا، لاچار جڏهن مالڪ کين ٻه ٽي ٺاهوڪا لڪڻ واهي ڪڍندو ته، پوءِ سندن ننڊ ڦٽندي ۽ ڪم تي ويندا. گهگهه پکي (چٻرو) به سڄو ڏينهن ڪنهن ڦٽل جاءِ جي ڪنڊ، ڪنهن وڻ جي ڏار ۾، اکيون پوري ستو پيو هوندو. اهڙي ريت مورک نر يعني بيوقوف ماڻهو به ڪم ڪرڻ جي بجاءِ، ننڊ کي وڌيڪ اهميت ڏيندو. وٽس وقت جو ڪو به قدر نه هوندو. ڪو ڪم ڦٽو ته ڇا، وسيو ته ڇا. هو بنا کٽڪي جي لت کوڙي ستو پيو هوندو. اهڙن ماڻهن کي جڏهن سندن خير خواهه دوست وقت جي اهميت بابت نصيحت ڪندا ته، هو هڪ ڪن مان ٻڌي، ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندا. ڪا به جٺ، ڦٽڪار، مٿن اثر نه ڪندي آهي. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي سياڻن ڪهڙو نه مشاهداتي ڏاهپ سان ڀرپور پهاڪو چيو آهي ته“؛ کر، گهگهه پکي ۽ مورک نر، ڏينهن جو به ننڊ ۾ هوندا”.

67.          ڪنجھو، پتل، بيوقوف ماڻهو بغير ڇيڙڻ جي پيا وڄندا.
ڪنجھو ۽ پتل ملاوتي ڌاتوءَ آهن. ڪنجھي ۽ پتل جي ٺهيل ڪنهن به شيءِ کي ٿورو لوڏو آيو، يا هوا جو جهوٽو آيو ته، منجهانئس آواز پيو نڪرندو. ڌڪ هڻڻ سان ته وڏو آواز نڪرندو ۽ اهو ڪافي دير تائين پيو وڄندو. اهڙيءَ ريت بيوقوف ماڻهو پيو اجائي بڪ ڪندو. ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهي پيو وڄندو، اصل ڳوٺ مٿي تي کڻي ڇڏيندو آهي. اهڙي حالت کي ڏسندي ٿر جي ڏاهن ڪهڙو نه ڀلوڙ پهاڪو ٺاهيو آهي ته؛ “ڪنجھو، پتل، بيوقوف ماڻهو بغير ڇيڙڻ جي پيا وڄندا”.

68.          ڀئونر، نانگ ۽ چتر نر، هميشه واس وٺندا آهن.
ڀئونر گلن جي خوشبوءِ جو عاشق آهي. هو جتي به گل ڏسندو ته سڄو ڏينهن پيو انهن جي خوشبوءِ کي سونگهيندو، ۽ مستي ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيو اڏامندو. کيس کاڌي پيتي کان وڌيڪ گلن جو واس وٺڻ پسند ايندو آهي. نانگ به زمين تي موجود شين جي واس کي پيو سونگهيندو آهي. منجهس سونگهڻ جو حواس ٻين ساهه وارن کان وڌيڪ هوندو آهي. اهڙيءَ طرح عقلمند ماڻهو به هميشه چڱائي جي ڳولا ۾ هوندو آهي. کيس جيڪڏهن ڪنهن ڏاهي ماڻهو جو ڏس پتو مليو ته، هو پنڌ جا ڪشالا ڪٽيندي کاڌي پيتي جي پرواهه نه ڪندي وڃي، انهي ماڻهو کي ڏوري ڏسندو آهي. وٽانئس ڏاهپ سان ڀريل ڳالهيون حاصل ڪري انهن کي هينئين سان هنڍائيندو آهي. انهن ڳالهين جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ ٿر جا سياڻا ماڻهو چوندا آهن ته؛ “ڀئونر، نانگ ۽ چتر نر، هميشه واس وٺندا آهن”.

69.          ڳل ۽ لپاٽ ۾ فاصلو ناهي.
لپاٽ هڻندڙ ماڻهو جي هٿ ۽ ڳل جي وچ ۾ صرف هڻڻ جي وقت جو فاصلو هوندو آهي. اهڙي ريت چڱي ڪم ۽ محنت جي فائدي ۽ بري ڪم جي نقصان ۾ به ڪو فاصلو ناهي. انهي ڪري سياڻا چوندا اهن ته هميشه اکيون کولي اڳ پٺ جانچي نتيجي جي خبر وٺي پوءِ ڪو قدم کڻو. ٻي حالت ۾ توهان جي ٿوري غلطي به نقصان ڪار بڻجي سگهي ٿي. ڪاميابي ۽ ناڪامي، عزت ۽ ذلت، نفعي ۽ نقصان وچ ۾ ڪو به فاصلو ناهي. ٿوري لا پرواهي، تڪڙ، اجائي لالچ، نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. ڇو ته وڏڙن جو چوڻ آهي ته؛ “ڳل ۽ لپاٽ ۾ فاصلو ناهي”.

70.          ڪانئر ڌڪ نه هڻي، جي هڻي ته ماري.
ڪانئر يعني ڊڄڻو ماڻهو هميشه جهيڙي جهٽي کان پاسو ڪندو آهي. وقتي ساڻس جيڪڏهن ڪا ناانصافي ٿيندي آهي، ته هو اها ناانصافي برداشت ڪري ويندو آهي. هو، ساڻس ظلم ڪندڙ ماڻهو کان، پنهنجو حق وٺڻ کان به پيو پاسو ڪندو آهي. پر جيڪڏهن سامهون ماڻهو کيس ڌڪ هڻندو آهي ته، هو دڙڪا دهمان ۽ دانهون پيو ڪندو. جڏهن سندس برداشت جي سگھ ختم ٿي ويندي آهي ته هو ڊڄندي ڊڄندي اهڙو زور سان ڌڪ هڻندو جو سامهون وارو همراهه پورو ٿي ويندو. اهڙي ريت جيڪڏهن سست ماڻهوءَ جي دل به ڪم ڪرڻ تي نه ٿيندي. هو ڪوشش ڪندو ته ٻئي جي محنت تي وقت گذاريندو رهي. پر جڏهن کيس ڪٿان به آسرو نه هوندو آهي ته پوءِ هو بک مرندي وڃي ڌنڌي کي لڳندو آهي. ائين منجهس ڪم ڪرڻ جي هير پوندي آهي. پوءِ هو محنت ڪندو اڳتي وڌندو ويندو آهي. سندس انهيءَ حال کي ڏسي ماڻهو چوندا آهن ته هاڻي همراهه وڏا ڪم پيو ڪري. بيشڪ سياڻن سچ چيو آهي ته؛ “ڪانئر ڌڪ نه هڻي، جي هڻي ته ماري”.

71.          اتران مينهن چڙهيو ته وسيو.
ٿر ۾ اتر اوڀر جي ڪنڊ کان جيڪڏهن مينهن جي کنوڻ جنهن کي ٻڪراس يا ٻڪرال کنوڻ چوندا آهن. ڏسڻ ۾ آئي ته ڄڻ مينهن اجهو آيو. سوين سالن کان ٻڪرال کنوڻ ٿيڻ بعد ماڻهو اڃا گهر جو ٻاهر پيل سامان اندر ئي مس رکندا هئا ته، مينهن اچي ڪڙڪو ڪندو هو. پر موسم جي تبديلي بعد هاڻي ائين گهٽ ٿئي ٿو. پر سوين سالن جي مشاهدي تي ٺهيل هي پهاڪو اڃا تائين ٿر جي ماڻهن وٽ مشهور آهي ته؛ “اتران مينهن چڙهيو ته وسيو”.

72.          ڪونڀٽ پن ڪتريو، ته مينهن آيو ڪي آيو.
ٿر ۾ مينهن وسڻ بابت ڏاهن جي ڏسيل اهڃاڻن ۾ اهو اهڃاڻ به ٻڌايل آهي ته جڏهن ڪونڀٽ وڻ جي پنن کي لونئين نالي ننڍڙو جيت ڪترڻ شروع ڪري ۽ پن ڇڻن ته اهو جلد مينهن جي اچڻ جو اهڃاڻ آهي. انهيءَ اهڃاڻ پويان ٿر ۾ هي پهاڪو مشهور آهي ته؛ “ڪونڀٽ پن ڪتريو، ته مينهن آيو ڪي آيو”.

73.          نِمين پَن ڀِنيو، ته بَرکا آئِي ڙي آئِي.
مينهن اچڻ جي اهڃاڻن مان اهو اهڃاڻ به آهي ته، جڏهن نم جي وڻ جا پن رنگ بدلائي وڌيڪ گهرا ساوا ٿين ۽ ڏسڻ ۾ ڀنل نظر اچن ته، اهو برسات جلد اچڻ جو اهڃاڻ آهي. انهيءَ مٿئين اهڃاڻ جي ڪري ڍاٽڪي ٻولي ۾ پهاڪو آهي ته؛ “نمين پن ڀنيو، ته برکا آئي ري آئي”. يعني نم جو پن ڀنل آهي هاڻي مينهن اجهو آيو ڙي آيو.

74.          ڏکڻ مينهن نه وسڻو، جي وسي ته ٻوڙي.
ٿر ۾ ڏکڻ جي هوا ٺهيل مينهن جو مانڊاڻ به ڍاهي ڇڏيندي آهي. ٿر ۾ ڏکڻ طرف کان مينهن نه ايندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ ۾ پيدا ٿيل هوا جو دٻاءُ مينهن کي تيار ڪري وجهندو آهي. پوءِ ڏکڻ طرف جو مينهن ٿر ۾ ايندو آهي ته ٻوڏون ڪري ڇڏيندو آهي. انهيءَ کي ڏسي ٿر ۾ پهاڪو مشهور ٿي ويو ته؛ “ڏکڻ مينهن نه وسڻو، جي وسي ته ٻوڙي”.

75.          ڳجهه جي نظر، سؤ ڪوهه تائين.
ڪجهه وقت اڳي دنيا جي ڪجهه ملڪن جيان ٿر به ڳجھ پکي جو وطن هو. هو ڪارونجھر جبل ۾ رهي ٻچا ڪنديون هيون، پر هاڻي موسمي تبديلي ۽ ماحولياتي اثرن سبب ٿر ۾ ڳجھ پکي جو تعداد ٿورو بچيو آهي. ڳجھ سنڌ ۾ موجود پکين ۾ پيڻ پکي کان پوءِ وڏو پکي آهي. هي گوشت خور پکي آهي پر شڪاري پکي ناهي. هي مري ويل جانور جو گوشت کائيندو آهي. اوچن وڻن جي چوٽي يا جبلن ۾ اتانهين جاءِ تي آکيرو ٺاهي رهندو آهي. آسمان ۾ وڏي اتانهين تي اڏامندو رهندو آهي. ان ڪري سندس تيز نظر پري پري تائين پهچندي آهي. ڪٿي به ڪو جانور مئو، ته هو پهرئين ڏينهن ئي پهچي ويندي. جيستائين ان مئل جانور جي گوشت جو آخري ذرو کائي چٽ نه ڪندي، تيستائين هو اتي رات ڏينهن رهي پئي هوندي. آسمان ۾ ويجهو ڪا ڳجھ ڏسڻ ۾ نه اچي، پر مئل جانور جي ڍونڍ  تي ٿوري وقت ۾اچي ڪڙڪندي. ڏسڻ وارا حيران ٿي چوندا ته؛ ڳجھ جي نظر ڏاڍي ڪا تيز آهي جو هو اچي پهتي آهي. ڪي ماڻهو چوندا ته انهيءَ لاءِ ته وڏڙا چئي ويا آهن؛ “ڳجھ جي نظر، سؤ ڪوهه تائين”.

76.          گهر گهر ٿيندي گِهرٽيءَ، گهر گهر ٿيندو ماڻ، اهي ڦِٽيءَ جا اهڃاڻ.
گهرٽيءَ؛ (جنڊ)  ماڻ؛ (ماپو)
ٿر ۾ ان کي پيهڻ لاءِ پاڙي ۾ ڪو هڪ اڌ جنڊ هوندو آهي. پاڙي جون عورتون ضرورت وقت انهيءَ جنڊ تي پيون اَنُ پيهنديون. جنڊ تي ان پيهندڙ عورت جي ٻيون عورتون به مدد  ڪنديون آهن. واري واري سان بغير ڪنهن ٽڪراءُ سان پيون ان پيهنديون، ڪچهريون ڪنديون، کل ڀوڳ رئونشو ڪنديون، گيت ڳائينديون رهنديون آهن. جنهن سبب منجهن وڌيڪ محبت پيدا ٿيندي آهي ۽ اها محبت پوري ڳوٺ جي ماڻهن کي نه ٽٽندڙ محبت جي زنجير ۾ جڪڙي ڇڏيندي آهي. ٿر ۾ سير، ڪلوگرام، اڌ ڪلو، پاءَ يا گرام، وغيره ماپن بجاءِ چوٿايون، پاٽيون، ڪاسا، ماپڻ لاءِ پراڻا ماپا، ڳوٺ جي ڪنهن  گهر ۾ پيل هوندا آهن. ٻنيءَ جي بٽئي ڪرڻ وقت ڳوٺ جو سڀ ڪو هاري ۽ آس پاس جا هاري، اهي ماڻ کڻي پنهنجي بٽئي ڪري، وري مالڪ کي موٽائي ڏيندا آهن. انهيءَ سان سڄي ڳوٺ جي ماڻهن ۾ محبت پيدا ٿي ويندي آهي ۽ هڪ ٻئي ۾ آسرا ۽ اميدون قائم رهنديون آهن. پر جيڪڏهن هر گهر ۾ گهرٽي (جنڊ) اچي ويو ۽ سڀ ڪنهن هاري پنهنجا ماڻ ماپا خريد ڪري ورتا ته، پوءِ اهي ميلاپ محبتون، هڪ  ٻئي ۾ آسرا ۽ اميدون ختم ٿي وينديون، ۽ محبت جي ختم ٿيڻ سان انهي ڳوٺ جو اتحاد قائم نه رهندو، ۽ سڀ ڪو پنهنجي منهن ڏيڍ چانور جي ديڳڙيءَ چاڙهيو ويٺو هوندو. انهي لاءِ ڏاهن ماڻهن اهو چيو آهي ته؛ “گهر گهر ٿيندي گِهرٽيءَ، گهر گهر ٿيندو ماڻ، اهي ڦِٽيءَ جا اهڃاڻ”.

77.          واءَ وڃايو ورهيه، وس وڃايو واڏڙي.
واءَ؛ (هوا)، وس؛ (وسڪارو)، واڏڙي؛ (ڇمر، لڳاتار برسات)
ٿر ۾ جيڪڏهن چئوماسي جي موسم ۾ تيز هوائون لڳيون ته پوءِ مينهن وسڻ ۽ سڪار ٿيڻ جون اميدون گهٽجي وينديون آهن. وري جيڪڏهن مينهن وٺو پر ڪڪر لڳاتار ڇمر (واڏڙو) ڪري بيٺا ته، ڦٽل گاهن ۽ فصلن جو واڌارو رڪجي ويندو، ۽ منجهن بيماريون پيدا ٿي وينديون. گھربل اپت حاصل نه ٿيندي. يعني وسڪارو ته ٿيو، پر ڇمر (واڏڙي) سموري اپت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ وسڪاري جو ڪو خاص فائدو نه ٿيو. انهي لاءِ ٿر جي ڏاهن هي پهاڪو چيو آهي ته “واءَ وڃايو ورهيه، وس وڃايو واڏڙي”.

78.          ٽپئي نه کُوها، رميي نه جُوئا.
ٿر ۾ هي پهاڪو مشهور آهي. هن جو مطلب آهي ته ڪڏهن به کوهه جي مٿان ٽپ نه ڏجي ۽ ڪڏهن به جوئا راند نه کيڏجي.جيڪڏهن ڪو ماڻهو خطري ۽ نقصان وارو ڪم ڪندو ته ان کي ڪڏهن نه ڪڏهن وڏو نقصان کڻڻو پوندو. جيئن جيڪڏهن ڪنهن کي کوهه جي مٿان ٽپ ڏيڻ جي عادت پئي ته، ڪڏهن نه ڪڏهن هن جو پير ترڪي ويندو، ۽ وڃي کوهه جي تر ۾ ڪرندو. پوءِ هڪ ته نه بچندو، جي بچي ويو ته عمر ڀر جڏو ٿي ويهي رهندو. سندس جان بچائڻ لاءِ به کوهه مان ڪڍڻ وقت وڏي محنت ڪرڻي پوندي.جوئا راند ۾ جيڪڏهن ڪنهن پهرين راند کٽي ته پوءِ هو لالچ جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويندو. سدائين راند کٽڻ جي آسري تي پيو راند ڪندو رهندو ۽ پوءِ هارائيندي هارائيندي گهر جا سڀ ٽپڙ وڪڻي ڪنگال ٿي ويندو. انهيءَ لاءِ ٿر جي ڏاهن نصيحت طور هي پهاڪو چيو آهي ته؛ “ٽپئي نه کوها، رميي نه جوئا”.

79.          جر ميگهان جر، ٻر ته ٻانهان ٻر.
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي ڪا سگهڙن ۽ ڏاهن ماڻهن جي ڪچهري هئي. انهي ڪچهري ۾ ڪو بادشاهه به اچي شامل ٿيو سڀني بادشاهه جي اٿي مرحبا ڪئي. وري ڪچهري شروع ٿي وئي. بادشاهه سڀني سگهڙن ۽ ڏاهن ماڻهن جي اڳيان هڪ سوال اڇليو ته، پاڻي ڪهڙو سٺو ۽ طاقت ڪهڙي سگهاري آهي؟ سڀني انهي سوال جا جواب ڏيڻ شروع ڪيا. ڪنهن چيو ته پاڻي درياءَ جو سٺو آهي، ته ڪنهن چيو پاڻي سمنڊن جو سٺو آهي، ۽ طاقت بابت ڪنهن چيو ته دولت جي طاقت وڌيڪ آهي. ڪنهن چيو ته فوج ۽ هٿيارن جي طاقت وڌيڪ آهي. ائين بحث هلندو رهيو آخر ڪار هڪ جهوني ۽ تجربيڪار ڏاهي ماڻهو اٿي بيهي عرض ڪيو ته، بادشاهه سلامت هن ڪچهري ۾ الاجي ڪهڙا بيوقوف ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن، جو اڌ رات وهامي وئي آهي. پر توهان جي هڪ ننڍڙي سوال جو صحيح جواب نٿو ملي. بادشاهه کيس چيو ته بزرگ! تون ئي کڻي جواب ڏي. ان کلندي جواب ڏنو ته، جئيندا قبلا پاڻي برسات جو سٺو آهي. جيڪو ڀٽن جون چوٽيون ۽ سمورا وڻ ڌوئي صاف ڪري، زمين تي هر جڳهه وسي ملڪ کي گل و گلزار ڪريو ڇڏي. طاقت ماڻهوءَ جي پنهنجي ئي ٻانهن جي وڌيڪ آهي. جيڪا ڪٿي به مشڪل وقت ۾ سندس ساٿ نه ڇڏيندي. انهيءَ ڪري، “جر ته ميگهان جر، ٻر ته ٻانهان ٻر.” سڀني اهو جواب ٻڌي واهه واهه ڪئي، بادشاهه خوش ٿي انهيءَ ڏاهي جهوني تجربيڪار ماڻهو کي پنهنجو وزير مقرر ڪيو. جيڪو ساڻس هر وقت گڏ رهڻ لڳو. پنهنجي حياتي جا باقي ڏينهن سکيا ۽ آسودا گذارڻ لڳو. ٿر ۾ هي ڪهاڻي جياپي جي اتساه جو ذريعو آهي.

80.          چار مليا ته چئوسٺ کليا، ويس ڪريو جوڙ،
سڄڻ سڄڻ سين مليا، مليا لاک ڪروڙ.
جڏهن ٻه ماڻهو پاڻ ۾ گڏبا آهن ته هو پنهنجن ٻنهين هٿن کي هڪ ٻئي سان ملائيندا آهن. ته چئن هٿن جي سگھ پاڻ ۾ ملندي آهي. جڏهن هو وات کولي هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا ۽ خوش خيرعافيت پڇندا آهن ته، اها چوهٺ ڏندن جي ملاقات ٿي پوندي آهي. جڏهن هو پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا آهن. هٿ لوڏي اشارا ڪندا آهن ته، اها ٻنهي ڄڻن جي هٿن جي ويهن آڱرين جي ملاقات هوندي آهي. جڏهن اهي ٻئي دوست هڪ ٻئي کان حال احوال وٺندا، دلين جا راز کوليندا، ڏک سک جو حال ونڊيندا ۽ هڪ ٻئي کي دلاسا ۽ آٿتون ڏيندا آهن ته سندن دلين جا غبار لهي پوندا آهن. هو خوش ٿي ائين محسوس ڪندا آهن ته، ڄڻ کين دنيا جا لکين ڪروڙين خزانا ملي ويا هجن. ٿر جي پهاڪن مان لوڪ ڏاهپ جي هن پهاڪي تي غور ڪري جڏهن سوچجي ٿو ته، ٿر جي ڏاهپ کي دل سان مڃڻو ٿو پوي. اهڙي لوڪ ڏاهپ شايد ئي ٻئي هنڌ ملي سگهي.

81.          ٿر جو جياپو؛ ٿڻ، وڻ ۽ ڪڻ تي آهي.
ٿر جو علائقو جيئن ته خشڪ ريگستاني علائقو آهي. هتي جي ماڻهن جو گذر معاش جو ذريعو ٿورن گهڻن فصلن کان سواءِ باقي صرف چئوپائي مال تي ئي هوندو آهي. انهي ڪري ٿر جي هر هڪ ماڻهو وٽ مال جو ڌڻ ضرور هوندو آهي جنهن جي کير سان هو پنهنجي کاڌي جون ضرورتون پوريون ڪندو آهي. وقت تي ڪنهن پهرو کي وڪڻي هو رقم حاصل ڪري مالي ضرورتون به پوريون ڪندو آهي. چئوپائي مال جي چاري لاءِ وڻن جو سائو هئڻ تمام ضروري هوندو آهي.جنهن تي هن جي مال جو گذران هوندو آهي. انهيءَ لاءِ ٿر ۾ مينهن جي ڪڻ وسڻ کان سواءِ گذران مشڪل ٿيو وڃي. مينهن نه وسڻ سبب ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿيو وڃن. پر وسڪاري سان سڪار ٿيو پوي پاڻي سان ترايون ڀرجيو وڃن ، وڻ ساوا ٿيو وڃن، مال لاءِ اڻ ميو گاهه ٿيو وڃي ۽ ڪجهه فصل به ٿيو پون، جنهن سان ٿر ۾ خوشحالي ٿيو پوي. انهي ڪري ئي ڏاهن ماڻهن چيو آهي ته؛ ٿر جو جياپو؛ ٿڻ، وڻ ۽ ڪڻ تي آهي.

82.          آڙنگ ته آسرو، مونگهان تتي مينهن.
چئوماسي جي مند ۾ جڏهن سج اڀرڻ شرط باهه جا الا اڇلائيندو آهي. زمين تپي گرم ٿي ويندي آهي. هوا به بند ٿي ويندي آهي. ساهه گهٽجڻ لڳندو آهي. انهيءَ گهٽ ٻوسٽ کي آڙنگ چئبو آهي. هر ماڻهو جو اهڙي گرمي ۾ ساهه پيو منجهندو، پر ٿر جي ماڻهن جي منهن تي خوشي جا آثار نظر ايندا. وري سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ وقت سج جي افق ۾ روشني جون لاٽون ڏسڻ ۾ آيون ته پوءِ برسات اچڻ جي پڪ ٿي ويندي ته پوءِ ٿري ماڻهن جي دل بهار بهار پئي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته ٿر جا ماڻهو جن لاءِ برسات زندگي جو نياپو کڻي ايندي آهي. سموري خوشحالي جي قائم رکڻ لاءِ مينهن جو وسڻ ضروري هوندو آهي. سي هن گهٽ ٻوسٽ کي برسات جو آڙنگ سمجهندا آهن. جڏهن به آڙنگ ٿيو ته کين مينهن وسڻ جو آسرو ٿي پوندو آهي. اهڙي گهٽ ٻوسٽ ٿيڻ بعد هو چوندا ته آڙنگ ٿيو آهي ۽ مينهن وسڻ جو ڪجهه آسرو ٿي پيو آهي. وري آسمان ۾ سج جي لهڻ ۽ اڀرڻ وقت لاٽون ڏسي چوندا ته هاڻي مينهن جي پڪ آهي. ڇو ته وڏڙا چئي ويا آهن ته “آڙنگ ته آسرو، مونگهان تتي مينهن”.

83.          پاڻي منجهه پهاڻ، ڀيڄي پر ڀيڏي نهين.
پهاڻ؛ (پٿر)، ڀيڄي؛ ُسي)، ڀيڏي؛ (ڳري)
انسان ۾ سهپ جي قوت وڌيڪ آهي. انسان تي سماجي حالتون وڏا ستم ڪنديون آهن پر هو پنهنجي سهپ جي طاقت سان اهي سڀ سور ۽ ستم سهي به وقت پيو گذاريندو آهي. موسمي اثر هجن يا سماجي نا انصافيون، ڌارين جون ٺڳيون هجن يا پنهنجن جون ويساهه گھاتيون، هر حال ۾ هو پنهنجي سهپ جي طاقت سان پيو حالتن کي منهن ڏيندو آهي. ٻاهريان اثر سندس اندر جي دنيا تي ڪو خاص اثر نٿا ڇڏين. انهي ڪري ئي انسان پنهنجي دل جي دنيا جي خواهشن ۽ پنهنجي دماغ جي سوچن موجب ئي زندگي جي شاهراهه تي هلندو آهي. پنهنجي فڪري صلاحيتن ۽ عملي سگهه سان جيئندو ۽ جاڳندو رهندو آهي. ائين جيئن ڪو پٿر پاڻي جي سمنڊ ۾ پيل هجي. سمنڊ پٿر کي ٻاهران ته پسائيندو آهي. پر پٿر جي اندر داخل نه ٿي سگھندو آهي. پٿر جو اندريون حصو سمنڊ جي پاڻي جي ڪڙاڻ کان محفوظ هوندو آهي. پٿر کي ڀڃبو ته سندس اندريون حصو سڪل نظر ايندو. پوءِ ڀلي اهو پٿر سوين سالن کان سمنڊ ۾ پيل هجي. پٿر جي انهي حالت جي انسان سان ڀيٽ ڪندي، ڏاهن ماڻهن هي پهاڪو چيو آهي ته انسان به ائين آهي جيئن؛ “پاڻي منجهه پهاڻ، ڀيڄي پر ڀيڏي نهين”.

84.          منش ڇوٽا، عقل ڇوٽي.
منش؛ (ماڻهو)، ڇوٽا؛ (ننڍو).
انسان پنهنجي عمر جي تجربن، مطالعي ۽ مشاهدي مان ڄاڻ حاصل ڪندو آهي. اها ڄاڻ منجهس عقل پيدا ڪندي آهي. ڏاهپ وقت جي تجربن مان حاصل ٿيندي آهي. جنهن ماڻهو جي عمر ننڍي هوندي ته هن کي تجربو به گهٽ هوندو، جي تجربو گهٽ هوندو ته منجهس عقل يا ڏاهپ به گهٽ هوندي. ٿر جي لوڪ ڏاهن انهي ڪري ئي چيو آهي ته، “منش ڇوٽا، عقل ڇوٽي”.

85.          اناڙي چور، ڳولڻ ۾ سولو.
تجربيڪار ماڻهو ڪنهن ڳجهي ڪم ڪرڻ کان پوءِ ابتا سبتا ورن وڪڙن وارا رستا وٺي پنهنجا پير وڃائي پوءِ گهر پهچندو آهي. سندس پويان لڳل مخالف ماڻهو، ورن وڪڙن ۾ منجهي پير وڃائي ويهندا آهن ۽ سندس گهر پهچي کيس پڪڙي سندس راز ظاهر ڪري نه سگهندا آهن. اهڙي طرح نانگ بلائون به ورن وڪڙن ۾ پيون هلنديون آهن. انهي ڪري ڪو سندن پير کڻي ٻر تائين پهچي نه سگهندو آهي. پر ٿر جي بلائن ۾ پيئڻ بلا جنهن کي ٿر جا ماڻهو چور بلا به چوندا آهن، سا بنا ور وڪڙ جي سڌي هلندي آهي. سندس پڇ ۽ اڳيون حصو سنها هوندا آهن. ۽ وچيون پيٽ وارو حصو ٿلهو هوندو آهي. ٿر ۾ جڏهن ڪا پيئڻ بلا چوري ڪنهن ماڻهو جي وات ۾ زهر اڇلائي ڀڄندي آهي ته، ماڻهو چوندا ته؛ “اناڙي چور، ڳولڻ ۾ سولو”. پوءِ ڳوٺ جا ماڻهو انهي چور بلا جا پير کڻي وڃي کيس ٻر مان ڪڍي ماري ڇڏيندا آهن.

86.          جَل ٿنڀ، کڙ ٿنڀ ۽ سُوا ٿنڀ.
جَل ٿنڀ؛ (پاڻي جي موسم)، کڙ ٿنڀ (گاهه جي موسم)، سُوا ٿنڀ؛ (آمدني جي موسم).
ٿر جا ماڻهو پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ جڏهن موسمن جو ذڪر ڪندا آهن تڏهن هي پهاڪو سندن گفتگو ۾ پيو بار بار استعمال ٿيندو آهي. هي هزارين سال اڳ سنڌ جي موسمن جا قديم نالا آهن. هي تاريخ جي انهي زماني جا نالا آهن، جڏهن اڃا ڪنهن ڪلينڊر ٺاهڻ جو رواج نه پيو هو. انهي زماني ۾ سنڌ جي ماڻهن سال کي ٽن موسمن ۾ ورهايو هو. چئوماسي جي مند ۾ جڏهن برسات تل، ترايون، ڍنڍون، ڍورا، ڀري ڇڏيندي هئي. سنڌو ندي ۽ ان جون شاخون برهاڙا ڪري وهنديون هيون، هر طرف پاڻي ئي پاڻي پيو نظر ايندو هو ته، انهي موسم کي جل ٿنڀ (پاڻي جي موسم) چوندا هئا. چئوماسي جي مند جي پڇاڙي ۽ سياري جي مند ۾ اهو پاڻي گهٽجي ويندو هو ته، پاڻي ڇڏيل علائقن  ۾ گاهه ڦٽي پوندا هئا. هارين جا فصل هر طرف پوکجي ويندا هئا. چئوطرف ساوڪ ئي ساوڪ هوندي هئي ته، ان موسم کي کڙ ٿنڀ (گاهه جي موسم) سڏيندا هئا. وري جڏهن سياري ۽ بهار جي موسم ختم ٿيندي هئي ته، تيز گرم هوائون لڳڻ شروع ٿي وينديون هيون. پوکيل فصل پچي راس ٿيندا هئا. هر طرف هڪ پاسي کرن تي هاري هلر ڪاهي ان پيا صاف ڪندا هئا. رات جو انهن کرن تي نڙ بيت جي هونگ پئي هلندي هئي. ته ٻئي پاسي گهرن ۾ عورتون مکڻ کي ڪاڙهي گيهه پيون ٺاهينديون هيون. گهرن ۾ وسنان، ڀوڳاڙا ۽ چوريون پيون تيار ٿينديون هيون. ته ٽئي طرف واپاري مال، اناج ۽ گيهه خريد ڪرڻ لاءِ هر هنڌ ڦرندي پيا نظر ايندا هئا. مطلب ته چئوطرف پيون وڻج واپار جون ڳالهيون هلنديون هيون. پئسي جي ريل ڇيل پئي ٿيندي هئي. انهي ڪري هن موسم کي سوا ٿنڀ (آمدني جي موسم) چيو ويندو هو. هي پهاڪو جيڪو هزارين سال گذرڻ کان پوءِ به ٿر جي ڪچهرين ۾ عام استعمال پيو ٿيندو آهي. انهي مان انهي ڳالهه جي شاهدي ٿي ملي ته ٿر جا مارو ماڻهو ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت جا وڏا امين آهن.

87.          ڏاوَڙ نار، ته ڏيرو ڏُول.
ڏاوڙ نار؛ (بي لڇڻي عورت)، ڏيرو؛ (گهر)، ڏُول؛ (اونڌو، تباهه) 
مرد محنت مزدوري ڪري هتان هتان پٽي سٽي پيو ٻاهران ڪجهه گهر ۾ آڻيندو آهي. مرد جو ڪم آهي گهر جي ضرورتن جي پورائي لاءِ آمدني آڻڻ . عورت جو ڪم آهي مرد جي آندل آمدني موجب، سوچي سمجهي گهر هلائڻ ۽ گهر جون شيون سنڀالي رکڻ. جيڪڏهن ڪا عقلمند عورت هوندي ته هو آمدني موجب خرچ ڪري پئي گهر کي هلائيندي. اهڙي گهر ۾ ڪنهن اوچتي وقت لاءِ بچت ڪيل چار ڏوڪڙ به موجود هوندا آهن. مشڪل وقت ۾ اهڙي گهر ۾ پريشاني نه هوندي آهي. جيڪڏهن مرد محنت ڪري پنهنجو رت ولوڙي گهر ۾ ڪجهه آڻيندو ته، سندس زال ڪو به خيال نه رکندي. گهر ۾ موجود شين کي پئي وڃائيندي ۽ ڦٽائيندي. اهڙي گهر ۾ مشڪل وقت لاءِ ڪو ٽڪو پئسو بچائي رکيل نه هوندو. پوءِ مشڪل وقت ۾ سواءِ پريشاني جي ٻيو ڪجهه ڪو نه هوندو. اهڙي گهر جو سڪون برباد هوندو. سموريون شيون هيڏانهن هوڏانهن پيون رلنديون ۽ سڄي گهر جو ڏيرو ئي ڏول هوندو. مطلب ته سڄي گهر جو نظام اونڌو ٿيو پيو هوندو۔ انهيءَ ڪري سياڻن بيشڪ سچ چيو آهي ته؛ “ڏاوڙ نار، ته ڏيرو ڏول”.

88.          پوڙهو ٿيو اُٺ، ته به گت گئونرن جي.
ڪي ڪي ماڻهو پيريءَ ۾ به چکيا مکيا پيا هلندا. هوندا ته پوڙها پر سندن خيال نوجوانن جهڙا هوندا. منجهانئن ڇيڳرپائي، هٿ کس، ۽ ڀوڳ چرچي جون عادتون نه وينديون. اهڙن ماڻهن کي ڏسي سڀ ڪو پيو چوندو ته “پوڙهو ٿيو اٺ، ته به گت گئونرن جي”.

89.          پنڻ عيب، پر مدد ڪرڻ فرض آهي.
ٻئي جي اڳيان هٿ ٽنگڻ، سوال ڪرڻ، يا ڪجهه پنڻ سان، ماڻهو مان همت ۽ محنت ڪرڻ جو جذبو ختم ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ۾ پنڻ جي عادت پئجي وئي ته هو محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيندو. هن مان پنهنجي همت سان جيئڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو ختم ٿي ويندو. عملي طرح پنڻ وارو ماڻهو ڪجهه نه ڪرڻ جي ڪري سماج تي بار هوندو آهي. انهيءَ ڪري پنڻ کي سڀ ماڻهو عيب سمجهندا آهن. پر اصل ۾ پنهنجي همت تي ڀروسو نه رکڻ هڪ وڏو گناهه آهي. ٻئي طرف ڏکئي وقت ۾ ڪنهن اڙيال، غريب ۽ اوچتو مصيبت ۾ ورتل ماڻهو جي، ري گهري مدد ڪرڻ فرض سان گڏ وڏي عبادت پڻ آهي. انهي ڪري سياڻن چيو آهي ته؛ “پنڻ عيب، مدد ڪرڻ فرض آهي”.

90.          مَرڻ ناهي مِهڻو، اهو ٻج ٻني.
موت اٽل آهي. جيڪو ڄمندو اهو هڪ ڏينهن ضرور مرندو. هن ڪائنات ۾ سڀ شيون ڄمن ۽ مرن ٿيون. جيڪا شيءِ  پيدا ٿئي ٿي اها پنهنجي مقرر وقت تائين زندھ رهي ٿي، پوءِ فنا ٿي وڃي ٿي. اهو ئي فطرت جو مڃيل اصول آهي. جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار نٿو ڪري سگهجي. هڪ ٻوٽو ٻج مان انگورجي وڌي وڻ ٿئي ٿو ۽ پوءِ هو هر موسم ۾ سوين ٻج پيدا ڪري ٿو، جنهن منجهان سوين ٻيا وڻ پيدا ٿين ٿا. آخر ڪار اهو وڻ پوڙهو ڀانگهر ٿي سڪي ختم ٿيو وڃي.انهي ڪري ڏاهن چيو آهي ته؛ “مرڻ ناهي مهڻو، اهو ٻج ٻنيءَ”.

91.          سوڻ سڄڻ، من ويري.
ٿر جا ماڻهو هر ڪم ۾ سوڻ پيا ڳنڍيندا آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم تي نڪتو، کيس رستي ۾ ڪو سڪل ڪاٺين جي ڀري مٿي تي کڻي ايندڙ ماڻهو مليو ته وڏن جي سوڻ موجب هو سمجھندو ته، آئون جنهن ڪم لاءِ وڃي رهيو آهيان، سو سوڻ موجب ڪو نه ٿيندو ۽ مونکي ناڪام ٿي واپس اچڻو پوندو. پر سندس من چوندو ته خوامخواهه سوڻ جي پٺيان لڳي پيو اڄوڪو ڏينهن وڃائين ۽ هو واپس ورڻ بجاءِ انهي ڪم ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويندو. پر جڏهن هو ڪم نه ٿيڻ ڪري ناڪام واپس گهر ايندو ته پوءِ سوچيندو ته سوڻ ته سڄڻ بنجي مونکي اجائي تڪليف ڪرڻ کان روڪيو هو. پر آئون من جي لالچ پويان لڳي نڪتس ۽ اجايو تڪليف ڪري وقت وڃائي واپس ٿيو آهيان، بيشڪ وڏڙن سچ چيو آهي ته؛ “سوڻ سڄڻ، من ويري”.

92.          عقل وڏي اٽڪل آهي.
ڪو ماڻهو لالچ ۾ اچي بغير سوچي سمجهي پيو اٽڪلون هلائيندو، ۽ مختلف ڪمن پويان پيو مٿا ڪٽ ڪندو. پر جيئن ته سندس اهي ڪم سوچي سمجھي ڏاهپ سان نه ڪيل هوندا. انهي ڪري سندس سوچ سمجهه کان خالي اٽڪلون کيس ڪو فائدو نه ڏينديون. هو پنهنجي ناڪامين جو ذڪر جڏهن ڪنهن ڏاهي ماڻهو سان ڪندو ته، هو کيس چوندو ته هر ڪم جي ڪاميابي لاءِ رڳو اٽڪلون ڪم نه اينديون آهن . پر عقل سان ئي ڪاميابي ملندي آهي. ڇو ته؛ “عقل وڏي اٽڪل آهي”.

93.          ٻه ويا ته ٻارهن ويا.
ٿر ۾ اصل وسڪاري جا صرف ٻه مهينا جولاءِ ۽ آگسٽ آهن. جيڪڏهن انهن ٻن مهينن ۾ وسڪارو ٿيو ته، پوءِ فصل پوکبا ۽ سڪار ٿيندو. پر جيڪڏهن انهن ٻن مهينن ۾ وسڪارو نه ٿيو ته پوءِ ڏڪار ايندو، ۽ پورو سال اجايو گذري ويندو. انهي لاءِ ٿر جا ماڻهو عام طور اهو پهاڪو ڏيندا آهن ته؛ “ٻه ويا ته ٻارهن ويا”.

94.          هڪ کي شوق، ٻئي کي ڳڻتي.
جڏهن ڪنهن ماڻهو جا نوجوان پٽ پيا شوق ڪندا ۽ اجاين ڳالهين تي خرچ ڪندا ته ان ماڻهوکي سندن اهي اجايا خرچ ڏسي ڳڻتيون پيون ٿينديون. نوجوان پٽ اجايا خرچ ڪري پئسا پيا وڃائين، سڀاڻي جيڪڏهن ڪا اوچتي مصيبت يا ڏڪار آيو ته، پوءِ گهر ۾ پئسو نه هئڻ ڪري ڏاڍي تڪليف مان گذرڻو پوندو. انهي ڳالهه کي ڏسي ڏاهن چيو آهي ته؛ “هڪ کي شوق ٻئي کي ڳڻتي”.

95.          منش نه وڏو، پر عقل وڏي وٿ.
منش؛ (ماڻهو)، وٿ؛ (قيمتي شيءِ يا سوکڙي)
ماڻهو ڀلي وڏي عمر جو ٿي وڃي پر منجهس تجربي، مشاهدي، مطالعي جي کوٽ هوندي ۽ هو جاهل هوندو ته، سندس اها وڏي عمر ڪنهن ڪم جي نه هوندي آهي. جڏهن ڪو کانئس گهٽ عمر جو ماڻهو جنهن کي تجربو، مشاهدو، مطالعو وڌيڪ هوندو ته، هو اهڙيون عقل جون ڳالهيون ڪندو جو ماڻهو حيران ٿي ويندا. عمر جي ڀيٽ ۾ سندس عقل وڌيڪ هوندو. ڇو ته انسان ۾ عقل تجربن مشاهدن مطالعي کانسواءِ، تجربيڪار ڏاهن ماڻهن جي صحبت مان چڱين ڳالهين جي پرائڻ مان حاصل ٿيندو آهي، بزرگن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري ماڻهو سندن تجربن ۽ ڄاڻ مان علمي موتي حاصل ڪري علم ۾ شاهوڪار ٿي ويندو آهي. پوءِ اهڙي ڏاهي ماڻهو کي ڏسي ڪو ڏاهو چوندو ته؛ “منش نه وڏو، پر عقل وڏي وٿ”.

96.          هڏي تي هوڏ، ڪتن جو ڪم.
انساني اخلاقيات جي اها تقاضا آهي ته ماڻهو پاڻ کان وڌيڪ ٻين جو خيال رکي. ڪنهن به ڪم ۾ ٻئي جي مدد ڪرڻ  سفر ۾ يا ڪنهن مشڪل ۾ ٻئي جي ڪم اچڻ. ماني کائڻ وقت ٻئي جو خيال رکڻ، انساني اخلاق جو حصو آهي. ڪتا ماني جي ٽڪر گوشت يا هڏي تي پيا وڙهندا ۽ هڪ ٻئي تي گرندا آهن. کائڻ وقت ڪتن جو وڙهڻ ۽ هڪ ٻئي تي گرڻ سندن عادت آهي. انهيءَ ڳالهه کي ڏسي ڏاهن ماڻهن چيو آهي ته؛ “هڏي تي هوڏ، ڪتن جو ڪم”. مطلب ته اها ماڻهو کي نصيحت آهي ته هو لالچ ۾ اچي ٻئي جو حق نه کائي ۽ نه ئي مفاد پرستي ۾ اچي ٻين ماڻهن سان وڙهي امن امان ۾ رخنو وجهي.

97.          مارئي جي مثل، ٻاٽيءَ جي خوشبوءَ.
مارئي ٿر جو اهو وطن سان محبت ڪندڙ ڪردار آهي جنهن کي سنڌ جي سڀني وڏن شاعرن ساراهيو آهي. سنڌ جي سمورن تاريخي ڪردارن ۾ وطن جي حب سبب مارئي جو وڏو مقام آهي. شايد ئي ڪو سنڌي ماڻهو اهڙو هجي، جنهن کي ٿر جي عظيم ڪردار مارئي بابت ڄاڻ نه هجي. مارئي جي وطن دوستي جي خوشبوءَ سان سموري سنڌ ائين واسي پئي آهي جيئن ٻاٽيءَ جي خوشبوءَ. ٻاٽيءَ ٿر ۾ ٿيندڙ هڪ ٻوٽو آهي، جنهن جي ننڍڙن گلن، پنن ۽ ڪاٺين ۾ دل کي فرحت ڏيندڙ خوشبوءَ آهي. جيڪا آس پاس جي سموري ٽڪري کي خوشبوءَ سان واسي ڇڏيندي آهي. ڪو ماڻهو ڪجهه فاصلي تان گذرندو ته کيس ٻاٽيءَ جي تيز خوشبوءَ محسوس ٿيندي، ۽ هن کي خبر پئجي ويندي ته، هتي آس پاس ٻاٽيءَ جو ٻوٽو بيٺل آهي. ٻئي طرف ٿر جا ڪجهه ماڻهو ماني کي به ٻاٽيءَ چوندا آهن. ماني جي خوشبوءَ به ڏاڍي وڻندڙ هوندي آهي. خاص ڪري بک ۾ ته اها خوشبوءَ بي چين ڪريو ڇڏي. ٿر جي امر ڪردار مارئي کي ٻاٽيءَ جي خوشبوءَ سان ڀيٽيندي چيو ويو آهي ته؛ ”مارئي جي مثل، ٻاٽيءَ جي خوشبوءَ.

98.          هرڻيءَ لاءِ ڪورڙ ئي ڪافي آهي.
ٿر جو ريگيستان ۽ ڪارونجھر جبل ڪجهه وقت اڳي هرڻن جي ولرن سان ڀريو پيو هوندو هو. پر هاڻي هتي ڪڏهن ڪو قسمت سانگي هرڻ نظر ايندو آهي. ڪارونجھر جبل جي وادين ۽ آس پاس واري علائقي ۾ ڪورڙ نالي فصل ٿيندو آهي. جنهن کي موٺ جو فصل به چوندا آهن. ڪورڙ يعني موٺ، هرڻ وڏي شوق سان کائيندا آهن. ٿر جي اڪثر ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته، مادي هرڻي ۽ هرڻ جڏهن ڪورڙ (موٺ) کائي ڍئو ڪندا آهن ته، پوءِ مستي ۾ اچي ويندا آهن. نر هرڻ جي دن ۾ کستوريءَ ٿيندي آهي، جيڪا ڪورڙ کائڻ سان پڪي ٿي خوشبوءَ پکيڙيندي آهي ته، هرڻيون انهي خوشبوءَ تي مست ٿي وينديون آهن، ۽ اچي نر هرڻ جو پاسو وٺنديون آهن. هرڻ مستي جي حالت ۾ لڳ به ڪندا آهن. جنهن منجهان مادي هرڻي پيٽ سان ٿي ويندي آهي. هرڻن ۽ ڪورڙ (موٺ) جي انهي لاڳاپي جي ڪري انهي پهاڪي جنم ورتو ته؛ “هرڻي لاءِ ڪورڙ ئي ڪافي آهي”.

99.          آنڀوءَ اهي، جيڪي کيري ۾ کاڄن.
ڪڻڪ، ٻاجھر، جوئر جي فصل ۾ سنگ ٿيندا آهن. سنگ داڻو ٻڌندا آهن ۽ انهن داڻن ۾ پهريائين کير ڀرجي ايندو آهي. انهي وقت سنگ  کيري ۾ هوندا آهن. ٿري ماڻهو کيري ۾ آيل سنگن کي آنڀوءَ چوندو آهي. ٿر جا ماڻهو مرد عورتون ۽ خاص ڪري ٻار انهن سنگن کي پٽي، ٽانڊن تي سيڪي مهٽي ڦوڪي، ان صاف ڪري جهوليون ڀري شوق سان کائيندا آهن. آنڀوءَ کائڻ کان پوءِ پاڻي جا ٻه ٽي ڍڪ ڀري ڍئو ڪريو پيا هلندا. آنڀوءَ کائڻ کان پوءِ کين ماني جي ضرورت نه پوندي آهي. آنڀوءَ مان سيڪي پچائي صاف ڪيل ان ۾ ڏاڍو مٺاس هوندو آهي ۽ کائڻ ۾ مزو پيا ڏيندا. پر جيڪڏهن سنگن جي ان ۾ کير سڪي ويو ۽ داڻا پڪا ٿي ويا ته پوءِ انهن جي آنڀوئن ۾ مـٺاس گهٽ هوندو ۽ کائڻ ۾ به مزو نه ڏيندا. انهيءَ ڪري اها چوڻي آهي ته؛ “آنڀوءَ اهي، جيڪي کيري ۾ کاڄن”.

100.    موسم کري ته واءَ ڪري، وڻ کري ته ڳرنڍهو ڪري.
چئوماسي جي مند ۾ جيڪڏهن ڇوٽ تيز هوا لڳندي رهي ته پوءِ مينهن نه وسندو. ۽ ماڻهو چوندا ته موسم کري وئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن وڻ ۾ گلن جي جاءِ تي پنن جون موڙهيون يا ڳنڍيون، جنهنکي ٿر جا ماڻهو موڙهه يا ڳرنڍهو چوندا آهن، ٿي پيو ته پوءِ اهو وڻ ڦل نه ڏيندو. ماڻهو چوندا ته وڻ کري ويو. انهيءَ کي ڏسندي هي پهاڪو ٺهيو ته؛ “موسم کري ته واءَ ڪري، وڻ کري ته ڳرنڍهو ڪري”.

101.    سر منڊل جي ساز مان، سانڊو ڇا ڄاڻي.
عقل واري ڳالهه ڪو عقلمند ئي ٻڌندو ۽ پسند ڪندو آهي. بيوقوف ماڻهو، اجاين ڳالهين ۽ ٺلهين ڦوڪن تي ته ڪن ڏيندو پر عقلمندن جي ڪچهري کان پري ڀڄندو آهي. نانگ جڏهن مرلي جو آواز ٻڌندو ته لهرن تي پيو ڪنڌ لوڏيندو ۽ مستي ۾ اچي زبان پيو مِرڪائيندو. جيڪڏهن ڪو شڪاري جوڳي ڪو سريلو سر منڊل ڇيڙيندو ته هوا جي لهرن تي واسينگ نانگ ريجهي اچي ويجهو ٿيندو. کيس ڪنهن به خطري جي پرواهه نه هوندي ۽ هو اچي جوڳي جي پيرن ۾ پوندو. پوءِ اهو شڪاري جوڳي پنهنجي حرفت سان اهو نانگ جهلي کاري ۾ وجهي کڻي ويندو. پر جوڳي جي ڀر ۾ مرلي ٻڌندڙ سانڊو مرلي جي آواز تي ڪا به توجهه نه ڏيندو. انهي کي ڏسي سياڻن چيو ته؛ “سر منڊل جي ساز مان سانڊو ڇا ڄاڻي”.

102.    رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا.
جانورن ۾ رڍ هڪ اهڙو جانور آهي. جيڪو هميشه پنهنجي پيٽ گذر لاءِ چرڻ وقت زمين ۾ منهن هنيو پيو چرندوآهي. رڍ ڏندن سان گاهه پٽيندي آهي. ان ڪري ڏسڻ ۾ نه ايندڙ ننڍڙي گاهه کي به کائي پنهنجو پيٽ ڀري وٺندي آهي. رڍ کي جيڪڏهن ڪٿي ٿورڙو اڻ لکو گاهه به ڏسڻ ۾ آيو ته ، هو انهي کي ئي پٽيندي کائيندي رهندي آهي. هو گاهه جي تلاش ۾ گهڻي ڊڪ ڊوڙ نه ڪندي آهي. انهي ڪري رڍن جو ڌنار وڌيڪ پريشان نه رهندو آهي.رڍ جيڪڏهن ڪنڌ هيٺ ڪيو.ته پوءِ ڪيڏانهن به نه ڏسندي آهي. انهي ڪري آس پاس جي ماحول کان بي خبر هوندي آهي.مٿس ڪنهن به ڳالهه جو اثر نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو هوندو جنهن تي ڪا ڳالهه اثر نه ڪندي.هو ڳالهه ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو ، يا علمي ميڙاڪن ، سگهڙن جي ڪچهرين کان ڀڄي ونئن پيو ويندو آهي ، ماڻهن جي ڪچهري ۾ ويهڻ کان به لهرائيندو  ته ، پوءِ اهڙي ماڻهو لاءِ چيو ويندو ته ،هن ماڻهو تي رڍ وانگر ڪو به اثر نه ٿيندو. سياڻن سچ چيو آهي ته“رڍن اڳيان رباب ، وڄائيندي ورهيه ٿيا”.

103.    مٺو ۽ کارو پاڻي ڪڏهن به نه گڏبا آهن.
ٻن ماڻهن جي دوستي لاءِ ضروري آهي ته سندن عادتون، خيال، شوق ۽ مفاد هڪ ٻئي سان ملندا هجن. جيڪڏهن ٻن ماڻهن جي عادتن، خيالن، شوقن، طبيعتن، روين ۽ مفادن جي وچ ۾ فرق يا تضاد هوندو ته اهي پاڻ ۾ وقتي طور ته گڏجي سگهن ٿا، انهن جي وچ ۾ دوستي ٿيڻ ناممڪن آهي. ائين جيئن کارو ۽ مٺو پاڻي ڀلي هڪ کوهه ۾ گڏيل هجي پر هو پاڻ ۾ نه ملندو. اهڙي حالت ٿر جي کوهن ۾ ڏسڻ لاءِ ملندي آهي. جيئن ته کارو پاڻي ڳرو هوندو آهي، ان ڪري اهو هيٺ هوندو آهي، ۽ مٺو پاڻي هلڪو هوندو آهي. انهي ڪري مٿان هوندو آهي. ٿر جي کوهن مان پاڻي ڀريندڙ هميشه اها ڪوشش ڪندو آهي ته کوهه مان پهرين پاڻي ڀري. ڇو ته اهو پاڻي مٺو هوندو آهي. پوءِ جيئن ماڻهو پاڻي ڀريندا، تيئن مٺو پاڻي گهٽ ٿيندو ويندو، ۽ کارو پاڻي مٿي چڙهندو ايندو. آخري ڪوس کاري پاڻي جو نڪري ايندو. پوءِ ماڻهو انهي کوهه کي ڇڏي وري ٻئي کوهه تي ويندا. ٻئي ڏينهن ڇڏيل کوهه ۾ مٿان مٺو پاڻي زمين مان سمي گڏ ٿي ويندو. اهڙي ريت سمنڊ ۾ جتي مٺي پاڻي جو درياءَ ڇوڙ ڪندو آهي. اتي به کاري ۽ مٺي پاڻي جي وچ ۾ وٿيءَ هوندي آهي. انهي ڪري سياڻن چيو آهي ته جيئن ٻن مخالف طبيعتن وارا ماڻهو دوست نٿا ٿي سگهن تيئن؛ “مٺو ۽ کارو پاڻي ڪڏهن به نه گڏبا آهن”.

104.    کنوڻ تي مال ڪاهيو پيو وڃي.
ٿر جي ماڻهن جون چئوماسي جي مند ۾، اکيون آسمان ۾ هونديون آهن. هنن کي سدائين  مينهن جي تلاش هوندي آهي. جيڪڏهن ٿر جي ڪنهن علائقي تي پري کان ڪا کنوڻ نظر آئي ته پيا خوش ٿيندا. انهن کي ڀروسو ٿي ويندو آهي ته ٿر تي مينهن وسڻ شروع ٿي ويو آهي. هاڻي اسان وٽ به مينهن وسندو. پر جڏهن ڪنهن علائقي تي روزانا کنوڻيون ٿينديون. ته هو پيو سمجھندو ته اسان وٽ شايد مينهن نه وسي ۽ پوءِ هو بنا سوچي سمجھي ان طرف مال ڪاهي روانو ٿي ويندو. ماڻهو چوندا ته مينهن جي پڪي خبر چار وٺي پوءِ نڪر. پر هو تڪڙ ۾ چوندو ته آئون وڃان ٿو. ٻيا ماڻهو چوندا ته ادا سياڻن سچ چيو آهي ته؛ “کنوڻ تي مال ڪاهيو پيو وڃي”. اهو پهاڪو انهن ماڻهن لاءِ به استعمال ٿيندو آهي جيڪي بنا ڪنهن ڏسڻ وائسڻ جي تڪڙا ٿي ڪو ڪم ڪندا آهن.

105.    اوڀر جي هوا کوهه سڪايو ڇڏي.
ٿر ۾ جڏهن اوڀر طرف جي هوا ڇوٽ لڳڻ شروع ٿيندي آهي ته، اهو مينهن نه وسڻ ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ آهي. پر اوڀر جي هوا لڳڻ سان ٿر جي کوهن جا پاڻي به سڪي ويندا آهن. انهي کي ڏسندي هن پهاڪي جو جنم ٿيو. هي پهاڪو انهي مقصد لاءِ به چيو ويندو آهي جڏهن ڪن ماڻهن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويندي آهي. ڳالهه وڃي جهڳڙي تائين پهچندي آهي، ۽ ٻنهي طرفن جو نقصان شروع ٿيڻ ڪري هو تباهه ٿي ويندا آهن ته، پوءِ هن پهاڪي جو استعمال ٿيندو آهي. ادا! هاڻي ٻنهي جي وچ ۾ اوڀر جي هوا پئي لڳي، هاڻي ته سندن کوهن جا پاڻي به سڪي ويندا. مطلب ته اچي سندن وچ ۾ اڻ بڻت ۽ کيٽو پيو آهي، کيٽو ۽ کپت ڪنهن جي به وچ ۾ چڱي ناهي. ڇو ته اوڀر جي تيزهوا لڳڻ تي مينهن ته ڪو نه وسندو آهي. نه ئي اوڀر جي تيز هوا سان ڪو مينهن جو مانڊاڻ ٺهندو آهي. اوڀر جي هوا ته کوهن جا پاڻي به سڪايو ڇڏي.

106.    نم جا پن، ان جا راکيءَ.
ٿر ۾ جڏهن سڪار ايندو آهي ته ماڻهو سڪار ۾ پيدا ٿيل هر کائڻ جي شيءِ کي سڪائي محفوظ ڪري رکندا آهن. اهي محفوظ ڪيل شيون کين ڏڪار جي قحط ۾ ڪم اينديون آهن. ٿر جا ماڻهو چڀڙ، ڪنڊيءَ جا سڱر، پيرون، ٽوهه جا ٻج، گوار جون ڦريون، ڇانهين جا ٻج، ۽ لسي به ڪاڙهي ڦٽائي ان کي ڪپڙي مان ڇاڻي بچيل ڦيڏر به سڪائي رکندا آهن. جيڪي مشڪل وقت ۾ کين ڪم ايندا آهن. اناج کي ته هو ساهه وانگر سانڍيندا آهن ان کي وڏين گندين، ڪوٺلن ۾ رکڻ وقت نم جا پن ملائي رکي، پوءِ گندِين يا ڪوٺلن جا منهن مٽي سان راڳي ڇڏيندا آهن. جيئن ان کي ڪو جيت نه کائي. نم جي پنن جي ڪڙاڻ جي ڪري، ان جيتن کان محفوظ رهندو آهي. انهيءَ لاءِ ٿر ۾ عام چوڻي آهي ته؛ “نم جا پن، ان جا راکيءَ”.

107.    سَڌريا به گهر جي سونهن آهن.
ٿر جي اڪثر ڪچن گهرن ۽ چئونرن ۾ ڪي به قيمتي الماڙيون يا ڪٻٽ نه هوندا آهن. پر ٿر جون سگھڙ عورتون پنهنجي گهرن جي اندر لڏ ۽ مٽيءَ کي ملائي، پوءِ ان مٽي مان خوبصورت مٽيءَ جا ڪٻٽ يا الماڙي نماءَ سَڌريا ٺاهينديون. سندن ٺاهيل اهي مٽيءَ جا سَڌريا ڏاڍا خوبصورت هوندا آهن. جن تي هو مٽيءَ سان چٽسالي ڪري ننڍڙيون آرسيون به لڳائينديون آهن. پري کان ڏسندڙ ماڻهو انهن کي قيمتي الماڙيون سمجھي ويهندا آهن. انهن سڌرين ۾ هو پنهنجون قيمتي شيون ۽ ڪپڙا رکنديون آهن. چئونري ۾ پيل اهڙا سَڌريا گهر جي سونهن وڌائي ڇڏيندا آهن. انهي ڪري ٿر ۾ هي پهاڪو مشهور آهي ته؛ “سَڌريا به گهر جي سونهن آهن.

108.    الله اوٺي آڻ، مالڪ! منهنجي ملڪ جا.
ٿر ۾ جڏهن ڏڪار جون حالتون سنگين ٿي وينديون آهن. ۽ جياپي جا وسيلا ختم ٿي ويندا آهن. ته پوءِ ڪجهه ماڻهو مال ڪاهي بيراج علائقن ڏانهن ويندا آهن. ۽ ڪجهه ماڻهو محنت مزدوري لاءِ شهرن ڏانهن رخ ڪندا آهن. جڏهن انهن ٻاهر ويل ماڻهن جي سندن ماءُ، پيءَ کي ياد ستائيندي آهي. ته اهي سندن خيريت جون پيا دعائون گهرندا آهن. سندن چپن تي سدائين ڪنهن شاعر جي هي سٽ رهندي آهي ته “الله اوٺي آڻ، مالڪ منهنجي ملڪ جا”. هي سٽ بار بار دهرائجي عام پهاڪي ۾ تبديل ٿي وئي.

109.    ڀلي هجي بک، پر ايندو آستاني تي.
ماڻهو جتي جنم وٺي وڏو ٿيندو آهي. انهن پڊن ۽ پٽن سان سندس هڪ روحاني رشتو جڙي ويندو آهي. انسان کي ڪڏهن به پنهنجي جنم ڀوميءَ ۽ پنهنجا پيارا نه وسرندا آهن. هو وقت ملڻ تي انهن آستانن تي اچي ننڍپڻ جي يادن کي تازو ڪري سڪون وٺندو آهي. ٿر ۾ ڏڪار جي حالت ۾ ماڻهو روزگار سانگي آباد علائقن ڏانهن نڪري ويندا آهن. پر هو وقت به وقت پنهنجي اصل ڳوٺ ۽ پنهنجي گهر جا پيا چڪر لڳائيندا آهن. پويان ڇڏيل گهر ڀاتين جي سنڀال پيا لهندا آهن. پوءِ ڀلي اتي اچڻ ۾ سفر جا ڏاکڙ ڏسڻا پون يا کين بک ۾ ڏينهن گذارڻا پون. پر هو پنهنجي آستاني تي اچي ڪجهه ڏينهن سڪون ضرور وٺندا آهن. انهي کي ڏسندي ٿر ۾ هن پهاڪي جو جنم ٿيو ته؛ “ڀلي هجي بک، پر ايندو آستاني تي”.

110.    پوَن مٿي پر ٺهيو، سو ميگھ جو مانڊاڻ.
پون؛ (هوا)، ميگهه؛ (برسات).
چئوماسي جي مند جي شروعات ۾ پهريائين آسمان ۾ پکي جي کنڀن جهڙيون ننڍڙيون ڪڪريون جهڳٽو ٺاهي بيهنديون آهن. جن کي تتر-کرڙي سڏبو آهي. ٿر جي لوڪ ڏاهپ موجب جيڪڏهن تتر-کرڙي مٿي آسمان ۾ پري هوندي ۽ پرن جهڙين ڪڪرين جي وچ وارو آسمان اڇو نظر ايندو ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ هوندو پر جيڪڏهن آسمان ۾ ٺهيل تتر-کرڙي هيٺ نظر ايندي ۽ آسمان هيٺ ۽ نيري رنگ جو ڏسڻ ۾ ايندو ته اهو جلد مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي. تتر-کرڙي جي انهن اهڃاڻن کي ڏسندي ٿر ۾ هن پهاڪي جو استعمال عام آهي ته؛ “پون مٿي پر ٺهيو، سو ميگھ جو مانڊاڻ”.

111.    پرجا سکي، راجا سکي، ته سکي سڀ سنسار.
ڪنهن ملڪ ۾ خوشحالي هوندي ۽ ماڻهو خوشحال هوندا ته انهيءَ ملڪ جو راجا بي اونو هوندو. کيس ڪا به پريشاني نه هوندي ۽ هو خوش هوندو. جيڪڏهن ملڪ جا ماڻهو ۽ راجا خوش هوندو ته، هو عالمي امن لاءِ پڻ سوچيندو. امن سان ئي سموري دنيا خوشحال ٿي سگهي ٿي. انهي ڪري هي پهاڪو ٿر ۾ عام آهي ته “پرجا سکي، راجا سکي، ته سکي سڀ سنسار”. ٿر ۾هن پهاڪي جي عام ٿيڻ ۾ ٿر جي ماڻهن جي انسان دوست سوچ جو عڪس ملي ٿو. اهڙي سوچ جي ترجماني ڪندي شاه عبدالطيف ڀٽائي جي هڪ مشهور بيت جون به عالمي امن لاءِ هي جڳ مشهور سٽون آهن ته:
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوســت مــٺا دلــدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

112.    هڪ موت، ٻيو وڇوڙو، ٽيون لڏيو ڏور وڃن.
ٿر ۾ جڏهن ڏڪار اچي ٿو ته هڪ طرف بک بدحالي سبب ماڻهو ۽ مال مري ٿو. ته ٻئي طرف ڏڪار کان تنگ ٿي ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي وسندي وارن علائقن ڏانهن لڏين ٿا. ته انهي وقت مائرن کان پنهنجا پٽ مال چارڻ سانگي ڌار ٿين ٿا. ونين کان پنهنجا ور وڇڙن ٿا ۽ محبت ڪندڙ دلين جي وچ ۾ وڇوڙي جو درد ڪر کڻي اٿي ٿو. ٿر جي انهي حالت کي ڏسندي هي پهاڪو عام گفتگو ۾ ڏڪار جي حالت بيان ڪرڻ وقت استعمال ٿئي ٿو ته؛ “ هڪ موت، ٻيو وڇوڙو، ٽيون لڏيو ڏور وڃن”. ڪنهن شاعر جا چيل هي مختصر لفظ ٿر جي ڏڪار جي ڪيفيتن جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. انهي لاءِ هي سٽون پڻ شاهڪار ادب جي نشاندهي ڪن ٿيون.

113.    ٽري يا ٽپي، پر منهن چڙهيو مئو.
ٿر ۾ ڳوهن، سانڊن، سهن، تلورن، بازن ۽ تترن جو شڪار ڪيو ويندو آهي. اڳي هرڻن ۽ روجهن جو شڪار به ڪيو ويندو هو. پر هاڻي هرڻ ۽ روجهه ٿر ۾ ڪڏهن ڪي قسمت سانگي نظر ايندا آهن. شڪار ڪرڻ وقت ٿر جا ماڻهو ڪوڙڪين، ڦاهين، ڄارن، گهوٻاٽن، ڪهاڙين بندوقن ۽ ڪاترن جو استعمال ڪندا آهن. هر هڪ شڪار لاءِ ڌار ڌار طريقا استعمال ڪندا آهن. پوءِ شڪار جنهنجي به منهن تي چڙهيو، اهو ان کي ڌڪ هڻي ماريندو. ٿر جي شڪار جي سموري صورتحال  ڏسندي هن پهاڪي جو استعمال ٿيو ته “ٽري يا ٽپي، پر منهن چڙهيو مئو”.

114.    ڀانئين ته ڀڄي وڃان، پر جانچ پهرين جوءِ.
ڏڪار جي حالتن ۾ جڏهن ڪو ٿر جو ماڻهو حالتن کي منهن ڏيندي بيزار ٿي پوندو آهي ته هو پنهنجي ڪنهن پياري دوست کي حال ٻڌائيندي چوندو آهي ته؛ يار! ڏاڍو تنگ ٿيو آهيان، دل ٿي چوي ته هتان ڀڄي وڃان. سندس اهو دوست کيس مشورو ڏيندو ته؛ پهريائين ڪنهن وسندي واري علائقي جي جانچ ڪر، پوءِ وڃڻ جي تياري لاءِ سوچ. ڇو ته سياڻن چيو آهي ته؛ “ڀانئين ته ڀڄي وڃان، پر جانچ پهرين جوءِ”.

115.    وساري ويهي رهه، ڇڏ اڪنڊ اجائي.
جڏهن ڏڪار جي حالتن ۾ ڪنهن کان پنهنجو پيارو وڇڙي ويندو آهي ته هو هر وقت پنهنجي انهي پرين کي ياد ڪندو رهندو آهي. سندس انهي حال کي ڏسي، کيس ٻيو چوندو آهي ته، تون روئي ياد ڪري ڪري، پنهنجو حال نه وڃاءِ، الله خير ڪندو، هو خير سان موٽي ايندو. في الحال “وساري ويهي رهه، ڇڏ اڪنڊ اجائي”.

116.    اُٺ ٿي بيحال، پيو واجهائي وڳ لئه.
ڌڻن جي شڪل ۾ رهندڙ جانورن ۾ اٺ به هڪ جانور آهي. اٺن جي ڌڻ کي وڳ چئبو آهي. اٺ چرڻ وقت جيڪڏهن پنهنجي وڳ سان گڏ هوندو ته هو خوش ٿيو پيو چرندو، ۽ هيڏانهن هوڏانهن نه پيو ڊوڙندو. پر جيڪڏهن ڪو اٺ وڳ کان ٽٽو ته پوءِ هو هيڏانهن هوڏانهن پيو واجهائيندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيو ڊوڙندو. ڊوڙي ڊوڙي بيحال ٿي پوندو، تڏهن به کيس سڪون نه ايندو ۽ پيو رڙندو ۽ رنگندو. سندس انهي حال کي ڏسندي ڪنهن شاعر هي سٽ لکي جيڪا پوءِ هڪ پهاڪي ۾ تبديل ٿي وئي. ته، “اُٺ ٿي بيحال، پيو واجهائي وڳ لئه”.

117.    جيسين نه وڃي پاڻ، نينهن نياپي نه ٿئي.
محبت جو اهو اصول آهي ته ٻه ماڻهو جيستائين هڪ ٻئي سان نه ملندا ۽ هڪٻئي جي طبيعت، دلچسپي، روين ۽ مفادن کي نه پرکيندا، تيستائين منجهن محبت پيدا نه ٿيندي. ڪو ڪنهن سان فون تي ڀلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي، ڪچهريون ڪري، خط ۽ نياپا موڪلي پر انهن ۾ محبت پيدا نه ٿيندي. ڇو ته جٽادار محبت لاءِ پرک ۽ اعتماد جي ضرورت پوندي آهي. انهيءِ لاءِ انهن کي محبت کي قائم رکڻ لاءِ يا هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ هر حالت ۾ گڏجڻو پوندو. انهي ڳالهه کي ڏسندي شاهه عبدالطيف رحه جي بيت جي هي سٽ دهرائبي هڪ پهاڪي ۾ بدلجي وئي. ته “جيسين نه وڃي پاڻ، نينهن نياپي نه ٿئي”.

118.    عاشق ان کي چئجي، جو اٺئي پهر اداس.
فارسي جي جڳ مشهور شاعر شيخ سعدي شيرازي، پنهنجي هڪ شعر ۾ عاشق جون ڇهه نشانيون ٻڌايون آهن. هو چوي ٿو ته:
“عـاشقان را شش نشاني، اي پسر،
رنــگ زرد، آه ســرد ، چــشــم تر ،
انــتـظـاري، بـــيـــقـــراري، دربــدر.
ترجمو: اي پٽ! عاشق جون ڇهه نشانيون آهن. هو کاڌو نه کائڻ سبب ڪمزور ٿي هيڊو ٿي ويو هوندو. هر هر وڇوڙي سبب ٿڌا ساه کڻي شوڪارا پيو ڀريندو رهندو. سندس اکين ۾ پاڻي ڀريل نظر ايندو. هن جون اکيون سدائين ديدار جي لاءِ انتظار ۾ هونديون. هن جي دل ۾ بيقراري هوندي ۽ هن کي هڪ جاءِ تي ويهڻ نه ايندو ۽ دربدر رهندو. ٿر ۾ ڏڪار سبب ڪيتريون ئي هڪٻئي کي چاهيندڙ دليون وڇوڙي سبب، سڄڻن کي ياد ڪندي، هميشه اداس رهنديون آهن. اهڙي حالت کي ڏسندي، ڪنهن شاعر جي چيل هن سٽ کي به عام پهاڪي جي حيثيت ملي ويئي ته “عاشق ان کي چئجي، جو اٺئي پهر اداس.

119.    جو دم جيوين، کير ولوڙ.
ٿر جي ماڻهن لاءِ کير وڏي اهميت رکي ٿو. هو کير جو وڏو احترام ڪندا آهن. ٿر جا ماڻهو سڄو ڏينهن ڏڪار هجي يا سڪار ڪنهن نه ڪنهن پورهئي کي لڳا پيا هوندا آهن. سستي، آرام پسندي ٿر ۾ عيب آهي. هو نه چوري ڪن، نه ڪوڙ ڳالهائين ۽ نه ئي ڪو ٺڳي جو ڪم ڪن. هو اڇو اجرو سٺو کير جهڙو بنا عيب جي هر ڪم ڪن. کير ۾ ملاوٽ ڪرڻ کي به ڏوهه سمجهن ٿا. ائين هنن جي ڪم ۾ ڪا به ٺڳي يا ملاوت نه هوندي آهي. انهي ڪري ٿر ۾ خواجه غلام فريد رح جي ڪافي جي هي سٽ سندن زندگي جو نصب العين آهي ته “جو دم جيوين، کير ولوڙ”.

120.    ڪپڙ-چٻڻو گابو، نه ٿجي.
ڳائي ڍور مان ڪن ڍورن جي عادت آهي ته کين ڪو ڪپڙو نظر آيو ته، هو ان کي پيا چٻاڙيندا. اهڙي ڍور کي ڪٿي به پسند نه ڪيو ويندو آهي. ٿر ۾ جڏهن ڪا ڍڳي ويامندي آهي ته، ان جي پهرين ٽن ڏينهن جو کير ڪاڙهي مٺاڻ وجهي کائيندا آهن. جنهن کي هو پِس چوندا آهن. ڪو به ٿريو ڪڙهيل گرم پِس نه کائيندو آهي. هو پِس کي صفا ٺاري پوءِ کائيندا آهن. ڇو ته سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن گرم پس کائبو ته، پوءِ ڍڳيءَ جو ڦر گابي يا گابو وڏو ٿي ڪپڙو چٻاڙيندو. جيڪو هڪ وڏو عيب هوندو آهي. عام زندگي ۾ جڏهن ڪو ماڻهو ڪو اجايو ڪم ڪندو يا فضول غير ضروري شيون کائيندو ته، هو ان کي نصيحت ڪندي چوندا ته؛ “ڪپڙ چٻڻو گابو، نه ٿجي”.

121.    ٿريي جون اکيون، آسمان ۾.
هر ٿري ماڻهو مينهن جي تلاش ۾ مٿي پيو نهاريندو آهي. ڇو ته برسات ئي سندن اجڙيل دنيا ۾ زندگي جا رنگ ڀريندي آهي. سندن ۽ سندن مال جي جياپي جو سمورو دارومدار برسات جي پاڻي تي هوندو آهي. انهي لاءِ ٿر ۾ هي پهاڪو عام آهي ته؛ “ٿريي جون اکيون، آسمان ۾”.

122.    ڍينگھر وڏي ڍڪ.
ٿر ۾ ڪکن جي چئونرن جي چوڌاري حفاظت لاءِ ڪو ڪوٽ يا چئوديواري نه هوندي آهي. ٿر جا ماڻهو حفاظت لاءِ ڪنڊن وارن وڻن جون ٽاريون وڍي انهن جا پن مال کي کارائي پوءِ اهي ڍينگھر کڻيو اچو پنهنجي گهرن جي چئوطرف لوڙهو ڏين، جيڪو کين چئوديواري جو ڪم ڏيندو آهي. انهي لوڙهي جي منهن (دروازي) کي رات جو ڪنڊي يا ڪنهن ٻئي ڪنڊن واري وڻ جو ٽار رکي بند ڪندا آهن. جنهن کي هو ڍينگهر سڏين ٿا. ائين هو پنهنجي چئو طرف ڏنل لوڙهي کي هر وقت مضبوط ڪندا رهندا آهن، جيڪو هڪ طرف سندن گهر جي حفاظت ڪندو آهي ته، ٻئي طرف پردو به هوندو آهي. انهي ڪري ٿر ۾ شاهه  لطيف رح جي بيت جا هي لفظ عام پهاڪو بڻجي ويا ته “ڍينگھر وڏي ڍڪ”.

123.    نماڻيءَ جي نڪ تي، بُوليءَ سندو بار.
ٿر ۾ گھڻو ڪري ڪنوارين غير شاديءَ شدهه ڇوڪرين جي نڪ ۾ سوني بُوليءَ پاتل هوندي آهي. جيڪا کين شاديءَ ٿيڻ تائين پائڻي پوندي آهي.نشاديءَ وقت بُوليءَ لاهي کين گهوٽ جي طرفان ڏنل سوني نٿ پارائي ويندي آهي. بُوليءَ  ڪنواري عورت جي عصمت جي نشاني هوندي آهي. جيستائين کيس بوليءَ پاتل هوندي، تيستائين هو پنهنجي عصمت کي هر وقت سنڀاليندي رهندي آهي ۽ شاديءَ وقت نٿ پائڻ کان پوءِ هن کي پنهنجي مڙس سان وفادار رهڻو پوندو آهي. اهو بار هر عورت کي کڻڻو پوي ٿو. انهي لاءِ سانوڻ فقير رح جي بيت جي هي سٽ ٿر ۾ عام پهاڪو بڻجي وئي ته؛ “نماڻي جي نڪ تي، بوليءَ سندو بار”.

124.    مٽي ويو مومل تان، اڳئين سندو آر.
ٿر ۾ راڻي مومل جو قصو ڪچهرين جو موضوع هوندو آهي. مومل راڻي جي ڪهاڻي ۾ راڻو مومل تي عاشق ٿي ۽ ڪشالا ڪٽي سڀ شرط پورا ڪري جادوئي طلسمات کي ٽوڙي وڃي مومل کي ماڻي ورتو. پر پوءِ غلط فهمي جي بنياد تي مومل کان ڪاوڙجي واپس عمر ڪوٽ آيو. مومل کيس پرچائڻ لاءِ ڪيترائي حيلا هلايا، پر راڻو مومل کان نه پرچي سگھيو. ٿر ۾ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڪنهن پياري دوست کان ڪاوڙبو آهي يا ڪو دوست ڪافي عرصي گذرڻ تائين ڪنهن سان نه ملندو آهي، ته پوءِ ميار طور سانوڻ فقير رح جي بيت جي هن سٽ کي پهاڪي طور دهرايو ويندو آهي ته؛ “مٽي ويو مومل تان، اڳئين سندو آر”.

125.    ڳڻي ڏِس ڳالهڙيون، دِليان دُهرائي.
جڏهن ڪي محبت ڪندڙ ٻه دوست هڪ ٻئي کي وسارڻ شروع ڪندا آهن، ته هو هڪ ٻئي کان پاسيرو ٿيڻ شروع ڪندا آهن. پوءِ ميارن ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيندو آهي. جڏهن ڪو دوست ميارن ڏيڻ ۾ اڳتي وڌي ويندو آهي ته پوءِ کيس ٻيو دوست پاڻ سنڀالڻ لاءِ سانوڻ فقير رح جي بيت جي هي سٽ ٻڌائيندو آهي ته؛ “ڳڻي ڏِس ڳالهڙيون، دِليان دُهرائي”. ٿر جا ماڻهو هن پهاڪي جو استعمال پيا ڪندا آهن. جيڪو سندن دوستي ۽ وفا جو کليل ثبوت آهي.

126.    لوڻي ڪاٺي، اڏوهي به نه کائي.
ٿر ۾ اڏوهي جو جيت وڏي تعداد ۾ موجود هوندو آهي. جيڪو ڪاٺين کي کايو مٽي بنايو ڇڏي. انهي ڪري ڪاٺي کي وڍي هڪدم گهر اچي، داسو، چئونري جو مل، واڏڪ يا ٿوڻيءَ طور استعمال نه ڪري سگهبو. پر پهرين ڪاٺي کي وڍي، ان کي ڪجهه مهينن لاءِ ڪنهن ترائي جي پاڻي ۾ وجهي ڇڏبو، جيئن اها ڪاٺي چيڙهي ٿي مضبوط ٿئي. ٿر جي ڏيپلي تعلقي ۾ جيئن ته لوڻ جا سن (ڍنڍون) وڌيڪ آهن، ان ڪري ڪاٺي کي وڍي، ڪجهه مهينا لوڻ جي سن ۾ رکندا آهن. پوءِ ان کي ڪڍي، استعمال ۾ آڻيندا آهن. اها ڪاٺي لوهه کان به وڌيڪ مضبوط هوندي آهي. ان کي اڏوهي يا ڪو ٻيو جيت نه کائيندو آهي. اهڙي ڪاٺي کي لوڻي ڪاٺي چوندا آهن. جنهن کي ڏسندي هي پهاڪو جڙيو. مطلب اهو ته، جيڪو ماڻهو ڏکن جا ڪئين ڪشالا ڪٽي وڏو ٿيو هوندو، ان کي پوءِ ڪا به تڪليف پريشان نه ڪندي آهي ۽ هن ۾ تڪليفن سهڻ جي طاقت هوندي آهي. انهي ڪري ئي هر ٿر جوماڻهو پاڻ بابت چوندو ته ادا! اسين ڏکن جا ڏاڍا آهيون يا چوندا ته، اسين لوڻي ڪاٺي آهيون. “لوڻي ڪاٺيءَ، اڏوهي به نه کائي”.

127.    نپٽ راجا، نپٽ پرجا.
نپٽ؛ (صفا انڌو)، پرجا؛ (رعيت)
جيڪڏهن ملڪ جو راجا مفاد پرست حالتن تي نظر نه رکندڙ رعيت جي ڀلائي جو خيال نه رکندڙ هوندو. صفا انڌن ماڻهن وانگر اکيون پوريو ويٺو هوندو ته پوءِ ان ملڪ جي رعيت به علم، عقل، ۽ دور انديشي کان پري هوندي. ٿر تي ڊگهو عرصو قبائلي راڄ رهيو. جن جي رساڪشي ۽ ڇڪتاڻ سبب هتان جي علائقي ۾ سماج کي تبديل ڪندڙ رجحان پيدا نه ٿي سگهيو. ٿر جا ماڻهو تاريخ جي شروعاتي اشتراڪي دور ۽ چراگاهي دور جي حالتن ۾ گذاري رهيا آهن هتان جي حڪمرانن اڃا تائين ٿر جي زندگي کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءُ نه ورتا آهن. انهيءَ ڪري ٿري سماج بک، بدحالي، ۽ ڄاڻ جي کوٽ جو شڪار آهي. انهي حالت کي ڏسندي ٿر جي ڏاهن ماڻهن جي ڪچهرين ۾ هي پهاڪو چوڻ ۾ ايندو رهندو آهي ته؛ “نپٽ راجا، نپٽ پرجا”.

128.    ڪارو ٻڏندو تڏهن اڇو ترندو.
ٿر ۾ عورتون ڪنهن ڪم جي ڪاميابي يا ناڪامي، ڪنهن ماڻهو جي اچڻ يا نه اچڻ، ڪنهن جي زندهه هئڻ يا مرده هئڻ، ۽ آکاٽي جي ڏينهن سڪار ۽ ڏڪار جي سال اچڻ يا نه اچڻ لاءِ اڪثر طور هڪ فال وجهنديون آهن. هو رڍ جي اُن جا ٻه ٻڙا هڪ ڪاري رنگ جو ۽ هڪ اڇي رنگ جو، هڪ جيترا ٺاهي، ڪونڊي ۾ پاڻي ڀري، منجھس وجهنديون آهن. جيڪڏهن ڪارو ٻڙو ٻڏي ويو ۽ اڇو ٻڙو ترندو رهيو ته پوءِ اهو سمجهبو ته، ڪم ٿيندو. ويل ماڻهو خير سان موٽي ايندو ۽ برسات به ايندي ۽ سڪار ٿيندو. جي ڪارو ٻڙو ترندو رهيو ۽ اڇو ٻڙو ٻڏي ويو، ته پوءِ اهي ڪم نه ٿيندا. انهي کي ڏسندي ٿر ۾ هن پهاڪي جو جنم ٿيو ته؛ “ڪارو ٻڏندو، ته اڇو ترندو.”

129.    وٺو ته سٺ، نه ته نو به اٺ.
ٿر ۾ برسات جون ڪڻيون وٺيون ۽ زمين ٿوري وٽ ورتي ته هاريءَ ٻنيءَ ۾ ٻج ناڙي ڪري ڇڏيندا آهن. ٿر جي زرخيز زمين ۾ ٻج گهڻي ڀاڱي ڦٽي ٻاهر نڪرندو آهي. هاري اهو ٻج توڪل تي پوکي ڇڏيندا آهن. پوءِ وري سندن اکيون آسمان ۾ هونديون آهن ته، ڪڏهن ٿو مينهن اچي ۽ فصلن کي سائو ڪري. پوءِ جيڪڏهن ٻه ٽي مينهن، ڪجهه ڪجهه وقفي سان وٺا ته، پئون ٻارنهن. فصل پچي راس ٿيندو ۽ نو پاٽيون ڇٽيل ٻج سٺ ڪاسن تائين لهندو. پر جي مينهن لڳاتار وٺو ۽ ڇمر ٿيو ته پوءِ فصل واڌ نه کائيندو ۽ نو پاٽيون ڇٽيل ٻج وڃي اٺ پاٽيون لهندو. سموري محنت کان پوءِ به هڪ پاٽي جو گهاٽو پوندو. انهي کي ڏسندي ٿر ۾ هن پهاڪي جو جنم ٿيو ته؛ “وٺو ته سٺ، نه ته نو به اٺ”.

130.    ڌن؛ جوڌين، يا ڳوڌين.
جوڌين؛ (سگهارا، محنتي هاريءَ)، ڳوڌين؛ (ڍڳا)
ٿر جي سموري زراعت جو نظام مشينن بجاءِ ماڻهن جي محنت ۽ ڍڳن جي هر تي بيٺل آهي. ٻنيءَ مان سٺي اُپت تڏهن حاصل ٿيندي جڏهن وسڪاري جي مند ۾ ڍڳن جي ذريعي سٺا هر کيڙيل هوندا ۽ هاريءَ لڳاتار پوکيل فصل جي گڏ (ليڏاڻ) ڪڍندا ۽ سار سنڀال لهندا، جهار هڪلي فصل پچائي ان صاف ڪري گهر کڻي ايندا. پر جيڪڏهن ٻنيءَ جا صحيح هر کيڙيل نه هوندا ۽ هاري به گهٽ محنت ڪندا. پوءِ ڀلي سڪار جي موسم هجي سٺا مينهن به وسن ته به سٺي پيداوار نه ملندي. انهي کي ڏسي ٿر ۾ هي چوڻي عام آهي ته: “ڌن؛ جوڌين، يا ڳوڌين”.

131.    ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.
سنبت وڪرمي سال جي اسو مهيني، جيڪو لڳ ڀڳ آڪٽوبر ۾ ايندو آهي جنھن ۾ ڏياري جو ڏڻ ٿيندو آهي، ڪجهه فصل لهي چڪا هوندا آهن، ۽ ٻيا ٻنين ۾ پڪل هوندا آهن، ٿر ۾ چڀڙ جام ٿيندا آهن. جيڪي ڏڪار توڙي سڪار جي حالتن ۾ کاڌ خوراڪ طور پيا استعمال ٿيندا آهن. ڏياريءَ کان اڳ، ول ۾ لڳل ڪجهه چڀڙ مٺا هوندا آهن ته، ڪجهه کارا هوندا آهن. پر ڏياري جي ڏڻ، ڏيئن ٻارڻ کان پوءِ يعني ڏياري گذرڻ کان پوءِ، سڀ فصل پچي ويندا آهن، انهن سان گڏ سڀ چڀڙ به پچي مٺا ٿي ويندا آهن. ڏياريءَ جي ڏڻ گذرڻ کان پوءِ، ولين ۾ ڪو به چڀڙ کارو نه هوندو آهي. انهيءَ کي ڏسندي ٿر ۾ هي پهاڪو عام ٿيو ته؛ “ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو”.

132.    ڏک ۾ ڏاڍو ٿجي، سک ۾ سرهو نه ٿجي.
ماڻهو ۾ نفسياتي لاڙا ۽ رجحان به ماحول موجب جنم وٺندا آهن. ٿر جيئن ته ڏکن ۽ سکن جي گڏيل ماحول وارو علائقو آهي. هتي نه سڪار جي خوشين جو ڀروسو هوندو آهي ۽ نه ئي ڏکن جي انت جو ڪو اندازو هوندو آهي. لڙڪن ۽ مرڪن جي هن سرزمين تي جڏهن ڏولاوا ۽ ڏک، ڏڪار جي روپ ۾ اچي ڪڙڪندا آهن ته ٿر جا ماڻهو حيرت انگيز سهپ ۽ محنت سان جيئڻ جي جاکوڙ ڪندا آهن ۽ همت نه هاريندا آهن. ٿر جي ماڻهن جيتري ڏکن کي سهڻ ۽ منهن ڏيڻ جي قوت شايد ڪنهن ٻئي هنڌ هجي. وري جڏهن ميگهه ملهاريون ٿينديون آهن ٿر جي هر شيءِ مهڪي ۽ ٻهڪي اٿندي آهي. هوائون خوشين جي گيتن جا جهول ڀري ورهائينديون آهن پر ٿر جا ماڻهو انهي سڪار جي موسم ۾ به پنهنجي مقرر حد تائين خوشيون ڪندا آهن. هو سڪار ۾ اڀريل اوڀڙ کي گڏ ڪري ۽ سانڍي رکڻ واري ڪم ۾ مصروف رهندا آهن. ڇو ته کين هميشه ڏڪار جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري واري عمل ۾ رهڻو پوندو آهي. سڪار جي خوشي ۾ هو مدهوش ٿي هٿُ، هٿَ تي رکي نه ويهندا آهن. انهيءَ بي انتها خوشيءَ ۾ به ٿر جا ماڻهو پنهنجي هوش، حواس، شعور ۽ ساڃاهه کي وڃائي نه ويهندا آهن. اها ڳالهه به شايد ڪنهن ٻئي هنڌ هجي. انهيءَ کي ڏسندي ٿر جا عام ماڻهو هر وقت هي پهاڪو دهرائيندا رهندا آهن ته؛ “ڏک ۾ ڏاڍو ٿجي، سک ۾ سرهو نه ٿجي”. هي پهاڪو ٿرين جي زندگي جو نصب العين آهي. هن پهاڪي سان ٿر جا سگهڙ هڪ تاريخي واقعو ڳنڍيندي، ھيٺ ڏنل هڪ ڪهاڻي ٻڌائيندا آهن.
هڪ ڀيري لاکي ڦلاڻي کي ڪنهن سوناري هڪ قيمتي منڊي تحفي ۾ ڏني. ڄام لاکو اها خوبصورت منڊي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هن اها منڊي پنهنجي هڪ پياري ڏاهي دوست کي ڏني ۽ چيائينس؛ هن منڊيءَ تي ڪو اهڙو قيمتي جملو لکرائي اچ، جيڪو جملو آئون خوشيءَ جي وقت پڙهان ته، آپي مان نه نڪران ۽ غم جي وقت پڙهان ته وڌيڪ مايوس نه ٿيان. ان ٿر جي ڏاهي ماڻهوءَ ڪجهه وقت سوچي، پوءِ انهي منڊي تي جملو لکرائي ڏنس؛ سک ۾ سرهو نه ٿجي ۽ ڏک ۾ ڏاڍو ٿجي.“

133.    آڀا روپ سروپ، بن بادل برسي نهين.
آڀو؛ (آسمان)، روپ سروپ؛ (من موهيندڙ )، برسي؛ (وسي).
آسمان جا ڪئين من موهيندڙ روپ ۽ رنگ آهن. پر اهي رنگ تيستائين ٿر جي ماڻهن لاءِ اجايا آهن، جيستائين انهي آسمان ۾ ڪڪر قطارون ڪري، ڪر کڻي، زمين تي وسڪارو نٿا ڪن. ٿر جي ماڻهن جون اکيون آسمان ۾ هونديون آهن. هنن کي آسمان جا من موهيندڙ رنگ تيستائين نه وڻندا آهن، جيستائين ڪو برسات جو ڪڪر ڏسڻ ۾ نه اچي. ڇو ته ٿر جي ماڻهن جون ڪڪرن ۾ ڪئين اميدون ۽ آسرا ٽنگيل هوندا آهن. جن ڪڪرن جو پاڻي سندن ويران زندگي ۾ حسن جا رنگ ڀريندو آهي. انهن زندگي جي رنگن ۾ ئي ٿرين جي سڃاڻپ آهي. ان لاءِ هنن کي آسمان جا ٻيا من موهيندڙ نظارا نه وڻندا آهن. انهيءَ کي ڏسندي ٿر ۾ هي پهاڪو ٿرين جي زبان تي عام آهي ته؛ “آڀو گهڻيئي روپ سروپ، ڪڪر سواءِ برسي نهين”.

134.    پورب جيڪو وڻ چوري، سو ئي وڻ ٻوڙي.
اڀرندي ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ کان لڳندڙ هوا کي پورب جي هوا سڏبو آهي. ٿر ۾ هيءَ هوا، چئوماسي جي مند ۾ جڏهن به لڳندي آهي، تڏهن ماروئڙن جي منهن تي مرڪون اچي وينديون آهن. ڇو ته جنهن به علائقي ۾ هيءَ هوا لڳندي آهي، اتي برسات وسندي آهي. انهي لاءِ ٿر جا ماڻهو چوندا آهن ته؛ “پورب جيڪو وڻ چوري، سو ئي وڻ ٻوڙي”.

135.    ڪاڇي مينهن وسي نه، جي وسي ته ٻوڏ ڪري.
ٿر ۾ اڪثر ڪري ڏکڻ طرف کان ايندڙ مينهن کي ڪاڇي مينهن چوندا آهن. ٿر ۾ ڏکڻ طرف کان مينهن تمام گهٽ ايندا آهن. پر جيڪڏهن آيا ته پوءِ وسندا ۽ ڇمر ڪري بيهي رهندا آهن. مسلسل وسڻ ڪري ٻوڏ ڪري ڇڏيندا آهن. ڇو ته ڏکڻ طرف کان آيل مينهن وڏ ڦڙو وسائيندو آهي ۽ دير تائين وسندو رهندو آهي. ٻوڏ ٿي ويندي آهي. انهيءَ لاءِ ٿر ۾ پهاڪو عام آهي ته؛ “ڪاڇي مينهن وسي نه، جي وسي ته ٻوڏ ڪري”.

136.    سانجهي؛ مينهن جو مانجهي.
آسمان ۾ سج لهڻ کان پوءِ جلد اولهه طرف هڪ چمڪندڙ تارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. جنهن کي سانجهي تارو چوندا آهن. چئوماسي جي مند کان اڳ ۾، هيءُ تارو ڪجهه وقت گم ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ وري ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هيءُ تارو جولاءِ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ته پوءِ چئوماسي جي مند اچڻ جو اعلان سمجهيو ويندو آهي. ان ڪري هن تاري کي مينهن جو مانجهي سڏيندا آهن. هن تاري جي گم ٿي، ٻيهر ڏسڻ سان، ٿر جي ماڻهن ۾ خوشيون اچي وينديون آهن. هو هن پهاڪي جو استعمال ڪندا آهن ته؛ “سانجهي؛ مينهن جو مانجهي”. هن تاري جي گم ٿي، ٻيهر اڀرڻ سان ئي، چوماسي جو مانڊاڻ ٺهڻ شروع ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري ٿر جا ماڻهو سانجهي تاري جي گم ٿيڻ واري عرصي جو هر ڏينهُن، ڳڻيندا رهندا آهن. روزانو سج لهڻ بعد، آسمان ۾ پيا ڏسندا آهن. جڏهن سانجهي تارو ٻيهر اڀرندو آهي ته اهو وقت سندن لاءِ خوشي جو وقت هوندو آهي ۽ هو هڪٻئي کي مبارڪون پيا ڏيندا آهن.

137.    ڪامهه؛ ٽوڙي يا ٻوڙي.
ٿر ۾ اتر ۽ اولهه جي ڪنڊ جي هوا کي ڪامهه چوندا آهن. اڪثر ڪري هن هوا لڳڻ سان، مينهن جو ٺهيل مانڊاڻ به ڊهي ويندو آهي. هي هوا ڪڪرن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن هن هوا لڳڻ سان، مينهن ٽٽڻ جي بجاءِ تيزيءَ سان وسڻ شروع ڪندو آهي. پوءِ لڳاتار ڪجهه ڏينهن وسندو رهندو آهي. ٻوڏ ڪري وجهندو آهي. لڳاتار مينهن وسڻ سان سيءُ پوڻ به شروع ٿيندو آهي. ان ڪري هن هوا کي رُٻ-ٺار هوا به چوندا آهن. انهيءَ لاءِ هن هوا بابت ٿر ۾ هي پهاڪو عام آهي؛ “ڪامهه؛ ٽوڙي يا ٻوڙي”.

138.    ٿڌو واءُ؛ نڪو لاءُ، نڪو ساءُ.
چئوماسي جي مند ۾ جڏهن سج اڀرڻ شرط گرمي ڪري گهٽ ٻوسٽ ٿي وڃي ته شام جو ڪٿان نه ڪٿان مينهن اچي وسڻ شروع ڪندو آهي. انهيءَ ڪري ٿر جا ماڻهو چئوماسي جي مند ۾ گهٽ ٻوسٽ ۽ آڙنگ کي پسند ڪندا آهن. ڇو ته اهو برسات جي اچڻ جو اهڃاڻ آهي. پر جيڪڏهن چئوماسي جي مند ۾ گرمي نه ٿي ۽ ٿڌيون هوائون لڳنديون رهيون ته، اهو مينهن نه اچڻ ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ آهي. انهيءَ ڪري ٿر جا ماڻهو لڳندڙ ٿڌي هوا بابت چوندا آهن ته؛ “ٿڌو واءُ؛ نڪو لاءُ، نڪو ساءءُ”.

139.    سانوڻ جو مينهن؛ چئونري جو هڪ پاسو پسائي، ٻيو سڪائي.
سنبت وڪرمي سال جو سانوڻ مهينو، جيڪو لڳ ڀڳ آگسٽ مهينو هوندو آهي، چئوماسي جي مند جو وچيون مهينو آهي. هن مهيني ۾ ڪڪر ننڍين ننڍين ٽولين ۾ اوهيرا ڪري پيا وسندا آهن. ڪن هنڌان مينهن وسندو ويندو ته پاسي کان زمين سڪي پئي هوندي آهي. چئونري جي هڪ پاسي کان مينهن پيو وسندو، ته ٻئي پاسي ڦڙي به ڪا نه ڪرندي ۽ اهو پاسو سڪو پيو هوندو. مينهن جي انهيءَ پورالي انداز کي ڏسي، ٿر جا ماڻهو چوندا آهن ته؛ “سانوڻ جو مينهن؛ چئونري جو هڪ پاسو پسائي، ٻيو پاسو سڪائي”.

140.    هرڻيا پياريا اٿس.
هرڻيا؛ (هرڻ)
چئوماسي جي مند ۾ جڏهن ٿر ۾ مينهن وسڻ شروع ڪندو آهي ته تل، ترايون پاڻيءَ سان ڀرجي وينديون آهن. ماڻهن جي هلڻ جون واٽون يا رستا به پاڻيءَ سان ڀرجي ويندا آهن. پاڻيءَ سان ڀريل واٽون، پري کان سج جي روشني ۾ چانديءَ جيان چمڪندي نظر اينديون آهن. ٿر جا ماڻهو چوندا آهن ته؛ ٿر جا هرڻ انهن واٽن جو آٺريل پاڻي شوق سان پيئندا آهن. برسات جي انهن واٽن جي چمڪندڙ نظاري کي ڏسندي، ٿر جو هر هڪ ماڻهو اهو چوندو آهي ته؛ “هرڻيا پياريا اٿس”. وسڪاري جي مند ۾ تل تراين تي ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. چهچٽو لڳو پيو هوندو آهي. ان ڪري هرڻ انهن تراين تي ماڻهن جي ڊپ کان نه ويندا آهن. هو ڀريل واٽن جو آٺريل پاڻي ئي پيئندا آهن.

141.    انسان چمڙي ۾ ساڳيءَ، پر دمڙيءَ جو فرق.
هن دنيا ۾ سڀ انسان مختلف نسلي فرقن کان سواءِ هڪ جهڙا آهن. رت ۽ چمڙي به رنگ کان سواءِ، هڪ جهڙي آهي. پر ماڻهن ۾ ڄاڻ، تجربي، مشاهدي، عملي سگھ ۽ آمدني گھٽ وڌ هئڻ جو فرق آهي. جيڪو نمايان نظر ايندو آهي. پر اسان جي سماج ۾ ماڻهو جي صلاحيتن ۽ محنت بجاءِ، ماڻهو جي آمدني خوشحالي ۽ دولت کي ڏٺو ويندو آهي ۽ دولتمند ماڻهو کي سڀڪو وڏو ماڻهو سمجھندو آهي. جڏهن ته غريب ۽ امير جي وچ ۾ صرف دولت جي هئڻ ۽ نه هئڻ کي وڏائي ننڍائي جو ۽ سماجي عزت جو معيار سمجھيو ويندو آهي. موجوده سڪي کان اڳ ۾ سنڌ ۾ دمڙيون، پايون، پئسا، ٽڪا، آنا، آڌيلا، رپيا تائين سڪا هلندڙ هئا. انهيءَ ڪري انهيءَ زماني ۾ پئسي جي جاءِ تي دمڙيءَ جو حساب هلندو هو. دمڙيءَ جو مطلب ڌن يا دولت هوندو هو. انهيءَ زماني ۾ انهيءَ مٿئين معيار جو ذڪر ڪندي، هي پهاڪو ٺهيو. جيڪو هن وقت به سنڌ ۾ عام طور استعمال ٿئي ٿو. پر ٿر ۾ عام جام چيو ويندو آهي ته؛ “انسان چمڙي ۾ ساڳيءَ، پر دمڙيءَ جو فرق”.

142.    پچي ٿياسون لال، ناهي ڪاڻ ڪنڀار جي.
ٿر هڪ اهڙو علائقو آهي جتي خوشين جي موسم گهٽ ۽ ڏک ڏولاوي جي موسم وڌيڪ هوندي آهي. انهيءَ لاءِ ٿر جا ماڻهو سرديون گرميون سر تي سهي، بکن ۽ ڏکن جي سهپ رکندا آهن. هو ڏکن ۽ بکن جي آويءَ ۾ پچي لال ٿيل هوندا آهن. جيئن ته پڪل ٿانءَ کي نه پاڻي ڳاري سگهندو آهي ۽ نه ئي پڪل ٿانءَ کي ٻيهر ڪنڀار جي چڪ تي چڙهڻ ۽ آويءَ ۾ پچڻ جي ضرورت آهي. انهيءَ ڪري ٿر جو ماڻهو شاهه عنايت جي بيت جي هيءَ سٽ پهاڪي طور استعمال ڪندو آهي ته؛ “پچي ٿياسون لال، ناهي ڪاڻ ڪنڀار جي”.

143.    محبت واري رٻ ڀلي، راهه اتي رهجي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو آيل مهمان کي قسمين قسمين سٺا طعام کارائيندو، عاليشان بنگلي ۾ رهائيندو پر جيڪڏهن ساڻس ڪجهه گهڙيون ويهي ڪچهري نه ڪندو، ته آيل مهمان کي مزو نه ايندو. پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ وڃبو، ته هو کلي آڌر ڀاءُ ڪندو، خوب ڪچهريون ڪندو ۽ حال احوال ڏيندو ۽ وٺندو ۽ غريباڻي حال سارو کيس رٻ کائڻ لاءِ ڏيندو ۽ اڀري سڀري جهڳي ۾ کيس غريباڻو هنڌ وڇائي ڏيندو، ته به مهمان جي دل خوش پئي ٿيندي. هو صبح جو اتان خوش ٿي روانو ٿيندو. انهيءَ لاءِ ٿر جي ماڻهن يا ٻين ماڻهن وٽ شاعر مل محمود پلي جي شعر جي هي سٽ هڪ عام پهاڪي طور استعمال ٿيندي آهي ته؛ “محبت واري رٻ ڀلي، راهه اتي رهجي”.

144.    چانديءَ جو روپيو ٿر ويو، ته ٿيندو زمين حوالي.
ٿر جا ماڻهو پئسو ڏوڪڙ بچائي پيا رکندا آهن. جيڪو کين ڏڪار سڪار ۾ ڪم ايندو آهي. اڳي جڏهن ڪي چاندي جا روپيا هٿ ايندا هئا، ته هو لوٽي ۾ وجهي زمين ۾ پوري ڇڏيندا هئا. ان جو سبب اهو هو ته، نه سندن گهر ايڏا مضبوط هوندا هئا. جو هو چور چڪار کان حفاظت ۾ رکي سگهن، نه ئي وٽن ڪو بينڪ جو نظام هوندو هو جو هو اتي پنهنجي بچت محفوظ رکڻ لاءِ جمع ڪرائين. انهيءَ ڪري ٿر ۾ پئسا زمين ۾ پوري رکڻ ئي هڪ محفوظ طريقو هوندو هو. انهيءَ کي ڏسندي هي پهاڪو چوڻ ۾ آيو ته؛ “چاندي جو روپيو ٿر ويو، ته ٿيندو زمين حوالي”.

145.    امانت، ڌرتي به نه کائي.
اڳئين زماني ۾ ماڻهو پنهنجو سون چاندي جا زيور ۽ سڪا زمين ۾ ڪنهن ٺڪر يا ٽامي جي ٿانءَ ۾ وجهي لنبي بند ڪري پوري  ڇڏيندا هئا. پوءِ هو پنهنجن انهن شين کي بلڪل محفوظ سمجھندا هئا. ڇو ته انهيءَ زماني ۾ قيمتي شين رکڻ لاءِ نه بينڪون هيون ۽ نه ئي ٻيا ڪي محفوظ ادارا هئا. وري جڏهن کين انهن قيمتي شين يا پئسن جي ضرورت پوندي هئي، ته هو اها شيءِ زمين مان پوريل لوٽي يا ٿانءَ کي ڪڍي استعمال ۾ آڻيندا هئا. اها شئي بلڪل محفوظ هوندي هئي. انهيءَ کي ڏسندي پهاڪو چوڻ ۾ آيو ته؛ “امانت، ڌرتي به نه کائي”. اهڙي اميد جي آڌار تي هاري ٻج ٻنيءَ ۾ ڇٽيندو آهي ۽ فصل لهڻ تي اهو ڇٽيل ٻج به وڌيڪ حالت ۾ ملندو آهي.

146.    دل درست، ته تن درست.
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا دلي پريشاني يا ڏک نه هوندو ته هن کي هر شيءِ پئي وڻندي ۽ خوشيءَ مان ٺينگ ٽپا پيو ڏيندو ۽ کل ڀوڳ ڪرڻ مان ڍاپندو ئي ڪو نه. پر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا دلي پريشاني هوندي، ته کيس ڪا به ڳالهه ڪو نه وڻندي ۽ هو اوڻو جھوڻو ٿيو پيو هلندو. بيمارن وانگر پيو ڏسڻ ۾ ايندو. انهيءَ ڪري ئي سياڻن سچ چيو آهي ته “ دل درست، ته تن درست”.

147.    هوند تي هونگار آهي.
ٿر ۾ ڏڪار جي موسم ۾ ڪٿي به خوشيءَ سان ڀرپور ڪچهري نه هوندي آهي. سڀ ڪو پنهنجي سورن ۾ ٻڏو پيو هوندو آهي. پر جڏهن انهي ساڳي ٿر ۾ ڪڪر ڪارونڀار ڪري وڄڙين جا وراڪا ڏيئي وسندا آهن، ته هر طرف سونهن ۽ سڪار اکين کي آسيس پيو ڏيندو آهي. تڏهن ٿر جي ماڻهن جي ڪومايل چپن تي مرڪن جا گلاب ٽڙي پوندا آهن ۽ هر طرف ڪچهريون ۽ مارڪا پيا هلندا آهن. رات جو نڙ بيت ۽ ڏينهن جو همرچي جي هونگار پئي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. انهيءَ کي ڏسي سڀڪو پيو چوندو ته؛ “هوند تي هنگار آهي”.

148.    نه ڪنهن جي هنئين ۾، نه کنئين ۾.
ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن. جيڪي صرف پنهنجي ڪم سان ڪم رکندا آهن. هو پنهنجي پٽ سٽ ۽ مٿا ڪٽ ۾ لڳا پيا هوندا آهن. هو ٻئي ڪنهن به ماڻهو جي مسئلي ۾ نه اچن نه وڃن. نه ڪنهن جي گلا ٻڌن، نه ڪنهن جي نيڪي. اهڙن لا ابالي ماڻهن جي ڳالهه ڪندي هر ڪو پيو چوندو، ته ادا! فلاڻو “نه ڪنهن جي هنئي ۾، نه ڪنهن جي کنئي ۾”.

149.    ڪوڏ لڳي يا هوڏ، وريو ڀاڳ مڱڻهار جو.
سنڌ ۾ مڱڻهار قبيلو شادين ميلن ۽ ملاکڙن جو سينگار رهندو پيو اچي. شاديءَ جي خوشين کي وڌائڻ ۾ مڱڻهارن جو وڏو ڪردار آهي. مڱڻي کان وٺي نکيٽيءَ تائين، شاديءَ جي سمورين خوشين ۾ مڱڻهار جو وڏو حصو هوندو آهي. هو شاديءَ جي انهن خوشين کي پنهنجو سمجهي، بنا ڪنهن لالچ جي پيو ڳائيندو وڄائيندو ۽ مبارڪون ڏيندو آهي. گهوٽ ۽ ڪنوار جا مائٽ به سندس قدر ڪندي ڪوڏ مان پيا پئسا اڇلائيندا آهن. جنهن مان مڱڻهار کي سندس محنت کان وڌيڪ اجورو ملي ويندو آهي. مائٽ شاديءَ ۾ جيتري به خوشي يا ڪوڏ ڪندا ته ان ۾ مڱڻهارن کي سٺي گهور ملي ويندي آهي. مڱڻهار گهوٽ جي سرگس وقت دهلن ۽ شهناين تي موسيقيءَ جو اهڙو ته رنگ ڀريندا آهن، جو سڀ سرگس ۾ شامل  ماڻهو پيا نچندا ڪوڏ ڪندا ۽ مڱڻهارن کي پئسا ڏيندا آهن. گهرن ۾ پڻ مڱڻهارن جون عورتون گهوٽيتين ۽ ڪنواريتين کي گيت ۽ سهرا ٻڌائي پيون خوش ڪنديون ۽ گهورون وٺنديون آهن. ٿر ۾ ته دعوتن ڏيڻ جو ڪم به مڱڻهار ڪندا آهن. هر بٽئي تي کين ڪجهه به پيو ملندو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي ملاکڙن ۾ مڱڻهار جوش ۾ آڻيندڙ دهل جا تال ۽ شهنائي تي ڌنون وڄائي پهلوانن کي جوش پيا ڏياريندا ۽ ملاکڙي جو سينگار بنيا ويٺا هوندا. اتي به کين گهورون پيون ملنديون آهن. شادين جا ڪوڏ هجن يا ملاکڙي ۾ پهلوانن جي هوڏ هجي، ٻنهي طرف مڱڻهارن تي نوٽ پيا گهوربا آهن. انهي کي ڏسي سڀ ڪو پيو چوندو ته؛ “ڪوڏ لڳي يا هوڏ، وريو ڀاڳ مڱڻهار جو”.

150.    جيڪو هوندو، ونڊي ورڇي کائبو.
ٿري سماج ۾ ڏکي سکي ۾ ڪنهن کي نه ڇڏڻ جو رواج آهي. ٿر جا ماڻهو سڪار هجي يا ڏڪار پر پاڙي واري اڙيال کي سندس ڏکي گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا. جيڪي هٿ ۾ هوندو سو اچي حاضر ڪندا آهن. پاڙي ۾ جيڪڏهن ڪنهن وٽ اٽي جي لپ نه هوندي ته هو ڪنهن جي گهر وڃي کانئس گهرندو، ته هو پيل چوٿائي اٽي جي به لڪائي نه رکندو. چوندو ته اڄ ونڊي ورڇي ٿا کائون سڀاڻي الله ڏيندو. ڪو به ڪنهن کان ڪا شيءِ لڪائي نه رکندو. انهيءَ ڪري ٿر ۾ هي پهاڪو مشهور آهي ته؛ “جيڪو هوندو، ونڊي ورڇي کائبو”.

151.    ڳالهه ڪجي چٽي، جنهن ۾ کڙو نڪو مٽي.
ڪن ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته هو ڳالهه کي ڦيرائي سيرائي منجهائي اهڙي نموني سان پيش ڪندا جو اڳين ماڻهو کي صحيح نموني سان سمجھ ۾ ئي نه ايندي. هو ان جا ڪئين مطلب پيو ڪڍندو. پر ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي بنا ڪنهن ور وڪِڙ جي سڌي ڳالهه چئي ڏيندا ۽ ڪا به ڦير گهير ۽ رک رکاءُ نه ڪندا. هو چوندا ته؛ سينڍ ۾ مارئي ڇو ڳايون. “ڳالهه ڪجي چٽي، جنهن ۾ کڙو نڪو مٽي.

152.    سڀ ڪو پنهنجي ڄائيءَ وارو آهي.
سنڌ ۾ عورت جي عزت ۽ احترام ڪرڻ هڪ روايت رهي آهي. تڏي تي آيل نياڻي کي ست قرآن سمجھي خون  جهڙو ڏوهه به معاف ڪري ڇڏيندا آهن. ٿر ۾ جيئن ته مردن ۽ عورتن جو گڏيل ۽ برابري وارو سماج آهي ٻنيءَ ٻاري جو ڪم، کوهه تي پاڻي ڀرڻ، گاهه ۽ لابارو ڪرڻ واري ڪم ۾ مرد ۽ عورتون گڏ هونديون آهن. انهي ڪري ٿر جا مرد ٻي عورت کي پنهنجين مائرن ڀينرن ۽ ڌيئرن برابر سمجھندا آهن. انهي ڪري عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ ڪو خاص حجاب يا پردو نه هوندو آهي. ٿر جو هر ماڻهو ائين چوندو آهي ته “سڀ ڪو پنهنجي ڄائي وارو آهي”.

153.    پاڙو، ننگ آهي.
ٿري سماج ڏڪار ۽ سڪار جي حالتن مان گذري ڪن روايتن ۽ رواجن جو پابند به ٿي ويو آهي. ان ڪري ڳوٺ يا پاڙي جا ماڻهو بنا ڪنهن مذهبي، نسلي، متڀد جي ڀائرن وانگر رهندا آهن. ڏڪار جي حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو حالتن کان تنگ ٿي ٻئي پاسي مزدوري ڪرڻ لاءِ نڪري ويو ته پويان سندس خالي گهر جو ڪک پن به هيٺ مٿي نه ٿيندو سمورو ڳوٺ پنهنجي لڏي ويل ڀاءُ جي پويان ڇڏيل هر شيءِ جي حفاظت پيو ڪندو. ڳوٺ يا پاڙي جا ماڻهو ڪنهن کي بک، بيماري ۽ مجبوريءَ جي حالت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا آهن انهن روايتن کي قائم رکندي هر ڪو پيو چوندو آهي ته؛ “پاڙو، ننگ آهي”.

154.    ڏيهه ۾ ڏياري، هروءَ ري گهرين هوري.
هورِي؛ وڇوڙي جو ڏک.
وڇوڙي جو درد به تمام وڏو درد هوندو آهي. انهي درد جي انتها کي ڏسڻ لاءِ ٿر ۾ ڏڪار جي وقت ڪيترا ئي منظر ڏسڻ لاءِ ملندا. جن کي ڏسڻ لاءِ به وڏو دل گردو کپي. اهڙا نظارا جيڪي ڏسندڙن جو به جيءَ جهوري وجهن، اهي ڪيفيتون جن ماڻهن تي گذرن ٿيون، ان جي پيڙا جي درد کي ماپڻ ڏاڍو مشڪل آهي. سڄي ڳوٺ ۾ ڏياري جون خوشيون آهن، سڀڪو ماڻهو پنهنجي طاقت آهر خوشي جو اظهار ڪري رهيو آهي. پر هروءَ جي گهر جون خوشيون اداس آهن. ڇاڪاڻ ته هروءَ جيڪو مزدوري لاءِ ڪراچي ۾ آهي، سو پنهنجي پورهئي مان واندڪائي نه هئڻ سبب ڏياري جي ڏڻ جي خوشين ملهائڻ لاءِ پنهنجي گهر نه اچي سگهيو آهي. انهي سبب ئي هروءَ جي گهر خوشين بجاءِ ڪيترن ئي اوسيئڙن، اڊڪن ۽ انتظار جي ڪيفيتن جنم ورتو آهي. جنهن حالت کي ڏسندي هر ڪو چوي پيو ته، “ڏيهه ۾ ڏياري، هروءَ ري گهرين هوري.

155.    گنگو غريب، ڏياريءَ ري ڏينهن گِس کائي.
گِس؛ رٻ
غريبيءَ به ماڻهو ۾ ڪيتريون ئي ذهني پيڙائون پيدا ڪري ٿي. غريب ماڻهو روزانو عذابن، محرومين، ناڪامين ۽ ذلتن جي ڪيفيتن مان گذري ٿو. غريب ماڻهوکي وري عيدن ۽ تهوارن تي اڻهوند جو احساس اڌ-مئو ڪريو ڇڏي. اهڙي ريت ٿر جي هڪ غريب گنگو جي حالت اها آهي ته، وٽس غربت سبب ٻارن لاءِ ڪپڙا وغيره وٺڻ جي پهچ ته ناهي، پر ڏياري جهڙي ڏڻ تي کائڻ لاءِ به اڌ ڪلو ٻاجهر جي ڏاري کان سواءِ ڪجهه ناهي. اهڙي حالت ۾ جڏهن گنگو جي زال پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ ان گهر ۾ پيل اڌڪلو ٻاجهر جي ڏاري ۾ پاڻي وجهي رٻ (گِس) رڌي ڀاتين کي کارائي ٿي ته، سڀڪو پيو چوي ته؛ “گنگو غريب، ڏياري ري ڏينهن پيو گِس کائي.

156.    هٿوڙي رو گهاءُ، ايرڻ جهلي.
ايرڻ؛ (سانڌاڻ)
ٿر سکن کان وڌيڪ ڏنجهن ڏولاون ۽ ڏاکڙن جي سرزمين آهي. هتي جياپي جي جنگ صرف ٿري ماڻهن جي ئي وس جي ڳالهه آهي. ٿري ماڻهن وٽ ڏٿ کائي پيٽ پالڻ جي جيڪا ڏاهپ آهي. سا ئي سندن جياپي جو سبب آهي، انهي ڪري ٿر جي ماڻهن پنهنجي زندگي جو اصول بڻائي ڇڏيو آهي ته، ڏکن ۾ ڏاڍو ٿجي، سکن ۾ سرهو نه ٿجي. اهو اصول جيڪو هنن جي وڏڙن جي لوڪ ڏاهپ جو سونهري اصول آهي، جنهن تي هلندي هنن جيئڻ جو ڍنگ سکي ورتو آهي. انهي ڪري ٿر جي ڏکن ۽ ڏاکڙن جو مقابلو به ٿر جا ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا. انهي ڪري ٿر ۾ هن پهاڪي جو جنم ٿيو ته، “هٿوڙي رو گهاءُ، ايرڻ جهلي.” يعني مترڪي جو ڌڪ، صرف سانڌاڻ ئي سهي سگهي ٿي.

157.    اهو ڪي ڪجي، جيڪو وسندي مينهن ڪم اچي.
ٿر ۾ برسات جتي خوشين جا انبار کڻي ايندي آهي، اتي وسڪاري جي مند ۾ ڪيترا ئي مسئلا به جنم وٺن ٿا. هڪ طرف مينهوڳيءَ جي مند ۾ مال جي چاري جو انتظام ڪرڻو پوندو آهي، ڇو ته ٿر جو مال جيڪو سڪل گاهه کائڻ جي هريل هوندو آهي. انهي کي برسات جو تازو ڦٽل گاهه بيمار ڪري وجهندو آهي. ان ڪري گاهه جي پڪي ٿيڻ تائين مال کي ٻڌي سڪل چارو ڏيڻو پوندو آهي. ٻئي طرف برسات وسڻ بعد ٿر ۾ فصل پوکڻ جو ڪم ڪرڻو پوندو آهي. جنهن لاءِ ٻج ۽ آبٿ جي خرچ جي ضرورت پوندي آهي. انهي لاءِ جيڪڏهن گهر ۾ چار ڏوڪڙ پيل هوندا ته پوءِ کين پريشاني ڪو نه ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن گهر ۾ ڪو پئسو پنجڙ نه هوندو ته پوءِ وڏي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. انهن سمورن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو گهر ۾ ڪجهه بچائي رکندا آهن، جيڪو کين انهيءَ مشڪل وقت ۾ ڪم ايندو آهي. انهيءَ ڪري ٿر ۾ هي پهاڪو عام آهي ته؛ “اهو ڪي ڪجي، جيڪو وسندي مينهن ڪم اچي.”

158.    متر اوءَ، جو ٻڪرال جيان آوي.
متر؛ (مائٽ، عزيز)، ٻڪرال؛ (اتر اوڀر ڪنڊ جو مينهن)
ٿر ۾ اتر اوڀر جي ڪنڊ جي مينهن کي ٻڪرال يا ٻڪراس کنوڻ وارو مينهن چوندا آهن. هن مينهن جي کنوڻ ڏسڻ شرط ٿر جا ماڻهو خوش ٿيندا آهن، ڇو ته کين پڪ هوندي آهي ته، مينهن اجهو ڪي اجھو آيو. هو ٻنيءَ کان ڊوڙندا گهر مس پهچندا يا عورتون پنهنجي گهر جو سامان مس سنڀالي اندر رکنديون ته مينهن پهچي ويندو آهي. انهيءَ ڪري ٿر جا ماڻهو ٻڪرال کنوڻ واري مينهن کي جلد پهچڻ وارو مينهن سمجهندا آهن. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن مشڪل وقت ۾ ڪو مدد لاءِ جلد پهچندو ته ان لاءِ چوندا ته ادا فلاڻو مشڪل وقت ۾ ڊوڙندو سڀ کان اڳ ۾ مدد لاءِ پهتو. اهو ئي اسان جو پيارو مائٽ آهي. ڇو ته سياڻا چئي ويا آهن ته؛ “متر اوءَ، جو ٻڪرال جيان آوي.”

159.    روهڻي تپي، مرگهسر وائي. آرڌرا ڊٻوڪي، مينهنڙلو آئي.
هي پهاڪو ٿر جي چؤماسي جي علم جوتش جي روشنيءَ ۾ مڪمل ڄاڻ ڏئي ٿو. علم جوتش موجب، هيءُ نکٽَ هڪٻئي پويان اچن ٿا. چؤماسي جي مند ۾جيڪڏهن روهڻي نکٽ ۾ گرمي ٿي، مرگهسر نکٽ ۾ واءَ لڳو ته، آرڌرا نکٽ ۾ آڳاٽو مينهن ايندو. يعني اگر مئي مهيني جي پڇاڙيءَ واري ڏهاڪي ۾ گرمي ٿي ۽ روهڻي نکٽ جا چوڏهن ڏينهن هلي، ان بعد وري مرگهسر نکٽ (جون) جي پهرين چوڏهن ڏينهن ۾ واءُ لڳو ته، آرڌرا نکٽ (جون) جي پڇاڙي ۾ آڳاٽو مينهن ايندو. علم موسميات جي ماهرن موجب ٿري لوڪ ڏاهپ جي هيءَ چوڻي ٿر جي چوماسي جي موسم تي گهري نظر رکڻ جو هڪ شاهڪار آهي. ٿري ماڻهن جي زبان تي هي پهاڪو هوندو ئي هوندو آهي. “روهڻي تپي، مرگهسر واءِ، آرڌرا ڊٻوڪي، مينهنڙلو آئي.”

160.    ڏوکڙو سيڻ، سوکڙو ويري.
ڏوکڙو؛ (ڏک)، سيڻ؛ (ويجها مائٽ)، سوکڙو؛ (سک)
ٿر جا ماڻهو ڏکن جا ايترا ته هيراڪ ٿي ويا آهن، جو کين سک ۽ آرام پسند نه هوندو آهي. سندن زندگي پينگهي کان قبر تائين ڏکن ڏولاون ۾ گذرندي آهي. سندن چوڻ آهي ته اهو ماڻهو ڪهڙو جيڪو سک طلبي. مرد ۽ سک، اهو ته کوڙو ئي نٿو لڳي. ڏکن سان پيار ۽ سکن جي خواهش نه هئڻ به زندگيءَ لاءِ جياپي جي جنگ کٽڻ جو هڪ اهم هٿيار آهي. ٿر جي ماڻهن وٽ زندگي جو تصور هل هلان ۽ ڀڄ ڀڄان آهي. سندن نظر ۾ آرام پسندي يا ماٺ ڪري ويهڻ موت جو اهڃاڻ آهي. هو ڏکن کي پنهنجو سيڻ سمجهندا آهن. هنن جي نظر ۾ ڏک ئي آهن جن کين زندگي جي جنگ ۾ سوڀارو ٿيڻ جا گر سيکاريا آهن. هو آرام پسندي کي دشمن سمجهندا آهن. هنن جي نظر ۾ آرام پسندي کين اپاهج ڪري ڇڏيندڙ دشمن آهي. ڇو ته زندگي جي جنگ هارائڻ وارا صرف آرام پسند ماڻهو ئي هوندا آهن. انهيءَ ڪري ٿر جي هر ماڻهوءَ جي زبان تي هي پهاڪو هوندو آهي ته، “ڏوکڙو سيڻ، سوکڙو ويري.” ٿر جي ماڻهن لاءِ هي پهاڪو زندگي جو رهنما اصول آهي. هيءُ پهاڪو ئي سندن زندگي ۾ ناقابل شڪست قوت ڀريندو رهندو آهي. جنهن جي قوت سان هو جياپي جي جنگ ۾ سدائين سوڀارا ٿيندا اچن. اهڙن لافاني گڻن بابت سنڌ جو لافاني شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي چوي ٿو ته،
سـکـن واري سـڌ، مـتان ڪـو مـون سيـن ڪـري،
انـدر جـنين اڌ، ڏونـگر سي ئي ڏورينديون. (شاه)

161.    ڏڪار ۾ ٿر جي مٽي به رلي وڃي ٿي.
ٿر جي ڏڪار جي ڪيفيت به هڪ عجيب دردناڪ ڪيفيت آهي. ٿر ۾ جڏهن ڏڪار اچي ٿو ته، حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالوند ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي، بيراجي علائقن ڏانهن روانا ٿين ٿا. ڪيترا ئي ماڻهو مزدوريءَ لاءِ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي نڪري پون ٿا. اهو لڏپلاڻ وارو عرصو وڇوڙن جي درد جو عرصو هوندو آهي. انهيءَ عرصي دوران اگر ڪنهنجو موت ٿي ويندو آهي، ته انهي کي اتي ئي دفن ڪيو ويندو آهي. ٿر ۾ ماڻهن جي جذباتي ڪيفيتن ۾ اها ڳالهه به هوندي آهي ته، مرڻ بعد به قبرستان ۾ پنهنجي پيارن جي ڀر ۾ دفن ٿجي ۽ وڏڙن جي هڏن سان هڏ گڏجن. اهو رشتن جي ڳانڍاپي سان جذباتي لڳاءُ سنڌ جي قديم مضبوط سماجي شرستي جو اهڃاڻ آهي. پوءِ جڏهن ڏڪار جي وڇوڙي ۾ اباڻن ڪکن کان پري ڪنهنجو مڙهه دفن ٿيندو آهي ته، اهو سور جيئرن کان سڄي ڄمار نه وسرندو آهي. انهيءَ لاءِ ٿر ۾ انهي سموري درد جي ترجماني ڪندي هي پهاڪو انهيءَ درد جي عڪاسي آهي. عام طور چوڻي آهي ته؛ “ڏڪار ۾ ٿر جي مٽي به رلي وڃي ٿي.”

162.    ائٽ را ٻارنهن ماس، اٺي ري اڪ گهڙي.
ٿر ۾ ڏڪار جي وقت عورتون چرخو هلائي سٽ ڪتينديون آهن. انهيءَ آتڻ تي ڪاتياريون سٽ ڪتيندي، ڪچهريون ڪري پيون ڏک سور هڪٻئي سان ونڊينديون آهن. ائين ڏڪار جي درد جي ڪيفيتن جو درمان به پيو ٿيندو آهي. پر جڏهن ميگهه ملهاريون وڏڦڙو وسائينديون آهن، ته پوءِ سمورا سور لحظي ۾ لهي ويندا آهن، ۽ سڪار جون سرهاين سان ڀريل اميدون ڪر موڙي جاڳي پونديون آهن. انهيءَ ڪري ائٽ جي ٻارهن مهينن جي آتڻ جي ڪچهرين ۾ ايترو دردن جو درمان نه ٿيندو آهي، جيترو انهي برسات جي گهڙي ۾ سڪون ملندو آهي. انهيءَ آتڻ جي ڪچهرين ۽ برسات جي اميدن جي تور تڪ ڪرڻ لاءِ هي چوڻي ڪچهرين جو موضوع بنجي ويئي ته؛ “ائٽ را ٻارنهن ماس، اٺي ري اڪ گهڙي”.

163.    ڏڪار ۾ راڻين جا، ڪنڱڻ به ڍرا ٿيو وڃن.
ڏڪار بک، بدحالي، سان گڏ اوسيئڙن ۽ اڍڪن جو درد به کڻي ايندو آهي. انهي درد ۾ بک سان گڏ يادن جون ڪيفيتون ماڻهو کي جهوري وجهنديون آهن. ڳڻتيون، اوسيئڙا ۽ اڍڪا من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيندا آهن. انهي ڳاراڻي ۾ ماڻهو جو اندر ڀرڻ لڳندو آهي. جيڪو جسماني ڪمزوري جو به سبب بڻجي ويندو آهي. غريب ته پنهنجي جاءِ تي پر سرنديءَ وارن جا به اهو ڳاراڻو حال هيڻا ڪري وجهندو آهي. انهي ڪري ٿر ۾ ڏڪار جي دوران  غريبن جا ته هونئين حال هيڻا هوندا آهن، پر خوشحال گهراڻن جي عورتن جي ٻانهن جا ڪنگڻ به ڪمزوري سبب ڍرا ٿي پوندا آهن. ڇاڪاڻ ته اوسيئڙن، اڍڪن ۽ اميدن جي پورائي جو انتظار ماڻهو جي دلي سڪون کي بي چين ڪري وجهندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ اڳيان رکيل طعام به نه وڻندا آهن. انهيءَ ڪري ئي پهاڪو آهي ته، خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪونهي ۽ ڳڻتيءَ جهڙو مرض ڪونهي. يا ٻي چوڻي آهي ته، ڪڏهن روح راڳن ۾، ڪڏهن بيتن کان بيزار. انهن دلي ڪيفيتن جي ترجماني ڪندي پهاڪو ٺهيو ته؛ “ڏڪار ۾ راڻين جا به ڪنگڻ ڍرا ٿيو وڃن.”

164.    راجا رٺو ته گهوريو، پر مند نه رسي مينهن جي.
انساني زندگي به مندن جي محتاج آهي. ڇاڪاڻ ته انساني جياپي جو سمورو دارومدار قدرتي وسيلن تي آهي. قدرتي وسيلا وري مندن موجب انساني ضرورتن جو پورائو ڪندا آهن. ٿر ۾ برسات جي مند جو پرچڻ خوشين جا جهول ڀري ايندو آهي ته وري برسات جي مند جو روسامو، اهنجن ۽ مصيبتن جو دور شروع ڪندو آهي. انهيءَ ڪري ٿر جا ماڻهو برسات جي مند جي پرچڻ جو وڏي شدت سان انتظار ڪندا آهن. هنن جون راتيون ۽ ڏينهن برسات جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ گذرندا آهن. ڇو ته سندن زندگي ۾ صرف برسات جي مند ئي رنگ ڀري سگهندي آهي، اهڙا رنگ ڀرڻ جي طاقت ڪنهن به بادشاه ۾ نه هوندي آهي. انهيءَ ڪري ٿر جا ماڻهو ڪنهن بادشاه جي رسڻ کي ته برداشت ڪري ويندا آهن، پر مند جو روسامو سندن زندگيءَ جا سمورا رنگ ڦُري وٺندو آهي. انڪري هو برسات جي رسڻ کي مشڪل سان برداشت ڪري سگهندا آهن. انهيءَ ڪري ئي ٿر ۾ هي پهاڪو عام آهي ته؛ “راجا رٺو ته گهوريو، پر مند نه رسي مينهن جي.”

165.    مقام ۽ مڪان، ڪڏهن وسرن ڪينڪي.
انساني نفسيات موجب ماڻهو پنهنجي گهر سان بي انتها محبت ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ گهر جي تعمير ۾ سندس پگهر جا ڦڙا شامل هوندا آهن. انهيءَ گهر جي ذري ذري ۾ سندس ماضيءَ جون يادون ۽ اکين جا ڪئين خواب ٽانڪيل هوندا آهن. جنهنڪري هو پنهنجي انهن گذري ويل يادن ۽ اميدن جي خوابن تان دستبردار نه ٿيندو آهي. پوءِ ڀلي اها کڻي ڪا ڪکائين جهوپڙي ئي ڇو نه هجي. پر هو محلاتن کان وڌيڪ پنهنجي ٺاهيل ڪکائين جهڳيءَ سان پيار ڪندو آهي. انهيءَ کان علاوه انسان جي اها به فطرت آهي ته هو پنهنجي وڏڙن سان بي انتها محبت ڪندو آهي. انهن جي وفات بعد سندس اها محبت انهيءَ مقام ڏانهن منتقل ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري ئي هر ماڻهوءَ جي اها خواهش هوندي آهي ته هو به مرڻ بعد پنهنجي انهن وڇڙي ويلن جي پاسي واري قبر ۾ دفن ٿئي، جيئن هڏ هڏن سان ملن. سندس روح به پنهنجي عزيزن سان گڏجي سڪون ماڻي. سنڌي سماج ۾ اها مٽيءَ جي ڇڪ قديم زماني جي سماجي قدرن جي جبلت آهي. جنهن کي ختم ڪرڻ ڪنهنجي وس ۾ ناهي. ٿر ۾ جيئن ته قديم سنڌي سماج پنهنجي ڀرپور توانائي سان جيئي ۽ جاڳي پيو. انهيءَ ڪري ٿر ۾ مٽيءَ جي اهڙي لافاني ڇڪ جي ترجماني ڪندي، ڪنهن شاعر جي بيت جون هي سٽون پڻ ڪچهرين ۾ چوڻي طور استعمال ٿين ٿيون ته؛ “مقام ۽ مڪان، ڪڏهن وسرن ڪينڪي.” 


(ڦلڪارو، م. ب. مشڪور؛ ٿر جي لوڪ ڏاھپ ۽ سائنس (سڪار ڏڪار بابت اڳڪٿيون، پھاڪا ۽ چوڻيون)، لاڙ ھيومنيٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام. ۲۰۱۵ع.) ڪتاب تان ٿورن سان کنيل. سنڌ سلامت جي سليمان وساڻ صاحب جا پڻ ٿورا، جو ڊجيٽل ورشن کان مستفيد ڪيائون. ليکڪ جا ٿورا جو ان لاءِ اجازت ڏنائون.


5 comments:

  1. MASHA ALLAH kedo n piyaro likhyl aah sindhi mathri ty rahdrr thar ji asleat aen azat aabro khy biyan karn jo wajo tareeqo ahh sandus salam pesh kryan tho

    ReplyDelete
    Replies
    1. بلڪل صحيح ٿا چئو. ليکڪ موصوف جي اڻٿڪ محنت جو ڦل آھي.

      Delete
  2. MASHA ALLAH kedo n piyaro likhyl aah sindhi mathri ty rahdrr thar ji asleat aen azat aabro khy biyan karn jo wajo tareeqo ahh sandus salam pesh kryan tho

    ReplyDelete
    Replies
    1. سائين منھنجا! سھڻن ريمارڪس پيش ڪرڻ جي مھرباني.

      Delete
  3. اوھان کي شابس ھجي سائين تمام سٺو بلاگ آھي.

    ReplyDelete