Tuesday, March 29, 2016

پھاڪا پراڻا، ارٿ نوان - پروفيسر ھيرو شيوڪاڻي

پھاڪا پراڻا، ارٿ نوان
سنڌي ٻوليءَ جي شاھوڪاري
پروفيسر ھيرو شيوڪاڻي


پھاڪا ۽ محاورا، ڪنھن به ٻوليءَ جا، ڳھڻا ھوندا آھن. جيئن زيور يا ڳھڻا عورت جي سونھن ۽ شخصيت کي وڌيل نکاريندا ۽ سنواريندا آھن، تيئن بيان ۽ اظھار ۾، جيڪڏھن انھن جو صحيح ۽ پورو اُپيوگه ڪجي تهپھاڪا به وڌيڪ اثر ۽ رس پيدا ڪن ٿا.
سنڌيءَ سميت ھر ھڪ شاھوڪار ڀاشا ۾ انھن پھاڪن ۽ چوڻين جو وڏو خزانو سانڍيل آھي. صدين کان اھي پھاڪا ۽ اصطلاح ٻوليءَ ۾، پاڻ مرادو، انام مگر ڏاھن ماڻھن جي آزمودي مان اھي املھ ماڻڪ ايندا رھيا آھن. اسان جي سنڌي زبان ۾ اھڙن پھاڪن جو اڻ ميو خزانو آھي. اندازي موجب سڀ کان پھرين ۱۸۹۲ع ۾ روچيرام گجومل گڏ ڪري ٻن ڀاڱن ۾ ”سنڌي پھاڪا“ ڪتاب پڌرو ڪيو. ٻنھي ڀاڱن ۾ اٽڪل اٺ سؤ کن پھاڪا معنى سان ڏنل آھن. ديوان ڪيولرام سلامتراءِ جو سنگرھ ”گل شڪر“ ۱۹۰۵ع ۾ شايع ٿيو ته ڀيرومل جو ڪتاب ”گل قند“ وري ۱۹۲۸ع ۾ محاورن جو آھي. ساڳيءَ طرح سنڌي زبان جي آفتاب مرزا قليچ بيگ ”پھاڪن جي حڪمت“ ۱۹۲۵ع ۾، اٺ سؤ کن پھاڪا سھيڙيا آھن. ھيءُ ڪجھ چونڊ ڪتاب آھن. ائين ته ٻين به گھڻن اڀياسين ۽ ماھرن پھاڪن جا ڪتاب شايع ڪرايا آھن. خاص طور ھتي ڀارت ۾ سترامداس ’سائل‘ ۽ ليکراج عزيز جا سنگرھ به اھم آھن. پر ھتي مقصد منھنجو پھاڪن ۾ سمايل حڪمت (سياڻپ) جو جوھر پڌرو ڪرڻ کان سواءِ ڪونھي. اڄ ھزارين سال جھوني سنڌي ٻوليءَ جي انھن پھاڪن جي معنى ۽ اھميت تي ٿوري روشني وجھڻ سان گڏ، اڄ زماني جي تبديل سان انھن جي ارٿ ۾ آيل نواڻ ۽ بدلاءُ يا ماڳھين مختلف ارٿ کان، ٻوليءَ جي چاھڪن کي واقف ڪرڻ جو آھي. ظاھر آھي ٻولي، ان جا لفظ، فقرا خود سماج مان پاڻ مرادو جنم وٺندا آھن. سپجندا آھن ته وقت جي رفتار سان سماج جي سوچ ۾ تبديل، سمجھ جي وڪاس سان گڏ انھن ۾ به بدلاءُ اٽوٽ آھي.

مان ھتي ھندواسي ھفتيوار جي پاٺڪن لاءِ خاص طور انھيءَ خزاني مان پھاڪن جي ھڪ لپ ڀري، اھڙن نون ارٿن جو مثالن سان ذڪر ڪرڻ ٿو چاھيان. اڄ جڏھن حالتن انوسار سنڌيءَ ۾ اخبارن، رسالن جو تعداد به گھٽجي ويو آھي ته پڙھندڙن جو تعداد گھٽجي ويو آھي. گھٽجي رھيو آھي. تڏھن شايد ”ھندواسي“ ئي ھڪڙي اھڙي نيمانتي ھفتيوار آھي، جنھن کي پڙھڻ وارن جو تعداد ديس توڙي وديش ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ ھزارن ۾ آھي. توڙي مونکي چوڻ ڏيو ته ”ھندواسي“ گھڻي قدر سنت مھاتمائن جي مھماءِ روحانيت جي رمزن کي اڳرائي ڏيندي آھي، اُھي به ضروري آھن، پر ان سان گڏ پنھنجي ٻولي منجھان، روزمرھ جي انساني جيون، پريوار، دنيوي آزمودن جو دلچسپ روپ پسائيندڙ پنھنجن پھاڪن جو به ته آنند ماڻيو. اھو ئي ارادو اٿم. وقت به ۽ موقعو مليو ته ان پنھنجي ٻوليءَ جي ورثي ۽ خزاني مان ٿوري ۾ سواد چکيندو ۽ چکائيندو رھندس.
ھن پھرين کيپ يا قسط ۾، في الحال اسان جي گھرو ۽ ڪٽنبي جيون سان لاڳاپيل ڪجھ پھاڪا، اول انھن جي اصلوڪي ارٿ سان ڏيئي، پوءِ انھن جي نون ارٿن جي ٿوري ۾ ڏس ڏيندس. اميد ته وڻندَوَ. پر اول، وري به ٿوري ۾ پھاڪي ۽ محاوري وصف يا معنى به سمجھڻ اُپيوگي آھي، جيئن عام رواجي فقرن ۽ پھاڪن جي تفاوت کي ڄاڻي سگھجي.
پھاڪو يا چوڻي اڪثر پورو جملو يا فقرو ھوندو آھي. جنھن جي اکري معنى ته صاف سڌي ھوندي آھي، ليڪن منجھس سمانجي سياڻپ ڪجھ اھڙو ارٿ ڏيندي آھي جو اظھار اثردار ۽ رسيلو ٿي پوندو آھي. مثال طور؛ ”ڌڪ ھڻ ڌيءُ کي، سکي نھن.“ يا ”اھو سون ئي گھوريو، جو ڪن ڇني.“ ھي مڪمل جملا آھن، جيڪي چوڻ وقت يا بيان ۾ مثال طور ڪم آڻي سگھبا آھن. جڏھن ته اصطلاح يا محاورو اڌورو جملو يا ٻن ٽن لفظن جو جھڳٽو ھوندو آھي. گھڻو ڪري محاوري جي پٺيان اسم مصدر يا ”ڻ“ اکر ھوندو آھي. جيئن ته ”اکين ۾ ويھارڻ“ ۽ ”اک ڀڃڻ“ وغيرھ. ھتي اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي شاھوڪاريءَ جو اندازو ڏيڻ لاءِ ٻڌايان ته رڳو ”اک“ لفظ سان شروع ٿيندڙ يا ”اک“ وارا اصطلاح ئي سنڌيءَ ۾ سؤ کان وڌيڪ تعداد ۾ آھن.
۽ ھاڻي اچون ٿا ’پھاڪا پراڻا، ارٿ نوان‘ جي پنھنجي مؤل وشيه تي في الحال ھتي ڪجھ ٿورا مثال اسان جي گھرو ۽ ڪٽنبي جيون سان جڙيل.
۱) ڌڪ ھڻ ڌيءُ کي، سکي ننھن: ھن پھاڪي جي اکري معنى ته بلڪل چٽي آھي.پراڻي زماني جون شاديون ننڍي عمر ۾ ڪرائڻ جو رواج ھيو. پرڻجي آيل ننھن ننڍي عمر جي نابالغ ۽ بي سمجھ ھوندي ھئي. ان ڪري گھر جو ڪم ڪار، مريادائون سمجھائڻ جي ضرورت پوندي ھئي. پر ننھن ٻئي گھر مان پرڻجي آيل نادان  ڇوڪري ھئڻ جي ڪري ھن کي ڪا به ھدايت ڏيڻ ۾ خيال يا لحاظ رکڻ جي وڻندڙ مريادا ھئي ته ھن کي اھڙي نموني سکيا ڏجي، جيئن دک نه ٿئيس ۽ ھدايت به سمجھي وڃي. ان لحاظ کان سمجھائڻ لاءِ، ڇڙٻ پنھنجي ڌيءُ کي ڏبي ھئي ته؛ فلاڻي ھيءُ ڪر! يا نه ڪر! ته اشارو ننھن سمجھي ويندي ھئي. ھن پھاڪي ۾ اھا مريادا واري رمز رکيل ھئي. اھو ٿيو پراڻو پھاڪو.
پر ھن پھاڪي جو نئون ارٿ، ھونئن ته ھاڻ ڌيان ۾ آسانيءَ سان اچي سگھيٿو يا اُلٽو ڪري چئجي ته به نئين زماني واري معنى نڪري پوندي. يعني ”ڌڪ ھڻ ننھن کي، سکي ڌيءُ.“ حالتون بدلجي ويون آھن. اڄڪلھ جي ننھن بالغ، پڙھيل ڳڙھيل ۽ جيڪڏھن چڱي ڏيتي ليتي نه کڻي آئي آھي يا پنھنجو پٽ لَوِ مئريئج ڪري آيو آھي ته گھر ۾ گھڻن کي وڻندي ڪا نه، ته ھن کي ڇينڀ يا ڌڪ ھڻي ڪا سکيا ڏيڻ ۽ ان بھاني پنھنجي وڏي ڪنواريءَ ڌيءُ کي ڪو به عقل جو اشارو يا عقل، ساھري ۾ سندس جي ڀلي لاءِ سيکارڻو آھيته پنھنجي (ھونئن پرائي ڄائي) تنھن کي ڌڪ ھڻن ٻٽي فائدي وارو نسخو آھي. اھو آھي نئون ارٿ، بدليل زماني موجب.
۲) اھو سون ئي گھوريو، جو ڪن ڇني: ھن پھاڪي جو لاڳاپو به گھر جي عورت سان آھي. سادو مطلب اھو آھيسونھن سينگار ڪرڻ يا وڌائڻ لاءِ سونا زيور يا جواھر واپرائڻ جو رواج توڙي پراڻو آھي پر اڄ به جاري آھي. ويتر اڄڪلھ ته سون، ھيرن جواھرن تي نه رڳو وڌيڪ خرچ ڪجي ٿو پر نوان فئشن به عمل ۾ اچي ويا آھن. ھن پھاڪي جو مطلب آھي ته ڪنن ۾ پائڻ جا ڇلا يا ايئرنگه چڱيءَ طرح مضبوطيءَ سان پائڻ لاءِ ڪن ٽوپائبا ھيا. تڪليف به ڪافي ٿيندي ھئي. ڪنن جون پاپڙيون سڄي پونديون ھيون يا گھڻا وزندار (مھانگا) ايئرنگه ته ڪن ڇني ڇڏيندا ھيا. تڏھن چئبو ھيو ته اھڙو سون (ڀل ڪيترو به قيمتي ڇو نه ھجي) ئي قربان ڪري ڇڏجي، جيڪو بدن کي زخمي ڪري ڇڏي. يا اندروني معنى اھا به ته ڪيترو به ملھائتو پدارٿ ملندو ھجي. لالچ جھڙ وھجي ته به قبول ناھي. جيڪڏھن ان مان جيءَ يا حياتيءَ کي جوکو آھي.
پر ھاڻي نئين زماني ۾، جيڪڏھن اکري معنى به کڻجي ته اڄڪلھ جون ڪنواريون يا پرڻيل پنھنجي سونھن سينگار لاءِ اھڙا زيور ٿيون خريد ڪن، جن لاءِ اول ته ڪن يا نڪ ٽوپائڻ جي ضرورت ڪا نه ٿي پوي. پر فرض ڪريو ته سون، ھيرن جواھرن يعني قيمتي ڌن دولت لاءِ ٻاھرين ھار سينگار، ميڪ اپ وغيرھ لاءِ جيڪڏھن جيون ۾ ڪو جوکم به اچي ته اڄڪلھ جو انسان اھو لوڀ لالچ يا ھٻڇ گھورڻ يا قربان ڪرڻ لاءِ مشڪل سان تيار ٿيندو. ان ڪري اڄ ھن پھاڪي جو نئون ارٿ اھو ٿيو ته لوڀ ۽ لالچ لاءِ ڪجھ به ڪرڻ لاءِ ايڪويھين صديءَ جو ماڻھو يا ھوشيار عورت ھر وقت تيار ھوندي آھي.
ان ريت ڪٽنبي جيون سان لاڳاپيل اھڙا ٻيا به ڪي پراڻا پھاڪا آھن. جن ۾ ھونئن ته صدين کان انسان جا آزمودا يا سياڻپ جا ڪيئي سبق سمايل آھن ۽ ھروڀرو اڄ به سڀني جا ارٿ ڪو نه بدلجي ويا آھن. پر ھتي ٿوري ۾ ڪي اھڙا مثال ڏيان ٿو جن مان اندازو لڳائي سگھبو ته ھاڻي انھن جا ارٿ بدلجي ويا آھن ته ماڳھين ابتا ٿي ويا آھن.
1.      ڌيءُ، پرائو ڌن.
2.      آ به ويندي پيڪي، مون به لھندي سڪ.
3.      گھڻي زالين گھر نه ھلي، گھڻي مردين ھر نه ھلي.
4.      پيءُ پرڻيو ته سنڀران، ڏاڏو کڻان ھنج، پپر جي پاڙ مان، ٻيڙيون ڪڍان پنج.
5.      اچي ڌيئاڻو، وڃي پيئاڻو.
(ڪن جو وشواس آھي ته جيڪڏھن ساھرن جو پئسو سندس پيءُ جي گھر ۾ ايندو ته پيءُ جي پئسي ۾ کاٽ يا کوٽ پوندي.)
ھن مختصر ليک ۾ منھنجي ڪوشش اھا آھي ته پراڻي پھاڪي جي نون ارٿن بابت ويچار ونڊيان. جيئن اول به چيو اٿم ته پھاڪا اسان جي ٻوليءَ جي سونھن آھن، ھيرن ۽ موتين وانگر آھن. انھن مان اسان جي قوم جي سياڻپ، سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ جي سڌ پوي ٿي. پر ھر قوم ۽ جاتي وڪاس جي مارگ تي آھن ته ٻين سان گڏ اسان جي انھن سياڻپ جي سخنن ۾ به نوان ارٿ آيا آھن. ھروڀرو ھر بدلاءُ يا وڪاس سٺو آھي. اھو مان ڪو نه ٿو چوان. ڪيتري واڌ ۽ ترقي خاص ڪري واپار، مارڪيٽ، ٽيڪنالاجي ۽ وگيان اسان جي لاءِ جنجال به بڻجي پيئي آھي. پر منھنجو ارادو ھتي اسان جي ٻوليءَ ۾ آيل ارٿ جي ھن تبديل تي سوچي، ٻيو نه ته من ئي من ۾ ٿورو مرڪي ته وٺو!
موقعو ۽ مھل ملي يا صحت ساٿ ڏنو ته جيئن اشارو ڪيو اٿم، اسان جي ھنن پھاڪن جي انھيءَ چمتڪاري سياڻپ جي بدلاءَ بابت، گھر ۽ ڪٽنب کان سواءِ ٻين وشين ۾ آيل نون ارٿن تي به قسطون پيش ڪندس.



(ھفتيوار ھندواسي جي پرچي آرتوار ۱۱ مارچ ۲۰۱۲ع تان ٿورن سان کنيل)

2 comments: