ڀيڄ ڀٽائي
حيات علي شاهه بخاري
ڪيترا پهاڪا ۽ چوڻيون اهڙيون آهن،
جن سان آئون سهمت ناهيان. مطلب ته مون کي انهن جي معنيٰ يا مطلب کان انڪار آهي. جيئن
چوندا آهن ته؛ ”مولا وسائي مينهن ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان.“
ان سان به سهمت ناهيان. ڇو ته مينهن پوڻ سان سچا ته ويچارا ڏچي ۾ هوندا آهن، پر ڪوڙا
به ويل ۾ هوندا آهن. ڪو پاڻ کي مينهن کان بچائڻ ۾ مصروف هوندو، ڪنهن کي پنهنجي گهر
کي بچائڻ جي لڳل هوندي، ڪو گهر ۾ يا گهٽيءَ ۾ بيٺل پاڻي ڪڍڻ ۾ لڳو پيو هوندو. شهري
ٿوري مينهن مان بيزار ٿي ويندا آهن. پر ڳوٺاڻا ڪڏهن به مينهن کان بيزار ناهن ٿيندا.
ڏٺو وڃي ته شهرين جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻا مينهن جي ڪري وڌيڪ ڏچي ۾ هوندا آهن. پوءِ به وڏي
واڪي چوندا آهن ته؛ ”ڀيڄ ڀٽائي! ڪر ملڪ مٺائي!“
ڀيڄ ڀٽائي واري ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي، پر مينهن ۾ ملڪ مٺائي واري ڳالهه سمجهه کان
ٻاهر آهي. ڇو جو مينهن ۾ گپ هوندي آهي. ڇتيون ۽ منهه پيا ٽمندا آهن. بجلي جيڪا عيد
براد تي ڳوٺاڻن کي نصيب ٿيندي آهي، سا مينهن ۾ موڪلائي هلي ويندي آهي ته وري ورڻ جي
ڪا نه ڪندي آهي. ان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي. عابد شير علي جون خبرون ٻڌون ٿا ته
ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪو ڊيزل وارو جنريٽر هجي، جيڪو ماڻهن جو سُک ڦٽائيندو هجي. فيس بڪ تي
ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ تصوير نظر آئي، جنهن ۾ ڪنهن ملڪ جو سربراهه پارليامينٽ جي ميمبرن
آڏو ڪنڌ جهڪايو بيٺو هوندو آهي. تصوير هيٺان لکيل هو ته فلاڻي ملڪ ۾ ويهن منٽن لاءِ
بجلي نه هئڻ ڪري اتان جو سربراهه پارليامينٽ آڏو 20 منٽن تائين ڪنڌ جهڪائي سزا طور
بيٺو رهيو. اسان وٽ وري ان جي بلڪل ابتڙ آهي. خير ڳالهه مينهن يعني برسات کان شروع
ٿي هئي، ان ڪري ان ڳالهه جو ئي ذڪر ٿيڻ گهرجي. جڏهن مينهن جا ڦڙا ڌرتيءَ تي ڪرندا آهن
ته سڪل مٽي ڀِڄي پوندي آهي ته ان مان هڪ اهڙي سرهاڻ اُٿندي آهي جو ڇا کڻي چئجي. ان
جو هڪ سبب اِهو به ٿي سگهي ٿو ته انسان مٽيءَ مان ٺهيو آهي، مٽي آهي ۽ مٽيءَ ۾ وڃڻو
اٿس ته کيس مٽيءَ جي خوشبوءِ خمار ڏئي ڇڏيندي.
ڪافي وقت کان ملڪي توڙي غير ملڪي
ٽي وي چئنلن تي مختلف مرداني پرفيومز جا اشتهار ڏيکاريا ويندا آهن. جن ۾ ڪو پٺن اگهاڙو
مرد اها پرفيوم پاڻ کي هڻي نڪرندو آهي ته عورتون ڏينڀن وانگر کيس چهٽي وينديون آهن.
ڪيترا ڀيرا مون کي به شوق جاڳيو ته آزمائي ڏسان. پر پوءِ ان ڊپ کان ارادو بدلائي ڇڏيم
ته ايترين بلائن کي ڪير منهن ڏيندو، سو به هِن ”حال“ ۾. بهرحال، ڪنهن دوست ٻڌايو ته
پاڙيسري ملڪ هندوستان ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي مردانيون پرفيوم آهن. هڪ شخص عدالت ۾
ڪنهن پرفيوم ڪمپني تي چڱي موچاري رقم جي دعويٰ داخل ڪئي. سندس مؤقف هو ته مون اِن ڪمپنيءَ
جي پرفيوم جو اشتهار ڏسي ڪيترا سال اِها پرفيوم استعمال ڪئي پر مون کي ڪنهن ڇوڪري ڀونڊو
به ڪو نه هنيو. سنڌي چوڻيءَ ۾ آهي ته ”پرائي ڌيءُ جو ڌڪو
به ڀلو، ٻانهين واري جو ڀونڊو به ڀلو“. مطلب ته ”..........
ڏينهن نه کار“ واري ڳالهه ٺهڪي ٿي.
هڪ ڳالهه مون اڪثر نوٽ ڪئي آهي ته
دوست يا واقفڪار سيد هئڻ جي ناتي مون کي چوندا آهن ”ٻنهين
جهانن جا ٻوڙ پلاءَ“ اِن تي مون کي کل ايندي آهي. موٽ ۾ کين چوندو آهيان؛ ”اوهان
ٻنهين جهانن ۾ يعني هِتي ۽ هُتي، ٻوڙ پلاءُ کائڻ ٿا چاهيو. ڪڏهن دال ماني، ڀاڄي ماني،
چٽڻي ماني يا پڪوڙا ڊبل روٽي جي فرمائش ڪريو ۽ ٻي ڳالهه اِها ته هتي ڀلي ٻوڙ پلاءُ
کائو، پر جيڪڏهن اوهان جا اعمال سٺا نه هوندا ته ٻيئي جهان ۾ ٻوڙ پلاءَ بدران اوهان
کي پسيل ملندا“.
جڏهن به اهڙي ڪنهن موضوع جو ذڪر
ٿيندو آهي ته مون کي ناليواري ليکڪ اشفاق احمد جي ڳالهه ياد ايندي آهي؛ ”اسان خوش نصيب
آهيون جو الله کي هڪ مڃون ٿا. پر ايترا ته بدنصيب آهيون جو الله جي هِڪ به نٿا مڃون“.
جنهن وقت هي ڪالم پئي لکيم ته ارشد
شاهه چيو؛ ”اسان جي پاڙي ۾ هڪ ٿري رهندو آهي. اهو وزم پي ڪالهه شام ستو پيو هو. برسات
وسي بند ٿي ته سجاڳ ٿيو ۽ چوڻ لڳو؛ ’افسوس مون کي ڪنهن ڪو نه جاڳايو ته برسات ۾ ڀڄي
مزو وٺان‘!“
ان تي جئه پرڪاش چيو ته منهنجي فيس
بڪ تي هڪ ٿري دوست پنهنجي تصوير موڪلي، جنهن ۾ برسات ۾ هو ڇٽي کنيو بيٺو هو. مون تصوير
تي ڪمينٽس ڏنا ته ٿر ۾ برسات هجي ۽ ٿري ڇٽي کڻي بيٺو هجي، ان جو مطلب ته اهو ٿري هاڻي
شهري ٿي ويو آهي.
بهرحال ٿري هجي يا شهري، برسات جو
مزو سڀني کي وٺڻ گهرجي ۽ برسات جا جيڪي لوازمات آهن تن مان به انجواءِ ڪرڻ گهرجي.
اڳ ڳوٺن ۾ ماڻهو برسات جي مند ۾ ڳڙ ڀت (طهري) رڌي
کائيندا هئا. هاڻي ڳوٺاڻا به شهري ٿي ويا آهن، سي پڪوڙا، ڪچوريون، پوريون ۽ ٻيا پڪوان
ٺاهي برسات جو مزو وٺندا آهن.
الله اهڙن ماڻهن کي ساڃاهه ڏئي،
جيڪي ضرورت کان وڌيڪ کاڌا رڌي، بچيل کاڌو ڪنهن بکايل کي ڏيڻ بدران در وٽ اڇلائي ڇڏيندا
آهن.
No comments:
Post a Comment