Saturday, January 30, 2016

آش نخورده و دهن سوخته - الطاف شيخ


آش نخورده و دهن سوخته

(سوپ به نه پيتو، وات به سڙيو)

الطاف شيخ

اسان جي اسڪولي ڏينهن ۾ عربي يا فارسي آپشنل سبجيڪٽ هوندو هو، آئون نه فارسي پڙهيس نه عربي، پر هاڻ هتي ايران ۾ اچي اهو اندازو لڳايو اٿم ته فارسي بيحد مٺي ۽ وسيع زبان آهي، جنهن ۾ بي پناهه لٽريچر آهي. اهي خوش نصيب آهن جن کي فارسي اچي ٿي. فارسي جا اهي اديب يا شاعر جن جا اسين انگريزي، اڙدو يا سنڌي ۾ ترجمو پڙهون ٿا، فارسي سمجهڻ وارا هنن کي اصل زبان ۾ پڙهڻ جو لطف وٺن ٿا. مون کي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ ڏهه سال کن نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ ملئي زبان سکي ورتم. اڄ اهوئي سوچي رهيو آهيان، ته انهن ئي ڏينهن ۾ ايران جي مئرين اڪيڊمي ”ڇابهار“ ۾ به مون کي ساڳيو جاب مليو هو، جتي نوڪري ڪرڻ سان فارسي سکي وڃان ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملئي زبان ملائيشيا کان علاوه ڏکڻ ٿائلينڊ، ڏکڻ فلپين، انڊونيشيا ۽ برونائي ۾ به ڳالهائي وڃڻ ڪري انهن هنڌن تي مون جهڙن کي گهمڻ ڦرڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي ۽ فارسي زبان فقط ايران ۾ ڳالهائي وڃي ٿي پر ڇا ته فارسي زبان ۾ ڪتاب ۽ لٽريچر آهي! نه رڳو ايراني اديبن جا فارسي ۾ڪتاب پر اسان جي ننڍي کنڊ جي به ڪيترن ئي ماڻهن ڊاڪٽر اقبال کان سچل سرمست تائين جي شاعري ۽ ادب جا ڪتاب فارسي ۾ ملن ٿا. دراصل فارسي زبان ملئي کان به گهڻن ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جيئن ته آذربائيجان، افغانستان، اولهه عراق، ازبڪستان ترڪمانستان وغيره، پر جيئن ته انهن ملڪن کي نه بندرگاهه آهن ۽ نه اوڏانهن پاڻي جا جهاز وڃي سگهن ٿا، ان ڪري اسان جهاز هلائيندڙن جو انهن ملڪن سان واسطو نه ٿي سگهيو. بهرحال هاڻ هتي ايران جا مدرسا، يونيورسٽيون، ميوزيم گهمندي، ڪنهن عالم، ڪنهن پروفيسر يا هڪ يا عام ماڻهو کان ڪو فارسي جو شعر، اصطلاح يا ڪو پهاڪو يا چوڻي ٻڌان ٿو ته غور سان ان جي معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ۽ ڪيتريون شيون ته نوٽ ڪندو وڃان ٿو، خاص ڪري پهاڪا ۽ چوڻيون جن سان مونکي ننڍپڻ کان دلچسپي آهي. جپان، چين ۽ ملائيشيا جن ملڪن ۾ منهنجو تمام گهڻو وڃڻ ۽ رهڻ ٿيو انهن جي پهاڪن جو انگريزي ۾ ڪتابProverbs of Far East  نالي اڄ کان ويهه سال کن اڳ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته ڇپيو هو، جنهن جا پيش لفظ ملئي اديب ڪرس ماس ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جا لکيل آهن. پهاڪن ۽ چوڻين جو هڪ ٻيو ڪتاب ”رٺي آهي گهوٽ سان“ ڏهه سال کن اڳ حيدرآباد ۾ ڇپيو جنهن جا پيش لفظ سنڌ يونيورسٽي جي ڊين ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو صاحب لکيا.


ايران ۾ اچڻ سان، پهرين ڏينهن کان جتي موقعو ملي ٿو ته مڪاني ماڻهن کان فارسي جا پهاڪا پڇي نوٽ ڪندو وڃان جن مان گهڻي ڀاڱي منهنجي پاڪستاني جهازي دوست اسلام مصطفيٰ جي ايراني زال ۽ ٻارن لکرايا آهن. پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ انهن مان ڪجهه هتي ڏيان ٿو.

  • آب در ڪوزه و ما تشنه لبان ميگرديم

جڳ ۾ پاڻي هوندي اڃ کان اسان جا چپ خشڪ آهن، (يعنيٰ مسئلي جو حل سامهون هوندي به اسان هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي رهيا آهيون) پاڻ وٽ به چوڻي آهي ته ”ڪڪو ڪڇ ۾، ڍنڍورو شهر ۾.“ شاهه لطيف اهڙن منجهيل ماڻهن لاءِ چيو آهي ته:

پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن.“

  • آتش ڪه گرفت، خشڪ و تر ميسوزد

هڪ دفعو باهه لڳڻ بعد، اها سڪا ۽ آلا ساڙيو ڇڏي.

پاڻ وٽ به اها چوڻي آهي ته باهه لڳڻ بعد سڪن سان گڏ آلا به سڙيو وڃن، يعني هڪ دفعو حالتون هٿن مان نڪريو وڃن ته پوءِ ڏوهاري ۽ معصوم برابر ٿيو وڃن. ان ڪري انگريزيءَ ۾ باهه بابت چوڻي آهي؛

Fire is a good servant but a bad master

  • آدم تنبل، عقل چهل وزير داره

ڪاهل ۽ بيوقوف ماڻهو پاڻ کي چاليهه وزيرن جي عقل برابر سمجهي ٿو. هو ڇا چوندا آهن ته سکڻي ڪني گهڻو اڀامي  Great talkers are little doers

  • آسوده ڪسي ڪه خر ندارد، از ڪاهه و جوش خبر ندارد

سڪون ۾ اهي آهن جن وٽ گڏهه ڪونهي- هنن کي هن جي گاهه پاڻيءَ جو فڪر نٿو ڪرڻو پوي. يعني اهي آسودا آهن، جن جي مٿان گهڻيون جوابداريون نه آهن. ڍڳو نه ڍور، ڇا ڪندو چور.

  • ارزان خري، انبان خري، سستي خريداري، ڍير خريداري
  • از سهه چيز بايد حذر ڪرد، ديوار شڪسته، سگ درنده، زن سليطه.

ٽن شين کان اصل ڀڄ پري. ڀڳل ڀت، ڏاڙهيندڙ ڪتو ۽ ڇتري زال. لڳي ٿو فارسي جا پهاڪا به جپانين وانگر مرد حضرات ٺاهيا آهن، جن ۾ هنن پنهنجي خوب تعريف ڪئي آهي ته مرد ۽ گهوڙو پوڙهو نه ٿيندو آهي، يا ڏاڙهي وارو وات ڪڏهن به ڪوڙ نٿو ڳالهائي، يعني مرد هميشه سچار ٿين ٿا، عورتون ڪوڙيون. بنا مرد جي عورت، ٻج بنا ڌرتي آهي. يعني عورت اڪيلي سر ڪجهه به نه آهي، هن جو شان مرد سان آهي. مٿين فارسي چوڻي وانگر جپاني چوڻي آهي ته سهڻي عورت ۽ ڳاڙهي مرچ کان هميشه هوشيار رهجي ۽ هي پڻ جپاني چوڻيون آهن ته ”جهنم ۽ ظالم زالون هڪ ئي ٽولي سان تعلق رکن ٿيون.“ جيڪي جپاني معاشري ۽ سوسائٽي کان واقف آهن، انهن کي خبر آهي ته ظالم جپاني عورتون نه پر مرد آهن جن پنهنجي خلاف ڪو پهاڪو نه ٺاهيو آهي. جپان ۾ چوڻي مشهور آهي ته عورت تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪجي، ڀلي کڻي هن ست پٽ ڄڻي ڏنا هجن. اهڙيءَ طرح بدڪردار زال سٺ خراب فصلن برابر آهي، ۽ بدڪردار يا خراب مڙس؟ ان جو ذڪر جپاني پهاڪن توڙي ادب ۽ شعرو شاعري ۾ ڳوليو نٿو ملي.

  • ازگير دزد درآمده، گير رمال افتاد

چور کان ته بچي ويو پر نجوميءَ جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي پيو. جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته آسمان تان ڪريو کجور ۾ اٽڪيو يا انگريزي ۾ آهي ته  Out of the frying pan into the fire

  • آب ڪه يه جا بمونه، ميگنده

هڪ هنڌ بيٺل پاڻي، ڌپ ڪري ٿو، (بيٺل پاڻي ٻاڙو ٿئي ٿو) ان ڪري ته چوندا آهن ته حرڪت ۾ برڪت آهي.

  • آبڪش ونگاهه ڪن ڪهه بهه ڪفگير ميگهه توسهه سوراخ داري

پرڻ ٿو ٽوئي کي چوي؛ هل ڙي ٽه- ٽنگا. ان ماڻهوءَ لاءِ استعمال ڪبو آهي، جيڪو پنهنجا انيڪ عيب ڏسڻ بنا ٻئي تي چٿرون ڪري. انگريزي ۾ چوڻي آهي ته  The pot calling the kettle black

يا اسان وٽ اها چوڻي عام آهي ته مينهن ٿي ڍڳيءَ کي چوي؛ هل ڙي پڇ ڪاري!

  • آبي از او گرم نميشه

معنيٰ هن جي ڪري ڪو پاڻي گرم نٿو ٿئي، يعني هي ماڻهو ڪنهن به ڪم جو ناهي. انڌي؛ جهڙي پيڪي، تهڙي ساهرين.

  • آدم دست پاچهه، ڪار را دوبار مي ڪند

تڪڙو ماڻهو ٻه دفعا ڪم ڪري. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته: تڪڙو ماڻهو ٻه دفعا هنگي. فارسي ۾ به اهڙي قسم جي هڪ ٻي چوڻي آهي ته ”آدم دست پاچهه، دوبار مي شاشه“- تڪڙو ماڻهو ٻه دفعا مُٽي.

  • آش نخورده و دهن سوخته

سوپ به نه پيتو، وات به سڙيو. هي پهاڪو اهڙين حالتن ۾ استعمال ٿئي ٿو، جڏهن ڪو ماڻهو بنا ڪنهن ڳالهه جي مصيبت ۾ ڦاسيو وڃي. يعني: نه کايا، نه پيا؛ گلاس توڙا باره آنا.

  • اڪبر ندهد، خداي اڪبر بدهد

اڪبر کڻي نه ڏئي پر اڪبر جو خدا ته ضرور ڏيندو.

  • اگر دعاي بچه ها اثر داشت، يڪ معلم زنده نمي شود

جيڪڏهن ٻارن جون دعائون اثر رکن ته هڪ به ٽيچر جيئرو نه هجي، هيءَ چوڻي ائين آهي جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته ڳجهن جي پٽن سان ڍور نه مرندا آهن.

  • اول چاهه را بڪن، بعد منار را بدزد

مسجد جو مينار چورائڻ کان اڳ کوهه کوٽڻ کپي (يعني جتي اهو لڪائي سگهجي)

  • اينو ڪهه زائيدي بزرگ ڪن

جيڪي ڄڻين سي ئي نپائين. اڪثر ڏنگي ٻار لاءِ چيو ويندو آهي.

  • بهه شتر مرغ گفتند: بار ببر، گفت: مرغم، گفتند؛ بپر، گفت شترم.

جڏهن اٺ پکيءَ کي بار کڻڻ لاءِ چيو ويو ته چوڻ لڳو: ”آئون ته پکي آهيان“ وري جڏهن کيس اڏامڻ لاءِ چيو ويو ته چوڻ لڳو: ”آئون ته اٺ آهيان!“

  • به گربہ گفتند؛ گهت در مونهه، خاڪ پاشيد روش.

ڪنهن ٻليءَ کي چيو ته تنهنجو ٽورو ترياق آهي ته هن مٿانئس مٽي وجهي ڍڪي ڇڏيو (جيئن ڪنهن کي فائدو نه رسي). اسان وٽ به اها چوڻي مشهور آهي، ته گدڙ کي جي چوندائو ته تنهنجو ٽورو مريضن لاءِ شفا آهي ته جبل جي چوٽيءَ تي وڃي هنگندو (جيئن ان تائين ڪو پهچي نه سگهي). يا گدڙ جي گونھن ۾ ڪم پوي ته وڃي جبل جي چوٽيءَ تي ھنگي اچي.

  • با گرگ دنبھ ميخورد، با چوپان گريه ميڪند.

بگهڙ سان گڏ ويهي دنبو به کائڻ ۽ ريڍار سان گڏ ويھي رڙيون به ڪرڻ. يعني چور سان چور، ساڌ سان ساڌ. يا؛ چور کي چوي؛ چوري ڪر! ڀاڳيي کي اطلاع ته؛ مال سوگھو ڪر!

  • با يڪدست دهند و وانه نميشود برداشت.

هڪ هٿ ۾ توهان ٻه ڇانهيون (هنداڻا) کڻي نٿا سگهو. اسان وٽ ساڳي چوڻي آهي پر ڇانهين بدران گدرا آهن. يعني؛ ٻه گدرا مٺ ۾ نه اچن.

  • بدعاي گربه ڪوره بارون نمياد

انڌي ٻليءَ جي دعائن سان مينهن نه وسيو آهي.

  • بهه روباههه گفتند: شاهدت ڪيهه؟ گفت: دمبم

لومڙ کان پڇيو ويو؛ ”تنهنجو شاهد ڪير؟“ وراڻيائين: ”منهنجو پڇ!“

  • با اين ريش ميخواهي بري تجريش؟

ڇا تون هن ڏاڙهي سان تجريش وڃڻ چاهين ٿو؟ يعني تنهنجا حال صحيح نه آهن. (تجريش تهران ڀرسان آهي)

  • با آل علي هر ڪه در افتاد، ور افتاد

عليءَ سان مقابلو ڪرڻ وارو برباد ئي ٿيندو

No comments:

Post a Comment