ڀل چُڪ معاف
حيات علي شاهه بخاري
چوندا
آهن ته؛ ”انسان غلطيءَ جو پتلو آهي“ ۽ ڪي وري چوندا آهن ته؛ ”انسان غلطيءَ جو گهر
آهي.“ ڪيئن به هجي، پر انسان کان اڻ ڄاڻائي ۾ غلطيون ٿينديون آهن. ڄاڻائيءَ ۾ جيڪي
ڪجهه ٿيندو آهي، ان کي غلطي نٿو چئي سگهجي. اهو به درست آهي ته غلطيءَ جي ته معافي
ٿيندي آهي، پر ڄاڻي واڻي ڪيل عمل جي معافي ڪا نه ٿيندي آهي. آ به عام انسان آهيان.
ان ڪري مون کان به غلطيون ٿينديون آهن. انھن تي پڇتاءُ به ٿيندو آهي. آئينده لاءِ
غلطي نه ڪرڻ جو عزم ڪري، ماڻهن جي دنيا جي پيهه ۾ هلڻ لڳندو آهيان.
