Saturday, April 30, 2016

شهري ڪهاڻيون - منظور ڪوھيار

شهري ڪهاڻيون

منظور ڪوھيار

ڪراچي
اونڌاين جو شهر ۽ چمڙن جو راڄ

حيدرآباد
هڪ حصو آباد
۽ ٻيو برباد

سکر
هڪ فريب، ٻيو مڪر
هيٺان درياه. مٿي ٽڪر
  
لاڙڪاڻو
هجئي ناڻو، ته ڇڏ لاڙڪاڻو

ميرپورخاص
نه عام جو نه خاص جو
رڳو ‘خاص الخاص’ جو

نواب شاهه
غلم جا توبچي
۽ واهه واهه

ڪشمور
ڪڏهن نانگ، ته ڪڏهن نور
ڪڏهن ڪانءُ، ته ڪڏهن مور

ڪنڌڪوٽ
زمين ٺوٺ
ماڻهو روٺ

جيڪب آباد
داد نه فرياد
پوءِ به سردار زنده باد

گھوٽڪي
نوٽ ڪي (پئسي جي)

سانگھڙ
لانگھڙ

ڄامشورو
ڇنو ڇورو

قنبر
نه ڌرتي، نه امبر 

ٽنڊومحمد خان
نانءُ وڏو
شهر ويران

ٽنڊو ڄام
برائي نام

رتوديرو
نه تيرو، نه ميرو
جيئي وڏيرو

ڏوڪري
نانگن جي ٽوڪري

باقراڻي
نه راڻو نه راڻي
سورن ساماڻي

باڊهه
سورن جي جانڊهه

ٽنڊو آدم
ڪنهن کي دلاسو
ڪنهن کي دم
نه اچڻ واري جي آجيان
نه وئي جو غم.

نئون ديرو
ڦلن جي ٽوڪري ۾
نانگن جو ديرو

سيوهڻ
مست قلندر! مست قلندر
هنود ڪاسائي دل جي اندر

اسلام ڪوٽ
نالو چڱو
چڙهيل چوٽ
ٻاهران ڀاڪر
اندر کوٽ

مٺي
نه کٽي
نه مٺي

خيرپور
زر ڦينڪ ته اکئين نور
نه ته هرڪو دور دور

ٺٽو
تاريخ ۽ ساست جو اڇو چٺو
پوءِ به ماڻهو عقل مٺو

ميرو خان
تون به خان
مان به خان
هلي ڪيئن جهان

ميهڙ
جيڪو ملئي
ميڙي هڻ

نصيرآباد
سدائين ناشاد

شهدادپور
لاڏ پور، ڪوڏ پور 

ڳڙهي خيرو
ڳڙهي جھيڙو

مورو
جيئه جھورو


No comments:

Post a Comment