سر سورٺ ۾ محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو ”سر سورٺ“، انھن
اھم سرن مان آھي، جن جي تاريخي اھڃاڻن، جاگرافيائي حدن ۽ روحاني رازن تي محققن
نسبتا گھٽ توجھ ڏنو آھي. جنھنڪري ھن سر ۾ ڪيترا ئي مسئلا ڪر کنيو بيٺا آھن. انھن
مسئلن مان چند اھم مسئلا آھن:
1.
سورٺ ۽
راءِ ڏياچ، ڪاٺياواڙ يا گجرات نه، پر سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر علائقي جو داستان آھي.
2.
راءِ
ڏياچ ۽ راءِ کنگھار، ٻه جدا شخصيتون آھن.
3.
سر
سورٺ جي ٻولي، انھيءَ سر جي جاگرافيائي ھدن جي تپديق ڪري ٿي.
4.
سر
سورٺ ۾ ”ڪپار“ کان قيمتي شيءِ ”سورٺ“ جو وجود آھي، جيڪو نه گھرڻ تي راءِ ڏياچ
”ٻيجل“ کي جيءُ (جس) پيو ڏي. ڇاڪاڻ ته سورٺ جو گھرڻ روحاني راز طور ”شرڪ“ آھي ۽
ھيءَ وضاحت ”معراج“ جي واقعي سان منسوب ٿي آھي.
5. ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ جي قصي جھڙا ٻيا به
داستان آھن، جن ھن قصي جي بنيادي ڍانچي ۾ مغالطا پيدا ڪيا آھن. خاص ڪري ”سورٺ ۽
راءِ کنگھار“ جي قصي ۾ ته سورٺ خود مري وڃي ٿي. جنھن بعد ”خيما کنيا کنگھار“ جو
اصطلاح پيدا ٿيو.
6.
ٻيلي ۽
لس ٻيلي ۾ فرق ڪرڻ ضروري آھي. انھيءَ سان گڏ ٻيلي جا ٻيا جاگرافيائي اھڃاڻ چوٽاڻ
(چھٽڻ)، بڊام، ٻني، کريڙ، ھٻو، ھالار، ڪاڇو ۽ گوڙي جي نار (گڙنار) به غور ھيٺ آڻڻ
گھرجن.
منھنجو ذاتي خيال آھي ته رسالي جي تاريخ، جاگرافيءَ،
گرامر، فلسفي ۽ لغت جھڙن اھم موصوعن تي جيستائين ڪم نه ٿيندو، تيستائين ڪا به شيءِ
مڪمل ۽ مستند نه ٿي سگھندي. رسالي جي ھنن مسئلن جي حل لاءِ اسان کي سنڌ ۾ ”سمن ۽
سماٽ“ جي تاريخ، ٻين صوفي بزرگن جي ڪلام، نسب ناما ۽ لوڪ روايتون به اڳيان رکڻيون
پونديون.
مٿئين بحث جي روشنيءَ ۾ ھتي ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ جي
ڪھاڻيءَ جو اختصار پيش ڪجي ٿو: