Sunday, August 12, 2018

جهالت انسان جي وڏي دشمن آهي! - مرتضيٰ سيال


جهالت انسان جي وڏي دشمن آهي!
مرتضيٰ سيال
جاهل اهو ناهي، جيڪو پڙهيل لکيل ناهي. جاهل اهو به ناهي جنهن وٽ گهٽ ڄاڻ آهي. جاهل ۽ ڄٽ اهو آهي، جنهن وٽ عقل ۽ فضيلت جي کوٽ هجي. ڪو گهٽ پڙهيل يا اڻ پڙهيل آهي ته به خير آهي. ڪنهن وٽ ڄاڻ جي کوٽ آهي ته به ڪو وڏو مسئلو ناهي. پر ڪو عقل توڙي فضيلت کان وانجهيل ۽ بدنيت آهي ته خير ناهي. سياڻن سچ چيو آهي؛ ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌل چڱو آهي.

Friday, August 10, 2018

گھاگھر منجھ ساگر - يحيٰ خالد


گھاگھر منجھ ساگر
ھندڪو: يحيٰ خالد
سنڌيڪار؛ انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھند آريائي ٻولين تي جيڪو ڪم ٿئي پيو، تنھن منجھ گھڻائي لوڪ ادبي دنيا کئون پري، پنھنجي ڪم منجھ مٿو جوڙي لڳا پيا آھن. منجھن اھڙا به ماڻھو آھن، جيڪي انھن ھند-آريائي ٻولين جا ھڪڙيءَ کان ٻي ٻوليءَ ڪرڻ سان لڳا پيا آھن. اھو ھڪڙو، اھڙو ڪم آھي، جيڪو اسان پاڪستانين جو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جي ويجھو اچڻ وارو ڪم آھي ۽ جنھن جي اڄ ضرورت به ڏاڍي سخت آھي. ائين ڪندي، اسان ھند-آريائي زبانن جو ھڪ ٻئي جي وچ ۾ ترجما ڪنداسين ۽ ائين اسان ھڪ ٻئي جي اڃا ويجھو اچي وينداسين ۽ ھاڻ نظر به اچي ٿو ته اھي زبانون ھڪ ٻئي جي ايترو ويجھو آھن جو ڪجھ الفاظ ڇڏي، سندن ھڪ ٻئي سان صرف لھجي جو فرق آھي. انھيءَ منجھ ھڪ اھڙو ماڻھو به آھي، جيڪو انھن زبانن کي ھڪ ٻئي جي ويجھو آڻڻ لاءِ، ڏينھن رات ڪم پيو ڪري. منھنجي ساڻس ملاقات شايد ھڪ ڪانفرنس منجھ ٿي، جيڪا سرڪار طرفئون اسلم آباد منجھ ٿي ھئي. ھاڻ ته پوريءَ طرح ڳالھيون ياد به ناھن رھنديون، پر جيڪي ماڻھو ھڪ ئي ڪم جي پويان لڳا پيا ھجن، سي پنھنجي مطلب جي ماڻھن کي ياد رکندا آھن. محترم مھر افتخار وينس، وري ڪافي عرصي کان ھڪ لغت جي تياريءَ ۾ لڳا پيا آھن، جيڪا سندن ٻولي رچناوي/ شاھ پوريءَ منجھ آھي. اھا ٻولي، ھندڪو زبان جي ايترو ويجھو آھي جو جڏھن ساڻس فون تي ڳالھ ٻولھ ٿيندي آھي ته مون کي لڳندو آھي ڄڻ ھو ھندڪو ئي پيا ڳالھائين. مون کين اھو چيو به آھي؛ جيڪا ٻولي اوھان ڳالھايو پيا، سا ته منھنجي ھندڪو آھي. خير سندن اھا جستجو پنھنجي جاءِ تي قائم آھي. انھيءَ ڳولا يا تجسس، وٽن سلطان سڪون صاحب جو ڪتاب ”ڪوزي بچ درياھ“ پھچائي ڇڏيو. پاڻ اھو ڪتاب، ھڪ سنڌي ليکڪ، جناب انجنيئر عبدالوھاب سھتو صاحب ڏي موڪلي ڏنائون. جنھن سان مھر افتخار صاھب جي ٽيليفون تي ئي ڳالھ ٻولھ آھي. عبدالوھاب صاحب کي اھو ڪتاب ايترو پسند آيو جو پاڻ ان ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇڏيائون. سنڌي ترجمي ۾ ڏٺو وڃي ته لڳي ائين ٿو ڄڻ سنڌي زبان به ھندڪو جي ويجھي زبان ھجي. سنڌيءَ جا ڪيترا ئي سارا الفاظ، بلڪل ساڳئي لھجي منجھ، ھندڪو ۾ ڳالھايا وڃن ٿا. البته املاءَ ٿوري گھڻي مختلف آھي. سنڌيءَ جا گھڻا تڻا الفاظ پنھنجي ئي طريقي سان ائين ملن جلن ٿا جيئن اسان اردو، فارسي ۽ عربي منجھ نه سمجھندا آھيون. ائين ڪرڻ سان اسان ماڻھن کي سنڌي پڙھڻ ۾ ٿوري مشڪل پيش اچي ٿي، پر ٿورو گھڻو غور ڪجي ته اھو مسئلو به حل ٿي وڃي ٿو. پنھنجي ديباچي منجھ وھاب صاحب، ھندڪو تي به چڱو خاصو بحث ڪيو آھي. انھيءَ ابان جي علائقن جي به ڳالھ ڪري ويو آھي. ھزاري جي ھندڪو ۽ پشاوري ھندڪو جي به ڳالھ ڪري ٿو ته پشاوري ھندڪو جو سبب به ٻڌائي ٿو. سندس تحقيق سان اختلاف ٿي سگھي ٿو، پر جنھن طرح ان ڳالھ پيش ڪئي آھي، ان سان اتفاق به ڪري سگھجي ٿو.

Wednesday, August 8, 2018

سر سورٺ ۾ محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون - ڊاڪٽر اسد جمال پلي


سر سورٺ ۾ محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو ”سر سورٺ“، انھن اھم سرن مان آھي، جن جي تاريخي اھڃاڻن، جاگرافيائي حدن ۽ روحاني رازن تي محققن نسبتا گھٽ توجھ ڏنو آھي. جنھنڪري ھن سر ۾ ڪيترا ئي مسئلا ڪر کنيو بيٺا آھن. انھن مسئلن مان چند اھم مسئلا آھن:
1.   سورٺ ۽ راءِ ڏياچ، ڪاٺياواڙ يا گجرات نه، پر سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر علائقي جو داستان آھي.
2.  راءِ ڏياچ ۽ راءِ کنگھار، ٻه جدا شخصيتون آھن.
3.   سر سورٺ جي ٻولي، انھيءَ سر جي جاگرافيائي ھدن جي تپديق ڪري ٿي.
4.  سر سورٺ ۾ ”ڪپار“ کان قيمتي شيءِ ”سورٺ“ جو وجود آھي، جيڪو نه گھرڻ تي راءِ ڏياچ ”ٻيجل“ کي جيءُ (جس) پيو ڏي. ڇاڪاڻ ته سورٺ جو گھرڻ روحاني راز طور ”شرڪ“ آھي ۽ ھيءَ وضاحت ”معراج“ جي واقعي سان منسوب ٿي آھي.
5.   ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ جي قصي جھڙا ٻيا به داستان آھن، جن ھن قصي جي بنيادي ڍانچي ۾ مغالطا پيدا ڪيا آھن. خاص ڪري ”سورٺ ۽ راءِ کنگھار“ جي قصي ۾ ته سورٺ خود مري وڃي ٿي. جنھن بعد ”خيما کنيا کنگھار“ جو اصطلاح پيدا ٿيو.
6.   ٻيلي ۽ لس ٻيلي ۾ فرق ڪرڻ ضروري آھي. انھيءَ سان گڏ ٻيلي جا ٻيا جاگرافيائي اھڃاڻ چوٽاڻ (چھٽڻ)، بڊام، ٻني، کريڙ، ھٻو، ھالار، ڪاڇو ۽ گوڙي جي نار (گڙنار) به غور ھيٺ آڻڻ گھرجن.
منھنجو ذاتي خيال آھي ته رسالي جي تاريخ، جاگرافيءَ، گرامر، فلسفي ۽ لغت جھڙن اھم موصوعن تي جيستائين ڪم نه ٿيندو، تيستائين ڪا به شيءِ مڪمل ۽ مستند نه ٿي سگھندي. رسالي جي ھنن مسئلن جي حل لاءِ اسان کي سنڌ ۾ ”سمن ۽ سماٽ“ جي تاريخ، ٻين صوفي بزرگن جي ڪلام، نسب ناما ۽ لوڪ روايتون به اڳيان رکڻيون پونديون.
مٿئين بحث جي روشنيءَ ۾ ھتي ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ جي ڪھاڻيءَ جو اختصار پيش ڪجي ٿو:

Thursday, July 26, 2018

جمهوريت ۽ سياستدانن جي بقا جو سوال


جمهوريت ۽ سياستدانن جي بقا جو سوال
ڊاڪٽر الله ڏنو ابڙو
ماضيءَ ۾ چيو ويندو هو؛ ”گھڻين زالين گھر نه هلي، گھڻين مردين هر نه هلي“ ۽ هاڻي وري چيو وڃي پيو؛ ”گھڻين سياستدانين، جمهوريت نه هلي“. ڇا انهن چوڻين ۾ ڪا صداقت آهي؟ ماضيءَ ۾ جڏهن به ڪنهن گھر جو نظام بگڙندو هو ته الزام عورتن جي گھڻائيءَ تي لڳايو ويندو هو. ساڳيءَ طرح جڏهن فصل خراب ٿيندو هو ته الزام هارين جي گھڻائيءَ تي لڳايو ويندو هو. هڪ طرف اسان چوندا آهيون؛ ”ٻه ته ٻارنهن.“ يا ”گھڻين هٿين ڇپر کڄي.“ ۽ ٻئي طرف اسان چئون ٿا ته؛ ”گھڻيون عورتون گھر ڦٽائين ٿيون ۽ گھڻا مرد فصل خراب ڪن ٿا. مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ”ٻه ته ٻارنهن يا ”گھڻين هٿين ڇپر کڄي“ چوڻيون صحيح آهني يا ”گھڻين زالين گھر نه هلي ۽ گھڻين مردين هر نه هلي“ چوڻي چڱي آهي؟ سوال اهو به اڀري ٿو ته گھڻيون عورتون گھر ڪيئن ڦٽائين ٿيون ۽ گھڻا مرد فصل ڪيئن خراب ڪن ٿا؟ ڇو ته ٻه ته ٻارنهن هوندا آهن ۽ گھڻين هٿين ڇپر کڄندو آهي. ساڳيو سوال جڏهن مون پنهنجي هڪ دوست کان پڇيو ته اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي وئي ته گھڻين سياستدانين جمهوريت ڇو نٿي هلي. دوست ماضيءَ جي ماڻهن جي مشاهدي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته؛ جنهن گھر ۾ گھڻيون زالون هونديون آهن اتي اتفاق، ٻڌي ۽ اتحاد اٽي ۾ لوڻ برابر ملندو آهي. اتي هر ڪا عورت پنهنجي پنهنجي هلائيندي ۽ ڪندي آهي. نتيجي ۾ گھر جو نظام سڌرڻ بجاءِ ويتر خراب ٿيندو ويندو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان وٽ سياستدانن ۾ به اتفاق، ٻڌي ۽ اتحاد ڪنهن به صورت ۾ عورتن کان وڌيڪ نظر نٿو اچي. سنڌيءَ ۾ عورتن بابت چوڻي مشهور آهي ته ”عورت جو عقل ڏائي کڙي ۾ ٿيندو آهي“ هاڻي سوال اهو اڀري ٿو ته سياستدانن ۾ عقل ڪٿي هوندو آهي؟ هو بجاءِ جو اتفاق، ٻڌي ۽ اتحاد ڪن، ويتر هڪ سياستدان پنهنجي سموري توانائي ٻئي سياستدان کي ڪيرائڻ ۾ صرف ڪندو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر تازو ٽي وي تي پنهنجي اليڪشن مهم جي اشتهارن ۾ به سياستدان پنهنجي ڪارگردگي ٻڌائڻ بدران ٻين جي عيب جوئي، گلا ۽ غيبت ۾ ئي رڌل نظر آيا. چوندا آهن ته ”اگھه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي“. سياستدان پنهنجو اگھه وڌائڻ بجاءِ، وٽ کٽيو ڇو ٿا کائين؟ ڇا ٻين جي عيب جوئي مسئلي جو حل آهي؟ جيڪڏهن عيب جوئي مسئلي جو حل هجي ها ته دنيا جا سمورا مذهب عيب جوئي ڪرڻ کي وڏي ۾ وڏو گناهه قرار نه ڏين ها.

Monday, July 16, 2018

لوڙهو ٿو پوک کي کائي


لوڙهو ٿو پوک کي کائي!
مٺل جسڪاڻي


چوڻيون، پھاڪا، ورجيسون ۽ ان قسم جون ٻيون ڳالھيون، ھڪ پل، ھڪ گھڙي ۾ سرجي، ھڪ ڏينھن ۾ پروان نه چڙھنديون آھن. ان کي پاڻ مڃرائڻ، قبول ڪرائڻ، درست ثابت ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آھي، سال ۽ صديون گھربيون آھن.
”لوڙهو ٿو پوک کي کائي“، ڇا آھي؟ پھاڪو، چوڻي، ورجيس يا ورجيسي جملو؟ جيڪو ڪجھه به آھي ۽ جڏھن کان به صحيح مڃي وئي، تڏھن کان اڄ تائين ۽ جيستائين به پوکن جي پاسن ۾ لوڙھا ڏبا رھبا، اھا ٻڌڻ، پڙھڻ ۾ پئي ايندي، مڃبي پئي رھبي.

Sunday, June 24, 2018

محبت؛ ماسو، خدمت؛ ڪاسو، ضرورت؛ خرار


محبت؛ ماسو، خدمت؛ ڪاسو، ضرورت؛ خرار
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
اڳي سياڻا چئي ويا؛ ”نيچ نوڪري، اتم کيتي ۽ وڌندڙ واپار“. سياڻن جا قول، قوم جي صدين جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ ۽ وقت خواهه حالتن جو عڪس ٿيندا آهن. سندن انهيءَ چوڻي جو اولين مقصد هيو؛ عوام جي سوچن ۽ لوچن، نظرين ۽ قدرن جو قبلو درست ڪرڻ. ماڻهو جڏهن ملازمت وٺڻ ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ تي ڳنڍ ٻڌي ويهي ٿو ته ان مان سمجهڻ گهرجي ته آزادي ۽ خودمختياري جي خوبيءَ جو گل هن جي ذهن جي زمين تي ڦٽي نه ٿو سگهي.

Monday, June 18, 2018

ٻاهر ٻاڦ نه نڪري - مٺل جسڪاڻي


ٻاهر ٻاڦ نه نڪري!
مٺل جسڪاڻي
”لکي لکانو، پڙهي الهانو“، دل ۾ ڪير به نه ڪري، پوءِ لکڻ وارو سائين حيات علي شاهه بخاري هجي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر هجي، نُور سنڌي هجي، مٺل جسڪاڻي هجي، يا چاهي ڪير به لکي، ڇا به لکي، لکت سمجهه ۾ اچي، يا نه به اچي، پر ”مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ“، ڪُڇندا ته ٻيو ڪو ڪم گهڻو ٿئي يا نه ٿئي، ايندڙ ڪالم تشبيهن ۽ استعارن سان ئي نه، اشارن سان پڻ ڀرپور هوندو، ڪُڇڻ واري سان گهٽ نه ٿيندي! صرف لکڻ پڙهڻ واري حوالي سان ئي ڇو؟ هر حوالي سان ”ٻاهر ٻاڦ نه نڪري“، جيڪڏهن ٻاهر ٻاڦ نڪتي، ته پوءِ پاڻهي خبر پوندي ۽ اهڙي ته خبر پوندي، جو اوهان جي فائدي يا نقصان ۾ ڇو نه هجي، اوهان جي ئي معرفت، اها خبر نه صرف کاڌن کي پوندي، پر راڄن تائين پهچي، ڏيهن ۾ به مشهور ٿي ويندي!