ٻاهر ٻاڦ نه نڪري!
مٺل جسڪاڻي
”لکي لکانو، پڙهي الهانو“، دل ۾ ڪير به نه ڪري،
پوءِ لکڻ وارو سائين حيات علي شاهه بخاري هجي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر هجي، نُور سنڌي
هجي، مٺل جسڪاڻي هجي، يا چاهي ڪير به لکي، ڇا به لکي، لکت سمجهه ۾ اچي، يا نه به
اچي، پر ”مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ“، ڪُڇندا ته
ٻيو ڪو ڪم گهڻو ٿئي يا نه ٿئي، ايندڙ ڪالم تشبيهن ۽ استعارن سان ئي نه، اشارن سان
پڻ ڀرپور هوندو، ڪُڇڻ واري سان گهٽ نه ٿيندي! صرف لکڻ پڙهڻ واري حوالي سان ئي ڇو؟
هر حوالي سان ”ٻاهر ٻاڦ نه نڪري“، جيڪڏهن ٻاهر
ٻاڦ نڪتي، ته پوءِ پاڻهي خبر پوندي ۽ اهڙي ته خبر پوندي، جو اوهان جي فائدي يا
نقصان ۾ ڇو نه هجي، اوهان جي ئي معرفت، اها خبر نه صرف کاڌن کي پوندي، پر راڄن تائين
پهچي، ڏيهن ۾ به مشهور ٿي ويندي!
”هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڏيکارڻ“ جهڙي ڪا ڳالهه نه آهي، ڳالهه
آهي زماني جي. مثال طور ئي کڻي کڻو، اوهان صبح يا شام واري چانهن، نيرن، منجهند يا
رات واري ماني، ماني سان کاڄندڙ ڀاڄي، ڪهڙي به حوالي سان، سچ ۾ به نه، ڀوڳ ۾ ئي،
کلندي ڪُڏندي، کل ڀوڳ جي پڪ ڏيندي، صرف هڪ دفعو ڪنن تائين پهچايو ته اڄ چانهن يا
ماني يا ڀاڄي ۾، کنڊ، لُوڻ يا مرچ سوايا هئا، پوءِ ويهي ڏسو رنگ خُدا جا، ۽ حقيقت
من اندر ۾ نه رکجو، اسان کي به ٻڌائجو ته چانهن ۾ کنڊ، ماني ۾ لوڻ، ڀاڄي ۾ مرچ جي ڳالهه
ڪٿي دنگ ڪيو؟
ڳالهه
جڏهن به، جيڪا به ٿئي، ان ”ڳالهه مان ڳالهوڙو“
نه ٿئي، ته پوءِ اها ڪا ڳالهه ٿي سمجهبي، نه نه نه... اعتبار نه اچي ته اوهان ٽپال
سرشتي جو مجموعي جائزو وٺي، ٻه اکر لکي ڏسو، ان ليک کان پوءِ، جيڪا ”جمع چنڊاڻي“ اوهان کي ٽپال ملندي هوندي، اها به بند
ڪئي ويندي!
بجلي جي
ته ڪا به ڳالهه ڪرڻي ئي نه آهي، جيڪڏهن ڪير ڪري به، ته ان جي نالي سان ميٽر نه هجڻ
گهرجي، جيڪڏهن هوندو، ۽ پڙهندڙن ۾، ڪنهن بجلي کاتي واري پڙهي ورتو، ان اوهان کي سڃاڻي
ورتو، ته به اندازو ٿي ويندو، ته ”گهڻي ويهين سئو ٿو ٿئي“.
ڳالهيون
ته تمام گهڻيون آهن، صرف ٽپال يا بجلي جي ڳالهه نه آهي، ڪڏهن ٽيليفون سرشتي جي
حوالي سان ته ڪي ٻه اکر لکو، اهي ڇپجن، پڙهجن ۽ بجلي جي حوالي سان لکيل حقيقت
وانگر عام ٿين، ته اوهان جو بل جمع ٿيل هوندو، تڏهن به ”نان
پيمينٽ“ جي ڪيس ۾ ٽيليفون جي سهوليت بند، پوءِ ڀلي ته منٿون ڪريو، گيسيون ڪريو،
جڏهن راڻو راضي ٿيندو، تڏهن ٽيليفون ڪم ڪندو! آئون ٽپال، بجلي يا ٽيليفون جي حوالي
سان جيڪي مٿي ڳالهيون ڪري آيو آهيان يا لکڻ جي حوالي سان جن قلمڪارن، سرجڻهارن جا
نالا غلطي وچان لکي آيو آهيان، انهن سڀني ڏانهن منهنجو ته ڪو به ”پاءُ پاڻي جو“ رهيل ڪونهي، نه ئي وري انهن سڀني جو
مون تي ڪو ”پاءُ پاڻي جو رهيل آهي“، جيڪو به
لکيو اٿم، اهو ته بس ائين پاڻمرادو لکجي ويو آهي، جيئن فصلن ۾ گند گاهه پاڻ مرادو ڦٽي
پوندو آهي. مون وٽ ته سچ به، نه ته ڪي عام خبرون آهن، نه ئي وري مون وٽ ڪي ٺوس، خاص
خبرون آهن، خبرون سدائين خابرو ذريعن وٽ هونديون آهن، جيڪي هو سندن پسند ۽ ناپسند
جي بنياد تي عام ڪندا آهن يا وري پاڻ وٽ لڪائي رکندا آهن، جڏهن چاهين ته عام ڪن،
نه چاهين ته لڪايو وتن. ان سان ڪنهن جي به صحت تي ڪهڙو به اثر پوي، تنهن سان خابرو
ذريعن جو ڪو تعلق نه آهي! ڇاڪاڻ ته صحت جي حوالي سان ئي کڻي مثال ڏجي، ته ڇا خابرو
ذريعي سان تعلق رکندڙ پاڻ بيمار نه ٿو ٿي سگهي يا سندس ڪو مٽ مائٽ بيمار نه ٿيندو.
جيڪڏهن هو صحت جي حوالي سان ڪا خبرچار عام ڪندو، ته سندس صحت جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟
اهڙي ئي طرح، جيڪڏهن تعليم جي حوالي سان سڀ خبرون، جيئن جو تيئن، حق سچ جي حساب
سان هلنديون، ته پوءِ تعليمي ادارن ۾ جن جن جون اکيون آهن، انهن جون اکيون ته
تعليمي ادارن جي هٿ وس آهن، ته ڪهڙي اک ۾ ڪيئن ڪٽر وجهن؟ ڳالهيون ڳچ. ڪهڙيون ڪري ڪهڙيون
ڪجن؟ شهرن جون پنهنجون ڳالهيون آهن، ته ٻهراڙي جون پنهنجون آهن. جيڪڏهن ڪو ننڍڙو
کاتيدار آهي يا جيڪڏهن ڪو وڏو به آهي، ان کي ئي تجربو آهي، ته هو پنهنجي فصل لاءِ
واري جي پاڻي جون ڳالهيون، ڪنهن سان ڪيئن نبيري ٿو؟ مون کي ته ڪنهن به ننڍي وڏي
زميندار جي به مجال نه ٿي سُجهي، جو هو آبپاشي جي حوالي سان ڪا ٻڙڪ به ڪڍي. جيڪڏهن
ڪو ڪڍندو هوندو، ته ان جي به اهڙي ئي حالت هوندي، جهڙي پڇڙي جي آبادگارن جون
زمينون ڏسي، سمجهي سگهجي ٿي. سمجهه تان فهم ۽ فڪر ذهن ۾ اچي ويو اٿم. لطيف ڪڏهن
چيو، ڇو چيو، اها خبر نه اٿم، پر ڪتابن مان پڙهيو اٿم ۽ گهڻن ئي مڪتبه فڪر وارن جي
واتان به ٻُڌو اٿم ته لطيف چيو آهي:
اُو ڪو
ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي!
لطيف ڇا
ڇا چيو آهي، ڇو ڇو چيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي چيو آهي، اهڙيون خبرون ته انهن کي
ئي هونديون، جيڪي لطيفيات سان تعلق رکندڙ هوندا يا جن کي لطيف ايوارڊ مليا هوندا.
مون کي ته اها به خبر نه آهي ته لطيف جي هيٺين ٻنهي بيتن مان ڪهڙو هڪ بيت يا اهي ٻئي
بيت درست آهن:
نهائين
کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
سڙي
سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
اوهان ڪيئن
ٿا ڀانيو؟ اهو بيت درست آهي يا هي بيت درست آهي:
جَڙَ
جا هَنيَم جَتَ، تِنههِ ڳُجهِيءَ ڳارِيَم جِندَڙو،
آڻي
اَندَرِ کوڙِئا، ڪوهِياري ڪَروَتَ،
سُورَن
ساڙِي آهِيان، سِڪان کي صِحَتَ،
اندَرِ
ريلا رَتَ، ٻاهَرِ ٻاڦَ نه نِڪري.
ڇا
غلط، ڇا صحيح، تنهن ۾ پنهنجو ڇا؟ حق سچ تي مبني حالتون ڪجهه اهڙيون آهن، جو چئجي،
لکجي، مڃجي، ته ”ٻاهر ٻاڦ نه نڪري“...
(روزاني عبرت
حيدرآباد، اربع ۱۳ ڊسمبر ۲۰۱۷ع)
No comments:
Post a Comment