Friday, July 17, 2026

شيخ اياز جي پهرين چئن شعري مجموعن ۾ موجود اصطلاحن جو اڀياس -عبدالغفور چانڊيو (مصور حسين)

شيخ اياز جي پهرين چئن شعري مجموعن ۾ موجود اصطلاحن جو اڀياس

عبدالغفور چانڊيو (مصور حسين)



سنڌي شاعريءَ جو جھان انتھائي وسيع آھي. جيئن ڪائنات ۾ سوين ھزارين ننڍا وڏا گرهه آھن، سج ۽ چنڊ آھي، تيئن سنڌي شاعريءَ جي ڪائنات ۾ پڻ ھزارين ننڍا وڏا شاعر آھن، جن مان ھر ھڪ کي ستارن وانگر پنھنجي پنھنجي سڃاڻپ حاصل آھي. انھن مان ڪنھن کي وھائو تاري جو لقب مليل آھي، ته ڪي وري ٽيڙو ۽ نکٽ جيان آھن. شاھ لطيف کي شاعريءَ جي ان افق تي سج واري حيثيت حاصل آھي، جڏھن ته شيخ اياز کي سنڌي شاعريءَ جي آسمان جو چنڊ چئجي، ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ٻنھي پنھنجي شاعريءَ وسيلي سنڌي ماڻھن جي زندگيءَ جي ھر ھڪ رخ جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي وسعت ۽ جاوداني بخشي آھي. نه صرف ايترو، پر ٻنھي عظيم شاعرن پنھنجي شعرن وسيلي سنڌي ماڻھن جي رھنمائي ڪئي آھي. بقول محمد ابراهيم جويي؛ ”تاريخي طور تي لطيف ۽ اياز ٻنھي کي سنڌي قوم جي رھبري ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪرڻو ھو ۽ اھو ھنن زبردست طريقي سان ادا به ڪيو.“ (۱)


ان ڳالهه بابت ڪي به ٻه رايا ڪو نه آھن ته شيخ اياز جيڪو سنڌي شاعريءَ جو چنڊ آھي، تنھن جون ڪوتائون ڪائنات جي وسعت جيتريون گھريون آھن. فڪري حوالي سان سندس شاعري آفاقي آھي، جنھن ۾ دنيا جي تمام عالمگير فڪرن جي ڀرپور ترجماني آھي. پر ھتي ان ڳالھ جي وضاحت پڻ ضروري آھي، ته آفاقي ادب چئجي ڇا کي ٿو؟ ان حوالي سان آغا سليم چواڻي؛ ”جيڪو ادب ڪنھن خاص صورتحال، مقام، واقعي ۽ ماڻھن کان مٿڀرو ٿي جاگرافي حالتن ۽ وقت جي حدبندين مان نڪري دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ ماڻھن کي متاثر ڪري ۽ کين محسوس ٿئي، ته اھو سندن ئي اندر جو آواز ۽ احساسن جو اظھار آھي، ته اھڙي ادب کي آفاقي ادب چيو ويندو آھي. آفاقي ادب جو ٻيو رخ انسان دوستي (humanism) آھي.“ (۲)

آفاقي ادب جون مٿي بيان ڪيل خوبيون شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موجود آھن، سندس شاعري ڪنھن به سرحد، جاگرافي، وقت ۽ حالتن جي قيد و بند کان آجي آھي. اھا نه فقط سنڌي ماڻھن جي زندگيءَ جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿي، پر دور ديسن جي رھواسين جي پيڙائن جا عڪس پڻ ان ۾ ڏسي سگهجن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ انسان دوستيءَ جا سوين نه، پر ھزارين مثال موجود آھن. اياز جي شعر جيترو سنڌ جي ماڻھن کي متاثر ڪيو آھي، اوتروئي ترجمي جي صورت ۾ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙن کي پڻ متاثر ڪيو آھي ۽ ايندڙ دور ۾ جيئن جيئن سندس شاعريءَ جو ترجمو گهڻين ٻولين ۾ ٿيندو رھندو تيئن سندس چاھيندڙن ۾ واڌارو ٿيندو.

فڪري حوالي سان ته شيخ اياز جو قد بحيثيت گهڻو اوچو آھي ئي، پر فن جي لحاظ کان پڻ اياز ھڪ پڪو پختو ۽ قدآوار شاعر آھي ۽ سندس شاعريءَ جو ڳاٽ کيرٿر جي پھاڙين وانگر اُڀو آھي. غزل جي صنف ھجي توڙي وايون، بيت يا وري گيت ۽ دوھا، ھر ھڪ صنف فڪري توڙي فني خوبين سان مالامال آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ آيل تشبيھون، استعارا ۽ علامتون وغيره ڪنھن جهرڻي جي پاڻيءَ جيان تازيون توانيون ۽ نڪور آھن. اياز جي شاعريءَ جون ڪيتريون ئي خوبيون آھن، جن مان ھڪ اھا پڻ آھي، ته ھن پنھنجي شاعريءَ ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي نئين سر جيئاريو آھي. اياز جنھن زماني ۾ شاعراڻي اک کولي، تنھن وقت سنڌ ۾ سنڌي زبان کي سرڪاري ۽ دفتري ٻوليءَ جو اعزاز ته حاصل ھو، پر ادب ۾ جيڪا ٻولي ڪم آندي ويندي ھئي، تنھن تي فارسيءَ جو گهڻو اثر ھيو. فارسي ادب ۽ فارسي شاعريءَ ۾ چُڙيل چوڙيل خيالات، موضوع، استعاره، ڪنايا ۽ تشبيھون وغيره سنڌي شاعريءَ ۾ ڪم آنديون وينديون ھيون ۽ گل، بلبل، شمع ۽ پرواني جھڙن گٺل پيٺل ڳالهين کي شعرن ۾ آڻڻ کي اعزاز سمجهيو ويندو ھو.

پنھنجي شروعاتي زماني ۾ اياز پڻ فارسي شاعريءَ جي انھن موضوعن، استعارن ۽ تشبيھن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ آندو جنھن جا ڪيترائي مثال اسان کي سندس ڪتاب ڀؤنر ڀِري آڪاس جي گهڻن غزلن ۾ ملن ٿا، پر ساڳئي ئي ڪتاب ۾ سندس بيت، گيت ۽ گهڻي ڀاڱي وايون ان ڌارئي اثر کان آزاد آھن ۽ انھن صنفن ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي مھڪ سمايل آھي. اياز اڳتي ھلي پنھنجي شاعريءَ لاءِ فن ۽ فڪر جا نوان گس ۽ چارا ڳولھي ورتا، فقط ايترو ئي نه، پر ھن پنھنجي ڪوتائن ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ نوان رنگ ڀري ان جي حسن ۾ گهڻو واڌارو آڻي ڇڏيو. ناليوارو دانشور ابراھيم جويو اياز جي شاعريءَ جي انھن خوبين بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته؛ ”اياز جتي پنھنجي يگاني شاعريءَ ۾، شاعري ۽ ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي مزاج، روايتن ۽ سڀاءَ کي نئين سر اُجاريو، اُتي ھن سنڌي شاعريءَ ۽ ٻوليءَ کي جدتون ۽ نيون توانايون بخشيون.“ (۳)

اياز جي شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو، ته کيس سنڌي ٻوليءَ تي تمام وڏي دسترس حاصل ھئي. جيتوڻيڪ سندس زندگيءَ جو گھڻو تڻو حصو شھرن (شڪارپور، سکر ۽ ڪراچي) ۾ گذريو، پر تنھن باوجود سندس شاعراڻي ٻوليءَ تي نه صرف ٻھراڙيءَ جو رنگ غالب آھي، پر ڪاڇي ڪوھستان، لاڙي توڙي ٿري لھجي جا نقش پڻ سندس شاعريءَ مان لياڪا پائيندي ملن ٿا. اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ نه صرف سنڌي ٻوليءَ جي مزاج سان ٺهڪندڙ تشبيھون ۽ استعارا ڪم آندا آھن، پر جيئن ته سندس ڪلام جون پاڙون سنڌي سماج ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ کُتل آھن ان ڪري سندس شاعري سنڌ ۾ رائج پھاڪن، اصطلاحن ۽ چوڻين سان پڻ ڀرپور آھي. ھن مقالي ۾ اياز جي پھرئين چئن ڪتابن ڀؤنر ڀري آڪاس، ڪلهي پاتم ڪينرو، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ۽ وڄون وسڻ آيون ۾ موجود اصطلاحن يا محاورن جو اڀياس ڪيو ويو آھي.

اصطلاح ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظن جو اھڙو ميڙ آھي، جنھن جي ظاھري ۽ اندروني معنيٰ ۾ فرق ھجي. ڪنھن به جملي ۾ اصطلاح جي استعمال سان بيان وڌيڪ پُر اثر ۽ دلچسپ بڻجي پوندو آھي ۽ ڳُجهن لفطن ۾ پنھنجي معنى ۽ مطلب کي ظاھر ڪيو ويندو آھي. اصطلاح ٻوليءَ جي سونھن ۽ سينگار سڏيا ويندا آھن، ان ڪري عام رائج ٻوليءَ سان گڏ انهن کي ادبي لکڻين (نثر توڙي نظم) ۾ پڻ ڪم آندو ويندو آھي. سنڌيءَ ۾ اصطلاح وارا لفظ مصدر واري صورت تي ختم ٿيندا آھن. جيئن ”ننڊ حرام ٿيڻ“، ”ڏندين آڱريون اچڻ“ وغيره. پر ياد رکڻ گهرجي ته ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظن جو ھر ھڪ ميڙ اصطلاح ناھي ٿيندو. جيئن، ”ماني کائڻ“، ”پاڻي پيئڻ“ وغيره. ڇو ته انهن ٻنهي جي معنيٰ بلڪل واضح ۽ کليل آھي ۽ انھن ۾ ڪو به اندروني مطلب لڪل ناھي، انھن کي اصطلاح چئي نه ٿو سگهجي. ساڳي طرح فارسيءَ ۾ اصطلاح جي پڇاڙي ن سان ٿيندي آهي، جيڪا پڻ مصدر واري حالت آهي. جيئن، ”دندان نمودن“ اردوءَ ۾ اصطلاح جي لاءِ گهڻو تڻو محاوري جو لفظ ڪتب ايندو آهي ۽ ان جي پڄاڻي ”نا“ سان ٿيندي آهي جيئن ”پاني پاني هونا“ وغيره، پر انگريزي ٻوليءَ ۾idiom  جي آخر ۾ اهڙو ڪو خاص اکر ڪو نه ٿو اچي جيڪو اصطلاح جي نشاني هجي.

اصطلاح جي اصليت تائين پھچڻ لاءِ اسين جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي جامع سنڌي لغات جا ورق اٿلايون ٿا، ته ان جي تشريح يا سمجهاڻي هن طرح ملي ٿي.

”اصطلاحُ جمع اصطلاح (ع): ڪنھن ڌنڌي يا فن جو لفظ، ورجيس. ٻوليءَ جي محاوري وارو لفظ. لفظن جو جوڙ.“ (۴)

عام طور تي اصطلاح لفظن جي اهڙي ميڙ کي چيو ويندو آهي، جنھن جي ظاهري ۽ ڳُجهي (اصطلاحي) معنيٰ الڳ هجي، پر ڊاڪٽر بلوچ هن لفظ جي اهڙي ڪا به معنيٰ ناهي ڏيکاري. هن اصطلاح جي لاءِ ورجيس ۽ محاوري جو لفظ پڻ ڪتب آندو آهي، تنھن ڪري ورجيس جي معنيٰ کي به ڏسڻ جي ضرورت آهي. ساڳي ئي لغت ۾ ورجيس جي معنيٰ هن طرح ڏنل آهي.

”ورجيس جمع ورجيسون؛ رسم، رواج، دستور، پَر، هلي چلي، عادت، تھذيب، خيال، فڪر، الڪو، انتظار، هار سينگار جو شوق، ٺاهه ٺوهه جو شوق، سنڀال، حفاظت، جاچ، صرفو. مرجات. اصطلاح (جنھن جي لفظي معنيٰ هڪڙي آهي ۽ روايت موجب ٻي)، جڳت.“ (۵)

هن سمجهاڻي مطابق ورجيس کي اصطلاح پڻ چيو ويندو آهي، جنهن جي لفظي ۽ روايت موجب معنائن ۾ فرق هوندو آهي.

ان کان پوءِ محاوري کي به سمجهڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. جامع سنڌي لغات موجب:

”محاورو جمع محاورا: ع. (حور: هن ورائي چيو)، گفتگو، ٻول چال، ڳالهه ٻولهه، سوال جواب. علم نحو موجب اهو جملو جنھن جي لفظي معنيٰ هڪڙي هجي ته ڪنايه معنيٰ ٻي هجي. مثلاً ”اکيون پورڻ، بي شرم ٿيڻ، مرڻ“ وغيره. اصطلاح، ورجيس، استعمال، اڀياس، ساڌنا، مشق، آزمودو تجربو.“ (۶)

ڊاڪٽر صاحب جي هن سمجهاڻيءَ مان خبر پوي ٿي، ته سندس نظر ۾ ورجيس، اصطلاح ۽ محاورا هڪ ئي معنيٰ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ آهن. محاوري جي سمجهاڻي ۾ لکيل معنيٰ ۽ مثال ڏسڻ کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سندس راءِ موجب لفظن جو اهڙو ميڙ (مڪمل جملو نه) جنھن جي لفظي معنيٰ هڪڙي هجي ۽ اشاري ۾ ٻي، تنھن کي اصطلاح، محاورو يا ورجيس چئجي. اهڙي ئي قسم جي شاهدي اسان کي سنڌي جي ٻئي ناليواري محقق ۽ ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي وٽان به ملي ٿي. هو صاحب لکي ٿو:

”اصطلاح معنيٰ صلح ڪرڻ، ڪنھن لفظ جي ٻي معنيٰ مقرر ڪرڻ.“ (۷)

ڊاڪٽر سنديلو اڳتي لکي ٿو ته؛ ”اصطلاح کي ورجيس به چوندا آهن.“ هن صاحب اصطلاح ۽ ورجيس جي هڪجھڙائي ته بيان ڪئي آهي، پر محاوري بابت پنھنجو خيال ظاهر ناهي ڪيو. تنھن ڪري هن معاملي جي ڪجهه وڌيڪ اوک ڊوک جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، اصطلاح بابت ڪجهه وڌيڪ عالمن جا رايا پڙهئون ٿا. ليکڪ ۽ محقق مختيار ملاح اصطلاح کي وڌيڪ آساني سان بيان ڪندي ان جي معنيٰ هن ريت ڄاڻائي آهي. ”اصطلاح جي معنيٰ ڪنھن لفظ جي ٻي معنيٰ آهي. ورجيس (ڀيٽ) موافقت يا موزونيت. انهن جي ظاهري معنيٰ هڪڙي هوندي آهي، پر ان تي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ سندس مفھوم يعني معنيٰ ٻي هوندي آهي. ڪي اصطلاح پھاڪن وانگر پسمنظر به رکندا آهن. سنڌي اصطلاح ۾ مصدر (ڻ اکر) لازمي هوندو آهي. مثال طور: هٿ پير هڻڻ: ڪوشش ڪرڻ، جاکوڙڻ.“ (۸)

مختيار احمد ملاح به اصطلاح ۽ ورجيس جي موافقت ڏيکاري آهي، پر سنديلي صاحب وانگر هن محاوري بابت ڪا راءِ ظاهر ناهي ڪئي ۽ نه ئي ذڪر ڪيو اٿس. سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري محقق ڊاڪٽر نور افروز خواجه پنھنجي مضمون ۾ اصطلاح جي تشريح هن طرح پيش ڪئي آھي.

”اصطلاح اهو لفظن جو ميڙ آهي، جنھن کي فاعل ۽ مفعول نه هجي. اصطلاح جي لغوي معنيٰ عربي ۾ عرف ۽ انگريزيءَ ۾ usage, convention ۽ سنڌيءَ ۾ ڄاڻڻ آهي. اصطلاح جي سمجهاڻي هيءَ آهي ته ڪنھن خاص لفظ کي اصل معنيٰ کان الڳ ڪري اهلِ زبان ڪنھن خاص مقصد لاءِ استعمال ڪري، انهيءَ کي اصطلاح چئجي ٿو. اڪثر اهڙا لفظ محاوري جي صورت اختيار ڪندا آهن.“ (۹)

مٿئين راءِ مان معلوم ٿئي ٿو ته محاورو به اصطلاح کي ئي چيو ويندو آهي. اردو ٻوليءَ ۾ اهڙا لفظ، جيڪي مڪمل جملو نه هجن ۽ انهن جي ظاهري ۽ اندروني معنيٰ ۾ فرق هجي، تن کي محاورو ئي چيو ويندو آهي. جڏهن ته انگريزيءَ ۾ ان جي لاءِ idiom جو لفظ ڪم ايندو آهي.

اصطلاحن بابت مٿي ڄاڻايل تشريحن ۾ ٿوري گهڻي ڦير ڦار کان سواءِ تقريباً معنيٰ ساڳي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ماهر مرليڌر جيٽلي به اصطلاحن بابت ڪجهه ڪم ڪيو آهي. سندس راءِ مطابق؛ ”اهو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنهن ڪم جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنيٰ ڏيندو آهي، انهيءَ کي محاورو يا اصطلاح چئبو آهي.”پاڻي پاڻي ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ.“ (۱۰)

مٿي ڏنل سڀني تشريحن جي روشنيءَ ۾ اصطلاح جي معنيٰ اها نڪري ٿي ته ٻن يا ٻن کان وڌيڪ لفظن جو اهڙو ميڙ، جنهن ۾ فاعل ۽ مفعول نه هجي، جنھن جي ظاهري معنيٰ ۽ اندروني معنيٰ ۾ فرق هجي، تنھن کي اصطلاح چئجي. گهڻن عالمن جي راءِ موجب محاورو ۽ ورجيس به ساڳئي ئي معنيٰ وارا لفظ آهن. پر سنديلو صاحب ۽ ڪجهه ٻيا عالم محاوري جو ذڪر ئي نه ٿا ڪن. ناليوارو عالم ۽ اديب ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي محاوري کي هڪ لحاظ کان اصطلاح کان الڳ ٿو سمجهي. هو لکي ٿو ”محاورا به چوڻين ۾ ئي شمار ٿين ٿا، جن جي مختصر ترڪيب باعث انھن کي ننڍڙا پھاڪا چئي سگهجي ٿو. محاورن ۾ به ساڳئي ئي طرح لفظن جي ظاهري معنيٰ هڪڙي هوندي آهي، ليڪن حقيقي معنيٰ ٻي ورتي ويندي آهي. مثلاً گونگي گانءِ، انڊ جو بنڊ، سھي جي کل، ناني ويڙهو وغيره. محاورو ترڪيبي لحاظ کان نه پورو جملو آهي ۽ نه ئي اصطلاحن جيئن مصدر مطابق جملن ۾ ڦيرو کائيندو آهي.“ (۱۱)

عرساڻيءَ صاحب جي راءِ مطابق محاوري جي ظاهري ۽ اندروني معنيٰ ۾ اصطلاح وانگر فرق نه هوندو آهي، پر ان جي پڇاڙيءَ ۾ مصدر واري حالت نه هوندي آهي. يعني معنوي لحاظ کان اصطلاح ۽ محاوري جو ڪم ساڳيو آهي.

هنن سڀني عالمن جي راين مان هڪ ڳالهه ته واضح ٿئي ٿي، سڀيئي عالم ۽ محقق اصطلاحن بابت هڪ ئي رايو رکن ٿا، باقي ورجيس ۽ محاورو به اصطلاح جو مترادف آهي، ان ڳالهه تي سندن خيال ورهايل آهن. ڪن ورجيس ۽ اصطلاح کي هم معنيٰ سڏيو آهي، ته ڪي محاوري ۽ اصطلاح کي ساڳئي ئي شيءِ ٿا سمجهن. جنھن مان پتو پوي ٿو ته مٿي ڄاڻايل سڀ محقق اصطلاح جي لفظ کي اوليت ڏين ٿا باقي محاوري ۽ ورجيس بابت سندن راءِ هڪ ٻئي کان ٿوري گهڻي مختلف آهي. منھنجي راءِ مطابق لفظن جي جنھن ميڙ کي اسين انگريزي ۾ idiom چئون ٿا، تنھن جو متبادل صرف ”اصطلاح“ ئي آهي. ان جي لاءِ گهڻن عالمن محاوري جو لفظ پڻ ڪتب آندو آھي، جيڪو ان معنيٰ ۾ درست بيھي ٿو، جو اردو ۾ پڻ اھڙن خاص لفظن لاءِ محاوري جو لفظ ئي ڪم ايندو آھي، جڏھن ته اھي ٻئي لفظ وري ان کانسواءِ ھڪ ٻي معنيٰ ۾ به ڪم اچن ٿا، جيئن اصطلاح ڪنھن خاص فن يا ڌنڌي جي لفظ طور ڪم اچي ٿو. مثال طور اشتراڪي، پرولتاري، بورجوا وغيره جھڙا لفظ روس ۾ پيدا ٿيل پورھيت جدوجھد يا ڪمين سان واڳيل آھن ۽ سنڌ جا اڪثر مارڪسوادي يا پورھيت اڳواڻ انھن لفظن جو استعمال ڪندا آھن. اھڙيءَ طرح محاورو سنڌيءَ ۾ لھجي جي متبادل يا وري انگريزي لفظ  dialectطور پڻ ڪم اچي ٿو.

ھاڻي اياز جي ڪتاب جا ورق اُٿلائجن، ته جيئن اھو معلوم ٿي سگهي ته ھن پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙا ڪھڙا اصطلاح ڪم آندا آھن ۽ ڪھڙي ريت ڪم آندا آھن؟ ڇا ھن اصطلاحن کي پنھنجي شاعراڻي تخيل موجب سنواري سڌاري وڌيڪ حسن بخشيو آھي يا وري ھن انھن جي اصلي بيھڪ کي برقرار رکيو آھي؟ اھي ھن تحقيقي مقالي جا سوال پڻ آھن.

اياز جي پھرئين ڪتاب ڀؤنر ڀري آڪاس جي شروعات بيتن سان ٿيل آھي. اھي بيت پنھنجي ھيئت ۽ موضوع جي حوالي سان مڪمل ۽ ڀرپور آھن. انھن بيتن ۾ شاعر جي ٻولي پڻ تحسين لائق آھي. انھن سڀني خوبين سان مالامال سندس ھڪ بيت ھتي ڏجي ٿو.

”مٺڙو آ ھر چيز کان، سنگهارن جو ساھه،

پٽيون ٻڌن پيٽ سان، ٿين بُکن ۾ پاھه،

ڏيکاريان ڪيئن ڏکين کي، چانڊوڪي ۽ چاهه،

ڪٿي آهه الله، انسانن جو آسرو.“ (۱۲)

مٿئين بيت ۾ انسانيت، سماجي اڻ برابري، ناانصافي، سنڌيت ۽ غربت جي ڏکن ۽ پيڙائن جي تصوير سامھون آندي وئي آھي، جنھن ۾ مارو ماڻھن جي بک ۽ بدحاليءَ جو ذڪر ڪيو ويو آھي ۽ ھڪ سوال پڻ ڪيو ويو آھي، ته جڳ جو خالق ڇا ھنن مسڪينن جي حالت نه ٿو ڏسي ۽ انھن جي غربت کي ختم ڇو نه ٿو ڪري؟ ٻوليءَ جي حوالي سان ھن بيت جي ھر ھڪ سٽ ۾ تجنيس وارا لفظ پڻ ڪم آندا ويا آھن جيڪي شعر ۾ موسيقيت ۽ رس چس پيدا ڪن ٿا. جيئن ”سنگهارن جو ساھه، چانڊوڪي ۽ چاھ“ وغيره. پر ان بيت ۾ ٻه اصطلاح پڻ ڪتب آيل آھن. ”پيٽ سان پٽيون ٻڌڻ“ ۽ بُکن ۾ پاھه ٿيڻ“ ٻئي غربت ۽ بک بدحاليءَ جي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. ”پيٽ سان پٽيون ٻڌڻ“ جي معنيٰ آھي ”بُکون ڏسڻ، لنگهڻ ڪاٽڻ، گذران ڏکيو ٿيڻ“ وغيره. جڏھن ته ”بکن ۾ پاھ ٿيڻ“ سنڌي ٻوليءَ ۾ ”پيٽ سان پٿر ٻڌڻ“ ۽ ”پيٽ سان ڪاٺ ٻڌڻ“ پڻ ساڳي ئي معنيٰ ۾ ڪم ايندا آھن. سنڌي ٻوليءَ جا مٿي ذڪر ڪيل اھي اصطلاح سنڌي سماج ۾ غربت ۽ ماڻھن جي بک ۽ بدحاليءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا ۽ ”پيٽ“ سان لاڳاپيل اھي اصطلاح انساني بک ۽ بدحالي ءَ واري تاريخ جي شاھدي ڀرين ٿا، ته انسان اڻ ھوند ۽ غربت سبب پنھنجو پاڻ کي تسلي ڏيڻ ۽ لوڪَ لقاءُ نه پوڻ خاطر ڪھڙا ڪھڙا نه طريقا اختيار ڪندو ھيو. سنڌ سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ صدين کان اھو رواج آھي، ته ماڻهو گهڻي بک واري حالت ۾ پيٽ سان پٿر ٻڌندا ھئا. قديم زماني ۾ جڏهن ماڻهن وٽ کاڌو گهٽ هوندو هو، ۽ بک ايتري هوندي هئي جو پيٽ ۾ سور ٿيندو هو، تڏهن ماڻهو پيٽ تي ڪپڙي يا چمڙي جي پٽي يا پٿر ٻڌندا هئا ته جيئن پيٽ اندر موجود معدي تي ڪجهه وزن محسوس ٿئي ۽ بک جو احساس ٿورو گهٽ ٿئي۔ بک جي ان احساس کي گهٽائڻ لاءِ اھو طريقو پراڻي زماني کان استعمال ھيٺ آھي ۽ ڪيترين ئي قومن ۾ عام آھي. روايت آھي ته جڏهن غزوه خندق ۾ مسلمان سخت بک ۽ تڪليف ۾ هئا، ته ڪيترن صحابن کي پنھنجن پيٽن سان پٿر ٻڌل هئا، ته جيئن بک برداشت ڪري سگهن۔ جڏهن رسول الله ﷺ جن سان مليا ته ڏٺائون ته سندن پيٽ سان ٻه پٿر ٻڌل هئا، يعني پاڻ ٻين کان به وڌيڪ بک سھي رهيا هئا.

شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪي اصطلاح ڪم آندا آھن، تن مان ڪي اھڙا آھن، جيڪي صدين کان اسان جي ٻولي توڙي سماج ۾ رائج آھن ۽ اڄ سوڌو انھن جي افاديت توڙي استعمال ۾ گهٽتائي ناھي آئي. ھڪ اھڙو ئي اصطلاح سندس نظم جي ھيٺين ٽڪري ۾ شامل آھي.

”مٺڙا ماڻهو مرڪڻ وارا،

لوڻ ڦٽن تي ٻُرڪڻ وارا،

گهڙيءَ گهڙيءَ جن گھايس، وو!

سڏ سڻان ٿو تنھنجا سائين.“ (۱۳)

مٿين سٽن ۾ ”ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ“ سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ پراڻو ۽ مقبول اصطلاح ڪم آيل آھي.

”ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ“ جو مطلب آهي: گذريل ڏک ياد ڏيارڻ، ڏک ۾ ڏک ڏيڻ يا وري ڏکايل جو ڏک ويتر وڌائڻ.

ھيءُ اصطلاح پراڻي زماني جي علاج واري طريقي ۽ زماني جي ٻئي کي تڪليفون پھچائڻ واري روش جي ترجماني ڪري ٿو. قديم زماني ۾ جڏهن زخمن جو علاج جديد دوائن سان نه ٿيندو هو، ته لوڻ (salt) گهڻو ڪري antiseptic طور استعمال ٿيندو هو يعني جراثيم مارڻ لاءِ، پر جڏهن لوڻ زخمن تي وجهبو هو، ته اهو سڙي ۽ ڏاڍو سور ڏيندو هو.

تنهنڪري ماڻهوءَ جي تجربي مان اهو تصور پيدا ٿيو، ته: لوڻ جو زخمن تي وجهڻ معنيٰ ڏکايل جو سور وڌائڻ“ ۽ اهو بعد ۾ اصطلاح طور ڪنهن به جذباتي يا نفسياتي تڪليف کي وڌائڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. يعني ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ معنيٰ ڏکايل جو ويتر ڏک وڌائڻ. هي اظھار اتي استعمال ٿيندو آهي، جتي ڪو ماڻهو اڳ ئي ڏک، غم يا تڪليف ۾ هجي، ۽ ٻيو ماڻهو اهڙي ڳالهه ڪري يا اهڙو عمل ڪري جيڪو ان جي ڏک کي وڌائي ڇڏي.

يعني، ”ٻيھر تڪليف ڏيڻ“ يا ”ڪنهن جي زخم تي نئون زخم وجهڻ“.

اياز فقط عام رواجي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ اصطلاحن کي پنھنجي ڪوتائن ۾ ڪم نه آندو آھي، پر جيئن ته ھو سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ پڪو پختو شاعر آھي، تنھن ڪري ھن کي ھڪ اصطلاح ساز شاعر جي حيثيت پڻ حاصل آھي. ھن پنھنجي شاعريءَ ۾ اھڙا ڪيترائي اصطلاح آندا آھن. جيڪي گهڻي ڀاڱي ھن جي ئي تخيل جو نتيجو آھن. جيئن ھيٺئين نظم ۾ اھڙا ٻه نوان اصطلاح ڪتب آيل آھن.

”ٿو گهمان مان ڌار تي تلوار جي،

ان ڌار کان ٿورو پري،

آھي پرينءَ جي لوءِ وو!

”غم نه آھي، پير جي ڇِلجي پيا،

ھي وقت آ، ھي وقت آ،

موٽي نه ايندو ووءِ، وو!“ (۱۴)

نظم جي مٿي ڏنل سٽن ۾ ”تلوار جي ڌار تي گھمڻ“ جو محاورو ڪم آندو ويو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”ھر وقت خطري واري حالت ۾ رھڻ“. جڏھن ته ”پير ڇِلجي پوڻ/ پير ڇِلجڻ“ جي معنيٰ آھي، ”تمام گهڻو پنڌ ڪرڻ، گهڻي تڪليف سھڻ“. اھي اصطلاح جيڪي اياز پنھنجي نظم ۾ ڏنا آھن سي گهڻي ڀاڱي سنڌي ٻوليءَ جي ڪنھن به لغت ۾ شامل ڪو نه آھن. اياز انھن کي پنھنجي نظم ۾ آڻي نه فقط پنھنجي شاعريءَ جي سونھن ۾ واڌارو ڪيو آھي، پر انھن کي عوامي ٻوليءَ مان ٻاھر آڻي ادبي زبان تائين رسائي انھن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آھي. ان طرح اياز جي شاعريءَ ۾ اھڙا ڪيترائي اصطلاح ملن ٿا جن کي ھن نئين انداز يا نئين معنيٰ سان ڪم آندو آھي. چاندي ھڪ ڌاتو آھي، جنھن مان عام طور تي زيور ٺھندا آھن. سون جي ڀيٽ ۾ ان جي قيمت تمام گھٽ آھي پر تنھن ھوندي به اھا ھڪ ملھائتي وِٿ ضرور آھي ۽ سنڌي توڙي اردو ٻوليءَ ۾ ”چاندي ٿيڻ“ جو اصطلاح تمام گھڻو فائدو ٿيڻ جي معنيٰ ۾ ڪم ايندو آھي. اياز به پنھنجي ھڪ غزل ۾ ان جو استعمال ڪيو آھي، پر ان کي بنھه نئين معنيٰ ۾ ڪم آندو اٿائين.

سون جھڙي جواني اسان کان وٺي،

وار چاندي ڪيئِه، عُمرِ ايڏي ٺَڳي.“ (۱۵)

”وار چاندي ڪرڻ /ٿيڻ“ يعني ”وار اڇا ڪرڻ /ٿيڻ“ جواني ھلي وڃڻ ۽ پوڙھائپ اچڻ جو اُھڃاڻ آھي. اياز ان جو اھڙو تھ سھڻو استعمال ڪيو آھي جو ھن اصطلاح آڏو ڪراڙو ٿيڻ، پوڙھو بڻجڻ ۽ ٻڍو ٿي پوڻ جھڙا لفظ بي رنگ ۽ عجيب ٿا لڳن. غزل جي مٿئين بند ۾ شاعر سون ۽ چانديءَ جو جيڪو تضاد پيدا ڪري جواني ۽ پوڙھائپ جي ڀيٽ ڪئي آھي سا پڻ ڪمال جي آھي. ھيءُ اصطلاح سنڌي ٻوليءَ ۾ بلڪل نئون آھي ۽ ڪو به شڪ ناھي ته ان جو موجد اياز ئي آھي.

اياز نه صرف پنھنجي گيتن، بيتن ۽ واين ۾ محاورن جو خوبصورت استعمال ڪيو آھي، پر گڏوگڏ پنھنجي اوپيرائن ۾ به ٻوليءَ جو حسن ٻيڻو ڪندي پنھنجي بيان ۾ خوبصورتي ۽ رس چس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اصطلاح ڪم آندا آھن، جنھن جو ھڪ مثال ھتي ڏجي ٿو:

”ھيءَ جندڙي ھونءَ نِڪمي آ....

شل جيجل جي ڪنھن ڪار اچي،

شل اُن تي ڪا نه ميار اچي،

شل تنھنجو وار نه ٿئي وِنگو،

شل تنھنجو ڏينھن نه ٿئي ڏنگو.“ (۱۶)

مٿين سٽن ۾ شاعر ”وار ونگو نه ٿيڻ“ جو اصطلاح ڪم آندو آھي، جنھن جي معنيٰ ٿيندي ”ذرو به نقصان نه ٿيڻ، تڪليف نه اچڻ“. جڏھن ته انھن سٽن ۾ ڪم آيل ٻيو اصطلاح ”ڏينھن ڏنگو نه ٿيڻ“ جي معنيٰ ٿيندي ”نصيب خراب نه ٿيڻ يا ڪا به مصيبت نه اچڻ“. اھي ٻئي اصطلاح سنڌ جي ھر ھڪ لھجي ۾ گهڻي ڀاڱي ڳالهايا ويندا آھن ۽ جتي ڪٿي دعا ڏيندي وقت ڪم آندا ويندا آھن. پويون اصطلاح ته شاھ لطيف به پنھنجي بيتن ۾ ڪم آندو آھي. اياز کي انھن اصطلاحن جي مزاج ۽ بيھڪ جي ڀليءَ ڀت خبر ھئي، تنھن ڪري اھي اصطلاح ڪم آڻڻ کان اڳ ھن ٻه ڀيرا ”شل“ جو لفظ ڪم آندو آھي.

”شل تنھنجو وار نه ٿئي وِنگو،

شل تنھنجو ڏينھن نه ٿئي ڏنگو.“

جنھن سان انھن ٻنھي اصطلاحن ۾ جيڪو دعا وارو تاثر آھي سو برقرا رھجي ٿو اچي. ھنن ٻنھي سٽن مان شاعر جي ٻولي ۽ شاعريءَ جي فن تي دسترس جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ڪھڙي نه ساڳئي ئي موضوع سان واڳيل ٻن جدا جدا اصطلاحن کي ھڪ ئي گهاڙيٽي ۾ گهڙي ھم قافيا بڻايو آھي. اھا اياز جي ٻوليءَ تي گرفت ۽ شاعريءَ جي فن جي پختگي ئي آھي، جو ھن اصطلاحن جي لفظن کي پنھنجي شاعريءَ جو قافيو بڻايو آھي، جنھن جو ھڪ ٻيو خوبصورت مثال ھتي ڏجي ٿو.

”نڪتو آھيان ھن ننگريءَ ۾،

لاھي سر جو سانگو يار.

نانگو آھيان نانگو، يار!“ (۱۷)

وائيءَ جي مٿئين بند ۾ ”سر جو سانگو لاھڻ“ وارو اصطلاح استعمال ڪيو ويو آھي، جيڪو ”جان جي پرواھ نه ڪرڻ“ طور ڪم ايندو آھي. ھيءُ اصطلاح عام رواجي ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻو تڻو ڪم ايندو آھي ۽ ان کي ادب ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آھي. خاص طور تي نثري صنف ڪھاڻيءَ ۾ به ھيءُ ڪم آيو آھي، پر اياز جڏھن ان کي پنھنجي شاعريءَ ۾ آندو آھي، ته ان کي قافيو بڻائي پيش ڪيو آھي، جنھن سان ھن محاوري جي حسن ۾ نکار اچي وئي آھي.

”مان ڳوڙھا ڳاڙي ڳايان ھا.

مان وک وک وار وڇايان ھا.

ور واريان ھان، گهر گهوريان ھا.

مان سھسين سانگ رچايان ھا.

روئڻ سان رھن ھا جي سپرين،

مان نيڻين نير نه روڪيان ھا.“ (۱۸)

گيت جي مٿي ڏنل سٽن ۾ نه صرف تجنيس حرفيءَ جو حسن سمايل آھي، پر انھن سٽن ۾ ڪيترائي اصطلاح پڻ ڪتب آندل آھن، جيئن:

وار وڇائڻ، صدقي ٿيڻ، نياز نوڙت ڪرڻ، عزت آجيان ڪرڻ، خدمت چاڪري ڪرڻ، گهر گهورڻ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ، سانگ رچائڻ، ڍونگ ڪرڻ، مکر ڪرڻ، کيل ڪرڻ،

مٿئين شعر ۾ ڏنل اصطلاحن جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته اياز ڪٿي ڪٿي انھن ۾ ھلڪو واڌارو ڪري انھن جي حسن کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آھي. جيئن: وار وڇائڻ مان؛ وک وک وار وڇائڻ.

۽ ڪٿي وري ھن اصطلاحن جي معنائن ۾ واڌارو پڻ ڪيو آھي. جيئن: سانگ رچائڻ کي ھن ”دل پرڀائڻ لاءِ مختلف بھانا ۽ ناٽ نخرا ڪرڻ، حيلا بھانا ڪرڻ. طور ڪم آندو آھي. اسان جيڪڏھن سنڌي ٻوليءَ جي لغتن ۾ سانگ رچائڻ جي معنى ڏسنداسين ته گهڻي ڀاڱي اسان کي ان جي معنى ڍونگ ڪرڻ، مکر ڪرڻ، ڊرامو ۽ ناٽڪ ڪرڻ وغيره ئي ملندي، جنھن مان ٻھروپيت جو ئي تاثر ملي ٿو، پر اياز پنھنجي شعر ۾ ھن اصطلاح کي ھڪ نئين معنى عطا ڪئي آھي، جنھن ۾ ڪنھن به قسم جو مڪر يا فريب ڪونھي. بلڪه ان ۾ تانگهه آھي، سڪ ۽ حُب آھي. اھڙي نموني ”وک وک وار وِڇائڻ“ ۾ جيڪا جذبي جي شدت ۽ اندر جو احساس آھي سو خالي ”وار وڇائڻ“ ۾ ڪونھي. ان ڪري اھو چئي سگهجي ٿو ته ھن نه صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج قديم جديد اصطلاحن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندو آھي، بلڪه ڪٿي ڪٿي نوان اصطلاح به گهڙيا اٿائين ۽ ان سان گڏ ھن اصطلاحن ۾ نوان ۽ وڻندڙ واڌارا ڪري سندن معنائن کي به وسعت عطا ڪئي آھي. ان کان به وڌيڪ اُتھاسڪ ڳالھ اِھا آھي ته ھن ڪيترن ئي اصطلاحن کي نئين انداز ۾ پڻ پيش ڪيو آھي. مثال طور: ”وِھُ لڳڻ/ وِھُ ٿيڻ“ جو اصطلاح عام رواجي ٻوليءَ ۾ جڏھن به استعمال ٿيندو آھي، ته اھو ننڊ يا کاڌي لاءِ ئي ڪم ايندو آھي پر اياز ان کي نئين نموني سان پيش ڪيو آھي.

ھي ماڻھو وِھُ جو ڍُڪ ٿيا، جيئن لُڪ لڳي تيئن رُڪ ٿيا. (۱۹)

(وِھُ جو ڍُڪ ٿيڻ مطلب ھضم نه ٿيڻ جھڙا ٿيڻ)

يا

تون نه آئين پرين، وِھُ لڳي ٿي وَھي. (۲۰)

(وَھي وِھُ لڳڻ معنيٰ عمر يا جواني زھر لڳڻ، زندگي پسند نه اچڻ)

صدين کان رائج اصطلاحن ۾ اھڙي نواڻ آڻڻ سان سندس شاعريءَ ۾ رس چس وڌيو آھي ۽ ان ۾ بيان جي خوبصورتي سان گڏ پڙھندڙ ۽ ٻڌندڙ مٿان وڌيڪ سحر طاري ٿئي ٿو. ھن نه صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج اصطلاحن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪيو آھي، پر انھن کي نئين انداز ۽ نئين رنگ ۾ پيش ڪري ٻوليءَ کي وسعت ڏيڻ ۾ پڻ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. جنھن سان سندس اسلوب کي پڻ عام سنڌي شاعريءَ کان ھٽي ڪري نئون اسلوب مليو آھي. سندس شاعريءَ جي انھن ئي پاسن جو ذڪر ڪندي گرامي صاحب لکيو آھي، ته ”اياز جي شاعري حسين ۽ جميل لفظن، خيالن ۽ محاورن جي جامع آھي. سندس زبان رنگين، اسلوب شيرين آھي.“ (۲۱)

ائين ته اياز جي سموري شاعريءَ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ اصطلاح موجود آھن. مٿي ذڪر ڪيل سندس چئن ڪتابن ۾ به سوين اصطلاح موجود آھن، جن مان ڪجهه ھن ريت آھن. ”ٻوٽو ٻارڻ“، ”باس باسڻ“، ”ھٿن مان ھانءُ (ھنيانءُ) وڃڻ“، ”ھانءُ (ھنيانءُ) ڀِڄي پوڻ“، ”ھانءُ (ھنيانءُ) ھارڻ“، ”گھاوَ اُکلي پوڻ“، ”سور سامائڻ“، ”وِلھه وسڻ، ٽاڻو ٽارڻ“، ”پُور پچائڻ“، ”ھِرک ھارڻ“، ”بنواس گذارڻ“، ”ٻارڻ ٻارڻ“، ”ڏونگر ڏارڻ، ممڻ مچڻ“، ”ڀول ڀڃڻ“، ”تندُ تپائڻ“، ”تارا ڪڍڻ“، ”دل ڀِڄي پوڻ“، ”ڀينگ وسڻ، ڀيرو ڀَڃڻ“، ”رت جا ڳوڙھا ڳاڙڻ“، ”روئي رڇ ڀَرڻ“، ”ڏنڀ ڏيڻ“، ”رت سان ريج ڪرڻ“، ”مُنھن ھيڊَ ٿيڻ“، ”رت ڪَرڻ “، ”سينڌ سجائڻ“، ”نور نچوئڻ“، ”ڪنگ رڙڻ“، ”تارا ڪڍڻ يا تارا ڪڍي ڇڏڻ“ وغيره. انھن مان ھر ھڪ اصطلاح جي سمجھاڻي ۽ پس منظر تي لکڻ ويھجي ته لڳ ڀڳ ايم فل جو مقالو تيار ٿي ويندو.

ھن سڄي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو، ته اياز سنڌي ٻوليءَ تي پوري طرح دسترس رکندڙ شاعر آھي. ھن نه صرف پنھنجي شاعريءَ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ نوان لفظ، استعارا، نڪور تشبيھون ۽ ترڪيبون ڪم آنديون آھن، پر ھن سنڌي ٻوليءَ جا ھزارين اصطلاح پڻ پنھنجي ڪوتائن ۾ شامل ڪري شاعريءَ جي حسن ۾ واڌارو به ڪيو آھي، ته ٻوليءَ جي ان پھلوءَ کي پنھنجي شعرن وسيلي ھميشہ لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي. سندس پھرين چئن شعري مجموعن ”ڀئونر ڀِري آڪاس“، ”ڪلھي پاتم ڪينرو“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ ۽ ”وڄون وسڻ آئيون“ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج سوين اصطلاح ڪم آندا آھن. ھن نه صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج اصطلاحن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪيو آھي. پر انھن کي نئين انداز ۽ نئين رنگ ۾ پيش ڪري ٻوليءَ کي وسعت ڏيڻ ۾ پڻ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.

اياز صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج قديم ۽ جديد اصطلاحن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندو آھي، بلڪه ڪٿي ڪٿي نوان اصطلاح به گهڙيا اٿائين ۽ ان سان گڏ ھن اصطلاحن ۾ نوان ۽ وڻندڙ واڌارا ڪري، ڪن اصطلاحن جي معنائن کي به وسيع بڻائي ڇڏيو آھي.

حوالا

۱. ٽه ماھي مھراڻ ”شيخ اياز “ نمبر، (ڇاپو ٽيون ) سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ۲۰۰۵ع،

ص ۲۱۹

۲. آغا سليم، ”شيخ اياز صدين جي صدا“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ۲۰۰۵، ص ۵۴

۳. ٽه ماھي مھراڻ شيخ اياز نمبر(ڇاپو ٽيون)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو, ۲۰۰۵، ص ۲۲۸

۴. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر.”نئين جامع سنڌي لغات“، (جلد پھريون)سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد.۲۰۱۷ع. ص ۱۵۸

۵. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر.”نئين جامع سنڌي لغات“، (جلد ٽيون) سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، ۲۰۱۷ع. ص ۱۹۶۴

۶. حوالو ساڳيو، ص ۱۷۶۱

۷. سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر. ”اصطلاحن جي اصليت“، اسلم پبليڪيش، لاڙڪاڻو،

۱۹۸۷ع. ص ۲

۸..dic.sindhila.edu.pk>txtsrch: اصطلاح

۹..http://sindhsalamat.com/threads/۴۰۱۴۹

۱۰. جيٽلي، مرليڌر، ”سنڌي پھاڪا ۽ محاورا“روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ۱۹۹۶، ص ۵۴

۱۱. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر. ”سنڌي ورجيسي ٻولي“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ۲۰۱۲ع، ص ۲۰

۱۲. شيخ اياز، ”ڀؤنر ڀري آڪاس“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، ۱۹۸۹ع، ص ۲۲

۱۳. حوالو ساڳيو، ص ۸۲

۱۴. حوالو ساڳيو، ص ۱۷۱

۱۵. شيخ اياز، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، ۱۹۸۷ ع، ص ۷۸

۱۶. حوالو ساڳيو، ص ۳۰

۱۷. شيخ اياز، ”شاعري ۱“ (چار مجموعا گڏ)، ثقافت ۽ سياحت کاتو، ڪراچي، ۲۰۰۸ع، ص ۳۰۸

۱۸. شيخ اياز، ”وڄون وسڻ آئيون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ۱۹۷۳ع، ص ۳۷

۱۹. حوالو ساڳيو، ص ۱۷۰

۲۰. حوالو ساڳيو، ص ۵۴

۲۱. ستار (سھيڙيندڙ) ”ويا جي ھنگلور“، سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، ۱۹۹۹ع، ص ۲۰

 

(ڇھ-ماھي سنڌي ٻولي جرنل، سنڌي لئنگئييج اٿارٽي حيدرآباد، جون ۲۰۲۶ع)


 

ABSTRACT

An idiom is a combination of two or more words whose apparent and inner meanings differ. The use of idioms in any sentence enhances its expression, beauty, and impact, allowing deep meanings to be conveyed through concise words. Idioms are considered the ornament and charm of a language; therefore, they are not only used in everyday speech but also widely employed in literary works, both poetry and prose.

This study explores the use of idioms in the poetry of Shaikh Ayaz, a prominent and influential Sindhi poet. The research aims to identify which idioms Ayaz has used, how he has used them, and whether he has merely borrowed common idioms from the Sindhi language or created new ones through his poetic imagination. The analysis shows that Ayaz, being a master of the Sindhi language, did not limit himself to existing idioms but also coined many original expressions, metaphors, and combinations. His creative adaptation and innovation of idioms have enriched both the aesthetic and expressive dimensions of Sindhi poetry.
Through his poetic collections Bhounar Bhiri Akaas, Kulhi Patum Keenaro, Ke Jo Beejal Boliyo, and Wijjoon Wasann Aayun. Ayaz has preserved and expanded the idiomatic beauty of Sindhi, ensuring its vitality and growth within literary expression.

This research paper presents a detailed study of the idioms found in the first four poetic collections of Shaikh Ayaz.

Keywords: Idiomatic Expressions, Shaikh Ayaz, Early Original Four Collections, Sindhi Poetry, Bhounar Bhiri Akaas, Kulhi Patum Keenaro, Ke Jo Beejal Boliyo, Wijjoon Wasann Aayun.


No comments:

Post a Comment