جندڙي آ جيئن ڪو
جنڊ الا؛
ڪو سک ڏري، ڪو
ڏک ڏري.
منصور عباسي
ھڪڙا اھي جن کي
ڪو ٿاٻو آيو ڪو ڌڪو آيو، ڪنھن دڙڪو ڏنو وٺي دانھن ڪندا، ملڪ مٿي تي کڻندا. ڪو مطلب
پورو نه ٿيو ڪا ھاج نه سري، روئندا رڙندا. يڪدم چار اچي آٿت ڏيندن. ڪنھن پاڻي گلاس
ڏنو، ڪنھن چانھ چڪي پياري، ڪنھن دم دلاسو ڏنو؛ سامت ۾ اچي ويندا.
پر ڪي اھڙا به ٿين
جن رڙڻ يا دانھون ڪرڻ سکيو ئي ڪو نه. ڪريا، ڪپڙا ڇنڊي اٿي کڙا ٿيا. ڪنھن ايذايو، تڪليف
ڏني، اگرو اکر چيو، سور پي ويا. اھي سور صدما سھي سھي، پڪا ٺڪر ٿي ويندا. ٻاھريون ٻنو
ڪيون پيا ھلندا. ڪڏھن غمگين اسٽيٽس نه ھڻندا. ڪنھن کان آٿت نه طلبيندا، ڪنھن کان
دم دلاسي جي توقع نه ڪندا. تنھڪري ڪنھن کي به خبر ئي ناھي پوندي ته واٽ دي ھيو گان
ٿرو. سماج ۾ مس فٽ، نوڪريءَ ۾ مس فٽ، شاديءَ ۾ مس فٽ. تنھنڪري انھن تي الزام ڏيڻ
به سولو. انھن تي آڱر کڻڻ به سولي. ڇو جو صفائي پيش ڪرڻ جو ھنر، ھو سکيا ئي نه.
مطلب:
۱. زندگي، ھڪ-ڪري
ناھي.
۲. انسان، ڪڏھن
ڀريءَ ۾ آ، ڪڏھن ڀاڪر ۾ آ.
زندگي، ڏکن سکن جو ميلاپ آ.
No comments:
Post a Comment