لوڙهو ٿو پوک کي کائي!
مٺل جسڪاڻي
چوڻيون،
پھاڪا، ورجيسون ۽ ان قسم جون ٻيون ڳالھيون، ھڪ پل، ھڪ گھڙي ۾ سرجي، ھڪ ڏينھن ۾
پروان نه چڙھنديون آھن. ان کي پاڻ مڃرائڻ، قبول ڪرائڻ، درست ثابت ٿيڻ ۾ وقت لڳندو
آھي، سال ۽ صديون گھربيون آھن.
”لوڙهو ٿو
پوک کي کائي“، ڇا آھي؟ پھاڪو، چوڻي، ورجيس يا ورجيسي جملو؟ جيڪو ڪجھه به آھي ۽ جڏھن
کان به صحيح مڃي وئي، تڏھن کان اڄ تائين ۽ جيستائين به پوکن جي پاسن ۾ لوڙھا ڏبا
رھبا، اھا ٻڌڻ، پڙھڻ ۾ پئي ايندي، مڃبي پئي رھبي.
لوڙهو
پوک کي کائي ٿو، پر ڪيئن ٿو کائي، ان کي سمجھڻ جي لاءِ مشاھدو گھرجي، ڏسڻ واري اک
گھرجي، محسوس ڪرڻ واري حس گھرجي، ڏاھپ گھرجي، شعور گھرجي.
لوڙھو ڪنڊن
وارن ٻوٽن ۽ وڻن جي ٽارين کي ڪٽي، انھن کي گھربل ترتيب ۾ گڏ ۽ قطار ۾ رکي ڏبو آھي.
لوڙھو ڏنل
ھنڌان عام رواجي جانور، اسونھون ماڻھو، ٻئي طرف وڃي نه سگھندو، لوڙھو ٽپڻ جي ڪوشش ڪندو،
ته ان لاءِ کيس عقل سان گڏ محنت ۽ وقت لڳندو.
لوڙھو
ائين آھي، جيئن ڀِت، پر ڀِت ته صاف سٿري، ٿوري جڳھه وٺندي آھي، لوڙھو ويڪرو ٿيندو
آھي. زمين تي، لوڙھي واري حصي ۾، ڍينگر پيل ھوندا آھن.
لوڙھي
۾ ننڍا ننڍا جيت جتام ۽ جانور ھلي، گھمي، رھي به سگھندا آھن، ته لوڙھي مان ھڪ طرف
کان ٻئي طرف به نڪري ويندا آھن.
لوڙھي
۾ ڪو ٻج ھوندو آھي، يا ڪٿان اچي ويندو آھي، ته پاڻي لڙھڻ يا برسات وسڻ سبب پاڻي ڪرڻ،
پوڻ کان پوءِ، لوڙھي ۾ موجود ٻج کي ڦٽڻ جو ماحول ملي پوندو آھي. ٻج ڦٽندو آھي، ته
ان مان سلو نڪرندو آھي. نڪتل سلو وڌڻ ويجھڻ جي جستجو ڪندو آھي. ھلي ھلي، آخرڪار ٻج
مان سلو، سلي مان ٻوٽو يا وڻ تيار ٿي ويندو آھي.
ٻوٽا ۽
وڻ مختلف قسم جي جيتن، ڪينئن، جانورن، عام کليل اک سان نظر اچي سگھندڙ ساھوارا توڙي
سولائي سان نظر نه اچي سگھندڙ خورد جيو microorganisms
جھڙوڪ فنجاءِ، بيڪٽيريا، نيماٽوڊ ۽ وائرس وغيرہ مان ڪي
پناھه وٺندا آھن، ته ڪي ان تي پلجندا، وڌندا، ويجھندا، پکڙندا آھن.
لوڙھي
۾ اندر رھندڙ توڙي لوڙھي ۾ ڦٽي پوندڙ ڪنھن به ٻوٽي ۽ وڻ تي رھندڙ جيوت کي کائڻ
لاءِ ۽ پيئڻ لاءِ، ھر ساھواري کي خوراڪ ته کپي ئي کپي. ان خوراڪ جي ڳولا ۾ چرپر به
ٿيڻي آھي.
ھاڻي ٿورو
سوچيو، غور ڪريو، ڪجھه ياد ڪريو ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو، ته ڄاڻي سگھو، اعتبار ڪري
سگھو. سچ به ”لوڙهو پوک کي کائي ٿو“.
”لوڙھو“ لفظ
پنھنجي معنيٰ، پنھنجو مفھوم، پنھنجي سڃاڻپ، پنھنجو مقصد به رکي ٿو.”لوڙھو“ ھڪ
تشبيھه، ھڪ علامت به آھي. جڏھن ڳُجھه ۾ ڳالھائبو آھي يا لکبو آھي، ته ”رومال ۾ ويڙھي“،
”سينڍ ۾ مارئي“ ڳائبي آھي.
فصل
اھو به آھي، جيڪو زمين تيار ڪري، ٻج پوکي، فصل جي صورت ۾ آندو وڃي ٿو ۽ فصل اھو به
آھي، جيڪو ”اڄ گابا، سڀاڻي ڏاند“ چئبو، چوائبو آھي.
فصل
عام فصل به آھي، فصل گھر به آھي، فصل درسگاھ به آھي، فصل جي اوڙڪ ۾ گھڻو ڪجھه اچي
وڃي ٿو، جيڪو ڪجھه به اچي ويندو آھي، ان جي لوڙھي جي صورت ڪا ھڪ نه، مختلف صورتون
آھن.
عقل ۽
فھم جون ڳالھيون گھڻيون آھن، ڳالھين کي سمجھڻ لاءِ وڌ م وڌ ڳالھيون ٻُڌڻيون ۽ پڙھڻيون
پونديون آھن.
مطالعو،
مشاھدو، ڪچھريون ڪرڻ ۽ ٻڌڻ، ۽ پڙھڻ اھڙا عمل آھن، جن سان سمجھه ۾ نه ايندڙ کي
سمجھي سگھجي ٿو ۽ جيڪو علم ۾، ڄاڻ ۾ نه ھوندو، اھو علم وسيلي حاصل ڪري، ڄاڻي سگھجي
ٿو.
پوک کي
بچائڻو آھي، ته ھر پل، ھر گھڙي، اک کليل رکڻي آھي، ھوش ۾ ھوشيار ٿي رھڻو آھي، سنڀالي
عمل ڪرڻو آھي، سنڀالي وک کڻڻي آھي.
(کيتي سر
سيتي، روزاني عبرت حيدرآباد، سومر ۱۵ جولاءِ ۲۰۱۸ع)
سري يا اتر سنڌ منجھ اھا ڪھاوت يا پھاڪو، ھنن لفظن منجھ مشھور آھي؛ ”پھير ٿئي چور، واھي وھي ڪيترو.“
ReplyDeleteديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ پڻ پنھنجي پھاڪن جي ڪتاب گلشڪر ۾ ائين آندو آھي.
۲. جڏھن ته ان جو اصل روپ ھئڻ گھرجي؛ ”پھير پائي پوک کي، واھي وھي ڪيترو.“
۳. لاڙ پٽ ۾ پھير کي لوڙھو ۽ انگريزيءَ ۾ fence ڪوٺيو ويندو آھي. ان مطابق اھا چوڻي بيھي ٿي؛ ”لوڙھو کائي پوک کي، واھي ڪيتري واھت ڪري.“
اھا ڪھاوت، چوڻي به آھي ته پھاڪو پڻ آھي. چوڻي ان سبب جي ڪري آھي ته اھا پنھنجي لفظي معنيٰ ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿي. جڏھن ته پھاڪو ان سبب ڪري آھي جو اھو اندروني معنيٰ ۾ پڻ استعمال ڪري سگھجي ٿو. منجھس ٻئي خوبيون آھن.
۴. جڏھن ته، ”لوڙھو ٿو پوک کي کائي.“ ورجيس آھي. ڇو جو اھا ”لوڙھي جو پوک کائڻ“ اصطلاح منجھان نڪتل آھي ۽ اصطلاحي ورجيس آھي.
انجنيئر عبدالوھاب سھتو