Saturday, August 30, 2014

عقل وڏو يا مينهن؟ - مٺل جسڪاڻي

عقل وڏو يا مينهن؟

مٺل جسڪاڻي



اوهان وانگر آئون به ننڍي هوندي کان اهو سوال ٻڌندو پيو اچان ته ”عقل وڏو يا مينهن؟“.

اوهان وانگر ئي، آئون به ڪڏهن سوال جي جواب ۾ مُرڪي ٽارڻ جو منظر ڏسندو اچان، ته ڪڏهن وري عقل، يا ڪڏهن جواب ۾ مينهن ٻڌندو اچان. جيڪي جواب ۾ عقل چون، انهن تي به پڇندڙ ۽ ٻيا ٻڌندڙ کلندي نظر ايندا رهيا آهن، ته جن جواب ۾ مينهن چيو، انهن تي به ساڳئي ٽوڪ مسخري مون به پئي ڏٺي ۽ ٻڌي آهي.

Tuesday, August 26, 2014

چوڻين جو استعمال - مٺل جسڪاڻي

چوڻين جو استعمال...

مٺل جسڪاڻي

چوڻين، اصطلاحن، محاورن ۽ پهاڪن جو استعمال صحيح ٿيڻ گهرجي، نه ته انهن جي اهميت گهٽجي ۽ نيٺ ته ختم ٿي ويندي. مون کي سائين عبدالله جروار ڪجهه محاورا، اصطلاح، چوڻيون، پهاڪا ياد ڏياريا، انهن تي مون طبع آزمائي ڪئي آهي. اوهان ڏسو، پڙهو، پنهنجي راءِ ڏيو، چوڻين جو ڪٿي غلط استعمال ته نه ٿيو آهي؟!
***
جي ٿا ڪڇون،
ڳالهايون ٿا سچ،
ٻڪر ٻوساٽ“ ٿا ڪن،
اڻ پڙهيل ڀي،
لکيل پڙهيل ڀي،
پنهنجا ڀي،
پراوا ڀي،
جي ٿا ڪڇون،
ڳالهايون ٿا سچ،
ٻڪر ٻوساٽ ٿا ڪن!
***

Monday, January 27, 2014

سنڌي سماج ۾ مروج شادي غمي ۽ ٻين رسمن متعلق اصطلاحن جو جائزو - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

سنڌي سماج ۾ مروج شادي غمي ۽ ٻين رسمن متعلق اصطلاحن جو جائزو
ڊاڪٽر بشير احمد شاد

ڪنهن به مهذب ۽ عوامي ٻولي جي پرک لاءِ ٻين نشانين سان گڏ اها پڻ هڪ وڏي نشاني آهي ته ان ۾ معاشري جي رسمن رواجن، شادين غمين ۽ اٿڻي ويهڻي متعلق اصطلاح پهاڪا ۽ چوڻيون موجود هجن. جڏهن اسان سنڌي زبان کي انهيءَ معيار کان پرکيون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا بيشمار اصطلاح، پهاڪا ۽ چڻيون موجود آهن. جيڪي خوبصورت ۽ بامعنيٰ لفظن سان سينگاريل ٿيل آهن.

Friday, January 3, 2014

جانورن، پکين ۽ جيتن سان منسوب پهاڪا - ڊاڪٽر بشير احمد شاد


سنڌي ٻوليءَ ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن سان منسوب پهاڪا
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
ڪنهن به سڌريل ۽ ساهيته ٻوليءَ ۾ پهاڪن کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي. پهاڪا قوم جي سگهڙن ۽ سياڻن جي حياتيءَ جي تجربن جي روشنيءَ ۾ جڙي عوام الناس جي زبان تائين پهچن ٿا. پهاڪن جي انهن چند لفظن ۾ اهڙا ته معنيٰ جا موتي موجود هوندا آهن، جو عام انسان انهن تي عمل ڪرڻ سان ڪيترين براين کان بچي سگهي ٿو.

Saturday, November 16, 2013

سنڌي لفظن جي اوسر - ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

سنڌي لفظن جي اوسر

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
اسانجي سنڌي ٻولي، ڀارتيه آريه ڀاشائن (Indo Aryan Languages) جي سٿ ۾ اهم درجو ولاري  ٿي. اُن جي بنيادي بيهڪ انهن ٻولين جي بناوت وانگر ئي آهي. جيتوڻيڪ اوسر جي سلسلي ۾ سنڌيءَ ۾ ڪجھ نراليون خاصيتون به پيدا ٿيون آهن. ساڳيءَ طرح، سنڌيءَ ۾ ڪتب ايندڙ گهڻا لفظ اُهي آهن، جيڪي سنسڪرت، پالي، پراڪرت ۽ اپڀرنش منزلن کي پار ڪري اسان جي ٻوليءَ ۾ پهتا آهن. انهن کان سواءِ عربي، فارسي، انگريزي ۽ ٻين ڪن ٻولين جا ڪيترا ئي لفظ به سنڌيءَ جذب ڪري، پنهنجا بڻائي ڇڏيا آهن. جهڙيءَ طرح هر قوم، هر ملڪ کي پنهنجي تاريخ آهي، تهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي گهڻن ئي لفظن جو به پنهنجو دلچسپ داستان آهي. وڪاس جي سلسلي ۾ ڪي لفظ پنهنجي صورت ايتري قدر بدلائي ٿا ڇڏين، جو انهن جو اصل روپ سڃاڻڻ ئي مشڪل ٿيو پوي. ڪي وري پنهنجيءَ معنيٰ ۾ به چڱي تبديل آڻيو ڇڏين. اچو ته هتي چونڊ سنڌي لفطن جي بڻ- بنيادي ۽ اوسر جي ڄاڻ حاصل ڪريون.

’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ تي هڪ نظر - آفتاب ابڙو

’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ تي هڪ نظر
آفتاب ابڙو
آ ڪو ايڏو اديب يا نقاد نه آهيان، نڪو وري ٻوليءَ تي عبور هجڻ جي دعوا اٿم، نه وري هرڀور ڪنهن جون وڏون ڪڍڻ جو شوق اٿم. بس، ادب جو هڪ ادنيٰ شاگرد آهيان. پنهنجو قومي فرض ڄاڻندي، سنڌي ٻوليءَ جي صحت، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ وت آهر ويچاريندو رهندو آهيان. مان انتهائي ٿورائتو آهيان، خاص طور جناب ڊاڪٽر بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، سراج الحق ميمڻ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، جناب عبدالڪريم سنديلي ۽ پنهنجي سائين صفدر علي شاھ جو، جن منهنجي تنقيدي مضمونن ’سچل جو سنيهو‘ (پيغام فيبروري- مارچ ۱۹۸۵ع) ۽ ’درسي ڪتابن جو جائزو‘ (پيغام، آڪٽوبر- نومبر ۱۹۸۶ع) کي ساراهيو ۽ مونکي وڌيڪ لکڻ لاءِ همٿايو.

Friday, November 15, 2013

ٻوليءَ ۾ پھاڪا چوڻيون ۽ محاورا - ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

ٻوليءَ ۾ پھاڪا، چوڻيون ۽ محاورا
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي



انسان، ٻوليءَ ذريعي جڏھن پنهنجي جذبات ۽ ويچارن جون اظھار ڪري ٿو، تڏھن ھو گھربل لفظ چونڊي، پنهنجي مرضيءَ مطابق جدا جدا نمونن ۾ انهن کي ڪتب آڻي سگھي ٿو. ھن تي فقط اھا پابندي آھي ته ٻوليءَ جي وياڪرڻي (گرامر) سرشتي جي ڀڃڪڙي نه ڪري. مثال طور، جيڪڏھن ڪنهن کي ڪو ڪتاب گھرجي، ته ھو الڳ الڳ جملن ذريعي پنهنجي خواھش ظاھر ڪري سگھي ٿو.مون کي ھيءُ ڪتاب کپي، ھيءُ ڪتاب گھرجيم، ھن ڪتاب جي گھڻي ضرورت اٿم، مان ھيءُ ڪتاب خريد ڪندس، مونکي هي ڪتاب هٿ ڪرڻو آهي. وغيره.
ھنن جملن جي بيھڪ چاھي ھڪ ٻئي کان بدليل آھي، پر انهن ذريعي جيڪا خواھش ظاھر ڪئي ويئي آھي، اھا گھڻي قدر ھڪ جھڙي آھي. ٻوليءَ جي اھڙن جملن کي “آزاد استعمال” (Free Expressions) چئجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪتب آڻڻ وقت ڳالھائيندڙ کي آزادي آھي ته، ھو پنهنجي مرضيءَ مطابق لفظن جي چونڊ ڪري، انهن کي جدا جدا بيھڪ وارن جملن ۾ ڪتب آڻي سگھي ٿو.