ٻوليءَ ۾ پھاڪا، چوڻيون ۽ محاورا
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
انسان، ٻوليءَ ذريعي جڏھن پنهنجي جذبات ۽
ويچارن جون اظھار ڪري ٿو، تڏھن ھو گھربل لفظ چونڊي، پنهنجي مرضيءَ مطابق جدا جدا
نمونن ۾ انهن کي ڪتب آڻي سگھي ٿو. ھن تي فقط اھا پابندي آھي ته ٻوليءَ جي وياڪرڻي
(گرامر) سرشتي جي ڀڃڪڙي نه ڪري. مثال طور، جيڪڏھن ڪنهن کي ڪو ڪتاب گھرجي، ته ھو
الڳ الڳ جملن ذريعي پنهنجي خواھش ظاھر ڪري سگھي ٿو.مون کي ھيءُ ڪتاب کپي، ھيءُ
ڪتاب گھرجيم، ھن ڪتاب جي گھڻي ضرورت اٿم، مان ھيءُ ڪتاب خريد ڪندس، مونکي هي ڪتاب
هٿ ڪرڻو آهي. وغيره.
ھنن جملن جي بيھڪ چاھي ھڪ ٻئي کان بدليل
آھي، پر انهن ذريعي جيڪا خواھش ظاھر ڪئي ويئي آھي، اھا گھڻي قدر ھڪ جھڙي آھي.
ٻوليءَ جي اھڙن جملن کي “آزاد استعمال” (Free Expressions) چئجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪتب آڻڻ وقت ڳالھائيندڙ کي آزادي آھي
ته، ھو پنهنجي مرضيءَ مطابق لفظن جي چونڊ ڪري، انهن کي جدا جدا بيھڪ وارن جملن ۾
ڪتب آڻي سگھي ٿو.