سنڌي ٻوليءَ ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن سان منسوب پهاڪا
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
ڪنهن به سڌريل ۽ ساهيته ٻوليءَ ۾ پهاڪن کي
وڏي اهميت حاصل هوندي آهي. پهاڪا قوم جي سگهڙن ۽ سياڻن جي حياتيءَ جي تجربن جي
روشنيءَ ۾ جڙي عوام الناس جي زبان تائين پهچن ٿا. پهاڪن جي انهن چند لفظن ۾ اهڙا
ته معنيٰ جا موتي موجود هوندا آهن، جو عام انسان انهن تي عمل ڪرڻ سان ڪيترين براين
کان بچي سگهي ٿو.