چوڻين
جو استعمال...
مٺل جسڪاڻي
چوڻين، اصطلاحن، محاورن ۽ پهاڪن جو استعمال صحيح ٿيڻ
گهرجي، نه ته انهن جي اهميت گهٽجي ۽ نيٺ ته ختم ٿي ويندي. مون کي سائين عبدالله جروار
ڪجهه محاورا، اصطلاح، چوڻيون، پهاڪا ياد ڏياريا، انهن تي مون طبع آزمائي ڪئي آهي. اوهان
ڏسو، پڙهو، پنهنجي راءِ ڏيو، چوڻين جو ڪٿي غلط استعمال ته نه ٿيو آهي؟!
***
جي ٿا ڪڇون،
ڳالهايون ٿا سچ،
”ٻڪر ٻوساٽ“ ٿا ڪن،
اڻ پڙهيل ڀي،
لکيل پڙهيل ڀي،
پنهنجا ڀي،
پراوا ڀي،
جي ٿا ڪڇون،
ڳالهايون ٿا سچ،
ٻڪر ٻوساٽ ٿا ڪن!
***
