عقل وڏو يا مينهن؟
مٺل جسڪاڻي
اوهان
وانگر آئون به ننڍي هوندي کان اهو سوال ٻڌندو پيو اچان ته ”عقل وڏو
يا مينهن؟“.
اوهان
وانگر ئي، آئون به ڪڏهن سوال جي جواب ۾ مُرڪي ٽارڻ جو منظر ڏسندو اچان، ته ڪڏهن وري
عقل، يا ڪڏهن جواب ۾ مينهن ٻڌندو اچان. جيڪي جواب ۾ عقل چون، انهن تي به پڇندڙ ۽ ٻيا
ٻڌندڙ کلندي نظر ايندا رهيا آهن، ته جن جواب ۾ مينهن چيو، انهن تي به ساڳئي ٽوڪ مسخري
مون به پئي ڏٺي ۽ ٻڌي آهي.
اڄ
به ڪيترا ئي اهڙا آهن، جيڪي اهو سوال پڇڻ چاهيندا آهن، ڪيترا ئي اهو سوال پڇندا رهندا
آهن، پر شايد اڃا ڪنهن کي به خبر نه پئجي سگهي آهي، ته آخر عقل وڏو
يا مينهن؟
مون
کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ته مادي تي يقين رکندڙ ماڻهو به اهو سوال پڇندا آهن!
جڏهن ته کين بخوبي خبر آهي، ته عقل ڪنهن به شڪل ۾ ڏسي نه ٿو سگهجي! هاڻ جيڪڏهن عقل
کي ڏسي ئي نه ٿو سگهجي، ته پوءِ ان کي مينهن سان منسلڪ ڪري، ڇو ٿو پڇيو وڃي ته عقل وڏو
يا مينهن!؟
اوهان
وانگر آئون به، ننڍي هوندي کان هڪ ٻيو سوال به ٻڌندو پيو اچان، ته لوهه
جو مڻ ڳرو يا ڪپهه جو؟ ظاهر
آهي، لوهه ڳرو ٿئي ٿو، ان ڪري مڻ ۾ لوهه ٿورو ترندو ۽ ڪپهه گهڻي ترندي، پر مادي پرست
وري ان جواب تي جهڙوڪ چڙي پوندا آهن! جڏهن ته هر ڏسڻ واري هڪ يا ٻئي اکيون، ڏسي ۽ سمجهي
به سگهجي ٿو ته لوهه جو مڻ تمام ٿوري جاءِ والاري ٿو، جڏهن ته ڪپهه جو مڻ کڻڻ لاءِ
ڀري ٻڌي کڻڻي پوندي آهي.
اوهان
جي نظر ۾ ڀلي ته عقل وڏو هجي، منهنجي نظر ۾ مينهن وڏي آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ عام اڀري مينهن
۾ به ڪاسائي اٽڪل پنج مڻ گوشت تڪيندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو شادي جو ڪاڄ ڪندو آهي، ته سندس
دعوت تي اچڻ وارن جو اندازو ڪري، ڪي اڍائي مڻ جي ٽهاڻ يعني نابالع مينهن ڳوليندا آهن،
ته ڪي وري ٿلهي متاري ڏهه مڻ جهڙي ڦنڊر مينهن جي ڳولا ڪن ٿا.
هاڻ
اوهان عقل کي ڊوڙايو ۽ پاڻ ئي ٻڌايو ته عقل وڏو يا مينهن؟
عقل
کي ڊوڙائڻ جي ڳالهه تان، اوهان مان گهڻن مون جهڙن عقلمندن جي ذهن ۾ سوال اڀرندو ته
عقل ڊوڙي ڪيئن ٿو؟ انهن لاءِ عرض ته ڪو عقل کان وانجهيل ڪري، آئون به ڪنهن کان گهٽ
نه آهيان، ان ڪري وضاحت ڪندس، ته عقل جي ڊوڙ محض هڪ محاورو / اصطلاح آهي، نه ته عقل
نه گڏهه آهي نه ئي ڪو گهوڙو، جو ڊوڙندو، نه اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي.
اها
عقل جي ڊوڙ بس ائين آهي، جيئن هڪ چوڻي اوهان ٻڌي به هوندي ته پڙهي به هوندي. هو نه
چوندا آهن ته ”ٿُڪ تي نار“،
ان وانگر عقل جي ڊوڙ به محض هڪ چوڻي يا پهاڪو يا اصطلاح ئي سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته نار
چاڙهڻ جو هاڻي ڀلي ته زمانو نه هجي، پر اڳي هيٺ کان مٿانهين تي پاڻي کڻڻ لاءِ نار چاڙهبو
هو.
نار
هونئن ته مختلف معنائون رکندڙ لفظ آهي، جيئن مينهن مان کير ڪڍڻ لاءِ نار تي ڀاڙڻو پوي
ٿو، پر هي نار اهو آهي، جنهن جي حوالي سان اوهان کي هڪ لوڪ گيت ياد ڏيارڻ ضروري ٿو
سمجهان. ڇا اوهان اهو لوڪ گيت نه ٻڌو آهي، جنهن ۾ هڪ عورت ڳائيندي چوندي آهي ”ڪري پيو
کوهه ۾ ڙي، کوهه جي نار ۾ ڙي، نار جي نيسر ۾ ڙي“...
اوهه،
اوهان اهو لوڪ گيت ڪٿان ٻڌو هوندو؟! اوهان ته آهيو جديد دور جي جديد مخلوق. اوهان سانگس
ٻڌڻ وارا، سي به اهي سانگ، جيڪي ويڊيو ڪيسيٽ ۾ وڪامن ۽ اهي وڊيو ڪيسٽ تان وري، پنهنجا
ميوزڪ لاءِ مختص ٽي وي چينل هلائين، پوءِ اهي سانگ ڇو نه چنگچي جي ٽائيٽل سان هجن!؟
چنگچي
تان ياد آيو، هي به جديد دور جي جديد سواري آهي، جيڪا ٻين سوارين کان بظاهر سستي، پر
عملي طور ڪار جي ڀاڙي ۾ پوي ٿي، فرق صرف ايترو آهي ته ڪارون ٿوريون آهن ۽ ڪار تي سواري
ڪندڙ کي وڏو ماڻهو سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته وڏو ماڻهو به خبر ناهي ڪهڙي بلا جو نالو
آهي، مون ته ڪيتريون ئي سينيمائون رليون، گهڻا ميلا گهميس، انهن ۾ ملاکڙا به ڏٺم، ته
ڍڳن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ ۾ به رش ڏٺم، مون ته رڇ ڪتي جي ويڙهه تي به ماڻهن جا ميڙ ڏٺا، اسڪول
جي اسيمبلي ۾ به ماڻهو هوندا هئا، سڀني جي قد ۾ ڪو گهڻو ته فرق نه هوندو هو. بس، ڪو
ڪو ماڻهو ڊگهو، ته ڪو وري بندرو نظر ايندو هو، ايندو آهي.
عقل
وڏو يا ننڍو، ان جو دارومدار گهڻو ڪري ماڻهو جي قد بت تي نه هوندو آهي. ان ڪري آئون
به عقل کي نه، مينهن کي وڏو سمجهان ٿو، اوهان پنهنجي سمجهه سان پاڻ فيصلو ڪريو.
هونئن
به ڪم ته هر ڪنهن کي پنهنجي سمجهه ايندي آهي، منهنجي سمجهه ائين آهي، جيئن اوهان هن
لکڻي پڙهڻ سان سمجهيو، اوهان جي سمجهه اوهان تائين، ڇو ته هي لکڻي مون لکي، مون پڙهي،
مون سمجهي، اوهان نه لکي، صرف پڙهي، جيڪڏهن اوهان کي سمجهه ۾ آئي آهي ته ٺيڪ، نه ته
ڀلا آئون ڪو غيب جو علم ته نه ڄاڻندو آهيان، جو سمجهان ته اوهان جو عقل ڪٿي بيٺل آهي؟
منهنجو
عقل مون سان گڏ آهي ۽ آئون منهنجي پنهنجي گهر ۾ آهيان، جيڪو به پنهنجي گهر نه آهي،
ان سان عقل گڏ هجڻ يا نه هجڻ، اهي ٻئي صورتون ضروري نه آهن. ان ڪري اهو به ضروري نه
آهي، ته اوهان مان سڀني کي اها به خبر هجڻ گهرجي، ته آخر عقل وڏو يا مينهن؟
No comments:
Post a Comment