Monday, January 27, 2014

سنڌي سماج ۾ مروج شادي غمي ۽ ٻين رسمن متعلق اصطلاحن جو جائزو - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

سنڌي سماج ۾ مروج شادي غمي ۽ ٻين رسمن متعلق اصطلاحن جو جائزو
ڊاڪٽر بشير احمد شاد

ڪنهن به مهذب ۽ عوامي ٻولي جي پرک لاءِ ٻين نشانين سان گڏ اها پڻ هڪ وڏي نشاني آهي ته ان ۾ معاشري جي رسمن رواجن، شادين غمين ۽ اٿڻي ويهڻي متعلق اصطلاح پهاڪا ۽ چوڻيون موجود هجن. جڏهن اسان سنڌي زبان کي انهيءَ معيار کان پرکيون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا بيشمار اصطلاح، پهاڪا ۽ چڻيون موجود آهن. جيڪي خوبصورت ۽ بامعنيٰ لفظن سان سينگاريل ٿيل آهن.


هتي سنڌي سماج جي مختلف شادي غمي جي رسمن ۽ واقعن سان منسوب اصطلاحن مان ڪجهه مثال طور پيش ڪجن ٿا. جن مان سنڌي زبان جي مهذب ۽ معياري هجڻ جا چٽا چوکا ثبوت ملن ٿا.

پڪيءَ ٻير ۾ ڇاپڙ هڻڻ: (سڱ جي گُهر ڪرڻ، سڱ ڇڪائڻ.)
جن گهرن ۾ نياڻيءَ جو وياءُ جوان ٿيندو آهي ته اهڙي ٻاٻور پوڻ تي پنهنجي عزيزن، رشتيدارن توڙي ڪن صورتن ۾ ڌارين طرفان گهوٽيتي ڌُرِ جا انهن گهرن ڏانهن نياڻيءَ جو سڱ ڇڪائڻ لاءِ پيغام موڪليندا آهن. پوءِ جتي لکئي جو ليک ٿيڻو هوندو آهي اُتي ٿيندو آهي. سڱ جي گُهر جي پَڪي ٻير ۾ ڇاپڙ هڻڻ جي اصطلاح سان مطابقت ڪيتري نه موزون ۽ معياري لڳي ٿي.

وات وڪيل هئڻ: (پنهنجي راءِ جي اظهار جي قوت هجڻ.)
جڏهن ڪنواريتن ڏانهن مختلف طرفن کان شاديءَ جا پيغام اچڻ لڳندا آهن ته پوءِ والدين پنهنجي نياڻيءَ جي راءِ معلوم ڪرڻ چاهيندا آهن. ڇالاءِ ته عاقل بالغ نياڻيءَ کي اهڙو حق مذهب توڙي سماج طرفان ڏنو ويو آهي ته هوءَ پنهنجي رشتي جي معاملي ۾ پاڻ فيصلو ڪري. پوءِ سڌي يا اڻ سڌي طرح ڇوڪريءَ جي راءِ معلوم ڪري وٺبي آهي. اهڙي راءِ يا فيصلي واري عمل کي وُات وڪيل هجڻ سان تشبيه ڏني ويئي آهي.

نڪُ ٽوپڻ: (مڱڻي جي رسم ادا ڪرڻ.)
جڏهن گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن ۾ ڳالهيون پَڪيون ٿي وينديون آهن ته پوءِ مڱڻي جي تاريخ طئي ٿيندي آهي ۽ ان موقعي تي ڪنوار کي مُنڊي پارائڻ ۽ ٻين رسمن کان علاوه عام طور سندس نڪُ ٽوپيو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ رشتو پڪو تصور ڪيو ويندو آهي.

جنڊو پاڙو لکي ڏيڻ: (گهوٽ جو ساهرن سان گڏ رهڻ جو شرط قبول ڪرڻ.)
شاديءَ جي شرطن ۾ ڪي ڪنواريتا اهو شرط وجهندا آهن ته گهوٽ کي گهر ڄياٽو ٿي رهڻو پوندو. يعني هو ساهرن سان گڏ رهندو. گهوٽيتا جڏهن اهو شرط قبول ڪندا آهن ته ان قبوليت يا اقرار کي ’جنڊو پاڙو لکي ڏيڻ‘ چيو ويندو آهي. عام طور ڏٺو ويو آهي ته اهڙي قبوليت لکي ڏيڻ لاءِ اهڙا مرد تيار ٿيندا جن جي واهر ڪرڻ وارا پوئتي ڪو نه هوندا آهن يا سندن پنهنجن مائٽن مٽن سان ڪا اڻبڻت هوندي آهي.

پيٽُ لِکي ڏيڻ: (نياڻيءَ جو سڱ اڳواٽ لکي ڏيڻ يا اهڙو اقرار ڪرڻ.)
ڪڏهن شاديءَ جي شرطن ۾ ڪنواريتا اهو شرط به وجهندا آهن ته شاديءَ کانپوءِ جيڪڏهن پهرين نياڻي ڄمي ٿي ته ان نياڻيءَ جو سڱ هو پنهنجي ڪنهن ڇوڪري لاءِ وٺندا. جنهن لاءِ گهوٽيتن کي هر حالت ۾ ٻَڌل رهڻو پوندو. گهوٽيتا جيڪڏهن اهو شرط منظور ڪن ٿا ته سندن اهڙي اقرار کي پيٽ لکي ڏيڻ چئبو آهي. ڪڏهن بي اعتمادي جي حالت ۾ اهڙو اقرار باضابطه لکي ڏنو ويندو آهي.

شينهن ڪُلهي چاڙهڻ: (نياڻي اٿارڻ. نياڻيءَ جي شادي ڪرائڻ.)
جڏهن گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن جي وچ ۾ رشتي جي سلسلي ۾ ڳالهيون پڪيون ٿي وينديون آهن ته پوءِ ڇوڪري پرڻائي ڏني ويندي آهي. والدين پنهنجو اهو اهم فرض ادا ڪرڻ بعد شڪرانا بجا آڻيندا آهن ۽ سک جو ساه کڻندا آهن. نياڻيءَ جي انهيءَ پرڻائڻ واري عمل کي شيهن مان مراد مرد آهي. جيئن ته عورت کي مرد کانسواءِ ڪمزور ۽ غيرمحفوظ تصور ڪيو ويندو آهي. جهڙيءَ ريت شينهن جي قبضي هيٺ آيل شيءِ کي محفوظ سمجهيو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت مرد سان منسلڪ ٿيڻ بعد عورت محفوظ ٿي ويندي آهي.

پلو پلي ٻڌڻ: )ازدواجي رشتن ۾ ٻڌڻ لاءِ هڪ رسم ادا ڪرڻ.(
هيءَ هڪڙي رسم آهي، جنهن ۾ گهوٽ جي چادر جو پلوء ڪنوار جي چُني يا رئي سان ڳنڍ ڏئي ٻڌندا آهن. جنهن جو مطلب اهو هوندو آهي ته گهوٽ ڪنوار جو رشتو مضبوط رهي ۽ منجهن محبت وڌي.

پيرين ڀاري ٿيڻ: (عورت جي گود  سائي ٿيڻ . عورت کي حمل ٿيڻ.)
شاديءَ کانپوءِ عورت ۽ مرد جي فطري ميلاپ جي نتيجي ۾ الله تعاليٰ جي مرضيءَ مطابق عورت جڏهن حامله ٿيندي آهي ته اهڙي عمل لاءِ گود سائي ٿيڻ يا عورت جو پيرين ڀاري ٿيڻ جهڙا مبهم اصطلاح استعمال ڪيا ويندا آهن.

هٿ پير لهڻ: (ويم ڪرڻ / ٻار پيدا ٿيڻ.)
حمل ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن مٿي نون مهينن کانپوءِ جڏهن عورت جي پيٽان ٻار پيدا ٿيندو آهي، ته عورت جي اهڙي ڪيفيت مان گذرڻ کي پير لهڻ يا هٿ پير لهڻ جي اصطلاح سان سڏيو ويندو آهي.

ڌانيئن ڌوئين اٿڻ: (ويم جي تڪليف ڪاٽي اٿڻ، پاڪ صاف ٿيڻ.)
پيرين سيرين ٿيڻ: (ويم کانپوءِ ڪم ڪار ڪرڻ جي لائق ٿيڻ.)
جيئن ته عورت لاءِ ويم واري ڪيفيت انتهائي تڪليف ده بلڪ موت حيات جي ڪشمڪش واري هوندي آهي، جنهن مان خيرخوبي سان گذرڻ بعد اهڙي عورت لاءِ مٿيان اصطلاح استعمال ڪيا ويندا آهن.

پينگهو لُڏڻ: (خاص طرح پٽ جو اولاد ٿيڻ.)
خاص طور تي جڏهن گهر ۾ پٽ ڄمندو آهي ته مائٽن ۾ شادمانا ٿي ويندا آهن ۽ اهڙي جوڙي کي وڏو ڀاڳوند سمجهيو ويندو آهي جنهن کي پهريٽي پٽ ڄمندو آهي. خاص طرح اهڙي عورت جو ڳاٽ فخر کان اوچو ٿي ويندو آهي. بدقسمتيءَ سان عام طور اسان جي سماج ۾ پٽ کي نياڻيءَ تي هميشه کان فوقيت حاصل رهي آهي. ڪنهن کي دعا ڏني ويندي آهي ته به ڏڌ پٽ ۾ اضافي لاءِ چيو ويندو آهي. جمن چارڻ واري دعا ساري سنڌ ۾ مشهور آهي. جنهن ۾ هن الله سائين کان گهريو هو ته ”سوني ٻانهينءَ سان نُنهن، پٽ جهوليءَ ۾، ماڙيءَ تي کير ولوڙيندي ڏسان.“
بي اولاد فقير جمن چارڻ جي دعا ڪيڏي نه جامع آهي. چيو وڃي ٿو ته فقير جنهن وقت اها دعا گهري هئي ته ان وقت سندس حياتيءَ جو سج ٽپهري به ٽپي چڪو هو ۽ هو پنهنجون اکيون به وڃائي ويٺو هو. ان عمر ۾ فقير خدا کان سوني ٻانهينءَ سان نُنهن گهري جنهن جو مطلب ٿيو ته کيس پٽ جو اولاد ٿئي جيڪو جوان ٿي شادي ڪري وني گهر وٺي اچي، جنهن کي سوني ٻانهين پيل هجي، معنيٰ رز زيور جي جهجهائي هجي. هاڻي فقير جي دعا جو ٻيو حصو ته سندس نُنهن کي پٽ جهوليءَ ۾ هجي، يعنيٰ فقير پٽن پوٽن وارو ٿي وڃي ۽ دعا جو ٽيون حصو ماڙيءَ تي پنهنجي ننهن کي کير ولوڙيندي ڏسي. ماڙي مان مراد خوشحالي ۽ کير ولوڙڻ جو مطلب ٿيو ته هو مالوندو پڻ بڻجي وڃي. اها سموري خوشحاليءَ ۽ بخت ڀاڳ توڙي نُنهن پوٽو هو اکين سان ڏسڻ لاءِ ڌڻيءَ در دعاگو آهي جنهن جو مطلب ٿيو ته فقير جي نور جي روشني به واپس وري اچي.

مور کان وياج مٺو لڳڻ: (پٽ يا نياڻيءَ کان پوٽو/ پوٽي يا ڏهٽو/ ڏهٽي مٺا لڳڻ.)
جڏهن جوان اولاد کي پرڻايو ويندو آهي ۽ وري انهن کي اولاد ٿيندو آهي ته ڏاڏو ڏاڏي يا نانو ناني پنهنجي اولاد کان اولاد جي اولاد يعنيٰ پوٽن پوٽين ۽ ڏهٽن ڏهٽين کي وڌيڪ ڀائيندا آهن ۽ انهن سان تمام گهڻو پيار ڪندا آهن. پيار جي انهي ورڇي وڃڻ لاءِ سياڻن ۽ سپورنجن مور کان وياج مٺو لڳڻ وارو اصطلاح جوڙيو آهي. جيڪو ڪيترو نه مناسب ۽ وقتائتو لڳي رهيو آهي.

سهاڳ لهڻ: (رن زال ٿيڻ/ مڙس مري وڃڻ.)
موت هڪ اهڙي اٽل حقيقت آهي جنهن کان ڪو به جاندار هرگز بچي نٿو سگهي. انسان ڀل جوانيءَ کان پيريءَ رسي ۽ سندس عمر سو سالن کان به چڙهي ڇو نه وڃي پر آخر کيس اڳتي هلڻو پوي ٿو. عمر جي ڪنهن به حد ۾ اها جواني هجي توڙي پيرسني، جڏهن ڪنهن عورت جو مڙس مري ويندو آهي ته اها رن زال ليکي ويندي آهي. جنهن لاءِ سهاڳ (وَر يا مڙس) لهڻ جو اصطلاح جوڙيو ويو آهي. اسان جي سنڌي سماج ۾ اهڙي عورت پاڻ کي سخت اڀاڳي تصور ڪندي آهي. هن جي هميشه اها خواهش هوندي آهي ته شال پنهنجي مڙس جي هٿن ۾ سرهي ٿئي. يعني سندس لوڙه هٿن سان مڙس لٽي.

کيرين پُٽين جُڙيو رهڻ: (مال ۽ اولاد جي خير لاءِ دعا ڪرڻ.)
مٿين دعائيه اصطلاح ۾ کير مان مراد مال آهي يعني کير ڏيندڙ جانور منيهون، ڳئون وغيره. اصطلاح ۾ چوپائي مال جي جهجهائي سان گڏوگڏ اولاد جي جڙيي جيئري رهڻ جي پڻ دعا ڪيل آهي. معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان هيءُ اصطلاح ڪيترو نه جامع لڳي ٿو.

ڇني ڦاڙي ويهڻ/ نبيري نڇيڙي ويهڻ: (مٽي مائٽي ٽوڙي ڇڏڻ، تعلقات ختم ڪري ڇڏڻ.)
انساني سماج ۾ سوين اهڙا مسئلا پيدا ٿيندا رهن ٿا جيڪي اختلاف جو باعث بڻجي پون ٿا ۽ ڪن صورتن ۾ ته رتُ جا رشتا به انهن اختلافن جو شڪار ٿي ٽُٽي ويندا آهن. قرب قرابت، ميٺ محبت ۽ مٽي مائٽي وغيره ويڇي، وير ۽ نفرت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. مائٽ هڪ ٻئي سان مرڻي پرڻي کان به الڳ ٿي ويندا آهن. ايتري قدر تعلقات ڦٽي وڃڻ لاءِ ڇني ڦاڙي ويهڻ جو اصطلاح نهايت موزون ۽ مناسب جوڙيو ويو آهي.

ٿالهي ڀاڄي مان ڪڍي ڇڏڻ: (برادريءَ مان ڪڍي ڇڏڻ.)
حقو پاڻي بند ڪرڻ: (قطع تعلق ڪري ڇڏڻ.)
جڏهن ڪنهن خاندان ۾ ڪو اهڙو فرد يا افراد پيدا ٿيندا آهن. جيڪي پنهنجي غلط ڪارين ۽ بد اعمالين سبب خاندان لاءِ ڪارنهن جو ٽِڪو ثابت ٿيندا آهن ته راڄ جا ماڻهو گڏجي مشترڪه فيصلي تحت اهڙن فردن يا فرد سان تعلقات ٽوڙي ڇڏيندا آهن، جنهن تحت شادي غمي ۾ ساڻن ڪو به ڪو نه اُٿندو ويهندو آهي ۽ نه کين پنهنجي تقريبن ۾ ڪانڍيو ويندو آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي راڄ ڀاڳ هوندي بلڪل اڪيلا ۽ نڌڻڪا رهجي ويندا آهن.

تڏي تي لڙي وڃڻ: (اختلاف وساري دشمن جي در چڙهي وڃڻ، دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ.)
ٻن ڌرين ۾ پيدا ٿيل اختلافن ۽ دشمنيءَ جي باوجود ڪن صورتن ۾ هڪ ڌر کي ٻيءَ ڌر ڏانهن سمورا اختلاف وساري دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ لاءِ وڃڻو پوندو آهي. انهيءَ فراخدليءَ جي نتيجي ۾ اڪثر دشمنيون دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وينديون آهن ۽ ڌُريون کيرکنڊ ٿي وينديون آهن. اهڙي مثبت عمل لاءِ تڏي تي لڙي وڃڻ وارو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ڪيڏو نه جامع نظر اچي ٿو.

ننهن کان ماس جو جدا نه ٿيڻ: (رت جا رشتا هميشه لاءِ نه ٽٽڻ.)

خاندان جي افراد ۾ وقتي طور ويڇا پئجي وڃڻ نئين يا غير فطري ڳالهه نه آهي. ڇالاءِ ته عام چوڻي آهي ته هڪ گهر ۾ ٻه ٺڪر به ٺهڪندا آهن. پر وقت گذرڻ سان خاندان ۾ پيل اُهي وِريون ۽ ويڇا ختم به ٿي ويندا آهن. عام طور جڏهن ان خاندان جي ڪنهن اهڙي فرد يا افراد تي اولو وقت ايندو آهي جن/ جنهن سان اڳ اختلاف هوندا آهن ته ان وقت اهي رت جا رشتا وري ڳنڍجي ويندا آهن ۽ اهي اختلاف دور ٿي ويندا آهن. اهڙي فطري تعلق ۽ ڳانڍاپي لاءِ ننهن جو ماس کان جدا نه ٿيڻ وارو نهايت با معنى ۽ وقتائتو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي.


No comments:

Post a Comment