عورت مخالف جوڙيل
پهاڪا
زبير سومرو
آد جڳاد کان سماج، مثبت توڙي صنفي لاڙن، ٻنهي کي گڏگڏ کڻي هلندو آيو آهي.
اها نه رڳو تاريخ جي چٽي حقيقت ئي آهي بلڪ فطرت جو قانون پڻ آهي ته سچ جو تصور بلڪ
اهميت ڪوڙ جي وجود کان سواءِ بي معنيٰ آهي. نيڪي جو ٻيو نالو ”عدم برائي“ آهي، يعني
برائيءَ جي وجود کان سواءِ نيڪي جو وجود اڻپورو آهي. پر هتي انهيءَ مان اهو اخذ نه
ڪرڻ گهرجي ته ڪوڙ، برائي يا ڪنهن به منفي لاڙن جي وجود جي اهميت جي ڪري، انهن کي همٿائجي
يا حمايت ڪجي، ڇوته تاريخ جي ٻين حقيقتن سان گڏ اها به همه گير حقيقت آهي ته هر دور
جي سماج ڪوڙ ۽ برائيءَ کي ننديو آهي ۽ حق سچ جي پرچار ڪئي آهي.





