Sunday, April 22, 2018

يا ڪپو ڪڇ ۾، يا ڍينگو ئي ڍيري - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


يا ڪپو ڪڇ ۾، يا ڍينگو ئي ڍيري.
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
کوھ جي مٿان لوٽين جي مالھا ڍينگي ۾ ڦرندي رھندي آھي، جنھن سان ھڪڙيون لوٽيون ڀرجي مٿي وينديون آھن، ٻيون مٿان خالي ٿي ٻئي پاسي کان ھيٺ پيون لھنديون آھن. اھي جن رسن سان ٻڌل ھونديون آھن، سي طاقت وارا ھوندا آھن. جڏھن ڪمزور ھوندا آھن ته ٽٽڻ سان مالھا وڃي کوھ جي اندر ڍير ٿيندي آھي، جنھن کي محاورتًا ڍينگو ئي ڍيري ٿيڻ سڏبو. اگر رسا طاقت وارا آھن ته پوءِ لوٽيون ڀرجي اينديون ۽ پاڻي نار جي نيسر مان ٿيندو ڪسيءَ ۾ پھچندو جتان ڪپو يا ڪپوريو يا دلو ڀري ڪڇ تي رکي کڻڻو/ ھلڻو پوندو.
مطلب؛
۱. يا ڪم ڪرڻ سان فائدو حاصل ٿيندو، يا ڪم ڪرڻ سان نقصان پوندو.
۲. يا ته سيٺ سيرو مل ھجبو، يا ته جتي ھٿ ۾ ھوندي.
۳. يا رھبو ڏنگ ڏڙي ۾، يا گھمبو وڃي (رڻ) ڪڇ ۾.

ڊاڪٽر بلوچ جو لوڪ ادب وارو ڪم ڪير سنڀاليندو؟ - عاجز رحمت الله لاشاري


ڊاڪٽر بلوچ جو لوڪ ادب وارو ڪم ڪير سنڀاليندو..؟
عاجز رحمت الله لاشاري
ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ھر ادب شناس پنھنجي ٻوليءَ جي عوامي يا قومي ادب لاءِ جاکوڙيو آھي ۽ لوڪ ادب جي سھيڙ ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح سان نالو ڳڻايو آھي پر انھن سڀني ۾ وڌيڪ”لوڪ ادب“ جي کوج ڪرڻ ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ڪچھريون ڪوٺائي، لوڪ ادب جا جدا جدا روپ سھيڙڻ سان گڏ ان جو تنقيدي اڀياس ڪرڻ جي حوالي سان جن عالمن باقائدي شروعات ڪئي تن ۾ مُحسنِ سنڌ علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندرو ٻڌي لوڪ ادب جي مواد کي محفوظ ڪرڻ طرف گهڻو ڌيان ڏنو ۽ سالن جا سال سنڌ جا ڏورانهان سفر ڪري، سڄاڻ ماڻھن،بزرگن ۽ سگهڙن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪري، راتين جون راتيون ڳوٺن ۾ جاڳي اتان جون روايتون قلمبند ڪيون ۽ لوڪ ادب جو قيمتي سرمايو سهيڙيو.

Saturday, February 24, 2018

ملھ وڙھ، ڌڪ آيو ته مون تي آ

ملھ وڙھ، ڌڪ آيو ته مون تي آ
منظور ڪوھيار
ملھ پهلوان، لاڙڪاڻي اسٽيڊيم ۾ لٿل هيا. پِڙَ تي هڪ ٻئي کي وارا کڻي کڻي پئي هنيائون. ماڻهن، هنڀوڇيون پئي هنيون. ڏسندڙن ۾ ملان، مستانو ۽ مڪاني به اڳيان اڳيان ويٺا هيا. ملان پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ وارن ملهن جي ملھ ڏسي سمجھي ويو، ته ملھ مفاهمتي نظريي تحت وڙهي ٿي وڃي. ڌڪ لڳي ۽ همراه نه آٺرجي، اها ڪهڙي ملھ چئبي!؟ سو پهرئين جوڙ جي ٻن ملهن کي سڏي چيائين؛ ”ڪوڙي ملھ، ميدان جي بي عزتي آهي. توهان جي ملھ کان ته مدرسن ۾ ڀلي وڙهجي ٿي. ٻيو ته ڇڏيو، توهان کان ته ڀلي، اديب يا فيسبوڪي دانشور وڙهن ٿا.“

Saturday, February 10, 2018

سنڌي لوڪ ادب جي واهر ڪير ڪندو؟ - عاجز رحمت الله لاشاري

سنڌي لوڪ ادب جي واهر ڪير ڪندو؟
عاجز رحمت الله لاشاري
سنڌ جي شهرن ۾، ڪافي پڙهيل طبقو آهي، ماڻهن جي وندر ورونهن ۽ تفريح طبع لاءِ ڪئين وسيلا موجود آهن. جڏهن ته ٻهراڙين ۾ ڪافي عوام اڻپڙهيل آهي، پر کين پنهنجيءَ وندر لاءِ، ٻين وسيلن کانسواءِ، لوڪ ادب جا بيمثل ۽ بيشمار خزانا موجود آهن. ماڻهو ڏسو ته بلڪل سادا، لڱن تي پورو لٽو نه لڀين، پر جڏهين ٿا سَٿ ۾ ويهي ملوڪ پنهنجو منهن کولين تڏهن لفظن جون لڙهيون اهڙيءَ طرح ٿا اوتين، ڄڻ سڳين ۾ موتي ٿا پوئين. درحقيقت لوڪ ادب، ملڪ جي ٻوليءَ ۽ ادب جو بنياد آهي. ٻهراڙيءَ جي سگهڙن وٽ بي بها خزانو موجود آهي، جنهن کي هو سيني ۾ سانڍيندا آيا آهن. ڪيترا ملوڪ پنهنجي حياتيءَ جو دور پورو ڪري هليا ويا ۽ اهو خزانو به ساڻ کنيو ويا، ڇو ته وٺڻ وارو ڪو هو ئي ڪو نه. پر هاڻي وقت جي تقاضا آهي ته اهو کانئن وٺي، ضايع ٿيڻ کان بچائي، پوين لاءِ توشو ڪيو وڃي. خزاني کي هٿ ڪرڻ لاءِ پارکو، اورچ، هڏ-ڏوکي، سياڻا ۽ سالڪ هجن، جي شيءِ کي سڃاڻي ان جو قدر به ڪن.

Monday, February 5, 2018

اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جي روايت

اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جي روايت
حسنين جمال
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
سگ-شناسي يا ڪتن جي ڄاڻ بابت اردوءَ جون چند چوڻيون ۽ پھاڪا خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا.
المثل فی الکلام کالملح فی الطعام۔
گفتگوءَ منجھ، پھاڪي/ چوڻي جي اھميت اوتري ئي ڄاڻجي، جيتري کاڌي منجھ لوڻ جي آھي.
ھن وچور اندر جتي ضرورت محسوس ڪئي اٿم، اتي وضاحت پڻ ڏني اٿم. روان تبصرو ته ڪيل آھي ئي آھي، تنھن ھوندي به اگر ڪا ڪمي ڪوتاھي نظر اچي ته نظر انداز ڪري ڇڏيندا.

جيترا وات، اوتريون ڳالهيون - مير اعظم علي ٽالپر

جيترا وات، اوتريون ڳالهيون
مير اعظم علي ٽالپر
سنڌي زبان وسيع تر آهي، جنهن ۾ کوڙ سارا مثال موجود آهن. اهي مثال هر ڪو سنڌي ۽ سنڌ واسي ڄاڻي ٿو ۽ انهن جو پڙاڏو سنڌ کانسواءِ جتي سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي اتي اهي مثال استعمال ٿيڻ جي صورت ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ کانسواءِ، هند ۾ پڻ سنڌي پهاڪا مشهور آهن. هڪ مثال مشھور آهي؛
”ڪنهن جو کلڻ به خواري، ڪنهن جو روئڻ به راحت.“

Sunday, October 1, 2017

گهوڙو گاهه سان ياري رکندو ته بُک مرندو- مٺل جسڪاڻي

گهوڙو گاهه سان ياري رکندو ته بُک مرندو
انتهائي غلط چوڻي
مٺل جسڪاڻي
مون به اوهان وانگر هڪ چوڻي ٻُڌي. اوهان وانگر درست تسليم ڪري، وري وري پئي ورجائي آهي. پر اڄ صبح کان آئون سوچي سوچي، ويچاري ويچاري، ٿڪي پيو آهيان. ڦري سري ساڳئي نتيجي تي پيو پهچان!؟... آئون سمجهان پيو ته؛ ”گهوڙو گاهه سان ياري رکندو ته بُک مرندو.“ انتهائي غلط چوڻي آهي. ڇاڪاڻ ته... گهوڙي ۽ گاهه جي ياري کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾، جيتوڻيڪ گهوڙي ۽ مون ۾ تمام گهڻو فرق آهي، پر پوءِ به مون پهرين مون متعلق سوچيو. ڳالهه سمجهڻ ۾ سولائي نه ٿي، ته ننڍي هوندي وارا شوق ياد ڪري ڪڪڙ پالڻ، ٻڪري يا رڍ ڌارڻ کان ويندي، جڏهن آئون ننڍو هئس، ته اسان وٽ هڪ مينهن هوندي هئي، هاڻ ماشاءَالله ڪڏهن ڪڏهن ته درجن کان به وڌيڪ مينهون پنهنجون، هڪ ڍڳي ۽ ڪجهه ٻڪريون به پنهنجون، انهن جي پيٽ قوت ۾ سولائي لاءِ ڪڏهن نر ته ڪڏهن مادي، پر هڪ گڏهه بہ پنهنجو، پنهنجي رهندي پئي اچي.