Monday, February 5, 2018

اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جي روايت

اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جي روايت
حسنين جمال
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
سگ-شناسي يا ڪتن جي ڄاڻ بابت اردوءَ جون چند چوڻيون ۽ پھاڪا خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا.
المثل فی الکلام کالملح فی الطعام۔
گفتگوءَ منجھ، پھاڪي/ چوڻي جي اھميت اوتري ئي ڄاڻجي، جيتري کاڌي منجھ لوڻ جي آھي.
ھن وچور اندر جتي ضرورت محسوس ڪئي اٿم، اتي وضاحت پڻ ڏني اٿم. روان تبصرو ته ڪيل آھي ئي آھي، تنھن ھوندي به اگر ڪا ڪمي ڪوتاھي نظر اچي ته نظر انداز ڪري ڇڏيندا.


کتا چوک چڑھایئے، چکی چاٹن جائے۔
ڪم ظرف کي، عزت راس نه ايندي آھي. ۱- ھجائتي ڪتي ھجري ۾ ھنگي. اڃا قرب ڏينس ته ھنج ۾ ھنگي. ۲- ڪتو ڪاوڙجي ته پير ڦٽي، ريجھي ته ٻوٿ چٽي. ۳- ڪتو ڇاڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان؟ ۴- ڪتو ڇا ڄاڻي، قرب منجھان.
کتیا بھونکنے سکھائی، تو کاٹنے کو آئی۔
ڪتيءَ کي ڀؤنڪڻ سيکاريو، مورڳو ڏھڙڻ تي آئي. ۱- ڪم ظرف کي ٿورو علم حاصل ٿئي ته پنھنجي استاد کان به واڌو علامه سڏائي.
کتے تیرا نہیں تیرے سایئں کا منہ ہے۔
ڪتا تو نه منھن، تنھن جي ڌڻين منھن. ۲- رب، سائينءَ جو سر سلامت رکي. جيڪو آھي ته مشڪل.
کتا، کتے کا بیری ہوتا ہے۔
ڪتو، ڪتي جو ويري. ۲- فقير، فقير جو ويري. ۳- ھم-پيشه با ھم پيشه شود دشمن. (فارسي) ۴- ساڳئي ڌنڌي وارا، ھڪٻئي جا ويري ھوندا آھن. (ترجمو) ۵- پٺاڻ، پٺاڻ جو ويري.
کتے کی زندگی جینا۔
ڪتي واري زندگي گذارڻ. (اصطلاح) ۲- تمام غليظ ۽ ڪريل زندگي گذارڻ. ۳- آواگون جا قائل، ڪتي جي جوڻ ۾ اچڻ کان پناھ پيا گھرندا آھن.
کنویں میں سے کتا نکالو۔
ھڪڙا اڻ-پڙھيا مريد، پنھنجي ڪامل مرشد وٽ مسئلو کڻي پھتا. عرض ڪيائون؛ ”اسان جي ڳوٺ جي کوھ ۾ ڪتو ڪريو آھي. ڪيترا ڏول پاڻيءَ جا ڀري ڪڍون جو اھو کوھ پاڪ ٿئي. اسان سؤ ڪڍيا آھن، پر پاڙي وارا ٿا چون اڃا ٻيو سؤ به ڪڍو، تڏھن کوھ پاڪ ٿيندو.“ مرشد پڇين؛ ”کوھ منجھان ڪتو ڪڍيو اٿو.“ چيائونس؛ ”نه! اھو ته اتي مري ويو آھي. لاشو ڪو نه ڪڍيو اٿائون.“ مرشد نصيحت ڪندي چين؛ ”بابا! پھرين کوھ منجھان مئل ڪتو نڪرندو. ان کان پوءِ کوھ خالي ڪبو. ھاڻي کوھ جو پاڻي نارن ذريعي پاڪ ٿيندو.“ ۲- اصل غلاظت دور ٿيڻ کان سواءِ، پاڪائي حاصل نه ٿيندي. ۳- رڳو ٻوڪا ڪڍڻ سان کوھ پاڪ نه ٿيندو، چاھي کوھ جو سڄو پاڻي ڪڍي ڇڏجي.
اپنا پیٹ تو کتا بھی پال لیتا ہے۔
پيٽ ته ڪتا به پيا پالين. ۲- پنھنجي پيٽ جي ھڻ وٺ ته ڪتي ٻلي کي به آھي. اصل زندگي اھا ناھي. اصل زندگي، ٻين جي خدمت منجھ آھي. ۳- زندگي، بي بندگي، رنجگي.
اونٹ کی پکڑ اور کتے کی جھپٹ۔
اٺ جي پڪڙ ۽ ڪتي جي جھپڙ کان، رب پناھ ۾ رکي. ۲- اٺ جو چڪ، ٻين جانورن جي چڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ زھريلو ۽ خطرناڪ ھوندو آھي. ۳- ڪتو به لڪي لڪي جڏھن چڪ ھڻندو آھي ته ڪانئچ جو ڏر ئي ڦاڙي وجھندو آھي. ۴- اٺڙيءَ جي پڪڙ ۽ جنڙيءَ جي مڪر کان، رب پناھ ۾ رکي.
ایک بوٹی، سو کتے۔
ھڪ ھڏو، سؤ ڪتا. ۲- ايک انار، سؤ بيمار. (ھندي)
باسی بچے، نہ کتا کھائے۔
نه ٽڪر بچي، نه ڪتو ڀؤنڪي. ۲- نه بانس ھوندو، نه بانسري وڄندي.
جو بندھ گیا، وہ موتی۔
پوئجي ويو، سو موتي. رھجي ويو سو ڪوڏ. ۲- اگر ڪوڏ به غلطيءَ سان موتين جي ھار ۾ پوئجي ويو ته مٿس چڱن جي صحبت جو اثر ٿيندو ۽ انھن جھڙو مان ملندس. ۳- چڱن سان چاھ پئي جي من ميڙ ڪيائين، رڱجي ته لال ٿيندو، نه ڪڪوربو ته سھين. ۴- قسمت ڀلي ھجي ته ڪتو به عزت ماڻيندو آھي. جيئن اصحاب ڪھف وارو ڪتو آھي.
چوٹٹی کتیا، جلیبیوں کی رکھوالی۔
چسيري ڪتي، جليبين جي رکوال. ۲- جو ڍيري، گڏھ رکپال. ۳- چور کي چوڪيدار رکڻ. ۴- بگھڙ کان پڇيائون؛ ”ٻڪرين جو ڌڻ پھرائي ايندين؟“ ٻئي ھٿ اکين تي رکيائين. ۵- آنڊن جا واھي؛ گدڙ. ۶- ڪراڙي کان پڇيائون؛ ”ڪني چٽيندين؟“ چي؛ ”ابا ويٺي ڪو وڌندم؟“ ۷. اٽي جو رکوال، ڪئو.
خارشی کتیا، مخمل کی جھول۔
خارسي ڪتي، بخمل جي جھل.
کتا دیکھے گا نہ بھونکے گا۔
ڪتو نه ڏسي، نه ڀؤنڪي. ۲- لالچيءَ کي نه مال جي خبر ھوندي، نه ئي چورائڻ لاءِ سازش سٽيندو.
سب کتے کاشی گئے تو ہنڈیا کس نے چاٹی۔
سمورا ڪتا ڪاشيءَ ويا، پوءِ ڪنو ڪنھن چٽيو.
سرائے کا کتا، ہر مسافر کا یار۔
سراءِ جو ڪتو، گدڙ جو يار. ۲- سراءِ جو ڪتو، جاتي آيو تاتي ستو. ۳- سراءِ جو ڪتو، آئي وئي جو يار.
سوتے کا منہ کتا چاٹے۔
ستلن جا ٻوٿ، ڪتا چٽين. ۲- ستي ٻار جو چھرو چمئي؛ نه ماءُ خوش، نه پيءُ خوش. ۳- ڪنھن جي تعريف ڪرڻي ھجي ته ٿورو نشانبر ٿي ڪجي ته جيئن اڳلي کي ٿوري گھڻي راحت اچي. ۴- جنگل ۾ مور نچيو؛ ڪنھن نه ڏٺو. (محنت ئي اجائي) ۵- ڪنھن جي تعريف دل ۾ ڪيو ۽ زبان سان اکر نه چئوس، ائين آھي جيئن ستي جو منھن ڪتي چميو.
شکار کے وقت کتیا ہگاسی۔
شڪار نڪتو، ڪتيءَ کي ھنگڻ آيو. ۲- گھور ويل، نڀاڳي مڱڻھار کي اچي ٽورو. ۳- گدڙ جي گونھن ۾ ڪم پوي، انگاس تي ھنگي اچي. ۴- وقت تي لنوائي وڃڻ واري کي ائين طعنو تنڪو ڪبو آھي.
کتا بھی بیٹھتا ہے تو دم ہلا کر بیٹھتا ہے۔
ڪتو به پڇ لٽڪائي ويھندو آھي. ۲- صبح سان ڪتو ٻلو به منھن چٽي نڪرندو آھي. ۳- صفائي، نصف ايمان آھي. ۴- جتي ويھجي سا جاءِ صاف ڪري پوءِ ويھجي. ۵- مال صفا، ھزارين نفعا.
گھر آئے کتے کو بھی نہیں نکالتے۔
گھر آئي کي آڌر ڏجي. ۲- گھر آئي ڪتي کي به ڪير نه ٿو لوڌي. ۳- مھمان جو وڏو قدر آھي.
آئے گا کتا تو پائے گا ٹکا۔
ڪتو ايندو ته ٽڪو مان ٿيندس.
اپنا کتا باندھو ہم بھیک سے باز آئے۔
پنھنجو ڪتو ٻڌ، اسان پنڻ پچر ڇڏي. ۲- جاڙا خان ڪتي کي جھل، اسان به اچي ويا آھيون.
کتے کی سی ہڑک اٹھنا۔
ڇتي ڪتي واري ھوڏ ٿيڻ. ۲- ھئي ھڏي تي ھوڏ، ڪالھانڪر ڪتن جي. ۳- اوچتو چريائپ وارو اوٿارو ٿيڻ. ۴- اگر خالي چئون؛ کتے کی ہڑک ته ان مان مراد ’ڇتي ڪتي جي گگ‘ ورتو ويندو. جنھن سان ماڻھو واقعي مري سگھي ٿو. بچڻ لاءِ چوڏھن سيون، دن ۾ ھڻائڻيون پوندس.
اپنی گلی میں، کتا بھی شیر ہوتا ہے۔
پنھنجي گھٽيءَ ۾ ڪتو، به شينھن. ۲- ڏر تي، گدڙ به شينھن.
اندھا پیسے کتا کھائے۔
انڌي پيھين جنڊ، ڪتيون چٽين. ۲- انڌن آندو، ٻلن چٽيو. ۳- انڌي کائي ھڪ، چٻڪارا اچن ٻه.
اونٹ چڑھے کو کتا کاٹے۔
اٺ چڙھيي به ڪنھن کي ڪتي کاڌو. ۲- اٺ چڙھيي، نڀاڳي کي ڪو نانگ کائي.
کتے کی موت مارنا۔
ڪتي جو موت مرڻ. (اصطلاح)
کتے گھسیٹنا۔
ڪتا گھلڻ. (اصطلاح) حقير ۽ ڪريل ڪم ڪرڻ. ۲- ايترو ڪريل آھي جو سڄو ڏينھن ڪتا گھليندو وتي. آڳاٽي دور ۾ عورتن جي بازار لڳائڻ واري لاءِ به اھو محاورو استعمال ھيٺ ايندو ھيو.
کتے مار۔
ڪتا ڪھڻ. (اصطلاح) بيھوده طبيعت انسان لاءِ استعمال ڪبو آھي. ۲- فلاڻو، فلاڻن تي سڄو ڏينھن ڪتا ڪھندو ٿو وتي.
دنیا و آخرت، دونوں کا کتا ہونا۔
دنيا ۽ آخرت، ٻنھي جو ڪتو ٿيڻ. (اصطلاح) ۲- سگ دنیا و عقبیٰ۔ ۳- دنيا ۽ آخرت وڃائڻ.
کتے کا بھیجا کھا کر آنا۔
ڪتي جو مغز کائي اچڻ. (اصطلاح) ۲- ڀؤنڪڻ يا گھڻو ڳالھائڻ. ۳- مغز ۾ ڪتي جي وھ ڀريل ھئڻ.
کتے کا کفن۔
ڪتي جو ڪفن. (ورجيس) صفا ڪنو ڪپڙو، ساخت يا سبجڻ ۾. عورتن جو محاورو آھي. خاص طور تي ڏيرياڻيون، سس-نھن، نڻان-ڀاڄائي ھڪ ٻئي تي اھڙا جملا جوڙي پيون لاھڻيون لاھينديون آھن.
آدمی پیٹ کا کتا ہے۔
ماڻھو؛ پيٽ جو ڪتو آھي. ۲- پيٽ، ماڻھوءَ کي ڪتن سان گڏ کارائي ٿو.
کتے کی دم بارہ برس بھی نلکی میں رکھیں تو ٹیڑھی رہتی ہے۔
ڪتي جو پڇ، سؤ سال نڙ ۾ وجھي ڪڍيائون، ساڳيو ٽيڙو. ۲- جبلت يا فطرت، ڪڏھن به ڪٽجي نه ٿي. ۳- عادت عضوو آھي. ۴- عادت مٽي نه عادتي، علت مور نه جاءِ، اٺ پوي ڪڻڪ ۾، ڪنٽا چڻ چڻ کاءِ. ۵- ہیں کجی میں مردم کج طبع بھی کتے کی دم، راست ان کو کیجیے سو بار ہوں سو بار کج۔ (ناسخ)
کتے کے بھونکنے سے ہاتھی نہیں ڈرتے۔
ڪتن جي ڀؤنڪڻ سان ھاٿين ۾ ٽاھ نه پوندا آھن. ۲- ڪتن جي ڀؤنڪڻ سان، چنڊ چمڪڻ نه ڇڏيندو. (عربي، ڪھاوت)
جو بھونکتے ہیں وہ کاٹتے نہیں۔
جيڪي ڏاڙھيندا آھن، سي ڏھڙيندا ناھن. ۲- ھڪڙو ھمراھ سوڙھيءَ گھٽيءَ مان گذريو پئي جو سامھون ھڪڙو ڪتو بيٺو ھيو ۽ ھن کي ڏسي ڀؤنڪڻ لڳو. ھمراھ، ڪتي کي ڀؤنڪندو ڏسي بيھي رھيو. ٻئي واٽھڙوءَ ياد ڏياريندي دل ٻڌرائڻ خاطر چيس؛ ”انگريزي ڪتاب ۾ پڙھيو نه اٿئي؛ بارڪنگ ڊاگ نيور بائيٽس. ڊڄ نه! ھليو وڃ!.“ ڊڄي بيھندڙ ھمراھ وراڻيس؛ ”تو واري ڳالھ ته مون ڪتاب ۾ پڙھي آھي. پر ھن ڪتي پڙھي آھي الائي نه!“ ۳- اھڙي ئي موقعي تي پطرس بخاريءَ پڻ اردوءَ ۾ خوب لکيو آھي؛ ”خدا معلوم بھونکنے والا کتا، کب کاٹنے پر اتر آئے۔
کتے کے پاؤں جا اور بلی کے پاؤں آ۔
ڪتي-پير وڃ، ٻليءَ-پير اچ. (ورجيس) ۲- ڪتي وانگر وڏين ٻرانگھن تي وڃ، ٻليءَ وانگر دٻئي-پير موٽ، جو ڪو کڙڪو نه ٿئي ۽ نه ڪنھن کي ڪا سڻس پوي. ۳- واچ-مينھن ڪندو وڃ، واءُ-مينھن ڪندو موٽ. ۴- ڏاڍو تيز وڃ، ايڏو تيز وري موٽ.
کتیا کے چھنالے میں پکڑا جانا۔
ڪتيءَ جي ڪيس ۾ ڦاسڻ. (اصطلاح) ۲- مفت ۾ بدنام ٿيڻ. ۳- کوتيءَ کي ھٿ لائڻ جي ڏوھ ۾ پڪڙجڻ.
کتے خسی میں کون پڑے۔
ڪتا-خصي ڪير ڪري. (ورجيسي جملو) ۲- بي فائده وارو، ڌنڌو ڪير به نه ڪري.
آیا کتا کھا گیا تو بیٹھی ڈھول بجا۔
ڪتي اٽو وڃائي، تون ويٺي ڍولڪ وڄاءِ. (ورجيسي جملو) ۲- امير خسرو جي ڪھ-مڪرڻين جو ھڪ حصو. ۳- تيرھن تالي حجامڻ، رواتي-چم چمندي رھي، چور گھر ٻھاري ويا.
بوڑھا کتا بانچے سون، لگی ہے تو مارے گا کون۔
پوڙھو ڪتو سنگھي سون، لڳل اٿس ته ماريندس ڪير ڪو نه. ۲- ڪراڙو ڪتو شگون ڏسي چوندو آھي؛ گھر جا دروازا ته بند ٿي ويا آھن، اڃا ڪڙا نه آيا اٿن. ۳- انتھائي سست. ۴- اھڙو سست جو پيٽ تي پيل ٻير به نه کڻي کائي.
کتے کی موت آتی ہے تو مسجد کی طرف بھاگتا ہے۔
ڪتي کي موت کڻي ته مسيت ڏانھن ڊوڙي. ۲- ڳوھ کي کڻي کٽي، ڳولي ڍيڍن جا گھر. ۳- مصيبت اچي ته ڀو ۾ خطري واري پاسي ڏانھن وٺي وڃي.
کتیا چوروں سے مل گئی تو پہرہ کون دیوے۔
ڪتي، چورن سان مليل ھجي ته چوڪيداري ڪير ڪندو. ۲- پھير ٿئي چور، واھي وھي ڪيترو. ۳- پھير پوک کي کائي، ھاري تنھن کي ڇا بچائي؟
کتے کے بن گاڑی نہ چلے۔
ڪتي بنا، گاڏي نه چرڻ. (اصطلاح) آڳاٽي دور ۾ بيل گاڏين سان ڪتو به سفر ۾ ساڻ کڻندا ھيا، جيڪو محافظ ۽ سونھين وارو ڪم ڪندو ھيو. ان ڪتي کان سواءِ بيل گاڏي نه چرندي ھئي. ھاڻي ان ڪتي جي ضرورت ناھي. تنھن ھوندي به اگر ڪو پنھنجي طاقت جو غلط اندازو ھڻي ته ان لاءِ ائين چئبو آھي. جيئن ڪو چوي؛ مون کان سواءِ فلاڻو ڪم نه ٿيندو.
کتے نے اٹھائی پونچھڑی، گیا ستائیس کوس۔
ڪتي رکيو پڇ ڪنڊي تي، چي؛ ڀڳس ستاويھ ڪوھ. ۲- ڊاڙي ٻٽاڪي، گھر ويٺي ملڪ فتح ڪري.
کتے کا منہ کالا، دلیہ اتنے کا اتنا۔
ڪتي جو منھن ڪارو، رٻ اوتري جي اوتري. ۲- ھڪڙي ھمراھ ڪڻڪ جو ڀت، ديڳڙيءَ ۾ رڌيو پئي. ڪم لاءِ ٿورو ھيڏي ھوڏي ٿيو ته ان وچ ۾ ھڪڙي ڪتي آئي، جنھن اچي ڪنيءَ ۾ ٻوٿ ھنيو. باھ تي چڙھيل ھئڻ ڪري، ڪنو تتل ھيو. منھن لڳندي ئي ڪتي وات وٺي ڀڳي. تيستائين مالڪ به اچي پھتو. جنھن ڏٺو ته ڪتيءَ ڪنو نوسيو آھي، رٻ نه وڃائي آھي، جنھن تي ائين چيائين. ۳- ڪنھن جي گلا ڪرڻ سان ان جو ڪجھ به نه بگڙندو آھي. گلاخور جي پنھنجي وقعت ۽ حيثيت ڪرندي آھي. ڇو جو گلا، سواءِ گناھ بي لذت جي ٻيو ڪجھ ناھي.
کتے کو گھی نہیں پچتا۔
ڪتي کي گيھ ڀانءِ نه پوي. ۲- ڪم ظرف ۾ چڱائي سنڀالڻ جو حوصلو نه ھوندو آھي. ۳- ڪتي کي ڪڻڪ جي ماني ڀانءِ نه پوي.
کتے کی چھوٹ اور شکرے کی موٹھ نزدیک سے چاہیئے۔
شڪار ويجھو اچي، تڏھن ڪتو بڇجي يا شڪرو ڇڏجي. ۲- دشمن کي داءَ پيچ نه سمجھائجن. پنھنجي پاڻ کي ھلاڪت ۾ وجھڻو آھي.
کتا کپاہ وچ ہونا، کتیا ٹرک کے نیچے آ جانا اور کتی سوئی ہونا۔
ٽئي پنجابيءَ جا گھڻو استعمال ٿيندڙ محاورا آھن. جيڪي مطلب سمجھن ٿا، سي پيا مزو وٺن. جن کي ڪا سڌ ناھي، تن جي مزي لاءِ مٿي ڏنل ڪھاوتون ئي ڪافي آھن. انھن مان ئي مزڙو پيا وٺن.





No comments:

Post a Comment