Saturday, February 24, 2018

ملھ وڙھ، ڌڪ آيو ته مون تي آ

ملھ وڙھ، ڌڪ آيو ته مون تي آ
منظور ڪوھيار
ملھ پهلوان، لاڙڪاڻي اسٽيڊيم ۾ لٿل هيا. پِڙَ تي هڪ ٻئي کي وارا کڻي کڻي پئي هنيائون. ماڻهن، هنڀوڇيون پئي هنيون. ڏسندڙن ۾ ملان، مستانو ۽ مڪاني به اڳيان اڳيان ويٺا هيا. ملان پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ وارن ملهن جي ملھ ڏسي سمجھي ويو، ته ملھ مفاهمتي نظريي تحت وڙهي ٿي وڃي. ڌڪ لڳي ۽ همراه نه آٺرجي، اها ڪهڙي ملھ چئبي!؟ سو پهرئين جوڙ جي ٻن ملهن کي سڏي چيائين؛ ”ڪوڙي ملھ، ميدان جي بي عزتي آهي. توهان جي ملھ کان ته مدرسن ۾ ڀلي وڙهجي ٿي. ٻيو ته ڇڏيو، توهان کان ته ڀلي، اديب يا فيسبوڪي دانشور وڙهن ٿا.“


ملھ سمجھي ويا، ته ملان وڏو مَلُهو آ، پوءِ کڻي ميدان جو نه، ٻي جاءِ جو ئي سهي. هٿ ٻڌي چوڻ لڳس؛ ”سائين سچي ملھ وڙھئون ته سهي، ٽنگ يا ٻانهن ڀڄي پئي، ته ڪير منهن ڏيندو؟“
ملان هڪدم سيني تي هٿ هڻي چين؛ ”ملھ وڙهو، ٻانهن ڀڄي ته مونتي آ!“
”جي اها ڳالھ آ، ته واه جو وڙهنداسي، باقي پوءِ جي پارت اَٿوَ!“
ملان وراڻيو؛ ”پوءِ الله نه ڪندو، اوهان رڳو سچائي ڏيکاريو!“
وچ ميدان تي، سندرا ڇڪجي ويا، هٿ پئجي ويا، هڪ ملھ اندرين هنئين، ته ٻئي ٻاهرين. زوردار اِنڊيون لڳي ويون. پڙ جي ٻاهران ويٺلن، کين هُشيون ڏيندي،” آ! آ! “ ڪئي. خبر تڏهن پئي، جو ٻئي پاسي ڀر اچي ڪريا. هڪ ملھ، جنهن ۾ ڪيلشم جي ڪمي هئي، تنهن جي ٻانهن ٽڙڪو ڏئي ٽٽي پئي. ٻانهن ڀڳل ملھ کي اٿاريائون. ملھ هڪدم پويلن ۾ ڊوڙ پاتي، ته ملان کي پنهنجي سچائيءَ جو نتيجو ڏيکاري. پر ملان پويلين مان ائين غائب، جيئن گڏھ جي مٿي تان سڱ.
”سائين ملان ڪاڏي ويو؟“ ملھ، ملان جي ڀر ۾ ويٺل مستاني کان پڇيو، جيڪو واڇان ٽيڙيون ٻئي جوڙ جي وڙهندڙ ملهن کي ڏسي رهيو هيو. مستاني لؤڻو ڦيرائيندي وراڻيس؛ ”ملان ملان آهي، ڪاڏي به وڃي سگھي ٿو. مونکي ڪهڙي خبر؟“
اهڙو بي رُخو جواب ٻڌي، ملھ چيس؛ ”سائين، ڀڳل ٻانهن سان هاڻي مان ڪاڏي وڃان؟“
”قائم شاه بخاريءَ جي مزار تي وڃي مٺائي ورهاءِ، جو جان بچي ٿي، نه ته ملن جي ڏٽن تي ته هن ملڪ ۾ ڪيترن جون حياتيون هلي ويون، ۽ ڪيترا ته مون وانگر اڃا تائين بک تي پاھ لڳا ويٺا آهن.“
”ٻانهن به منهنجي ڀڳي، مٺائي به مان ورهايان، واه مستانا تنهنجو انصاف!“ ائين چئي، پهلوان، مڪاني صاحب ڏانهن منهن ڪري داد لاءِ ٻاڏايو؛ ”سائين مڪاني صاحب! توهان ڪو بلو ڪيو، راندين جي کاتي جا وڏا آفيسر آهيو!“
” مان توهان کي چيو، ته سچي ملھ وڙهو.“ مڪاني صاحب ڪاوڙ ۾ وراڻيس.
”سائين، هو جيڪو ملان توهان جي ڀر ۾ ويٺو هيو، ان جو چيو.“
”ملن جا هنيان سڌا ٿيا آهن. هاڻي توهان به لوڙيو ته خبر پويوَ. ٻانهن ڀڳي ته گھوري، اوهان جي هُر کُر ته مُئي نه!“ مڪاني صاحب ڪاوڙ ۾، ملهن کي دٻ پٽيندي، منهن ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيو.
ان ڏينهن تي ملهن به قرآن تي هٿ رکي فيصلو ڪيو، ته هاڻي جيڪو سچي ملھ وڙهندو، اُن کي ڀت برادريءَ مان ڪڍيو ويندو.
مطلب؛
۱. ڌڪ آئي کان پوءِ، اسپتال ۾ زخم چيٺرائيندو زخمي، ھشي ڏيڻ واري جي ٿي زبان خرچ.
۲. سائينءَ جن جي ٿي زبان خرچ، مواليءَ جو ته مٿو ويو نه!

۳. Go on fight, Don’t worry! leave it rest with me (Sindhi proverb)

No comments:

Post a Comment