ڊاڪٽر بلوچ جو لوڪ ادب
وارو ڪم ڪير سنڀاليندو..؟
عاجز رحمت الله لاشاري
ڏٺو وڃي
ته سنڌ جي ھر ادب شناس پنھنجي ٻوليءَ جي عوامي يا قومي ادب لاءِ جاکوڙيو آھي ۽ لوڪ
ادب جي سھيڙ ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح سان نالو ڳڻايو آھي پر انھن سڀني ۾ وڌيڪ”لوڪ ادب“
جي کوج ڪرڻ ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ڪچھريون ڪوٺائي، لوڪ ادب جا جدا جدا روپ سھيڙڻ سان گڏ ان
جو تنقيدي اڀياس ڪرڻ جي حوالي سان جن عالمن باقائدي شروعات ڪئي تن ۾ مُحسنِ سنڌ
علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندرو ٻڌي لوڪ ادب جي مواد کي محفوظ ڪرڻ طرف گهڻو ڌيان
ڏنو ۽ سالن جا سال سنڌ جا ڏورانهان سفر ڪري، سڄاڻ ماڻھن،بزرگن ۽ سگهڙن سان ملاقاتون
۽ ڪچهريون ڪري، راتين جون راتيون ڳوٺن ۾ جاڳي اتان جون روايتون قلمبند ڪيون ۽ لوڪ
ادب جو قيمتي سرمايو سهيڙيو.
