Monday, February 5, 2018

جيترا وات، اوتريون ڳالهيون - مير اعظم علي ٽالپر

جيترا وات، اوتريون ڳالهيون
مير اعظم علي ٽالپر
سنڌي زبان وسيع تر آهي، جنهن ۾ کوڙ سارا مثال موجود آهن. اهي مثال هر ڪو سنڌي ۽ سنڌ واسي ڄاڻي ٿو ۽ انهن جو پڙاڏو سنڌ کانسواءِ جتي سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي اتي اهي مثال استعمال ٿيڻ جي صورت ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ کانسواءِ، هند ۾ پڻ سنڌي پهاڪا مشهور آهن. هڪ مثال مشھور آهي؛
”ڪنهن جو کلڻ به خواري، ڪنهن جو روئڻ به راحت.“


هر ٻار ڄمڻ کان ئي روئڻ شروع ڪندو آهي. ڄمڻ جي ڳالهه تان ياد آيو ته راقم جو ڄمڻ به هڪ عجيب حالت ۾ ٿيو هو. چون ٿا ته؛ هڪ ڪرسچن نرس بابا مرحوم  گهر وٺي آيو هو. ڇو ته ”پوليس“ وارو هو. چون ٿا ته؛ نرس، سج لٿي کان انتظار ڪندي رهي. فجر تائين اَمرَ الاهي نه ٿيو ۽ راقم هن دنيا ۾ نه آيو. نيٺ ان ويچاري نرس، يُسوع مسيح جو نالو وٺي، هڪ هٿ کاٻي ڪلهي ۽ ٻيو ساڄي ڪلهي طرف گهمائي چيو ته؛ ڪنهن پير ۽ مرشد کان دعا ڪرايو. ان بعد چون ٿا ته؛ ماما محمد خان (مرحوم) جهانيان جي درگاهه تي ويو ۽ اتان پاڻي پڙهائي کڻي آيو. ان جي پيئڻ سان، راقم جي پيدائش آسانيءَ سان ٿي. چون ٿا ته؛ ڄمڻ کانپوءِ روئڻ اهڙو هو جو سڄو گهر مٿي تي هو. ان ڪري آخرڪار مجبور ٿي حيدرآباد ۾ تلڪ چاڙهي تي ڊاڪٽر دولت رام کي ڏيکاريو ويو. ان روئڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته؛ ”بابا ڇوڪري کي ’رائو‘ آهي.“ راقم جي وڏي ٿيڻ کانپوءِ، اهو لفظ ”رائو“ وڏن ٻڌايو ۽ روئڻ جو سبب به ٻڌايو. ان کانپوءِ جڏهن به اهو لفظ ”رائو“ ڪنن تي پوندو آهي ته جسم کي ڏڪڻي وٺي ويندي آهي. حقيقت ۾ رائو وڏي خطرناڪ ۽ پوشيده بيماري آهي، البته وچڙندڙ نه آهي. اھا مرد، ٻار يا عورت کي، ڪنهن به وقت، ڪنھن به ڏينهن يا ڪنھن به رات جو ٿي سگهي ٿي. ان جي شدت ۽ تڪليف سان، موت جي امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي. بهرحال رائو جو مرض، انساني سماج ۾ ڪنهن کي به لڳي سگهي ٿو ۽ لڳڻ کانپوءِ ان انسان جو هن دنيا ۾ باقي رھڻ مشڪل آھي. رائو جي تڪليف محسوس ڪندي، هڪدم پاڻ کي محفوظ ڪرڻ جا اپاءَ وٺجن. ٻي صورت ۾ رائو جي آپريشن سان، زندگي ۽ موت جو سوال پيدا ٿي سگهي ٿو.
سنڌي زبان ۾ هڪ ٻيو مثال، شادي لاءِ مشهور آهي. جيڪو شادي جي حوالي سان اڪثر ڏنو ويندو آهي. جنهن جو واسطو وڏي عمر ۾ شاديءَ ڪرڻ سان آهي. جنهن کي عام طور ”پيري جي شادي“ چيو ويندو آهي. يعني پيرسن ٿيڻ تي شادي ڪرڻ. بهرحال شادي شادي آهي. جوانيءَ جي هجي يا پيريءَ جي.
سنڌيءَ جو هڪ ٻيو پهاڪو آهي؛ ”ڄٽ پڙهيو، الله اَڙيو.“ يعني پڙهڻ وارو وڏي تعليم حاصل ڪري ۽ مٿان سندس علم، سندس هوش حواس وڃائي ڇڏي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ اڪثر پڙهيل ڳڙهيل ئي غلط ڪم ڪندا آهن. يا ائين چئجي ته عقل وارن کان ئي ابتا سبتا ڪم ٿيندا آهن.
اسان جي پاڙي ۾ هڪ نوجوان، زبردست ڪاروبار ڪندڙ ٻچڙيوال، خوشگوار موڊ ۾ دڪان بند ڪري رات جو گهر آيو ۽ فجر وقت خبر پئي ته هو زنده نه رهيو آهي. ان بعد ”جيترا آھن وات، اوتريون آھن ڳالهيون.“ جڏهن ته سنڌو درياءَ مٿان علم جو ابو علامه آءِ آءِ قاضي به گم ٿي ويو. ان عقل واري ڏاهي ۽ تعليم يافته لاءِ، قلم کي طاقت نه آهي ته ڇا لکي؟
اڄ آچر جي ڏينهن هندي مهيني مانگهه جي پندرھين تاريخ آهي. ان لاءِ سنڌ ۽ هند ۾، هڪ سنڌي پهاڪو مشهور هوندو ھئو. ھئو، انڪري لکيو اٿم جو ھاڻي اھو مشھور ناھي. ان جا ڄاڻو پوڙها ۽ جهونا، گهڻا تڻا، الله کي پيارا ٿي چڪا آهن. باقي جيڪي بچيا آهن تن کان اهڙا مثال، ٻڌڻ لاءِ اولاد کي ڪا به فرصت يا وقت ڪونھي. هو ته فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ نيٽ ۾ قابو آهن.
راقم کي والد فيبروري ۾ فجر ويل، صبح کان اڳ اٿي، ٻاهر وٺي، اوڀر طرف ڏيکاريندو ۽ ٻڌائيندو ھيو. تارن جو هڪ ميڙ، جنهن کي اڄ ڀَٽُون (وڇون) چئجي ٿو، ان جو آخري حصو يعني ڏنگ نڪري چڪو آهي يا نڪري رهيو آهي. چوندو ھيو؛ ”ڀٽونءَ ڪڍي نھائين، وڃي پوک ارڻ ۽ ڇانھين.“ ھاڻي ڪڻڪ پوکڻ جي مند چڙھي وئي آھي. ان جو ٻيو مطلب اھو ھيو ته سردي ساڙ ڪندي. مانگهه جي مهيني لاءِ چوڻي آهي ته؛ ”آيو مانگهه، سيئن ڏني تانگهه.“ مانگهه (جنوري-فيبروري) جي مھيني ۾، ڀلي صبح کان شام تائين ڏينهن وارو حصو وڏو ٿيندو رهي پر سيءُ ۽ سردي به طويل ٿيندي ۽ هلندي رھندي.
اهي پراڻا ڏينهن ياد آيا، جن جي ياد سان ھڪ گانو به ياد ٿو اچي؛ ”جب وه دن ياد آتي هين تو ڪليجا مون ڪو آتا هي.“

سنڌ جي بنهه مشهور پهاڪن ۾ هڪ مشهور پهاڪو ڪنوارين لاءِ پڻ آهي؛ ”نئين ڪنوار، نئون ڏينهن.“ ان وانگر اڄ فيبروري جي چوٿين تاريخ آهي. يعني اڄ کان پورا پنجٽيھ ڏينهن اڳ، سال ۲۰۱۷ع موڪلايو هو ۽ ۲۰۱۸ع جي نئين سال جو شاندار استقبال دنيا ۾ هوائي فائرنگ ۽ ڦٽاڪن سان ڪيو ويو هو. هاڻي اها ڳالهه به ڄڻ پراڻي محسوس ٿي رهي آهي. سڀ ڪجهه ايئن ۽ اهڙو لڳي رھيو آهي، جهڙو سال ۲۰۱۷ع ۾ ھيو يا ان کان پهرين هو. صرف ڪئلينڊر ۽ ڊائرين ۾ تاريخ جو عدد ۽ انگ تبديل ٿيو آهي. باقي زندگيءَ جي گهاڻي ۾ سڀ ڪجهه هڪ جهڙو ۽ ساڳيو آهي.

No comments:

Post a Comment