Sunday, April 22, 2018

ڊاڪٽر بلوچ جو لوڪ ادب وارو ڪم ڪير سنڀاليندو؟ - عاجز رحمت الله لاشاري


ڊاڪٽر بلوچ جو لوڪ ادب وارو ڪم ڪير سنڀاليندو..؟
عاجز رحمت الله لاشاري
ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ھر ادب شناس پنھنجي ٻوليءَ جي عوامي يا قومي ادب لاءِ جاکوڙيو آھي ۽ لوڪ ادب جي سھيڙ ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح سان نالو ڳڻايو آھي پر انھن سڀني ۾ وڌيڪ”لوڪ ادب“ جي کوج ڪرڻ ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ڪچھريون ڪوٺائي، لوڪ ادب جا جدا جدا روپ سھيڙڻ سان گڏ ان جو تنقيدي اڀياس ڪرڻ جي حوالي سان جن عالمن باقائدي شروعات ڪئي تن ۾ مُحسنِ سنڌ علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندرو ٻڌي لوڪ ادب جي مواد کي محفوظ ڪرڻ طرف گهڻو ڌيان ڏنو ۽ سالن جا سال سنڌ جا ڏورانهان سفر ڪري، سڄاڻ ماڻھن،بزرگن ۽ سگهڙن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪري، راتين جون راتيون ڳوٺن ۾ جاڳي اتان جون روايتون قلمبند ڪيون ۽ لوڪ ادب جو قيمتي سرمايو سهيڙيو.


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو نالو پڻ سونھري اکرن ۾ درج ٿيل آھي. هنن جاکوڙين ڏونگر ڏوري، رڻ پٽ روڙي، ڪَمر ڪَڇي سنڌ جو چپو چپو گُھمي، سنڌي لوڪ ادب جا املھه ماڻڪ گڏ ڪيا آھن ۽ انھن جو چونڊ حصو ڇپائي ظاھر به ڪيو آھي، جنھن وسيع پيماني تي تحقيقي ڪم ڪري پاڻ ھنن ھزار ڀيرا کيرون لھڻيون. سنڌ اندر لوڪ ادب بابت تحقيق ۽ ترتيب ۾ ٻين به ڪيترن ئي مسلمانن توڙي غير مسلم اديبن ۽ ڏاهن پاڻ ملهايو آھي، انهن ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، انجنيئر عبدالوهاب سهتو، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، سيد ميران محمد شاهه اول، ڪوڙومل چندنمل، نندي رام، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، عطاحسين شاهه موسوي، محمد ابراهيم جويو، تاج جويو، پروفيسر زيب ڀٽي، عبدالحسين شاهه موسوي، پروفيسر فهميده حسين، الله بخش نظاماڻي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نياز همايوني، ولي محمد طاهرزادو، قاضي مقصود گل، معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي، ڄيٺو لالواڻي، ڪلاڌر متوا، لالجي همٿوجي سوٽهڙ، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، ڀيرومل مهرچند، گل محمد گلاڻي، محمدعثمان ڏيپلائي، رُخمان گل پالاري، پروفيسر بخش علي چانڊيو، ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي، حامد علي مري، منظور علي مهيسر حسيني ۽ ٻيا ڪيترا ئي ان جاکوڙ ۾ شامل آھن جن قديم ۽ اساسي ادب جي جاکوڙ ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو آهي.
ڏسجي ٿو ته سنڌ جي قومي ادب يعني لوڪ ادب کي سهيڙڻ جي پهرين تجويز ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي سرواڻ مخدم محمد زمان طالب المولى کي سائين جي ايم سيد ڏني هئي جنهن بعد سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ بابت تفصيلي جامع رٿا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ طرفان ۱۹۵۵ع ۾ سامهون آندي وئي. جنهن کي هڪ سال جي وٿيءَ کانپوءِ ۱۹۵۶ع ۾ بحال ڪرڻ بعد ”لوڪ ادب اسڪيم“ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ”سنڌي لغت آفيس“ سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس (جيڪا ماڊل اسڪول، ايلسا قاضي ڪئمپس، پراڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ ڪمري تي مشتمل هئي) قائم ڪري سرڪاري طور منظور ٿيل هڪ ڪروڙ جي گرانٽ سان جنوري ۱۹۵۷ع کان سهيڙ جو باقاعدي سان ڪم شروع ٿيو ۽ بورڊ طرفان سنڌ جي هر تعلقي ۾ سجاڳ ماڻھن ۽ استادن کي علائقائي طور ڪارڪن مقرر ڪيو ويو. جن مان ڪجهه ڪارڪنن آفيس ۾ ويهي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اتاريو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاڻ سان گڏ ڪجھه ڪارڪنن کي ساڻ ڪري هر ڳوٺ، ڳلي، واهڻ، ۽ وستي سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري سڄاڻ سگھڙن سان ڪچهريون ڪيون ۽ لوڪ ادب جي هر پهلو کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرايو.
ساڳئي وقت ڊاڪٽر بلوچ صاحب مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌ جي لوڪ ادب سان دلچسپي رکندڙن،اديبن ۽ سڄاڻ ماڻھن کي پڻ اپيلون به ڪيون ته اهي پنهنجن ڳوٺن مان لوڪ ادب بابت مواد سهيڙي آفيس جي ڏنل پتي تي ڏياري موڪلين. ياد رهي ته ”لوڪ ادب اسڪيم“ جي منظوريءَ وقت چاليهن ڪتابن جي سهيڙڻ ۽ تحقيق لاءِ پنجن سالن جو مدو رکيو ويو هو پر تنهن جي باوجود به ان ڪم ۾ لڳاتار ڇٽيهه سال لڳي ويا ان دوران ڊاڪٽر صاحب سان ڪن حسد ۽ تعصب رکندڙ اديبن کان اها ڳالھ برداشت نه ٿي ۽ جڏھن اپريل ۱۹۶۱ع ۾ ڪتاب مناظرا ڇپيو ته انهن نام نهاد اديبن ” مناظرا“ ڪتاب کي بنياد بڻائي ، اها واويلا ڪرڻ شروع ڪئي ته هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب فحش مواد شامل ڪيو آھي؛ هي ڪتاب گار گند سان ڀريل آھي .
اهڙيءَ ريت ٻيا بي بنياد الزام هڻي هن اهم لوڪ ادب جي رٿا کي بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽر صاحب جي ذاتيات تي پڻ حملا ڪيائون جنهن بعد ڊاڪٽربلوچ ان کي وڏي صبر ۽ تحمل سان سھندو رهيو پر ان هوندي به اهو معاملو وڃي ڪورٽ تي پهتو ۽ ڪورٽ سڳوريءَ ڊاڪٽربلوچ کي ”مناظرا“ ڪتاب ۾ ڪم آندل لفظن ۽ اصطلاحن کي معياري ثابت ڪرڻ لاءِ شاهد پيش ڪرڻ جو چيو، پر ڪنهن به فرد ڊاڪٽر بلوچ جي حق ۾ سچ چوڻ جي جرئت نه ڪئي ۽ نه وري سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪا چڱي موٽ ملي. جنهن اداري جي اسڪيم تحت ”مناظرا“ ڪتاب شايع ٿيو هو. ان وقت صرف هڪڙو سچو ۽ بهادر انسان محمد عثمان ڏيپلائي ڊاڪٽر بلوچ جي حق ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو.
ڪورٽ سڳوريءَ ۾ محمد عثمان ڏيپلائي مذھبي ڪتابن مان وزنائتا حوالا ۽ دليل ڏئي ”مناظرا“ ڪتاب کي معياري ثابت ڪيو ۽ نتيجو اهو نڪتو ته ”مناظرا“ ڪتاب تي بندش نه پئي ۽ لوڪ ادب جو ڪم ٻيهر جاري ڪيو ويو. سال ۱۹۶۸ع ۾ لوڪ ادب اسڪيم کي ٻيهر بند ڪيو ويو پر ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جي سفارش تي ۱۸ جون ۱۹۶۹ع تي ٽيون ڀيرو هن اسڪيم کي عمل ۾ آندو ويو ۽ ڊاڪٽر بلوچ وري هي وزني بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو. ساڳيءَ ريت ۱۹۷۳ع ۾ سخت مخالفت جي ڪري هن ڪم کي هڪ دفعو ٻيهر بند ڪيو ويو ۽ نومبر ۱۹۷۴ع ۾ چوٿون ڀيرو وري هي ڪم ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي سونپيو ويو ۽ مخدوم طالب المولى جي ذاتي دلچسپي سبب اها اسڪيم جاري رکي وئي.
جڏهن ته لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ برابر هو. ان ڪري لوڪ ادب جي جملي جنسن جو مثالي مواد گڏ ڪري مجموعي طور ۴۰ ڪتاب ۱۹۹۱ع ۾ ڇاپي مڪمل ڪيا ويا ۽ آخر ۾ شايع ڪيل سڀني ڪتابن جو تفصيل فهرست (ڄاڻ) بابت ڪتاب پڻ جدا شايع ڪيو ويو. لوڪ ادب اسڪيم تحت سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۽ ترتيب هيٺ جملي ۴۰ ڪتاب لوڪ ادب جي موضوع تي پڌرا ٿيا،
ياد رهي ته مٿي ڄاڻايل لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ ڪجھه موضوعن جو مسودو تمام گھڻو ۽ جدا جدا پهلوئن تي هو، ان ڪري ٽيھه اکريون ٻن جلدن ۾، ڪافيون ٽن جلدن ۾، سنڌي لوڪ ڪهاڻيون ستن جلدن ۾، مشهور سنڌي قصا دودو چنيسر، موکي متارا، مري ۽ مڱ ٿر، اڍو ڪيهر ۽ هوٿل، پري، ڦل وڌوئو ۽ ڀوري، لاکو ڦلاڻي، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي، ليلان چنيسر، سسئي پنهون، مومل راڻو، سورٺ راءِ ڏياج، هير رانجهو، عمر مارئي، ڍول مارو، مورڙو ۽ مانگر مڇ تي ٻڌل داستان ٻارنهن جلدن ۾ پڌرا ڪيا ويا آھن.
لوڪ ادب جي پارکي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پوٽي ارشد بلوچ ڊاڪٽر بلوچ جي لوڪ ادب بابت لکيل مقدمن جي سهيڙيل ڪتاب ”سنڌي لوڪ ادب جو اڀياس“ ۾ لکيو آھي ته لوڪ ادب اسڪيم جي سهيڙ دوران سنڌ جي پهاڪن ۽ چوڻين، خوشطبعي ۽ ظرافت، وتايي فقير جي ٻولن، چرچي ۽ مزاق، سنڌ جي نسب نامن ۽ شجرن کان سواءِ سنڌ جي ڳوٺن جا حالات ۽ انهن جي سماجي توڙي معاشي تاريخ بابت به ڊاڪٽر صاحب تمام گهڻو مواد گڏ ڪيو، جيڪو مون پاڻ ڊاڪٽر صاحب جي لائبريري ۾ محفوظ ٿيل ڏٺو . جيڪڏھن لوڪ ادب اسڪيم کي بند نه ڪيو وڃي ها ته لوڪ ادب جي ڪتابن جو ڳاڻيٽو ۴۲ بدران ۶۰ کان به مٿي ٿئي ها .
لوڪ ادب اسڪيم تحت سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي، زيب ادبي مرڪز ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان سنڌ جي معروف اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۽ ترتيب هيٺ جملي ۴۵ ڪتاب پڌرا ٿيا، جن ۾ ان عنوان جو پهريون ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ آھي جيڪو ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي شايع ڪرايو.ان کان پوءِ ۱۹۵۸ع ۾ ”لاکو ڦلاڻي“ پڻ ڇپيو ۽ آخوند عبدالرحيم وفاعباسي جي محنت سان تيارڪيل ڪتاب ”هرگنيو“ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري ڇپيو،جنهن جو مقدمو ۽ ايڊيٽنگ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هئي . ساڳئي وقت سال ۱۹۶۸ع ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد طرفان ڪتاب ”سڀ رنگ“ ۽ ڪتاب ”رهاڻ ھيرن کاڻ“ جيڪو ڏھن جلدن تي ٻڌل آھي اهو پڻ ڊاڪٽر بلوچ جي لوڪ ادب سهيڙ جو تمام وڏو ذخيرو آھي ڊاڪٽر بلوچ جي ايتري جفاڪشي ان ڳالھه جو دليل آھي ته هن جو پسنديده فن ۽ شعبو لوڪ ادب ئي هيو جنهن سبب هن جيءَ کي جفا ڏئي ڪري ان جي نه رڳو حفاظت پر واڌ ويجھ ۽ ترقي لاءِ به پاڻ پتوڙيو.
ان ڏس ۾ ڏسجي ٿو ته اڄ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي پويان سندس نالي سان ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن“ ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيئر“ ”ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ“ کان سواءِ پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو باني چيئرمئن هيو پر ان جي باوجود اهي سڀ سندس نالي سان قائم ڪيل نامي گرامي ادارا هن جي پسند، فن يعني ”لوڪ ادب“ کي سنوارڻ، سڌارڻ، سهيڙڻ کان مڪمل طور ڪنارو ڪري بيٺل آھن ۽ بس رسمي ادائگي خاطر هرسال ورسيءَ تي گڏ ٿي سندس مزار تي چادر چاڙھي ڪنهن وڏي اي سي هال ۾ سياستدانن وانگر غير ضروري ۽ بي مقصد تقريرون ڪري وقت پاس ڪن ٿا ۽ جيڪڏھن ڪا لوڪ ادب تنظيم ان طرف وک وڌائي ٿي ته انهن کي به اڻ پڙھيل يا دهقانيت جي تهمت مڙھي ڪوبه همت افزائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪو سوال ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وفات کان اڄ تائين اڻ پورو آھي ته آخر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لوڪ ادب وارو ڪم ڪير سنڀاليندو؟

No comments:

Post a Comment