Saturday, February 10, 2018

سنڌي لوڪ ادب جي واهر ڪير ڪندو؟ - عاجز رحمت الله لاشاري

سنڌي لوڪ ادب جي واهر ڪير ڪندو؟
عاجز رحمت الله لاشاري
سنڌ جي شهرن ۾، ڪافي پڙهيل طبقو آهي، ماڻهن جي وندر ورونهن ۽ تفريح طبع لاءِ ڪئين وسيلا موجود آهن. جڏهن ته ٻهراڙين ۾ ڪافي عوام اڻپڙهيل آهي، پر کين پنهنجيءَ وندر لاءِ، ٻين وسيلن کانسواءِ، لوڪ ادب جا بيمثل ۽ بيشمار خزانا موجود آهن. ماڻهو ڏسو ته بلڪل سادا، لڱن تي پورو لٽو نه لڀين، پر جڏهين ٿا سَٿ ۾ ويهي ملوڪ پنهنجو منهن کولين تڏهن لفظن جون لڙهيون اهڙيءَ طرح ٿا اوتين، ڄڻ سڳين ۾ موتي ٿا پوئين. درحقيقت لوڪ ادب، ملڪ جي ٻوليءَ ۽ ادب جو بنياد آهي. ٻهراڙيءَ جي سگهڙن وٽ بي بها خزانو موجود آهي، جنهن کي هو سيني ۾ سانڍيندا آيا آهن. ڪيترا ملوڪ پنهنجي حياتيءَ جو دور پورو ڪري هليا ويا ۽ اهو خزانو به ساڻ کنيو ويا، ڇو ته وٺڻ وارو ڪو هو ئي ڪو نه. پر هاڻي وقت جي تقاضا آهي ته اهو کانئن وٺي، ضايع ٿيڻ کان بچائي، پوين لاءِ توشو ڪيو وڃي. خزاني کي هٿ ڪرڻ لاءِ پارکو، اورچ، هڏ-ڏوکي، سياڻا ۽ سالڪ هجن، جي شيءِ کي سڃاڻي ان جو قدر به ڪن.


اسان جو لوڪ ادب، عوام جي عادتن ۽ حالتن، طور طريقن، رسمن رواجن، اٿڻ ويهڻ ۽ وندر ورونهن جو هڪ وسيع ذخيرو آهي. جنهن ۾ اسان جون نسلي خاصيتون ۽ دماغي لياقتون، طبعي لاڙا ۽ نفسياتي رجحان، گذر معاش جا ذريعا، ملڪي ماحول، سياسي نظام ۽ قديم تاريخي آثار، مڙيئي موجود آهن. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، اڄ لوڪ ادب کي قومي حيثيت حاصل آهي؛ پر اسان جي لوڪ ادب کي فقط قصا ڪهاڻيون، نقل نذير، کل خوشي، ڳائڻ وڄائڻ ۽ شادين غمين جون رسمون ئي تصور ڪيو پيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو، رڳو اسان جا پهاڪا ئي کڻي ڏسو، جيڪي عوامي ادب جو هڪ خاص حصو، بلڪ بنيادي جُز آهن. پهاڪا، لوڪ ادب ۾ نه رڳو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهن، پر اڳئين جڳ کي جاچڻ لاءِ به ڄڻ ته آرسي آهن، جن ۾ عام حالتن کي جاچڻ کان پوءِ، گذريل زماني جي تصوير به چٽيءَ طرح چڪاسي سگهجي ٿي.
لوڪ ادب، هڪ مرڪب لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي؛ لوڪ جو ساهت يا لوڪ جو ادب. لوڪ، سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي. جنهن جون لغت موجب ڪجه معنائون آهن:
(١) سنسار، جهان (٢) ڌرتي. (٣) قوم، قبيلو، سماج (٤) علائقو، پرديش. (٥) رعيت، پرجا.
انهن معنائن ۾ اهو لفظ، سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪتب اچي ٿو. سنڌيءَ ۾ لوڪ لفظ، ڪي قدر بدليل روپ ۾ به استعمال ٿيندو آهي. جيئن ته- لوگ (ماڻهو)؛ لوءُ (ڪٽنب، قبيلو، ٽولي)؛ لوءِ (جڳھ، جهان).
لوڪ لفظ مان سنڌيءَ ۾ ٺهيل ڪجھ مرڪب لفظ هن ريت آهن:
پرلوڪ، ترلوڪ، سرڳ لوڪ، مرتيو لوڪ، پاتال لوڪ، لوڪاچار، لوڪاچاري، لوڪ- مرجات، لوڪ- وهنوار، لوڪ- ڌرم، لوڪ- تنتر، لوڪشاهي، لوڪ- مت، لوڪناٿ، لوڪ- پريه، لوڪ- سڀا، وغيره.
لوڪ جو مطلب ڇا آهي؟
جڏهن اسين، لوڪ لفظ جو استعمال لوڪ- ادب، لوڪ- گيت، لوڪ ڪٿا،  لوڪ- وشواس، لوڪ-ناٽڪ، جهڙن مرڪب لفظن ۾ ڪريون ٿا، تڏهن لوڪ لفظن کي هڪ خاص معنيٰ ملي ٿي، جيڪا جرمن زبان جي فوڪ Folk لفظ جي معنيٰ برابر آهي. انهيءَ فوڪ مان انگريزي ٻوليءَ ۾ گهڻيئي مرڪب لفظ جڙيا آهن؛ جيئن ته، فوڪ لور Folk lore، فوڪ لٽريچر Folk Literature، فوڪ سانگس Folk Songs، فوڪ ٽيلس Folk tales، وغيره.
ڪن عالمن اهڙي قسم جي مرڪب لفظن ۾ لوڪ يا فوڪFolk  جو مطلب ڄاڻايو آهي: ”ڳوٺاڻا اڻپڙهيل، ڳنوار، دهقاني.“ اسان جي ويچار ۾ اهڙن لفظن ۾ لوڪ جو اهو مطلب کڻڻ صحيح نه آهي. لوڪ ساهت جا سرجڻهار ۽ لوڪ گيت ڳائيندڙ ڪلاڪار، چاهي مکيه طرح سان ڳوٺن ۾ رهن ٿا، پر اڄ ڪالھ اهي دائمي طور شهرن ۾به رهيا پيا آهن. ٻيو ته کين اڻپڙهيل ۽ ڳنوار سڏڻ به ٺيڪ نه آهي. ڇاڪاڻ ته سندن لوڪ گيتن ۾ امنگن جو جيڪو نزاڪت ڀريو اظهار نظر اچي ٿو، اهو اوچي درجي جي لکيل ادب کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهي. اهڙن عوامي شاعرن جي رچيل پرولين ۽ ڳجهارتن، هنرن ۽ ڏور- بيتن ۾ ٻوليءَ جي نرالي سٽاءَ ۽ معنيٰ جي گهرائيءَ جون جيڪي خاصيتون ملن ٿيون، رنگين زبانيءَ جو جيڪو دلڪش استعمال ملي ٿو، اهي اعليٰ درجي جي اديبن جي شاعريءَ کان ڪنهن به حالت ۾ هيٺ نه آهن. ٻيو ته اسين روزاني زندگيءَ ۾ ڏسون پيا ته ڪيترا ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪيل شخص به ڀرمن-سنسن، ٽوڻن-ڦيڻن، جنترن-منترن، جنن-ڀوتن، ساٺن-سوڻن ۽ ريتن-رسمن ۾ اعتقاد رکن ٿا. مثال طور؛ پڙهيل ڳڙهيل ماءُ پڻ پنهنجي ٻار کي بريءَ نظر کان بچائڻ لاءِ کيس ڪجل يا سرمي جو ڪارو تلڪ لڳائيندي آهي. تعليم يافتا ماڻهو به نئين گهر کي بريءَ نظر کان بچائڻ لاءِ، دليءَ کي رڱي، ان تي ڀوت جي شڪل چٽي، عمارت جي منڍ واريءَ ديوار تي ٽنگيندا آهن. دهليءَ ۾ شاهي سڙڪن تان لنگهندي، آفيس ڏانهن يا ڌنڌي-ڌاڙيءَ تي ويندي، ڪيترا ئي ماڻهو، فوٽ پاٿن تي تيل جي بالٽين ۾ رکيل ٽين جي ٽڪرن کي ڪاٽي، ان مان ٺاهيل شني گوه جي بوتن مٿان ڇنڇر-ڇنڇر تي پيسا رکندا نظر ايندا آهن. موٽر-ڪار يا آٽو رڪشا پٺيان اڪثر ڪاري سڳي لٽڪندي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ڪي وري سڳيءَ بدران جتي ٽنگي ڇڏيندا آهن. ٻنهي جو مقصد اهو هوندو آهي ته ڪاريءَ نظر کان بچاءُ ٿئي. تعويذن ۽ گرهن جي پٿرن واريون منڊيون پائڻ ۾ گهڻيئي پڙهيل ماڻهو به وشواس رکن ٿا. پوءِ ڀلا اڻپڙهيل ڳوٺاڻن ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪيل شهري ماڻهن وچ ۾ ڪهڙو فرق ٿيو؟
اسان جي ويچار ۾، لوڪ-ادب، لوڪ-گيت، لوڪ ڪٿا، وغيره مرڪب لفظن ۾ لوڪ لفظ جو صحيح مطلب آهي. اهي ماڻهو، جن جو پنهنجي ورثي ۾ حاصل ڪيل رسمن، رواجن، ڀرمن-سنسن، ٽوڻن-ڦيڻن ۽ آڳاٽين ريتن ۾ پورو پورو اعتقاد آهي ۽ هو ان موجب پنهنجي روزاني زندگي به گذارين ٿا. اهي لوڪ، ڳوٺن ۾ رهن ٿا، ته شهري پڙهيل-ڳڙهيل سماج جي هر طبقي ۾ پڻ موجود آهن. مطلب ته لوڪ اهو آهي، جنهن جي دل ۽ دماغ تي وڏن کان ورثي ۾ مليل ڳالهين جو گهرو اثر هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري ان موجب ئي هو پنهنجي زندگي گذاريندو  آهي.
سگهڙ ۽ شاعر جيڪو ڪجهه چوندا آهن سو ڏسي وائسي جاچي جوچي ۽ سمجهي سوچي، ڪڏهن به گُٿي يا پاسيري ڳالهه پيش ناهن ڪندا. هنن وٽ هر ڳالهه جو ماڻ ۽ ماپو پنهنجو ٿئي، سندن وهايل وکر، نهايت سوڌيل ۽ سنواريل هوندو آهي، جيڪو نج سون جيان پيو جلوا ڏيکاريندو آھي. پاڻ سادا، تنهن ڪري سندن ٻول به سادا پر سٺا. سندن تشبيهون به ساديون پر پياريون ۽ وڏي ويچار واريون. سندن اکِ سدائين عملن طرف مائل هوندي آهي. سگهڙپائيءَ جا ٻول ۽ سياڻپ جا سهڻا سخن، جڏهن ڪچهريءَ ۾ نروار ٿين ٿا، تڏهن ٻڌندڙ دنگ رهجيو وڃن ته ڪيئن نه مسڪينن ۽ محتاجن پر شوق وارن اهي ٻول ٻڌا آهن. جڏهن وکر جون کنڌيون کوليندا آهن تڏهن ايئن معلوم ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪو وڏڦڙو مينهن وسي ٿو. اهي صراف آهن، جيڪي ويٺا پنهنجي دڪانن کي هيرن ۽ جواهرن سان سينگارين.
سنڌي لوڪ ادب جون پاڙون پاتال ۾ پيٺل رهيون آهن، ان جا بنياد ويدن تائين وڃن ٿا. تاريخ جي هر دور ۾ باشعور، سماج سڌارڪ، سپورنج ۽ سڄاڻ ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان، ڪونتل ڪڏايا آهن ۽ پنهنجن گفتن سان ڪچهرين ۾ رنگ ڀري، کين رس-دار بڻايو آهي. ٻهڳڻن جا اهي ٻول حقيقتن جو آئينو آهن، ٻوليءَ جي وينجهارن جا ٻَڌل اهي ٻول صدين تائين گونجندا.
لوڪ ادب، ٻوليءَ جي قدامت ۽ تاريخ تي ڀرپور روشني وجهي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ اصليت جي باري ۾ مختلف عالمن جي راين ۾ ڪجهه اختلاف آهن. سنڌو ماٿر جي سڀيتا وارن کنڊرن مان مليل مهرون ۽ انهن تي اڪريل اکر، سنڌ جي قديم ترين لکت آهي. سنڌو لکت کي پڙهڻ وارين ڪوششن جو به ڪو خاطر خواه نتيجو سامهون نه آيو آهي. تنهنڪري قديم آثارن جون شاهديون، سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ اصليت ڳولهي لهڻ ۾ ناڪافي سمجهيون وڃن ٿيون. تنهنڪري به لوڪ ادب مان ملندڙ سنڌي ٻوليءَ جا آڳاٽا نمونا، هن ڏس ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ٻوليءَ جي تاريخ، اصل ۾ ٻوليءَ ۾ آيل مختلف دورن ۾ مختلف لساني تبديلين جو اڀياس آهي. ٻوليءَ جي مختلف ارتقائي مرحلن جو اڀياس به ٻوليءَ جي تاريخ نويس جو فرض آهي. ٻوليءَ جي تاريخ لکڻ لاءِ سنڌي لوڪ ادب ڏانهن ئي واجهائڻو پوندو.
لوڪ ادب ذريعي ٻوليءَ جي خزاني کي محفوظ رکي سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح لوڪ ادب کي ٻوليءَ جي حفاظت جو ضامن قرار ڏئي سگهجي ٿو. وقت جي وهڪري سان گڏ ٻولين ۾ صوتي، صوتياتي، حرفياتي، تبديليون واقع ٿين ٿيون. اهي تبديلون ڪڏهن ڪڏهن تڪڙيون به واقع ٿين ٿيون ۽ ٻولين ۾ بگاڙ جو سبب به بڻجن ٿيون. ڪن مشهور ٻولين جهڙوڪ؛ سنسڪرت، عربي ۽ عبراني وغيره ٻولين جي اصلوڪي ۽ محفوظ حالت ۾ رهڻ لاءِ جيڪي شعوري ڪوششون ودوانن، عالمن ۽ اسڪالرن ورتيون آهن، تن لسانيات جي اصولن تي ٻولين جي صوتي، صوتياتي سرشتي کي صحيح طور بيان ڪري، قلمبند ڪيو آھي.

اهڙيءَ طرح ويدڪ سنسڪرت، هندستان ۾ پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ پڙهي ۽ سمجهي وڃي ٿي. قرآنڪ عربي، قارين، حافظن ۽ ٻين ديني عالمن وٽ بلڪل درست ۽ پنهنجن اصلوڪن آوازن سان پڙهي وڃي ٿي. جڏهن ته ٻيون ڪيتريون ٻوليون، پنهنجي اصليت قائم رکي نه سگهيون. ايتري حد تائين جو ڪن حالتن ۾ ڌارين قومن سان لهه-وچڙ ۾ اچڻ ۽ اثرن قبول ڪندي ڪا ٻولي مڪمل طور ٻي ٻولي بڻجي وئي آهي. اهڙو مثال آفريڪان ٻوليءَ جو آهي جيڪا ڊچ اصل نسل جي آهي.

No comments:

Post a Comment