ڪسي ڪانڊي
شيءِ پنھنجن کي کڻائجي. (چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
لوھر، سٺي ٺاھيل شيءِ پئسن تي کپائيندو آھي ۽ ڪسي
شيءِ جھڙوڪ ٽڦڻي، چمٽو، ھٿوڙي، گهر جي ڪم لاءِ رکندو آ.
ڪنڀر، سٺا ٺھيل ۽ پڪل ٿانءَ، ناڻي عيوض کپائيندو
آھي، ٻُٽو دلو ۽ ڀڳل ٿڦڻي گهر جي ڪم ڪاج لاءِ رکندو آھي.
ڊکڻ، جوڙيل چڱي شيءِ پئسن جي بدلي کپائي ڇڏيندو
آھي، ڪسي ڪانڊي شيءِ گهر ۾ استعمال ڪندو آھي.
گهورڙيو، چڱي شيءِ گراھڪن کي کپائيندو آ، نه کپڻ
جھڙي شيءِ بچائي اچي رات جو ٻچن کي کارائيندو آھي.
ھوٽل وارو سٺو سڦرو کاڌو گراھڪن کي کپائيندو آھي،
ڪسو ڪانڊو پاڻ کائيندو آ يا ٻي ھوٽل تان گهرائي پيٽ پوڄا ڪندو آ.
ساڳيو حال، ڪاسائيءَ، ميربحر ۽ ٻين ڪاسبين جو
آھي. اھي به چڱي شيءِ ملهه تي کپائي، ڪسي پنھنجي غرض ۾ استعمال ڪندا آھن.
اھڙيءَ طرح ھر ھنڌ، ھر ڪو ھر معاملي ۾ ائين ڪندو
آھي. اھا ريت، وڏن کان ھلندي اچي پئي.
مطلب:
۱. سھڻي سيبتي ڇوڪري، ٻاھر پرڻائي ڏبي آ. ڪسي
ڪانڊي پنھنجي کي کڻائبي آ.
۲. ٽئلينٽ ٻاھر کپائبو ته کپندو ۽ ناڻو آڻيندو. جڏا ۽ چٽ، پاڻ وٽ رکبا ته تڳي پوندا.

No comments:
Post a Comment