Showing posts with label ٿر، چارڻ، ڪَوِي، رومانوي شاعري، لوڪ ادب، ڀارومل امراڻي،. Show all posts
Showing posts with label ٿر، چارڻ، ڪَوِي، رومانوي شاعري، لوڪ ادب، ڀارومل امراڻي،. Show all posts

Thursday, July 16, 2026

ٿر جي چارڻ ڪَوِين جي رومانوي شاعري - ڀارومل امراڻي

ٿر جي چارڻ ڪَوِين جي رومانوي شاعري

(لوڪ ادب.)

ڀارومل امراڻي



ٿر جي چارڻن جي رومانوي شاعري به ڏاڍي دل لڀائيندڙ پئي رهي آهي. رومانوي شاعريءَ ۾ چارڻ شاعرن پيار، محبت جي تصور کي سگهه ڏئي من جي معصوميت سان امن جو هٿ پڪڙيو آهي. ڪويتا جي ڪنٺي تي بيهي، سرسوتيءَ ۽ ڪاليءَ کي سرچائي، چاهتن جي چانڊوڪيءَ ۾ انساني عشق جو امرت پيتو آهي. چارڻ ڪوين، ڪوتا ۾ ڪاڪ محل جا رنگ رچايا به آهن ته ڪاڪ محل کي ڪاڙهيو به آهي. ڪوتا ۾ مومل ڏاگهه تان موٽائي به آهي ته مومل کي ڏاگهه تي چاڙهيو به آهي.