Thursday, February 19, 2026

سوين آسرا، مونجھارا. ھڪ آسرو، سھارو. - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سوين آسرا، مونجھارا. ھڪ آسرو، سھارو.

(لوڪ ڪھاڻي، چوڻي)

.

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو


لومڙيءَ ۽ ٻليءَ پاڻ ويٺي ڪچھري ڪئي. لومڙيءَ ڊاڙ ھڻندي ٻڌايس؛ ”مان ڏاڍي ڦرتيلي آھيان. دشمن کان بچڻ جون، سوين ترڪيبون ڄاڻان. مون کي دشمن ھرگز پڪڙي نه سگھندو.“

ٻليءَ ميمڻي ميسڻي ٿي وراڻيس؛ ”مان ته فقط ھڪ ئي ڏانءُ آ.“

اوچتو، ڪتن جو ڊنب نروار ٿيو ۽ اچي مٿن ڪڙڪيو.


ٻليءَ وٽ ته بچڻ جي ھڪڙو ئي رستو يا سھارو ھيو. سا ان کي ساري، ڀڙڪو ڏئي وڻ تي چڙھي وئي. لومڙي پنھنجين سوين ترڪيبن کي دماغ اندر ڦلھورڻ لڳي؛ ”ڏر ۾ ڀڄي لڪان؟ مرڻ جو مڪر ڪيا؟ گوھيون ڏئي ڀڄان؟ بُل ڏئي نھر تان ٽپي وڃان؟ ....“

اھي ترڪيبون دل ۾ ٽليائين پئي جو نتيجي تي پڄڻ کان اڳ، ڪتن اچي ورايس ۽ چيري ڦاڙي ڇڏيائونس.

مطلب؛

۱- گھڻا رستا، منجھائين. ھڪڙو رستو، بچائي.

۲- دل ۾ پڪي ويٺل ڳالھ، مدد ڪري. گھڻيون ڳالھيون، منجھائين.

۳- سوين ترڪيبون، نه بچائين. مغز ۾ ويٺل ھڪ ترڪيب بچائي.

 


 

The Cat and the Fox were sitting together, talking.

The Fox bragged; “I’m incredibly smart. I have a hundred different tricks to escape if an enemy ever comes.”

The Cat replied calmly; “I only have one.”

Suddenly, a pack of hunting dogs charged toward them.

The Cat didn’t hesitate. It used its one and only trick: climbed straight up the tallest tree.

Safe.

The Fox stayed on the ground, its mind spinning: “Should I hide in a hole? Play dead? Run in zigzags? Jump into the stream?”

While the Fox was busy choosing the perfect trick, the dogs caught it.

The lesson is simple and practical:

🎯 Mastery beats variety.

One skill practiced to excellence is more valuable than a hundred skills you barely know.

Too many options can be deadly.

In a crisis, time is everything. Overthinking leads to paralysis.

🧠 Simplify to survive.

When pressure hits, the winners aren’t the ones with the most choices, They're the ones who can act fast with what they’ve mastered.


No comments:

Post a Comment