Monday, August 17, 2026

نئين کدڙي؛ طبلي جو زيان

نئين کدڙي؛ طبلي جو زيان.

(سرو، پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



کدڙي کي جسماني طور، ٻانھن توڙي ڄنگھن ۾، عورت توڙي مرد کان سگھ، وڌيڪ ھوندي آ. جڏھن نچڻ بيھندو آ ته نه ٻانھن ۾ ٿڪبو آ ۽ نه وري جنگھن ۾. طبلائيءَ جون کنڀڙون پيون سور ڪنديون. ھڪڙو طبلائي مٽجي، ٻيو طبلائي پيو طبلو وڄائيندو. ڪٽجي ڪٽجي، طبلو ڇڄي پوندو، پر نئون کدڙو مجال آ جو ٿڪجي. ڇو جو نئون نچڻ جو جيڪو شونق اٿس، سو کيس ٿڪجڻ نه ڏيندو آ.


آڏو وارو ھمراھ بان ڪري ڀڄي ويندو پر ھيءُ نئون نويل يا راھو کدڙو، ميدان ماريو پيو کچڪارون ڪندو ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندو.

 

مطلب؛

۱. نئين شوق جي بھا ئي ڪانھي.

۲. نئون ملو، زور سان بانگ ڏئي.

۳. نئين نائڻ، بانس جو نھيرڻ.

۴. نون ميھارن ڌاريون ميھون، کٿا لاھي ڪيون دونھيون.

No comments:

Post a Comment