Showing posts with label کدڙو، طبلو، سرو، پھاڪو، انجنيئر عبدالوھاب سھتو، چوڻي، ورجيس،. Show all posts
Showing posts with label کدڙو، طبلو، سرو، پھاڪو، انجنيئر عبدالوھاب سھتو، چوڻي، ورجيس،. Show all posts

Monday, August 17, 2026

نئين کدڙي؛ طبلي جو زيان

نئين کدڙي؛ طبلي جو زيان.

(سرو، پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

کدڙي کي جسماني طور، ٻانھن توڙي ڄنگھن ۾، عورت توڙي مرد کان سگھ، وڌيڪ ھوندي آ. جڏھن نچڻ بيھندو آ ته نه ٻانھن ۾ ٿڪبو آ ۽ نه وري جنگھن ۾. طبلائيءَ جون کنڀڙون پيون سور ڪنديون. ھڪڙو طبلائي مٽجي، ٻيو طبلائي پيو طبلو وڄائيندو. ڪٽجي ڪٽجي، طبلو ڇڄي پوندو، پر نئون کدڙو مجال آ جو ٿڪجي. ڇو جو نئون نچڻ جو جيڪو شونق اٿس، سو کيس ٿڪجڻ نه ڏيندو آ.