ازبڪيون بڪڻ
(ورجيس)
منظور ڪوھيار
مارچ ۱۹۹۱ع
جي ڳالھ آهي، رمضان جو مهينو به پئي هليو. مان هالينڊ جي شهر روٽرڊم جي بينٿزر اسٽريٽ
جي ڊي ناڪ-۱۰۹ جي بلڊنگ ۾ رهندو هيس. منهنجي بلڊنگ جي سامهون اليڪٽرانڪ جو ’ڪريڪٽ‘
نالي وڏو دوڪان هيو. ان کان پرڀرو ٻه ٽي گھٽيون ڇڏي ترڪن جي ڊراءِ فروٽ جا دوڪان
هيا. هڪ ڏينهن انسٽيوٽ آف هائوسنگ اسٽيڊيز ۾ پڙهائي پوري ڪري شام جو موٽيم، ته
روزي ڇوڙڻ لاءِ کارڪون وٺڻ جو خيال آيو، ته مان چار ننڍا پاڪيٽ کارڪن جا ورتا، دوڪان
جي دخل تي هڪ سهڻي من موهڻي، پر پروقار ڇوڪري اسڪارف هنيون ويٺي هئي. چئن پاڪيٽن
جي قيمت ويھ گلڊر ٿي، ته مون جڏهن هن کي ويھ گلڊر ڏنا، ته هن ته مشڪندي چيو،
”رحمت!“
مان
انگريزي ۾ پڇيومانس؛ ”رحمت جي معنى؟“
هن وراڻيو؛
”ازبڪ ٻولي ۾ ’مهرباني‘ کي چئبو آهي!“
مان به
جڏهن جواب ۾ چيومانس؛ ”رحمت!“ ته هن کجور جو هڪ اضافي پاڪيٽ ڪڍي مونکي ڏنو، ۽ مشڪندي
چيائين؛ ”جدا يخشي“
پڇيومانس؛
”ان جو مطلب؟“
وراڻيائين؛
”تمام سٺو!“
آخر ۾
پڇيومانس، ”اوهان جو نالو؟“
وراڻيائين؛
”منه اسمم عائله چغتائي“
مون
اتي محسوس ڪيو ته هيءَ ڇوڪري ازبڪي بڪي نه پئي، پر بلبل جيان ڳائي پئي. جڏهن ته ڳوٺ
جا مرد يا مايون، ڪنهن جي ڇڙيي پڇڙيي ڳالهائڻ تي جواب ۾ چوندا آهن، ته ’ھاڻ اهي
ازبڪيون نه بڪ!‘
مان
چيومانس؛، ”تنهنجو آواز ته ڏاڍو مٺو آهي!“
وراڻيو
هيائين؛ ”ازبڪي آواز ٻڌڻو ٿي، ته يلدوز عثمانوا کي ٻڌندو ڪر!“
ان ڏينهن
کان وٺي ان مائيءَ کي ڏسندو ۽ ٻڌندو اچان ٿو، ان وقت ته سندس جواني هئي ۽ اسان جي
به. پر جيئن عمر وڌيس ٿي، تيئن آواز ۾ درد وڌندو ٿو وڃيس. ڳائِي ته الائي ڇا ٿي؟...
پر جيڪو ڪجھ ڳائي ٿي، واھ جو ڳائي ٿي۔
بس
اسان سان ويڌن اها آھي، ته:
زبان يار من ترڪي
و من ترڪي نمي دانم.
مطلب:
۱. اھڙيون
ڳالھيون ڪرڻ جيڪي سمجھ ۾ اچن.
۲. نه
سمجھ ۾ اچڻ جھڙڦيون وائي توائي ڳالھيون.
(منظور
ڪوھيار جي ۲۳ جون ۲۰۲۶ع واري فيسبڪ پوسٽ، ”عائله چغتائي، يلدوز عثمانوا ۽ ازبڪي“ تان
کنيل)

No comments:
Post a Comment