ڇَڄُ
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر
الطاف جوکيو
ڇَڄُ، ڇاڄڙو، ڇاڄڙِي (اسم تصغير)، ڇَڄِلِي (اسم تصغير)،
سُپُ، سُپَڪُ (اسم تصغير)، گاگڙو، وارڙو، ۽ کُونڊو/ کُنڊو ڀانت ڀانت جي اَناج کي ڇنڊڻ
ڦوڪڻ يا ڪجهه کڻڻ جو سَنڊرُ (ٿانءُ يا اوزار) آهي. ڇڄ ۽ ڇاڄڙو ساڳي وَٿُ جا نالا
آهن، ڇاڄڙي، ننڍڙي ڇڄ کي ٿو ڪوٺجي. البت، هڪ ڇڄ اهڙو آهي، جنھن کي سونھن سوڀيا آهر
’ڍوئڙو/ ڍوئڻو ڇڄ‘ ٿو چئجي. ڍوئڙو ڇڄ، ڪنھن ڀاءَ- دوست، نيڪ مرد، ڪنھن نياڻيءَ کي
سوکڙي ڪري ڏبو آهي، جنھن ۾ ڳاڙها ڦندڻ، ٽَونر يا پشم جا گل، رنگين چِٽَ وغيره لڳايا
ويا هجن. وهانءَ جي رسم ۾ به ’ڍوئڙو ڇڄ‘ ڪم آندو ويندو آهي. يعني جيڪو ڇڄ سوکڙي ڪري
يا پنيءَ مراد سوکڙي ڪري ڏنو ويندو آهي، ان کي ’ڍوئِڙو ڇڄ‘ چيو ويندو آهي. باقي
جنھن ۾ ڦندڻ وغيره نه هوندا آهن، صرف ضروري ڌاڳا ۽ چمائو تندا لڳل هوندا، ان کي ’ڇڄ‘
ئي چيو ويندو آهي. ڍوئڙي ڇڄ جي ڪا الڳ ماپ وغيره نه هوندي آهي، بس سونھن سوڀيا ۾
عام سادي ڇڄ کان سرس هوندو.
سونھن سوڀيا يا پني مراد جي حوالي سان هڪ ڇڄ، جو قسم ’اوڏِي‘
به آهي، جيڪا تيلن سان چورسي ٺاهبي آهي، جنھن ۾ ڪنوار جو مُوڙو وغيره وجهي، ونواهه
يا ٻين موقعن تي پيش ڪيو ويندو آهي، ان کي ’اوڏِي‘ (تيلن واري کارڙي) ٿو چئجي. ان
جي جوڙجڪ، کاري نما، هيٺان چورسي ۽ مٿان گولائي بيھاري ويندي آهي. گولائيءَ ۾ به هڪ
پاسو هيٺ ۽ ٽي پاسا اڀا رکبا آهن ۽ ٽَونر ۽ پشم جا گل وغيره وڌا ويندا آهن. ڏسڻ
وائسڻ ۾ ڏاڍي سھڻي هوندي آهي، جيڪا صرف خوشيءَ جي موقعن تي ڪو سڪل ميوو يا سوغات ڏني
ويندي آهي. ان ’اوڏِي‘ جا ٻيا نمونا به آهن، جيڪي تيلن کان سواءِ کبڙ وغيره مان ٺاهيندا
آهن، پر سچي سَر جي تيلي مان اوڏِي ايئن ئي ٺھندي آهي.
ڇڄ جا ٻه اهم ڀاڱا آهن، هڪ: تَرو/ پُورڻ، ٻيو: پُٺو/
وَراڙو/ جهَلَ. تَري ۾ اناج رکي ڇنڊبو، ۽ هٿن پاسي پُٺو وري ڇڙيل ڇنڊيل اَن کي
پوئتي ڪِرڻ کان روڪيندو. ڇڄ جي شڪل، اڳيان منھن کان سڌو ۽ پاسا وريل هوندا آهن ۽ ڪنھن
شيءِ کي ٻاهر اڇلڻ جو گس هوندو. پويان پُٺو، جيڪو صاف ٿيل ڪڻن کي پوئتي ڪونه ڪيرائيندو
۽ پاڻ وٽ روڪي رکندو. سڌا تيلا هجڻ ڪري، تيلن جي وچ ۾ هڪ قسم جي نيسر ٺھي بيھندي،
جيڪا ڪيرِي وغيره کي اڇل سان اڳتي ڌڪيندي.
ڇڄ کي جهلڻ مھل، ان جي پُٺي واري پاسي کي هٿن جي ترين تي
رکي، آڱريون هيٺان سڌيون ڏيئي، آڱوٺا مٿئون ورائي، اهڙي لچڪ رکبي، جو ڇڄ پيو لڏي،
ليڪن هٿ نه نڪرن. ڇڄ جي تياريءَ ۾ سچي سَر جا سنها ڪانا، کجيءَ جي ڦرهن جون گهڙيل
پَٽيون/ تاڪيُون، چمڙي جا تندا، رنگين ريشم جون ڏوريون يا ڌاڳا، ٽَونر، لئي جي ڪاٺيءَ
جا چَھا، سُئي واري ڇُري، جيڪا ڇُرِيءَ وارو ڪم به ڪري ۽ ڏوري وجهي، ٽپائڻ لاءِ
سُئي وارو ڪم به ڪري ۽ پورهيت جا هٿ، جيڪي نفاست سان ڪم ڪن.
ڇڄ يا سُپ، گهرو سنڊرُ آهي، باقي گاگڙو، اَن وائرڻ ۾ ڪم
ايندو آهي، جڏهن ته کونڊو، آهي ته ڇڄ نموني پر ٿورو ڏونگهو آهي، جنھن ۾ مال جو
گاهه ڪترِ، داڻو ڇيڻو وغيره وجهي ڪم آڻبو آهي. جڏهن ته ’سپڪ‘ ۾ ’ڪ‘ تصغيري پڇاڙي
آهي، جنھن سبب ان کي ننڍڙو ڇڄ چيو ويندو آهي. ان حوالي سان اسحاق اهنگر/ لوهر جو هڪ
سورٺو مشھور آهي:
هجان مان جهِرڪُ، ويھان پرينءَ جي سُپڪَ تي،
مانَ ڪري ڊِرڪُ، ٻولي ٻاجهاريءَ مون سين.
سُپُ، ڇڄ کي ئي، ٿري ۽ لاڙي ٻوليءَ ۾ چوندا آهن. سُپڪُ
ان جو اسم تصغير آهي. گاگڙو، وري وڏو ڇڄ ٿيندو آهي، جنھن ۾ ڪڻڪ يا ڪو ٻيو اناج
وائريو ويندو آهي، جڏهن ته کونڊو به ڇڄ جو ئي قسم آهي، ليڪن اهو گهڻي قدر مال جي ڪم
ڪار ۾ ڪم آندو ويندو آهي. انهن سڀني ۾ ’ڇڄ‘ لفظ ۽ بيھڪ عام استعمال ۾ رهي آهي،
لطيف سائينءَ سر ڪاموڏ ۾ ’ڇڄ‘ کي هيئن ڪم آندو آهي:
ککِيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄَ،
سمون ڄام سَھَڄَ، اڀو ڪري ان سين.
ڇڄ کان عام طور ٻه ڪم ورتا ويندا آهن، هڪ: ڪا شيءِ کڻي،
هڪ جڳھه کان ٻيءَ جڳھه تائين آڻڻ، يا ونڊڻ ورهائڻ، ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪا شيءِ کڻي، ڪنھن
ٻئي هنڌ لاهڻ يا هارڻ به سولو؛ ٻيو: ڪو اناج وجهي، ڇنڊڻ ڦوڪڻ، ڇاڪاڻ ته ڪابه شيءِ
جيڪا هن ۾ ڇنڊجي اجري ۽ نجي ٿي سگهي ٿي، ٻئي ڪنھن سنڊر ۾ نه ٿي سگهندي.
ڇڄ جو عام ڪم ڪنھن به اَن کي ڇنڊڪو ڏيئي، ڪيرِي، ڇلر
وغيره ڪڍي، نجو ڪري، ڪم آندو ويندو آهي. مثال طور ڪڻڪ کي گنديءَ مان ڪڍي پيھڻو/
پيھرائڻو آهي، ته اڳ ۾ ان کي صاف ڪبو. صاف ڪرڻ جا اڳ ته ٻه ٽي وارا هئا، يعني اکري
مھريءَ سان ڪُٽڻ، پَرڻ مان ڇاڻڻ ۽ ڇڄ ۾ ڇنڊڻ؛ پر عام طور اَن مان ڪيرِي، مٽيءَ جي ڳوڙهين،
بھه جي ڇلرن، رهجي ويَل ٻِٽ ٻوهي کي الڳ الڳ ڪرڻ لاءِ ڇڄ جي تَري ۾ مناسب وزن جو
اَنُ وجهي، پھرين ان کي پاسن کان لوڏبو. جڏهن لوڏا ڏبس، ته اَن کان هلڪي شيءِ، ڇڄ
جي تري ۾ ويھندي ويندي، وري لوڏي جو ڀير مٽائي، هڪ پاسي لوڏو ڏيئي، وري جهٽڪو ڏبس،
ايئن ٻئي پاسي، پوءِ ڇڄ جي تر جو منھن ٿورو هيٺ ڪبو اچبو ته ڪيري يا ڇلر وغيره هيٺ
لھندا ايندا. ڇڄ جي اُڇل سان تُھُه ڪڻن کان مٿي ٿي بيھندو ته اهو وري ابتين آڱرين
سان به سوري ٻاهر ڪبا آهن. وري ٻه اڍائي لوڏا ڏيئي، ڇڄ جو منھن مٿي ڪري، ڪڻن کي ٿوري
هوا ۾ اڇل ڏيئي جهٽڪو ڏبو، ته وزني ڪڻا پوئتي پُٺي ڏانھن زور ڏيندا ۽ ڪيرِي يا ڇلر
وغيره اڳتي نڪري بيھندا. ان کي ٻاهر اڇل به ڏبو اچبو ۽ لوڏن جهٽڪن کي به دهرائبو.
ايئن ڪندو رهڻ سان اَن صاف ٿي ويندو ۽ ان کي پاسي رکي، وري ٻي ڌڙِي کڻي، ايئن صاف ڪبو.
ان رستي ڪيترو به اَن هجي، هوريان هوريان صاف ٿي ويندو. اتي ان مٿان آيل تُھه، ڇڄ
جي وڃڻي وانگر لاماري ڏيڻ سان به ڦوڪي سگهبو آهي.
ڇڄ کي ڇنڊڪو ڏيڻ ۽ وري ابتا سبتا لوڏا ۽ اڇلُون ڏيئي، ڪڻا
۽ تُھُه الڳ ڪرڻ، ڪيرِي ڪڍڻ، آڱرين جي ابتي اشاري سان يا هٿ جي بُڪيءَ سان ڇلر يا
تُھُه هٽائڻ مھارت جو ڪم آهي. عام زائفان ته اهو ڪم سولائيءَ سان ڪري نه سگهندي.
ان لاءِ به سگهڙائپ گهربل آهي. جيڪي گهرو سگهڙ زائفون اهو ڪم ڪنديون آهن، ان کي ڄڻ
وندر ورونھن لڳندي آهي، ان لاءِ کين جيڪا واندڪائيءَ جي ويل لڳندي، ان ڪم لاءِ پئي
ذهن ڊوڙائيندي ته اهڙو ڪم نڪري اچي، ته جيڪر ويھي ڪريان. باقي سنهي دزي مٽيءَ لاءِ
کين الڳ سان ماسڪ جي ته گهرج هوندي ئي ناهي، اهو ڪم سندن مٿي يا ڇاتيءَ تي رکيل
رَئي/ پوتيءَ مان ئي ٿي ويندو آهي.
هاڻي ته ٿريشر تي اَن نڪري ٿو، اڳي ڳاهه ڳاهڻ سبب، ايترو
صاف نه نڪرندو هئو، ان لاءِ ڪڻن کي پھرين اکري مھريءَ ۾ ڪٽبو هئو ته جيئن مٽيءَ
جون ڳوڙهيون مري وڃن ۽ ڪڻن تي بيٺل ڇلر به سٽ ڪٽ ۾ ڇڻي وڃن. ان کان پوءِ پَرڻ / ڇاڻي
۾ ڇاڻبو هئو ۽ آخر ۾ ڇڄ سان وڌيڪ نجو ڪبو هئو. هاڻي ته اکري مھريءَ وارو تصور به
ويو ته ڇڄ وارو اهو ڪم پڻ ويو. اهو سڄو سارو ڪم هاڻي چڪيءَ جي مشينن تي ڇڏيل آهي.
جس آهي انهن امڙين مائرن کي، جن اهڙو ڪم گهرن ۾ ڪيو. اهي ڪم ڪار سبب، جسماني طور ڇُڙڪ
۽ سگهاريون هونديون هئيون ۽ تندرستيءَ ۾ به هاڻوڪين مائين کان ڏاڍيون هئيون. اهو سڄو
ڪجهه جسماني ڪم جو نتيجو هئو.
ننڍپڻ ۾امڙ کي اکري مھريءَ کان ڇڄ تائين وارا ڪم ڪندي ڏٺو،
پوءِ جيئن سھولتون اينديون ويون، تيئن انهن ڪمن جا بار به هلڪا ٿي ويا. هاڻي ٿريشر
۽ چڪيءَ واري مشين اهي سڀ ڪم سولا ڪري ڏنا، پر تندرستيءَ وارو پاسو ڏکيو ڪري ڇڏيو.
ان باوجود گهرن ۾ ڇڄ جو ڪم هاڻي به آهي، پر گهڻيون زائفون ٽوٽائپ ڪري اهو ڪم پليٽن
يا ٿالهين کان ئي وٺي ڇڏينديون آهن. يعني چانور ڪڍيا، پوءِ ڌوئڻ ڌوئڻ ۾ جيڪا ڪَٽي
يا اڻا نڪتا باقي رڌجي ويندا ۽ چٻاڙجي کاڄي به ويندا. سچ ته اهڙا اناج جيئن ڇڄ ۾ ڇنڊجي
ويندا، تيئن ٻين ٿانوَن ۾ ڪونه ٿا ڇنڊجن.
عام ڇڄ جي ماپ گهڻي ڀاڱي، منھن کان ٻه فوٽ ۽ پُٺي کان
سوا فوٽ رکي ويندي آهي. جئين ته منھن کان گولائي بيھاري ويندي آهي، ان ڪارڻ ان جي
قطر واري ماپ ڏيڍ فوٽ بيھي ٿي. پوءِ ان ۾ الڳ الڳ ماپن وارا ڇڄ به بيھاربا آهن. ڪو
صفا ننڍو، ته ڪو وري وچولو، ايئن الڳ ماپون بيھنديون آهن. گهرن ۾ وچولي ماپ وارو ڇڄ
گهڻو ڪم آندو ويندو آهي، جنھن جي پُٺي يا وراڙي واري ماپ هڪ فوٽ ۽ اڳُ سوا فوٽ رهي
ٿي.
سنڌ ۾ ڇڄ ٺاهڻ جو ڪم گهڻي ڀاڱي ماڙيچا، شڪاري،گرگلا،
ميربحر، کوکر ۽ جت پورهيتَ ڪندا آهن. زائفن سان گڏ مرد به ساڳيو ڪم ڪري وٺندا آهن.
هيءُ سَنڊرُ سچي سَر جي تيلي مان ٺاهيو ويندو آهي. جڏهن چٽ جي چاليھي ۾ ئي سچو سَر
نسري تيار ٿي ويندو آهي، ته ان جا ڪانا نڪري بيھندا آهن. اهي ڪانا ڪوڙي سَر جي ڀيٽ
۾ سنھڙا، سيپڪڙا ۽ سھڻا هوندا آهن. اهي سچي سَر جا ڪانا ان وارياسي يا نرم مٽيءَ
تي ٿيندا آهن، جتي درياه جو وهڪرو رهيو هجي. انهن ڪانن جي چونڊ به پورهيت ساري سنڀالي
ڪندا آهن ۽ چڱي ڀَري ڏاٽي سان ڪٽي، گڏ ڪري رکندا آهن. ان سان گڏ کجيءَ جي ڦرهن مان
پٽيون/ تاڪيون ٺاهي رکندا، جن سان انهن تيلن جي ٻَڌ ڪئي ويندي. گڏوگڏ لَئي جا چھا
به ڇانگي اچي رکندا آهن. ٻَڌَ لاءِ به عام ڏورين کان هٽي ڪري چمڙي جون ڏوريون ڪم آڻيندا
آهن.
ڇڄ ٺاهڻ جي شروعات ٻن طريقن سان ڪندا آهن، ڪي مھاڙي کان
وٺندا ته ڪي وري پُٺي کان وٺندا. ڪنھن سڌي جڳھه يعني تڏي يا رلهيءَ وغيره تي، سچي
سَر جا اڍائي فوٽ ڊگها تيلا، ٻن فوٽن جي ويڪر ۾ رکي، پھرين تيلن جي منڍن کان هيٺان
۽ مٿان کجيءَ جون پٽيون/ تاڪيون رکي، چَم جي ڏوريءَ سان ٻڌ ڪندا. ان ٻڌل پٽين کي
’مھاڙي‘ ٿو چئجي.
مھاڙيءَ جي ٻڌ کان پوءِ هڪ، ٻِي، ٽِي ۽ چوٿي کجيءَ جي پٽي/
تاڪي چم جي ڏوريءَ سان ٻڌ ڪبي، انهن کي ’ٽِڪاٺيو‘ ٿو چئجي. ڇڄ ۾ ڪي ٽي پٽيون به
وجهن تي ڪي چار! چئني پٽين جي اڻت يا ٻڌَ، گهڻي ڀاڱي چمڙي جي ڏوريءَ سان ڪئي ويندي
آهي، ان لاءِ ته وقت گذرڻ سان ڳري نه! ان کان پوءِ چار چار آڱر جي وٿيءَ سان کجيءَ
جو چار پٽيون رکي، چمائين ڏورين سان، تيلن کي سوگهو ڪيو ويندو آهي. وچ ۾ ڇڄ جي
مضبوطيءَ لاءِ ٻِٽِي پَٽي وڌي ويندي آهي. اهو تيلن رکڻ ۽ مٿان پٽيون رکڻ جو انداز
تاڃي پيٽي وارو ٿي ٿو وڃي، ان سان تيلا وڌيڪ سوگها ٿيندا ويندا آهن. چمڙي جون ڏوريون
تيلن مان گذاري، کجيءَ جي پٽيءَ سان وٽ ڏبو وڃبو، تان جو پٽيون لڳي وينديون ۽ هڪ سڌو
تَرُ ٺھي پوندو. ان وچ ۾ رنگين سڳن جا وٽَ به سونھن ۽ سوگهائپ خاطر ڏنا ويندا. ان
کان پوءِ ڪبس اونڌو، جڏهن اونڌو ڪبو ته جيڪي مھڙ ۾ هيٺان ۽ مٿان پٽيون رکيون ويون،
سي ابتي ڪرڻ سان ٻِٽي پٽي نظر ايندي، جيڪا ڇڄ جو ماپو ڏسيندي.
اهو تيلن جي ڊيگهه سان ڏيڍ فوٽ کن تائين پيٽي وانگر، پٽيون
وڌيون وينديون ۽ پوءِ چار آڱر ڇڏي بيھاربو ڇڄ جو پُٺو. هاڻي ڇڄ جو تَرو تيار ٿي
ويو. پٺي لاءِ ڇڄ جي ماپ آهر، تيلن کي ڇريءَ سان چَھڪُ ڏبو ته جيئن ان کي سولائيءَ
سان موڙي سگهجي. ان وچ ۾ پاڻيءَ جي ڇنڊ به لڳندس، ته جيئن تيلا ڪنئرا ٿي مڙي سگهن،
ٽٽن نه!
پٺي/ وراڙي بيھارڻ لاءِ تيلا موڙي، اڀا ڪبا، وڌيل تيلا ڇريءَ
يا آريءَ سان ڪٽي ڇڏبا. اتي پاسن کان چار چار آڱر ڇڏي، پٺي جيتريون کجيءَ جون پٽيون
هيٺان ۽ مٿان هڻبيون. يا وري ۽ ان جي بلڪل هيٺان کجيءَ جي پٽي، جنھن کي ’جيءُ‘
چئجي، جي ٻڌ ڪري، مٿئين مڙيل تيلن جي پاڙ ۾ ٻه ڌاريا ٻٽا تيلا هڻبا، جيڪي ڇڄ جي پٺي
۽ تري جي ڪنڊ وٺي بيھندا، ان کي ’ٻُرهاڙو‘ ٿا ڪوٺين.
ٻُرهاڙي جي ٻڌ ڪري، ان جا چار آڱر پاسا، موڙي، پٺي يا
وراڙي سان ملائبا ته تاڃي پيٽي وانگر بيھندا. انهن موڙيل پاسن کي ’پنکڙيون‘ ٿا ڪوٺين،
جيڪي وري اچي پُٺي يا وراڙي سان بيھنديون. ان کان پوءِ ان جي ٻَڌ لاءِ تراکڙي
کجيءَ جي پٽي ڏيئي، مٿان سوگهو ڪبو. مٿان سوگهي ڪرڻ لاءِ لڳندڙ پٽيءَ کي ’مولهُه‘ ٿو
چئجي. يعني آخر ۾ ان سڄي ڇڄ واري ڪم کي سوگهي ڪرڻ لاءِ مولهُه ٻڌڻ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو.
مھاڙيءَ کي ٽيڙو رکڻ لاءِ وقتي ڏوريءَ ٻڌي ڇڏبي آهي، ته جيئن ان جي هيٺ ڏنل پٽيون ڪمان
وانگر مڙي بيھن، پوءِ اها ڪڍي ڇڏبي. ڇڄ جي پاسي واري ڪنارن سان لَئي واريون ڪاٺيون
نروار ٿي بيھنديون ۽ پُٺي يا وراڙي کان اڌ انچ کن نڪري بيھنديون. انهن پاسي وارين
لئي جي ڪاٺين کي ’ڪانيون‘ سڏين ٿا ۽ پٺي کان ٻاهر نڪتل اڌ انچ واري ڀاڱي کي ’ڪانڀڙيون‘
چئجي ٿو. ڇڄ جي پُٺي ۽ ڪانين جي ڪنڊن کان چم جا ڏورا به وڌا ويندا آهن، ته جيئن ان
جي ڪنڊ نه مري! هاڻي ڇڄ تيار ٿي ويو آهي.
ڇڄُ، ڇڄ آهي، جن به ان کي هٿ ۾ کڻي لوڏا ڏنا هوندا، تن
کان ڇڏيو ڪونه ٿيندو. جيڪي رڌ پچاءَ جي معاملي ۾ نفاست پسند زائفون آهن، انهن کي ڇڄ
کان سواءِ مزو ئي نه ايندو. ڇو جو گهر ۾ داليون ۽ چانور وغيره، يا ڪا ٻي شيءِ
جيستائين ڇنڊي صاف نه ڪبي، ته ڪھڙو مزو ايندو! انهن شين جي صاف ڪرڻ ۽ ڇنڊڪو ڏيئي،
هلڪي ڦلي ڪيرِي ڪڍڻ به ڇڄ جو ڪم آهي. ڇڄ جي تيلن جي وچ ۾ جيڪا نيسر بيٺل آهي، ان ۾
هڪلي ڦلڪي ڪيري، ترو وٺي، اچي ويھي رهندي آهي، جيڪا ڇنڊڪي ڏيڻ سان وڃي ڇڄ جو منھن
وٺندي آهي، ۽ ٻئي ڇنڊڪي سان وڃي پَٽ پوندي آهي.
انهن هٿن کي سلام جن ڇڄ جھڙي وٿُ ٺاهڻ لاءِ غور ڪري، سچي
سَر مان ٺاهڻ جو ڌيان جوڙي، سڀني لاءِ سھولت پيدا ڪئي. جنھن کان پوءِ عام ماڻهو ٺاهڻ
لڳو ۽ گهر گهر پھچايو. ڪو اهڙو به وقت آيو جو ماڻهن کي ڇڄ ته پسند آيو، پر نازڪ
نفيس تيلن واري ڳالهه نه وڻي. ان لاءِ انهن ڪوشش ڪري لوهي چادر/ ٽِين مان ڇڄ جي شڪل
جھڙي وٿُ ٺاهي. ليڪن اناج رکڻ سان ئي جيڪا ڪيرِي تيلن جي نيسر ۾ ويھندي هئي، اها
لوهي ٽِين مان ته گهرج پوري نه ٿي؛ نيٺ ان لوهي چادر واري ڇڄ ۾ ٽنگڙا ڪڍي، بس
پورائو ڪيو ويو. لوهي ٽين مان پورائو ته ڪيو ويو، پر ٿلهن داڻن کان سواءِ باقي
سنھا داڻا ته اڇل سان ئي ٽُنگڙن مان نڪري ٿي ويا. بس پوءِ مڙيئي ڪم کي ڌڪڻو!
سچي سَر جي تيلن وارو ڇڄ، ڇڄ آهي. ان وارو مزو ٻئي ڪنھن
به هٿرادو ٺھيل شين مان نه مليو. باقي مشين گيري جو ته وري ڪم ئي الڳ ٿي ويو. شل
ايئن نه ٿئي جو اهڙن هٿن لاءِ سڪجي، جيڪي ڇڄ ٺاهيندا هجن. ان لاءِ هن هنر کي جيئرو
رکڻ لاءِ انهن هٿن کي مانُ ڏيندي هنن جون ٺھيل هٿ جون وٿون خريد ڪريون ۽ انهن جي
پورهيي جي همٿ افزائي ڪريون.
ننڍي هوندي راند روند ۾ به ڇڄ ٺاهي راند ڪبي هئي، مون کي
ياد آهي ته ماچيس جي اندرئين کوکي کي ويڪر واري پاسي کان هڪ پاسو ڇِني، ٻئي ويڪر
واري پاسي کان چَٻَ ڏيندا هئاسين ته ڇڄ شڪلو ٺھي پوندو هئو، جيڪو رانديڪن ۾ رکي ڇڏيندا
هئاسين. ساٺن ۾ به ڇڄ جو ڪم ڏسڻ ۾ ايندو آهي، مثال طور: شاديءَ ۾ تِر مَئڻ، ڪپھه
جا پوڻا پوئڻ وغيره واريون رسمون ڇڄ ۾ رکي ڪيو وينديون آهن. ٻُڪيءَ ۾ اَن جو ڀري،
واري واري سان جنڊ ۾ ٻُڪي وجهڻ جھڙيون رسمون به ڇڄ سان ئي ڪيون وينديون آهن. نڪاح
وغيره ۾ به ڇھارا يا پتاشا، ڇڄ ۾ وجهي ورهائبا هئا. هاڻي ته رواج ئي مَٽجي ويا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي اهڙا لفظ به آهن، جن جو بنياد ’ڇڄ‘
مان چئي سگهجي ٿو، جيئن: ’ڇڄھرِي‘ ۽ ’ڇاڄو‘ مان مراد دروازي يا دريءَ جي اڳيان ٺھيل
ننڍڙي ڇت، جنھن جي اڳيان ڇڄ جي وراڙي وانگر روڪ به هجي، ان کان سواءِ ’ڇڄ‘ جي نسبت
هاٿيءَ جي ڪَن کي به ’ڇڄ‘ چيو ويندو آهي. گرمين جي رُگهه، ۾ ٻاراڻا ٻول به آلاپبا
هئا، ته ’حاجي گاگڙا، کول واءَ جا ڌاڳڙا‘، الله منھنجو رب ستار، ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ٻولن
جي آلاپ سان به هوا جي ٻاڦ جاري ٿيندي هئي. تنھن کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي اصطلاحن
۽ پھاڪن ۾ به ڇڄ جو استعمال ٿيندو رهيو آهي، جيئن:
اصطلاح
۽ پھاڪا:
• ڇائيءَ جا ڇڄ پائڻ (خواري کڻڻ)
• ڇڄُ ڏندن جو ڪڍڻ (اجايو کلڻ)
• ڇڄُ ڏاڙهيءَ جو هجڻ (وڏي ۽ ڦھليل
ڏاڙهي هجڻ)
• گاگڙا ڪَن هئڻ (وڏا ڪن هئڻ)
• گاگڙو تِريءَ رکڻ (ڪم شروع ڪرڻ)
• گاگڙو ٽنگي رکڻ. (ڪم جي ٽوٽائپ
ڪرڻ)
• ڇڄ مان کائڻ
(شڪارين جي اصطلاح ۾ سُوئر جو هري وڃڻ ۽ ماڻهوءَ جي هٿ ۾
ڇڄ مان اَنُ وغيره کائڻ- لوسي ماڻهوءَ کي کارائڻ)
• ڇڄ ڏيڻ. (ان صاف ڪرڻ- مشھُور ڪرڻ-
خوار ڪرڻ- راز کولڻ)
• سج کي سُپ ڏيڻ. (ناممڪن ڪم ڪرڻ)
• ڪئو ٻِر ۾ پاڻ نه پورو، ويتر
پڇ ۾ ٻڌائين ڇڄ.
(ٽرڙو ماڻهو، وت کان مٿي ڪم ڪندو آهي)
• ڍَوءُ جهلي هڪ مينھِن، ٻيو
گاگڙو (ڇڄ).
(گهڻو ڏوڪڙ به ماڻهوءَ کي آپي مان ڪڍي ڇڏيندو آهي)
• ڇڄ ڏيکِ، ڇڄ دي ٻَڌ ڏيک،
گنداخي دا پنڌ ڏيک.
(غريب جي محنت، جستجو، خفي کاٻار ۽ پنڌ جو قدر ڪرڻ
گهرجي. گنداخه، بلوچستان جو شھر)
• ماٿيلي سَر گاگڙي، سٺ جهلوءَ
جو لوءِ.
(لوءِ = ڳوٺ، ماٿيلي کان گاگڙي تائين سٺ ڳوٺ، ڄام
جهلُوءَ جا آهن. عادلپور ڳوٺ کي جهلوءَ جو لوءِ سڏيندا آهن)
• سُڃيي ابي ڄائِي، ڇڄ ڇنڊيندي
آئِي.
(غريب جي ٻار کي ڄمڻ سان ئي محنت ڪري زندگيءَ جو گاڏو
گھلڻو پوي ٿو)
• ڇڄ پَڏي، کارِي پڏي، پرُوڻ ڇو
پڏي، جنھن کي سَو ٽُنگ.
(ڪانيارو ماڻهو سنڀالي ڳالهائي، باقي سڌو ماڻهو جيئن ڳالهائي، ٺھي ٿو)
No comments:
Post a Comment