Sunday, October 22, 2023

ٻُھارو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ٻُھارو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ٻُھارو/ ڦَريو/ واسِيندو/ جهاڙُو ٻُھَر يا گند ڪچري کي ميڙڻ ۽ اُجرائي ڪرڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. هيءَ اهڙي وٿُ آهي، جيڪا ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ پوري دنيا تي ڇانيل آهي. گهر گهر جي گهُرج هجڻ سبب، هرهنڌ هڪيو تڪيو هوندو. هر وَٿ جو اگهه نه ڏسبو آهي، بلڪ ان جو ڪم ڏسبو آهي، ان خيال کان هيءَ تمام ڪارائتي وٿُ آهي. جنھن گهر ۾ ٻھارو نه هوندو، ته سمجهو اهو گهر ئي ٻُھَر جو ڍير ڀانئبو. ٻھارو، رڳو گهَر جي گهُرج ناهي، پر اسڪول، آفيس، اسپتال، مذهبي/ ڌرمي جايون، روڊ، رستا، گهٽيون، ٽيشڻ، اسٽان، مطلب ته ڪھڙي جڳھه آهي، جتي ان جي گهرج نه هجي! هرهنڌ ان جي گهرج آهي ئي آهي.



ٻھارو، ڊگهين تيلين جو اهڙو ميڙ آهي، جنھن جا سنها پاسا هڪڙي پاسي ڪبا، ته ٿلها پاسا ٻئي پاسي رکي مُچو ٺاهبو. ٿلهي پاسي کان ڀيچَ ڏيئي، ڪا سادي سودي نوڙي يا رسي ڇِڪي ٻڌي، اهو پاسو زمين تي رکي، کڙڪائبو ته هٿيو ٺھي بيھندو. نوڙي اهڙي نموني ٻڌبي آهي جو ان جو مُٺيو ٺھي بيھي، باقي هيٺتي وڏو پڇڙ بيھي، جنھن سان ٻُھر ٻُھاري سگهجي. هيءَ وٿُ جيتري ڪم جي آهي، اوتري هن جي عزت ڪونهي. خبر ناهي ته جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻندو آهي، ان کي ڪريل نگاهن سان ڏٺو ويندو آهي، جيڪا نھايت ڪريَل ڳالهه آهي. جڏهن ته نبين ولين پڻ ان کي هٿ ۾ کنيو آهي ۽ پنھنجي جاين ۽ هنڌن کي پنھنجي هٿن سان اجرو رکيو آهي. صفائي اڌ ايمان ته سڏيو ويو آهي، ليڪن جنھن وٿُ سان صفائي ڪجي ٿي، ان کي سماج ۾ تِڇ ڀانيو وڃي ٿو. اها اسان عام ماڻهن جي سوچ جو نتيجو آهي.

مون پاڻ پرائمري اسڪول ۾ پنھنجي واري تي ٻھاري ڏني آهي. هڪ پٽيوالو/ چوڪيدار پريو خاصخيلي هوندو هئو، جڏهن موڪل ڪندو هئو ته استاد مريد حسن خاصخيلي، اسان مان ڪنھن کي ڪلاس صاف ڪرڻ لاءِ چوندو هئو، ۽ سڀ ڪلاس جي صفائي ڪندي، سرهائي ڀائيندا هياسين. انهن استادن جي نام تان گهورَ، جن اسان ۾ اهڙن ڪمن ڪرڻ جي هير وڌي ۽ صفائيءَ جي تربيت ڏني. سچ ته هاڻي اهڙي ڪم ڪار ۾ ڪوبه عار نه ڀائيندا آهيون، گهرج آهر گهر ۾ به ٻُهاري ڦيرڻ جو ڪم ڪري وٺندا آهيون. 

ٻھاريءَ جا ايترا ڪم آهن، جو هاڻي ان جا الڳ الڳ شعبا ڪري، الڳ الڳ وَٿون ٺاهيون وڃن ٿيون، جيئن: فرش تان يڪدم پاڻي سڪائڻ لاءِ وائپر، ڄاري لاهڻ لاءِ ڦول برش، سنهي مٽي ٻھارڻ لاءِ ڦول ٻھارو وغيره. يعني بازار ۾ مختلف صفائيءَ جي ڪمن لاءِ الڳ الڳ وَٿُون اچي ويون آهن، پر جڏهن ٻھارو اڪيلو هئو، ته اهي سڀ ڪم ان کان ئي ورتا ويندا هئا.

جيئن هر وٿُ مختلف وقتن تي ترقي ماڻي آهي، ته ٻھارو به ترقي ڪري، وڃي پلاسٽڪ تائين پھتو آهي. ٻھاري جو اسم تصغير ’ٻُھارِي‘ آهي. يعني قد ڪاٺ ۾ وڏو هوندو ته ٻُھارو، جي ننڍي هوندي ته ٻُھارِي. ٻھارو يا ٻھارِي گهڻي ڀاڱي، سچي سَر، ڊَڀ، کجيءَ، پِيش، ڪانھِن، کِپ، مُڃَ، گاهه وغيره جي تِيليُن جو ٿيندو آهي. ان کان سواءِ ٿلها ٻھارا به ڪم آندا ويندا آهن، جيڪي ٿلهي ٻُھارَ ٻُھارِڻ ۾ ڦرندا آهن، جيئن اَن جي ڍير/ راهِه تي، ان کي نجو ڪرڻ لاءِ ٻِٽ ۽ ٻُوهي تي ڦرندو آهي. کجيءَ جو ڦرهو به اهڙي ڪم ايندو آهي ۽ سچي سَر جي تيلي ۽ ڪوڙي سَر جي تيلي جو به ٿلهو ٻُھارو ڪم آندو ويندو آهي. سارين جا ڌڙا وائرڻ ۽ پَلال وغيره پاسي ڪرڻ لاءِ وري ڪي لَئي جا چَھا ٻڌي، ٻھارِيءَ طور ڪم آڻيندا آهن.

ٻُھارِڻُ مصدر آهي، جنھن مان ٻيا لفظ بيھندا آهن، ٻُھارِ (امر)، ٻُھاريو (زمان ماضي)، ٻُھاريَلُ (اسم مفعول)، ٻھارِيندو (زمان مستقبل) ٻُھاربو ۽ ٻھارجي (فعل مجھول)، ٻُھارائِڻ (فعل متعدي باالواسطه) وغيره صورتون اهم آهن. ٻُھَرُ، گند ڪچري کي ٿو چئجي. جڏهن جملو چئبو، ته ’شڪاري ٻُھاري ٿو.‘ ته ان مان ظاهري لڳي ٿو ته اهو جملو فعل لازميءَ جو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ مفعول موجود ناهي. جيڪڏهن چئبو ته ’شڪاري ٻُھاري سان ٻُھاري ٿو‘ ته ان ۾ به ظاهري مفعول ڪونهي؛ ليڪن انهن ٻنهي جملن ۾ امڪاني طور ’ٻُھَرُ/ ٻُھارَ يا گند ڪچرو‘ مفعول موجود آهي. ان ڪارڻ ان فعل کي ’فعل متعدي‘ ۾ شامل سمجهبو. ساڳي مصدر مان، ضميري پڇاڙين سان ٻيا لفظ به جڙي سگهندا.

ٻھاري ڏيڻ واري کي ٻھاريدار (ٻھارِي + داشتن معنى رکڻ- سنڀالڻ) چيو ويندو آهي. هيءُ لفظ، تشبيھه، استعاري يا ڪنايي طور به ڪم ايندو آهي. خاص نوڪر لاءِ ’ٻھاريدار ٻانهو‘ جو ڪنايو ڪم آندو ويندو آهي، جنھن جي مراد ’هر حڪم جي پوئواري ڪندڙ‘ آهي. ٻُھارِي، پکي به ان لفظ سان سلهاڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته ان پکيءَ جو پُڇ ٻُھاريءَ جھڙو ٿيندو آهي ۽ رنگ ۾ ڪارو ٿئي. ڪنھن جانور جو پڇ، جيڪڏهن گهڻو ۽ گهاٽو هوندو ته ان جانور جي پُڇ کي ’ٻھارو پڇ‘ سڏبو آهي.

ڪنھن درگاهه/ وڏڙن جي بُٺين (قبرن) تي يا دل پسند ماڻهوءَ جي اڱڻ تي ٻُھاري ڏيڻ وڏي سرهائي ڀانئي ويندي آهي. ان صورت ۾ ٻھاري ڏيڻ، نياز نوڙت ۽ نھٺائي جي مراد ڏيندي آهي. تڏهن ته ’ٻھاريدار ٻانهو‘ نھٺائيءَ جو اهڃاڻ سڏجي ٿو.

عام وڏو ٻھارو، سچي سَر مان ٿيندو آهي، جيڪو چِٽَ جي ڀڄڻ کان اڳ ڪٽيو ويندو آهي. اهو سَرُ ڊيگهه ۾ پنج فوٽن کان به سوايو ٿي ويندو آهي. باقي گهرن ۾ عام سَرن جو ٻھارو چار فوٽ ڪم آندو ويندو آهي. ان سَر جا ڇيڙا نر- ماد سڏبا آهن. جڏهن گسي گسي، ننڍا ٿيندا آهن، ته وري مٽيءَ ڀريل ناليءَ جي صفائيءَ ۾ ڪم ايندا آهن. اهي سَر جڏهن نوان هوندا آهن، يا ڪپجڻ تي ايندا آهن ته اهڙا ته تکا هوندا آهن، جو ڪپيندڙ جي ڌيان سان نه ڪٽيندو ۽ جهِيرُ اچي ويس، ته ڄڻ ڇُرِيءَ جو جهِير آيس. ان کي ڪم آڻڻ کان پوءِ، وڌ ۾ وڌ چار مھينا هلندو. جيڪڏهن ان جي ٻَڌ، اٽڪل سان نه ڪبي ۽ جي هڪ تيلي نڪتي ته ويندو ڍرو ٿيندو. ان لاءِ ان جي ٻَڌ سوگهي ڪئي ويندي آهي ۽ ڪم آڻڻ کان اڳ، وري به ٻڌبو اٿس، ته جيئن ڇڙ وِڇڙ نه ٿئي. ٻاليشاهين جي ٻَڌ واهه جي هوندي آهي، اهي ڪنھن ڏورِيءَ سان ٻڌي سوگهو ڪري، بعد ۾ هڪ ڏِٽي ٺاهي، وچ ۾ ٺوڪي ڇڏيندا آهن، ته جيئن ٺپ سوگهو ٿي وڃي. ايئن ڪرڻ سان تيلي ٽٽندي، باقي نڪرندي ڪونه! اڃا به ايئن ڪندا آهن ته ٻھاري ڏيڻ کان اڳ، ان جي مٺيي کي پاڻي ڏيندا آهن، ان سان سَرُ ڦُڊندو آهي، تيئن رهندو سوگهو!

ڊڀ جي به چِٽَ سڏبي آهي،  هن جي تيار ٿيڻ سان ئي لڻبو آهي. ڊڀ جو ٻُھارو ته ڏسڻ وائسڻ ۾ به سھڻو، بوسڪي رنگَ جھڙو ٻرندڙ، ڊيگهه ۾ وڌ ۾ وڌ ٽي فوٽ، نه ته اڍائي فوٽ، عام گهرن ۾ ڪم ايندو هئو، هاڻي گهٽ ٿو ڏسڻ ۾ اچي. ان جو ٿلهو ڇيڙو، پوپو ٿيندو آهي، ۽ آخري ڇيڙو سخت ۽ هلڪي ٻونگر ٿيندي اٿس، جيڪا ٻهاريءَ جي ڦيرڻ کان پوءِ، ڇڻي ويندي اٿس. اهو ٻھارو جڏهن نئون نئون گهر ۾ ايندو هئو ته ان جي تيلي ڪڍي، پڇڙي ڀڃي، هڪ پاسي ڦوڪ ڏبي هئي ته ٻئي پاسي کان پئي نڪرندي هئي؛ پوءِ اهڙي ڪرت پاڻيءَ ۾ ڪبي هئي. پاڻيءَ ۾ ڇيڙو وجهي، ٻئي پاسي کان ڦوڪ ڏبي هئي ته پاڻيءَ ۾ بڙ بڙا نڪرندا هئا ۽ اهو ڪجهه ڏسي مزو وٺبو هئو.

نر کجيءَ جي چوٽين ۾ جيڪي ڪچا ڦرها يا ’ڪوئِر/ ٻَچ‘ نسرندا آهن، تن کي ڪانگڙين سوڌو ڪٽي، کجيءَ جون ٻھاريون ٺاهبيون آهن. اڳي ته فوٽ کن ننڍيون ٻھاريون ٺاهيون وينديون هئيون، جيڪي هَٽ واڻيا ڪم آڻيندا هئا، هاڻي ٻن- اڍائي فوٽن تائين ٻھاريون ٺاهيون وينديون آهن. اهي ٻھاريون ڪافي جٽاءَ واريون آهن. ايئن ئي وري ناريل جي وڻ مان به ٺاهبيون آهن. کجي جي ڏوڪن وارو ڦرهو به، ڏوڪن ڇاڻڻ کان پوءِ ٻھاريءَ جو ڪم ڪندو آهي، پر اُتي جِتي ٿلهي ٻهاري ڏجي، سنهي دز سھيڙي ميڙي ڪونه سگهندي. پِيش جي ٻوٽي وارين تيلين مان به ٻھارِي عام آهي، جيڪا سخت ۽ جٽادار ٿئي ٿي. گهڻي قدر پاڻيءَ ۾ ان جو استعمال گهڻو ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻي ٻھاري پاڻيءَ ۾ ڳري ٿي، جڏهن ته پيشَ جي تيلي ڳري نه ٿي. پِيش جو ٻوٽو گهڻي ڀاڱي، ڪاڇي ۽ کيرٿر جي علائقي ۾ ٿئي ٿو. سچي سَر جي ٿلهين تيليُن مان به ٻھارو ڪم آندو ويندو آهي، جيڪو خاص ڪري اَن جي راهَه مان بُھه يا ٻِٽ ٻُوهو پري ڪرڻ ۾ ڦيريو ويندو آهي.

مزي جي ڳالهه ته مور جي پرن يا پڇ مان ٻھارو ٺاهيو ويندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري پير فقير جهاڙ وغيره لاءِ يا درگاهن تي اگهه سُگهه لاءِ به ڪم آڻيندا آهن. ان ٻھاري کي ’مورڇَلُ‘ چيو ويندو آهي. ايترو سو آهي ته ان کي گند ڪچري جي صفائيءَ ۾ ڪم نه آڻيندا آهن. ڪُٽيل مُڃ جي به ننڍڙي ٻھارِي ٺاهي ويندي آهي، جيڪا ڀتين کي چوني جي پوچِي هڻڻ ۾ ڪم ايندي آهي. ڪي وري ان کي ننڍڙين شين جي صفائيءَ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.

جيڪو ماڻهو ٻُھارو هٿ ۾ کڻي، ڦيري ٿو، اسان ان کي ’ڀنگي/ شڪاري‘ سڏيون ٿا. گهڻا وري انهن لفظن کي نيچ سمجهي، ٻھاريدار کي’ٻاليشاهي‘ يا ’خاڪروب/ فراش‘ ڪوٺيندا آهن. ڪَن کي هيڏانھن وٺجي، يا هوڏانھن وٺجي ڳالهه ته ساڳي آهي. نالا ڪھڙا ڏيو، اصل ڳالهه آهي عزت ڏيڻ، مانُ ڏيڻ، احترام ڪرڻ. عام طور ڀنگي ان کي ٿو چئجي، جيڪو نالين يا گٽرن ۾ ڦاٿل ڪچري کي ڪڍي، ڪنھن ٻئي هنڌ اڇلائين. سچ ته اهو آهي ته اهي ماڻهو نه هجن ته اسان پاڻ گند ڪچري ۾ مروٽجي سروٽجي، ڪنا ٿي مَرون! هاڻي به اهي ڀنگي يا شڪاري رڳو پنھنجن جائز مسئلن لاءِ ڪو ڌرڻو هڻندا آهن ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪندا آهن، ته شھرن جا شھر ڍونڍ بڻجي ويندا آهن. گهٽي يا روڊ رستي تي نڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. ان لاءِ ٻھاريدار به اسان وانگر ماڻهو آهن، ان جي ڪم جي اهميت کي سمجهي، سندن عزت ڪرڻ گهرجي.

لوڪل گورنمينٽ جي نگرانيءَ ۾ هر ڳوٺ يا شھر ۾ يونين ڪائونسلن وغيره جو نيٽ ورڪ وڇايل آهي، جن جي ڪلهي تي ڳوٺن ۽ شھرن جي گهٽين جي صفائي ڪري اڇو اجرو ڪرڻو هوندو آهي. اتي مقرر ڪيل ملازمن ۾ ٻھاريدار/ ڀنگي/ شڪاري/ ٻاليشاهي به هوندا آهن، جن جو ڪم ئي صفائي ڪرڻ هوندو آهي. اڳي جڏهن ٿورا ملازم هوندا هئا ته ڪم به ڀلو ٿيندو هئو، هاڻي ته نوڪرين جي چڪر ۾ پير فقير يا وچولي طبقي جا ماڻهو ڀرتي ڪري ڇڏيا اٿن، جن کي ڪم ته ڪرڻو ناهي، ان لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر گندگيءَ جا ڍير ٿي ويا آهن. ڪنھن جي مجال آهي، جو ڪو ڪُڇي!

ڪڏهن ڪڏهن شھرن کي اجرو رکڻ لاءِ ماڻهو ڌرڻا ۽ هڙتال ڪندا آهن، پر سرڪاري ماڻهن جي مٿي تي ڪابه جونءِ نه چرندي آهي، ان صورت ۾ ماڻهو پاڻ هٿ ۾ ٻھارو کڻي پنھنجو احتجاج نوٽ ڪرائيندا آهن. اهڙي صورت ۾ هيءَ وَٿُ، هٿَڻ جو ڪم ڪندي آهي.

اسان جي گهر ۾ پراڻي وقت کان سکرام هندستاني ۽ ان جا گهر وارا صفائيءَ لاءِ ايندا هئا ۽ اوڙي پاڙي مان صفائي ڪري، اچي اسان جي گهر ۾ پاڻي وغيره پيئندا هئا، انهن لاءِ پھرين الڳ سان گلاس وغيره رکيل هئو. ڪجهه وقت کان پوءِ بابا سائينءَ جي چوڻ پٽاندر، ٿانوَن ڌوئڻ جي تاڪيد سان، الڳ ٿانوَ وارو خيال ختم ڪيو ويو ۽ ساڳين ٿانون ۾ ئي پاڻي ڏنو ويندو هئو. ان کان گهڻو پوءِ، منھنجي گهر واري به آئي وئي جو خيال رکندي آئي. ماسي ممتازِ، گهٽيءَ جي ٻھاري ڏيئي، اسان جي ننڍڙي گهر ۾ ايندي هئي، جنھن کي چانھه پاڻي لازمي ڏني ويندي هئي. هن ويچارِيءَ کي به ٻيا ماڻهو ٻھاريدار طور، اهو مانُ نه ڏيندا هئا، پوءِ جڏهن اسان جي گهر ۾ مانُ ملندو هئس ۽ ساڳين ٿانون ۾ کائيندي پيئندي هئي، ته مون کي ياد ٿو پوي ته هوءَ ايڏو ته سرهي ٿيندي هئي، جو هن جي اندر مان بي اختيار دعائون نڪرنديون هئيون. مٽن مائٽن جي غير سنجيده روين ڪجهه اڻوڻندڙ اهنج ايذاءَ ڏنا، ان کان پوءِ جڏهن پنھنجن پيرن تي بيٺاسين ۽ ڌڻي سڳوري جي مھر ماڙَ سان پاڻڀرا ٿياسين، ته منھنجي گهر وارِي، ماسي ممتاز کي ڏاڍو ياد ڪندي هئي، ته ڪيئن نه ويچاري اسان کي جهوليون کڻي دعائون ڏيندي هئي، ان جي دعائن ئي رنگ لاتا، جو هاڻي اسان مڇي مانيءَ لائق ٿيا آهيون. سبحان الله، ڪنھن جي اندر مان دلي دعائون نڪرن، ان جو ڪو مُلهه ئي ڪونهي.

گهرن يا مختلف جڳھين تي ٻھاري رکڻ لاءِ به وڏڙيون چونديون آهن ته ان کي سمهاري رکو، اڀو نه رکو. امڙ چوندي هئي ته گهر جي ڪنڊ ۾ ٻُھارِي اڀي رکڻ سان بکيڙو ٿيندو آهي. هاڻي سمهاري رکڻ جو ڪھڙو جواز ٿي سگهي ٿو، ان بابت ڄاڻ ناهي. ان کان سواءِ کٽ تي ٻھارو نه رکجي. سانجهڻ يا سومهڻيءَ لاچاريءَ ۾ ٻھاري ڏيئي سگهجي ٿي، ليڪن ان جي ٻُھار، ٻُنڀي کان ٻاهر ناهي اڇلڻي وغيره، جھڙا سونسا به سنڌي سماج ۾ هلندا پيا اچن.

بھرحال، ٻھارو وڏي ڪم جي وَٿُ آهي. جيڪي ماڻهو، روزيءَ ڪارڻ، مٿي تي رکي گهور ڪن ٿا، ۽ هوڪا ڏيندا اچن ٿا، ته ’ٻھارا وٺو، ٻھارا‘ ته انهن کان هڪ ٻھارو ضرور ڳنھڻ گهرجي، ته جيئن وڪڻندڙ کي همٿ ٿئي ۽ هن جي روزي بڻجي.

ٻُھارڻ جو اسم ’ٻُھارِڻي (اسم ذات)‘ آهي، هڪ ڪم مان اسم بڻايو ويو آهي. ايئن ته ’ٻُھارِڻ‘ مصدر به اسم آهي، ليڪن لفظ ’ٻھارڻي‘ جون ٻه معنائون سامهون اچن ٿيون: هڪ: ٻھاريءَ جو ڪم يا نمونو، ٻيو: ٻھاريءَ جي اجرت. ان کان سواءِ اصطلاح ۽ پھاڪا ته کوڙ ساٿرا ملندا، جيڪي ٻُھاري مان ورتل هوندا، جيئن:

پروليون:

• گهر گهر ۾ اچي وڃي. (ڀڃڻي: ٻُھارو)

• در در تي دُنبو ليٽي. (ڀڃڻي: ٻُھارو)

• مُٺ جيڏو مڙس، ڇڄ جيڏي ڏاڙهي. (ڀڃڻي: ٻُھارِي)

• ڪاري ٻِلي جهانئرو پُڇ، توکي نه اچي ته ٻئي کان پُڇُ. (ڀڃڻي: ٻُھاري)

• مان آيس وٺڻ، تون لڳينءَ ڏيڻ، جي تون ڏئين ته مان موٽي وڃان، جي تون نه ڏئين ته مان وٺي وڃان. (ڀڃڻي: ٻُھارِي)

اصطلاح ۽ پھاڪا:

• ٻُھاري پائڻ/ ڏيڻ

(صفائي ڪرڻ- ميڙ سيڙ ڪرڻ- جيڪي به هجي سو کڻي وڃڻ)

• ٻھاري وڃڻ

(الهه تلهه کڻي وڃڻ)

• ڦريو لاهڻ

(وائر کان پوءِ ان جي ڍڳ تان ٻُھي صاف ڪرڻ)

• جهاڙُو ڏيڻ

(گهر جي تلاشي ڪرڻ- صفايو ڪرڻ)

• جهاڙُو وٺڻ

(چوري يا شڪ ۾ گهرو سامان ڦولهي ڏسڻ- تلاشي وٺڻ)

  جنھن کوهه مان پاڻي پيئجي، تنھن ۾ ٻُھر نه اڇلائجي.

(مھربان ۽ محسن ماڻهوءَ جي گلا نه ڪجي. احسان جو بدلو، بدسلوڪيءَ سان نه ڏجي)

• اچي جي ناهرِي، زال ھڻي ٻھارِي، ته سج وڃي اُھارِي.

(ناهري، سنڌو سنبت سال جو نائون مھينو. سياري جو ڏينھن ننڍو ٿئي، جو گهر ۾ مائي ٻھاري ڏيئي ته سج لھي وڃي)

• جيترو ڇاڻبو، اوترو ٻُھر نڪرندو.

(جيتري محنت ڪبي، اوترو ڦل ملندو)

• ڪئو ٻر ۾ پاڻ نه پورو، ويتر ٻڌائين ٻُھارو.

(ٽرڙو ماڻهو وِتَ کان مٿي ڪم ڪندو آهي)

• ملان کي ٻه سانگ، يا ڏئي ٻھارو، يا ڏئي ٻانگ.

(محدود سوچ واري جا عمل به محدود. غريب تي ذميواريون، محدود هونديون آهن.)

• کڏ گهر ۾ هجي ته ٻُھر ٻاهر نه اڇلجي.

(مِٽري پنھنجن ۾ ٿئي، ته ڌارين سان نه ڪجي)

  سُگهڙِ جو ٻھارو ڪڍڻ، واڇان جو راڳو ڏيڻ، ٻئي برابر.

(سُگهڙِ مائِي سوچي سمجهي، ٻُھر ٻاهر اڇلائيندي، وائڙي مائي نه صفائي رکي سگهندي، نه شين جو ڌيان رکي سگهندي)

• ٻار چُريو، گهر کي ڦريو.

(ٻار بابڙا پائيندو، ته پاڻ کي ميرو پيو ڪندو ۽ گهر پيو صاف ڪندو)

No comments:

Post a Comment