ڇَڄُ
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر
الطاف جوکيو
ڇَڄُ، ڇاڄڙو، ڇاڄڙِي (اسم تصغير)، ڇَڄِلِي (اسم تصغير)،
سُپُ، سُپَڪُ (اسم تصغير)، گاگڙو، وارڙو، ۽ کُونڊو/ کُنڊو ڀانت ڀانت جي اَناج کي ڇنڊڻ
ڦوڪڻ يا ڪجهه کڻڻ جو سَنڊرُ (ٿانءُ يا اوزار) آهي. ڇڄ ۽ ڇاڄڙو ساڳي وَٿُ جا نالا
آهن، ڇاڄڙي، ننڍڙي ڇڄ کي ٿو ڪوٺجي. البت، هڪ ڇڄ اهڙو آهي، جنھن کي سونھن سوڀيا آهر
’ڍوئڙو/ ڍوئڻو ڇڄ‘ ٿو چئجي. ڍوئڙو ڇڄ، ڪنھن ڀاءَ- دوست، نيڪ مرد، ڪنھن نياڻيءَ کي
سوکڙي ڪري ڏبو آهي، جنھن ۾ ڳاڙها ڦندڻ، ٽَونر يا پشم جا گل، رنگين چِٽَ وغيره لڳايا
ويا هجن. وهانءَ جي رسم ۾ به ’ڍوئڙو ڇڄ‘ ڪم آندو ويندو آهي. يعني جيڪو ڇڄ سوکڙي ڪري
يا پنيءَ مراد سوکڙي ڪري ڏنو ويندو آهي، ان کي ’ڍوئِڙو ڇڄ‘ چيو ويندو آهي. باقي
جنھن ۾ ڦندڻ وغيره نه هوندا آهن، صرف ضروري ڌاڳا ۽ چمائو تندا لڳل هوندا، ان کي ’ڇڄ‘
ئي چيو ويندو آهي. ڍوئڙي ڇڄ جي ڪا الڳ ماپ وغيره نه هوندي آهي، بس سونھن سوڀيا ۾
عام سادي ڇڄ کان سرس هوندو.
